انتساب
ڊاڪٽر منظور قادر نالي
هي پنهنجي ترجمي جي محنت هن دلچسپ ناول جي خوبصورت ۽ دلپسند ڪردارن سيٽان (ڊڪ) ۽ ڪانو ماسايو (مس سدا بهار چنبيلي) جهڙي شخصيت ڊاڪٽر منظور قادر انڙ نالي ڪريان ٿو جيڪو ادبي ۽ فلمي دنيا ۾ ”منظور قادر“ جي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. هو جتي ڪانو مسايو وانگر ڪيترن ئي فنون لطيف جو مالڪ آهي . جيئن ته شاعري، ڪالم نويس، ڪهاڻيڪاري، ڊرامانويسي، صدا ڪاري، ادا ڪاري، نيوز ڪاسٽري وغيره اتي هو ”انجنيئر ڊڪ سيٽان“ وانگر پنهنجي پروفيشن، يعني ڊاڪٽريءَ ۾، ماهر هجڻ سان گڏ هن وانگر رلڻو ملڻو، معصوم ۽ ٻئي جو ڀلو چاهڻ وارو، نيڪ، بااخلاق ۽ عاشق مزاج پڻ آهي. منظور مون کان عمر ۾ ويهارو سال ننڍو آهي. ظاهر آهي ته، هو ادب جي دنيا ۾ به اسان کان جونيئر ٿيو پر سندس لکڻيون سندس قد ڪاٺ کي ادب ۾ گهڻو اتاهون بڻائين ٿيون ۽ اهو ثابت ڪن ٿيون ته، ڏات ۽ ڏانءُ سان عمر جو ڪو تعلق ناهي. مون سوجهري ۾ سندس پهرين ڪهاڻي پڙهي ان جو اندازو لڳايو هو. ان بعد سندس لکيل ٻه کن خاڪا ۽ ڪالم پڙهي کيس ڳولڻ لڳس ته هن دنيا کي گڊ باءِ چوڻ کان اڳ هن همراهه سان ضرور ملڻ کپي. مون کي ان جهڙي ڇِڪ هن کان اڳ، اٽڪل ٽيهارو سال اڳ، نصير مرزا جا خاڪا ۽ ڪالم پڙهي هن سان ملڻ لاءِ پڻ محسوس ٿي هئي. هاڻ منظور قادر جون ”ناسٽلجيا“ ا”ُبداڻي ۾ پيل نوٽ“ ”سٺ هزار ڌاڙيل“ ”زندگي جو ڇلو“ جهڙيون ڪهاڻيون ۽ خاڪا پڙهي حيرت ٿئي ٿي ته ڪيئن ڪجهه اديبن جون شروعاتي لکڻيون به اوچ ماڻين ٿيون.
هتي جيڪر آئون اهو لکان ته ڊاڪٽر منظور قادر عام ڊاڪٽر يعني جنرل فزيشن ناهي پر ڪنهن خاص فيلڊ جو ماهر آهي ته توهان به مون وانگر ڌُڪا هڻندا رهندائو. ٿي سگهي ٿو ڪو چوي ته منظور قادر دل جو ڊاڪٽر آهي. نه دل جو ڊاڪٽر ته نه آهي پر دل جو مريض ضرور آهي. يعني عاشق مزاج ضرور آهي. هن ناول جي هيرو ڊِڪ سيٽان وانگر، هو هر سهڻي شيءِ کي پسند ڪري ٿو.
منظور سان ملڻ کان اڳ مون پنهنجي ڊرائيور هٿان هن ڏي پنهنجا ڪتاب ڏياري موڪليا.
”ڊاڪٽر صاحب کي ڪتاب ڏئي آئين؟“ مون ڊرائيور کان پڇيو.
