ڪتاب جِي فھرست

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران پنهنجي دور جي قادرالڪلام شاعر رئيس شمس الدين ”بلبل“ جي غزلن جو مجموعو ”ديوانِ بلبل“ اوھان اڳيان پيش آھي.
ڊاڪٽر اسدالله شاھ ’بيخود‘ حسيني لکي ٿو تہ: ”عروضي شاعريءَ ۾ مزاحيہ طرز نگارش جو باني مرحوم رئيس شمس الدين ’بلبل‘ هو“. ديوان بلبل، مرحوم رئيس شمس الدين ’بلبل‘ جي غزلن جو الف ب وار ديوان آهي.  ’ديوان بلبل‘ ۾ 100 غزل آهن، جن مان اَٺ ڏھ غزل ظريفانہ، اردوءَ جي (غزلن جي) مضمونن جو ترجمو آهن. 
ڪتاب جو پھريون ڇاپو پوڪر داس اينڊ سنز شڪارپور مان ڇپرايو هو، جڏهن تہ بعد ۾ سنڌ جي نامور عالم مولانا غلام محمد گراميءَ  ’ديوان بلبل‘  کي ترتيب ڏئي سنڌي ادبي بورڊ پاران 1969ع ۾ ۽ پوءِ 1982ع ۾ ڇپرايو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