مهاڳ (پهرين اشاعت جو)
سنڌي ٻوليءَ بابت تاريخي تحقيق اڄ ڏينهن تائين ڪنهن تسلي بخش پايي تي نه پهتي آهي. ان تحقيق جا ڪم از ڪم ٻه مکيه پهلو آهن: پهريون ’سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي ارتقاء جو جائزو‘، ۽ ٻيو ’ٻوليءَ جي اندروني ساخت ۽ سٽاء (صرف نحو، صوتيات، لغت ۽ محاورن) جو مطالع، پهرئين پهلو جي جانچ ۽ جستجو هن وقت تائين بالڪل ابتدائي مرحلي تي بيٺل آهي، بلڪ ائين چئجي ته هن پهلو تي علمي تحقيق حقيقي معنيٰ ۾ شروع ئي ڪانه ٿي آهي. البت ڪن يوروپي عالمن سڌي ٻوليءَ جي بنياد بابت ڪي نظريا پيش ڪيا آهن، جن کي هنن کي هن وقت تائين سنڌي عالمن، پنهنجن ڪتابن ۾ سند طور پئي پيش ڪيو آهي. ڀيرومل جو ’سنڌي ٻولي جي تاريخ‘ انهيءَ عنوان تي پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ انهن نظرين کي سنڌي ترجمي جي صوت ۾ ورجايو ويو آهي. شمس العلماء ڊاڪٽر دائود پوٽي، مولوي دين محمد ’وفائي‘ ۽ ٻين صاحبن سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ تي مضمون لکيا آهن، جن ۾پڻ اڳين نظرين جي اُپٽار ٿيل آهي. ٻئي پهلو، يعني ٻوليءَ جي اندروني ساخت ۽ سٽاء بابت البت ڪافي ڪجهه لکيو ويو آهي. يوروپي عالمن مان واٿن(Wathen)، سۡٽَيۡڪ(Stack)، ايسٽوڪ(Estvick)، ليچ(Leech)، برٽنBurton)، ٽُرمپ(Trumpp)، گولڊ سۡمِڊ(Goldsmid)، گِريئرسَن(Grierson) ۽ ٻين، پنهنجن مضمونن ۽ تصنيفن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سٽاء ۽ صرف نحو بابت مفيد معلومات مهيا ڪيا آهن. سنڌي اديبن مان خاص طرح آخوند عبدالرحيم ’وفا‘، مرزا قليچ بيگ، ڀيرومل ۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، سنڌي صرف نحو ۽ لغت بابت پنهنجن ڪتابن ۽ مضمونن ذريعي قابل قدر مواد مهيا ڪيو آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ جي سلسلي ۾، جيتوڻيڪ ڪن فاضلن آڳاٽي دور ۾ ٻوليءَ جي ابتداء بابت قدري ڪجهه لکيو آهي ۽ پنهنجا رايا پيش ڪيا آهن، مگر ان بعد پوين دورن جي سلسليوار تاريخ بابت ڪا خاص تحقيق ڪانه ڪئي آهي. هن ڪتابڙي ۾ قديم دور کان وٺي سنڌي ٻوليءَ جي سلسليوار تاريخ مرتب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ۽ سرءِ دست انهيءَ سلسلي کي علم تحقيق جي روشني ۾، دليلن ۽ حوالن سان ’سمن جي دور‘ جي آخر تائين پهچايو ويو آهي.
باب پهرئين ۾، 500ع کان اڳ واري قديم دور جي تاريخي اُهڃاڻن ۽ آثارن ۽ هند - آريائي ٻولين بابت ٿيل تحقيق جي بناء تي هڪ نئون تحقيقي نظريو نروار ڪيو ويو آهي: يعني ته، ”سنڌي ٻولي بنيادي طور سڌو سنئون سنسڪرت مان نڪتل ناهي، بلڪ سنسڪرت کان اڳ واري دور جي سنڌو - ماٿر جي قديم ٻولي آهي.“ سنسڪرت، پراڪرت، اپڀرنش ۽ وراچڊ اپڀرنش بابت نئين تحقيق اڳين لکندڙن جي هيٺين عام نظريي کي رد ڪري ٿي ته، ”سنڌي وراچڊ اپڀرنش مان نڪتل آهي، وراچڊ اپڀرنش پراڪرت مان ۽ پراڪرت سنسڪرت مان نڪتل آهي.“
ٻئي بابت ۾، راءِ ۽ برهمڻ گهراڻن ۽ عربن جي حڪومت واري دور (500 - 1050ع) جو تاريخي دليلن جي روشني ۾ تفصيلي جائزو ورتو ويو آهي، ۽ اهو نتيجو قائم ڪيو ويو آهي ته، ”اهو ’سنڌي ٻولي‘ جي تشڪيل جو بنيادي دور هو، جنهن ۾ موجوده ’سنڌي ٻولي‘ اُسري“.
ٽئين باب ۾، سومرن جي دور بابت تاريخي اُهڃاڻن ۽ سنڌ جي مشهور مقامي روايتن جي بناء تي، هيءُ نتيجو قائم ڪيو ويو آهي ته، ”اهو ’سنڌي ٻولي‘ جو تعميري دور هو.“ انهيءَ سلسلي ۾ هن دور متعلق، سنڌ جي تاريخي توڙي روايتي سرمايي جو نئين سر جائزو ورتو ويو آهي؛ ۽ هن کان اڳ رسالي ’مهراڻ‘ ۾ ڇپيل مضمون ۾ آندل ڪن روايتن کي پڻ درست ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح نئين ترتيب سان هن دور بابت ڪافي نئون نواد پيش ڪيو ويو آهي، جو ان ’روماني دور ۾‘ سنڌي ٻولي جي تعمير ۽ ترقي تي نئين روشني وجهي ٿو.
