ڪتاب جِي فھرست

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر شيخ اياز جي شاعريءَ جو مجموعو ”رڻ تي رم جهم“ اوھان اڳيان آڻجي ٿو، جنھن ۾ نظم، طويل نظم، ڇھ سٽا، ٽہ سٽا ۽ وايون شامل آھي.
ماھتاب محبوب لکي ٿي: ”اياز جون من موهيندڙ سوچون، هيئين سان هنڊائڻ جهڙا ٻول، جيءَ کي جهونجهاڙي، غافل ذهنن کي بيدار ڪندڙ وزنائتا دليل، دلڪش تشبيهون، ڏکن، محبتن، نفرتن جا انوکا اظهار، انهن کي پڙهڻ مھل، پڙهندڙ عجيب قسم جي مختلف ڪيفيتن مان گذري ٿو. اياز جون تحريرون کيس پنهنجي ايڏو تہ ويجهو ٿيون لڳن جو ائين پيو محسوس ڪندو تہ هن جيڪي چيو ٿي سو اڳ ئي سندس دل ۾ هو پر الائي اهو سڀ من جي ڪهڙي گوشي ۾ لڪل هو، جنهن کي ڄاڻڻ ۽ محسوس ڪرڻ هن لاءِ ممڪن ئي نہ هو. روح تي چانڊوڪي وسائيندڙ جڏهن اهي سوچون، شاعريءَ جي روپ ۾ هن تي ظاهر ٿيو وڃن ته هو ڪنهن به حالت ۾ ان ذهني خزاني کان پري نٿو رهڻ چاهي. پر اياز جي سوچن جو ساگر لامحدود آهي، آڪاش جيان بي انت.... بس اهو ئي فرق آهي عام پڙهندڙ ۾ جيڪو کيس اياز بنجڻ نٿو ڏي توڙي جو هو اُن مان گهڻو ڪجهه پرائي ۽ حاصل ڪري ٿو.“
ھي ڪتاب 1986ع  ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