لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ

هن ڪتاب ۾ قديم دور کان وٺي سنڌي ٻوليءَ جي سلسليوار تاريخ مرتب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ۽ سرءِ دست انهيءَ سلسلي کي علم تحقيق جي روشني ۾، دليلن ۽ حوالن سان 1860ع  يعني ٽالپرن جي دور جي خاتمي تائين پهچايو ويو آهي. ڪتاب ۾ ڪُل اٺ باب شامل آھن. 

Title Cover of book سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ

ناشر جي طرفان

سنڌ يونيورسٽي ۾ ’پاڪستان اسٽڊي سينٽر‘ (پاڪستان بابت مطالعي جو مرڪز) سنه 1974ع ۾ قائم ٿيو. ان وقت جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ يونيورسٽي جا وائيس چانسيلر هئا. پاڪستان اسٽڊي سينٽر جو ايڪٽ سنه 1976ع ۾ گورنمينٽ آف پاڪستان طرفان پارليامينٽ ۾ منظور ڪيو ويو.
هن ايڪٽ هيٺ ٻين يونيورسٽين ۾ قائم ٿيل مرڪزن وانگر، هي مرڪز علمي طور ٻه ڪم ڪري رهيو آهي: هڪ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جو، جنهن ۾ ايم. ايل فائنل ۽ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون ڏنيون وڃن ٿيون ۽ ٻيو پاڪستان ۽ خاص طرح سنڌ جي تاريخ، تهذيب، ثقافت، سياست، پرڏيهي پاليسي، سماجيات ۽ ٻين موضوعن بابت تحقيق ۽ اشاعت جو ڪم ڪيو وڃي ٿو. هن وقت تائين هر مرڪز ڏهه ڪتاب ۽ ڇهه - ماهي تحقيقي رسالي ’گراس روٽس‘ جا چوڏهن جلد شايع ڪري چڪو آهي.
هن ڀيري پاڪستان اسٽڊي سينٽر سنڌ يونيورسٽي طرفان شايع ٿيندڙ ڪتاب جو مصنف استاد محترم جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ آهي.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب نه صرف سنڌ ۽ پاڪستان جو ناميارو محقق ۽ عالم آهي، بلڪه بين الاقوامي ڄاتل سڃاتل اسڪالر آهي. خاص طرح هن صاحب سنڌ جي علم ۽ ادب جي جيڪا عظيم خدمت ڪئي آهي تنهن تي اسين بجا طور فخر ڪري سگهون ٿا. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جيڪا سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي خدمت ڪئي انهيءَ جو اعتراف ڪندي، ڊاڪٽر صاحب کي ’سنڌي لينگويج اٿارٽي‘ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي. دراصل ڊاڪٽر بلوچ کي ’باباءِ سنڌي‘ چئجي ته بيجا نه ٿيندو.
پاڪستاني ٻولين جي مطالعي جي سلسلي ۾، سنڌي ٻولي جو مطالعو هڪ اهم موضوع آهي. سنڌي ٻولي جي تاريخ ۽ ادب تي جناب ڊاڪٽر بلوچ وڏي عرصي کان تحقيق ۽ تصنيف پئي ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ هن سنڌي ٻولي جي ابتدا ۽ اوسر کان اڳ نئين سر روشن ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب جي تحقيق کان اڳ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي دؤر وار تاريخ موجود ئي ڪانه هئي. ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘ جي هن موجوده ٽئين ايڊيشن ۾ دؤر وار تاريخ کي انگريزن جي دؤر جي شروع تائين پهچايو ويو آهي.
آءٌ استاد محترم ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو شڪر گذار آهيان جو هن قيمتي ڪتاب جي هن نئين ايڊيشن جي اشاعت پاڪستان اسٽڊي سينٽر جي حوالي ڪيائون.
آخر ۾ آءٌ محترم ڊاڪٽر رشيد احمد شاهه صاحب وائيس چانسيلر ۽ چيئرمين بورڊ آف گورنرز ’پاڪستان اسٽڊي سينٽر‘ سنڌ يونيورسٽي جو ٿورائتو آهيان، جنهن پنهنجي دؤر ۾ استادن، ملازمن ۽ شاگردن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ حتي الامڪان ڪوشش ڪري سنڌ يونيورسٽي ۾ پرامن ماحول پيدا ڪيو آهي. انهيءَ سان گڏوگڏ محترم ڊاڪٽر شاهه صاحب پاڪستان اسٽڊي سينٽر جي علمي ۽ تحقيقي پروگرام جي سلسلي ۾ اسان کي هر وقت همٿايو آهي، جنهن لاءِ آءٌ ٻيهر سندن ٿورو مڃڻ پنهنجو فرض سمجهان ٿو. مونکي اميد آهي ته اسان جي يونيورسٽي جا قابل احترام استاد صاحبان ۽ اسان جي سينٽر جا ساٿي علم ۽ ادب جي خدمت جو سلسلو جاري رکي، يونيورسٽي جو مان مٿانهون ڪندا.

علم و ادب ۽ تاريخ جو شيدائي

ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل
ڊائريڪٽر پاڪستان اسٽڊي سينٽر سنڌ يونيورسٽي.