باب چوٿين ۾، سمن جي دور جو تفصيلي جائزو ورتو ويو آهي. حقيقت ۾ سمن جو دور، تاريخي لحاظ کان اسان کي ويجهو آهي ۽ ان بابت ڪافي تاريخي مواد موجود آهي، مگر هن وقت تائين انهيءَ دور جي لساني ۽ ادبي سرمايي جو صحيح اندازو نه لڳايو ويو آهي. ايستائين فقط سمن جي دور جي آخري شاعر قاصي قادن جا بيت ۽ ڪي ٻيا هڪ - ٻه شڪي بيت عالمن ۽ اديبن جي آڏو پئي رهيا آهن. اسان پنهنجي موجوده تحقيق جي بناء تي، پهريائين سمن جي دور جي ٻولي ۽ ادب جي روايتي ذخيري ۽ ان بعد تاريخي سرمايي کي سلسليوار پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، انهيءَ لاءِ ته ان دور جي ٻوليءَ جي مطالعي لاءِ جيڪو روايتي توڙي تاريخي مواد موجود آهي، سو پوري تحقيقي سان پڙهندرن جي آڏواچي وڃي. انهيءَ لاءِ اسان ان دور جي ٻولي جي نمونن ۽ نسانن - جي ’ڳاهن‘، ’پهاڪن’، ’مصراعن‘ يا ’بيتن’ جي صورت ۾ موجود آهن - توڙي انهن جي نروار ڪندر دانائن، درويشن، ۽ شاعرن جي سلسلي ۽ سوانح تي تحقيقي بحث ڪيو آهي، تان ته سمن جي دور جي ٻوليءَ جا مڙيئي معلوم نشان ۽ آثار، تاريخ جي روشنيءَ ۾ پوريءَ طرح نروار ٿين ۽ ايندڙ محقق انهن آثارن جي تاريخي وجود ۽ اهميت کان مطمئن ٿي، سڄو توجهه انهن جي هيئت ۽ سٽاء کي سمجهڻ طرف ڪن.
حقيقت ۾ ’ٻولي جي تاريخ‘، ملڪ جي سياسي ۽ سماجي تاريخ توڙي ٻوليءَ جي علم ادب جي تاريخ کان هڪ الڳ مضمون آهي، مگر ملڪ جي سياسي ۽ سماجي پس منظر ۽ ٻوليءَ جي ادبي سرمايه کي سمجهڻ کان سواءِ، ٻوليءَ جي اوسر ۽ ارتقاء جي تاريخ لکڻ مشڪل آهي. جيئن ته سنڌ جي آڳاتي سياسي ۽ سماجي تاريخ توڙي سنڌي ادب جي اوائلي تاريخ - خصوصاً قديم دور کان وٺي سمن جي دور تائين - اڃان پوري تحقيق سان ڪانه لکي ويئي آهي، انهيءَ ڪري انهن اوائلي دورن ۾ سنڌي ٻولي جي تاريخي حيثيت کي سمجهڻ لاءِ، ملڪ جي تاريخي پس منظر توڙي سنڌي ساهت جي ابتدائي اهڃاڻن تي پڻ نئين سر تحقيق ڪري، ٻوليءَ جي اوسر ۽ ارتقاء بابت نوان نظريا قائم ڪيا ويا آهن.
هن ڪتاب ۾ جن چئن تاريخي دورن بابت بحث ڪيو ويو آهي، سي سنڌ جي تاريخ توڙي ٻوليءَ جا آڳاٽا دور آهن جن جو تحقيقي جائزو وٺي، انهن بابت علمي نظريا قائم ڪرڻ ۽ صحيح نتيجا ڪڍڻ هڪ مشڪل مسئلو هو، جنهن کي قدري حل ڪيو ويو آهي، ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي مطالعي بابت آينده محققن لاءِ راه روشن ڪئي وئي آهي. سمن جي دور کان پوءِ، مغلن جي دور کان وٺي موجوده دور تائين ڪافي تاريخي توڙي ادبي سرمايو موجود آهي، جنهن جي روشني ۾ سنڌي ٻولي جي انهن پوين دورن جي تاريخ نسبتاً آساني سان مرتب ڪري سگهجي ٿي.
هر ڪم مداء تي نبرندو آهي، مگر هيءُ ڪتاب ايترو جلد پورو نه ٿي سگهي ها، جيڪڏهن محترم ممتاز مرزا وقت بوقت ان جي لکي پوري ڪرڻ جي تاڪيد نه ڪري ها. هن صاحب نهايت سهڻي سليقي سان هنن بابن جي مسودن کي لکي صف ڪيو، ۽ پروفن پڙهڻ توڙي ڪتاب جي سهڻي ڇپائي ۽ اشاعت جو بار پنهنجي ذمي ڪيو. محترم شيخ محمّد اسماعيل ڇپائيءَ وقت، بابن ۽ عنوانن جي سهڻي سٽاء بيهارڻ ۽ آخري طور پروفن پڙهڻ ۾ وڏي مدد ڪئي؛ ۽ پايونير پريس جي مئنيجر ۽ عملي هن ڪتاب جي ڳوڙهي متن ۽ مشڪل حاشين کي صحيح نموني ۾ ڇاپڻ ۾ وڏي مدد ڪئي. محترم ع. ق. شيخ ۽ علي اڪبر سرورق جي تصوير تيار ڪئي. ڪتاب جا بلاڪ محترم اعجاز محمد صديقي، مئنيجر سنڌ يونيورسٽي پريس جي نظرداري هيٺ ڇپيا. بنده مٿين مڙني صاحبن جو شڪر گذار آهي.
خادم العلم
نبي بخش
يونيورسٽي،
حيدرآباد سنڌ.
16- نومبر 1962ع