لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ

هن ڪتاب ۾ قديم دور کان وٺي سنڌي ٻوليءَ جي سلسليوار تاريخ مرتب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ۽ سرءِ دست انهيءَ سلسلي کي علم تحقيق جي روشني ۾، دليلن ۽ حوالن سان 1860ع  يعني ٽالپرن جي دور جي خاتمي تائين پهچايو ويو آهي. ڪتاب ۾ ڪُل اٺ باب شامل آھن. 

Title Cover of book سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ

مهاڳ (ٻي اشاعت جو)

هن ڪتاب جو پهريون خاڪو ارڙهن سال اڳ؛ سنه 1962ع ۾ ”سنڌي ٻولي جي مختصر تاريخ“ جي عنوان سان شايع ٿيو. ان ۾، سنڌي ٻولي جي تاريخ تي، قديم دور کان وٺي سمن جي حڪومت جي پڄاڻي (1520ع) تائين ان وقت دستياب ٿيل مواد کي جملي چئن بابن ۾ مرتب ڪيو ويو هو.
انهيءَ پهرين اشاعت کي ڪافي وڏو عرصو گذري ويو جنهن ۾ هن موصوع تي غور ڪندي وڌيڪ معلومات مليا، جن جي آڌار تي نه فقط اڳئين ڇپيل مواد ۾ درستيون ۽ اضافا ڪيا ويا پر نئين مواد جي مدنظر نوان باب ۽ عنوان مرتب ڪيا ويا. مثلاً باب ٽيون ”سنڌي زبان جي انفراديت ۽ بين الاقوامي حيثيت جو تسيلم ٿيڻ“ هڪ نئون وڌايل باب آهي. ان کان سواءِ اڳئين ڇاپي جي باب ٽئين (سومرن جو دور) ۽ باب چوٿين (سمن جو دور) ۾ نئين مواد ۽ نون عنوانن جو اضافو ڪيو ويو آهي، ايتري قدر جو هن ڇاپي ۾ اهي باب (چوٿون ۽ پنجون) گهڻي حد تائين نئين سر سنواريل آهن ۽ انهن ۾ ڪي نوان نتيجا نروار ڪيا ويا آهن. باب ڇهون خاص طرح هن اشاعت لاءِ تصنيف ڪيو ويو آهي، ۽ ان ۾ ”ارغون - ترخان - مغليه دور“ ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ ۽ ارتقائي لاڙن ۽ خاص خصوصيتن کي روشن ڪيو ويو آهي. پهرين اشاعت ۾ بيان جو سلسلو 1520ع تائين آندل هو، مگر هن ۾ ’باب ڇهين‘ جي اضافي سان اهو 1690ع تائين پهچايو آهي: يعني ته عرصي جي لحاظ سان هڪ سؤ ستر سالن جي وڌيڪ تاريخ کي زيربحث آندو ويو آهي.
هت اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته مغليه سلطنت جيتوڻيڪ 18- صديءَ تائين باقي رهي، مگر اورنگزيب بادشاه جي وفات کان به 17 ورهيه اڳ واري سال 1690ع کي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ ۾ هڪ دور جي پڇاڙي ۽ ٻئي دور جي شروعات وارو سال شمار ڪري سگهجي ٿو. انهيءَ لحاط سان هن جلد ۾ تاريخي سلسلي کي پڻ تخميناً 17- صدي جي آخر تائين پهچايو ويو آهي، ۽ حياتي وفا ڪئي ته ٻئي جلد ۾ اڳتي ايندڙ تاريخي دور بابت وڌيڪ ويچار پيش ڪيا ويندا.
سنه 1962ع ۾ پهرئين اشاعت جي مهاڳ ۾ ڄاڻايو ويو هو ته: ”ملڪ جي سياسي ۽ سماجي پس منظر ۽ ٻولي جي ادبي سرمايه کي سمجهڻ کان سواءِ ٻولي جي اوسر ۽ ارتقا جي تاريخ لکڻ مشڪل آهي“. اسان ڪوشش ڪري هر دور جي سياسي ۽ سماجي ماحول جو ٻولي جي تاريخي اوسر جي لحاظ سان جائزو ورتو ويو، ۽ خاص طرح هر دور جي ادبي ذخيري کي اُجاگر ڪري ان کي ٻولي جي سٽاء جي لحاط سان توريو تڪيو آهي. باوجود انهيءَ جي هن علمي تحقيق لاءِ اڃان وڌيڪ ڪوشش ۽ ڪشالي جي ضرورت آهي، جنهن ڏانهن اميد ته هن ڪتاب جي ايندڙ ڇاپي کي بهتر بنائڻ خاطر قدم وڌايو ويندو. هن اشاعت ۾ ادب جي تحريري توڙي روايتي ذخيري کي گهڻي حد تائين بحث هيٺ آندو ويو آهي، ۽ انهيءَ لحاظ سان ڪتاب جو عنوان پڻ ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ“ قائم ڪيو ويو آهي.
شروع ۾ محترم ممتاز مرزا ۽ ان بعد محترم شيخ محمد اسماعيل هن ڪتاب جي پريس ڪاپي تيار ڪرڻ ۽ پروفن پڙهڻ ۾ مدد ڪئي ۽ برادرم مراد علي خان ڪتاب جو صحتنامو تيار ڪيو. آءٌ سندن شگر گذار آهيان. سنڌ پريس جي مالڪ احمد نبي بخش شيخ هن ڪتاب جي ڇپائي جي ذميداري قبول ڪئي.

خادم العلم
نبي بخش

حيدرآباد سنڌ
18- سوال 1400 هه
(30- آگسٽ 1980ع)