لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ

هن ڪتاب ۾ قديم دور کان وٺي سنڌي ٻوليءَ جي سلسليوار تاريخ مرتب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ۽ سرءِ دست انهيءَ سلسلي کي علم تحقيق جي روشني ۾، دليلن ۽ حوالن سان 1860ع  يعني ٽالپرن جي دور جي خاتمي تائين پهچايو ويو آهي. ڪتاب ۾ ڪُل اٺ باب شامل آھن. 

Title Cover of book سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ

مهاڳ (ٽئين اشاعت جو)

ڏهن سالن بعد، هن ڪتاب جي ٽرينء اشاعت لاءِ راهه هموار ٿي آهي. انهيءَ عرصي ۾ تحقيق جو سلسلو جاري رهيو ۽ ڪافي نئون مواد دستياب ٿيو جنهن جي روشنيءَ ۾ ٻئي ڇاپي جي ڇهن بابن ۾ ضروري ترميمون ۽ اضافا ڪيا ويا آهن. هن اشاعت ۾، خاص طرح ٻن نون بابن ستين ۽ اٺين جو اضافو ڪيو ويو آهي، جن سان سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ کي انگريزن جي شروع وارن سالن تائين پهچايو ويو آهي. انگريزن جي دور جو رڪارڊ موجود آهي ۽ ان مواد کي آساني سان پيش ڪري سگهجي ٿو بشرطيڪ، ان کي قومي نڪته نظر واري تحقيق ۽ تنقيد سان پيش ڪيو وڃي. البت انگريزن جي دور کان اڳ وارو مواد ناياب هو جنهن کي سهيڙي سنواري پيش ڪرڻ ايترو آسان نه هو. انهيءَ ڪري باوجود راقم جي مسلسل جستجو جي، 1950ع ۾ لاڙڪاڻي ادبي ڪانفرنس ۾ سنڌي ٻولي جي تاريخ تي پڙهيل مضمون واري شروعات کان وٺي 1990ع ۾ هن اشاعت تائين، چاليهه سال لڳي ويا. ڪافي محنت ۽ تلاش سان جدا جدا ماڳن ۽ جدا جدا ماخُذن مان مواد هٿ ڪري، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ کي ’دور - وار وضاحت‘ سان توڙ تائين پهچايو ويو آهي.
هن ڇاپي ۾ شامل پويان ٻه باب نهايت ئي اهم آهن جو نه فقط انهن ۾ نئون ۽ ناياب مواد پهريون ڀيرو شايع ٿي رهيو آهي، پر انهن ۾ هڪ ته سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ڪن گمنام گوشن کي روشن ڪيو ويو آهي، ۽ ٻيو ته سنڌي ٻولي ۾ تعليم۽ تصنيف جي ٻن مکيه سلسلن بابت لکيل ڪتابن جا حوالا دستاويزي ثبوت طور پيش ڪيا ويا آهن. اٺين باب ۾ جن يارهن عنوانن تي بنيادي معلومات مهيا ڪيا ويا آهن تن کي وڌيڪ تفصيل سان بيان ڪرڻ جي ضرورت باقي آهي ۽ جيڪڏهن زندگي وفا ڪئي ته چوٿين اشاعت ۾ ان جي تڪميل ڪئي ويندي.
هن اشاعت جي تياري ۽ تڪميل ۾ عزيزم ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل، ڊائريڪٽر پاڪستان سٽڊي سينٽر، سنڌ يونيورسٽي جي ترغيب ۽ تقاضا کي وڏو دخل آهي. سندس محبت ڀري تاڪيد جو ئي نتيجو آهي جو هيءُ ڪتاب شايع ٿي رهيو آهي.
منهنجي قلمي ڪشالن ۾ شروع کان وٺي منهنجي ساٿي ۽ سڄڻ محمد اسماعيل شيخ دستور موجب هن ڪتاب جي مسودي کي پريس لاءِ صاف ڪرڻ ۽ آخري طور ڪمپوز ٿيل مواد کي ڏسڻ جو بار کنيو. ڪتاب جا پروف محترم محمد بخش لاشاري صاحب وڏي ڌيان سان پڙهيا. سنڌ يونيورسٽي پريس جي مئنيجر محترم فيض محمد ميمڻ باوجود پراڻي ۽ گٺل ٽائيپ جي ڪتاب کي نئون نڪور ڪري ڇاپيو.

خادم العلم
نبي بخش

حيدرآباد سنڌ
13- صفر 1411 هه
3- سيپٽمبر 1990ع