”سائين جنهن نالي توهان ڪتاب موڪليا اهو ته ٽي وي جو وڏو اداڪار آهي. آئون کيس مختلف چئنلن تي هلندڙ ڊرامن ۾ ڏسندو آهيان.“ مون واري ڊرائيور چيو جيڪو TV ڏسڻ جو وڏو شوقين آهي. دراصل مون کي ان وقت تائين اها خبر نه هئي ته منظور قادر جو ٽي وي ۽ ريڊيو جي دنيا سان به واسطو آهي. سو مون کي شڪ ٿيو ته ڊرائيور شايد ڪنهن غلط ماڻهوءَ کي ڪتاب ڏئي آيو آهي. ساڳي وقت حيرت به ٿي جو ڊرائيور جي ڳالهه کي ڪوڙ به نٿي چئي سگهي ڇو جو ٽي وي تي نظر ايندڙ هر سياستدان، ائنڪر ۽ اداڪار کي هو چڱي طرح سڃاڻي ٿو. بهرحال منظور قادر سان ملاقت تي اهو راز کليو ته هو گهڻين خوبين جو مالڪ آهي. هو ٽي وي ۽ ريڊيو تان ايندڙ ڊرامن ۾ نه فقط ادا ڪاري ۽ صداڪاري ڪري ٿو پر ڊراما نويس به آهي. هو شعرو شاعري وانگر اهو ڪم به وڏي عرصي کان ڪري رهيو آهي. پاڻ هڪ سؤ ڊرامن ۾ ڪم ڪري چڪو آهي جنهن مان ٽيهه کن ڊراما ته سندس ئي لکيل آهن. ان کان علاوه ڏه کن Tale plays به هن سان منسوب آهن.
ڊاڪٽر منظرو قادر پنهنجا ننڍپڻ جا ڏينهن ياد ڪندي ٻڌايو ته هن کي ننڍپڻ کان ريڊيو ٻڌڻ ۽ ريڊيو تي ڪم ڪرڻ جو شوق رهيو. ”جڏهن آئون ستين ڪلاس ۾ پڙهندو هوس ته پڙهائي سان گڏ ٻڪريون چارڻ ۽ انهن جو گاهه پٺو ڪرڻ به منهنجي ذمي هو. اسڪول واري ٽائيم کان سواءِ باقي سمورو وقت ريڊيو منهنجي وجود سان ائين چهٽيل هوندو هو جيئن ڀولي ڪنهن فقير جي ڪلهي تي ويٺل نظر ايندي آهي.“
1983 ۾ ڪنڊيارو جي گورنمنٽ ڪاليج مان انٽر ڪري منظور جيئن لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ورتي ته حيدرآباد جي ويجهو هجڻ ڪري هن ريڊيو پاڪستان سان به واسطو رکيو ۽ سندس جيڪو ننڍ پڻ کان شوق هو ته سندس آواز به لهرن ذريعي ڳوٺ، ڳوٺ ۾ پهچي ان جو پورائو ٿيڻ لڳو. هن لاءِ روزگار خاطر ڊاڪٽري پڙهڻ هڪ طرف ضروري هو ته ٻئي طرف راڳ، ادب، شعرو شاعري، اداڪاري هن جي لاءِ روح جي غذا هئي. سندس هڪ شعر هن وقت ياد اچي رهيو آهي. جيڪو هن جو پهريون شعر چيو وڃي ٿو، جنهن جي درستگي ڪرڻ وقت سنڌ جي مشهور ۽ پياري شخصيت نصير مرزا هن کي چيو ”منظور تو وٽ ڏات آهي تون ڏاڍو سٺو لکي سگهين ٿو، تنهنجي هن پهرين غزل مان اندازو ٿئي ٿو ته، تون وٽ گوهر لڪل آهن.“
ان غزل جا ڪجهه ٻول هن ريت آهن:
موسم مست بهارن وانگي،
البيلن اظهارن وانگي
ليڪو ڏئي توکي واري ڇڏيم،
ٻهراڙي جي ٻارن وانگي!
دل تي تنهنجي ياد ڄميل آ،
سياري وارن پاري وانگي!
پن ڇڻ مند، نهوڙيو منظور!
اڀي وڻ جي ڏارن وانگي!
اهو ٻڌائڻ ته وسري ويو ته اسان جو شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊراما آرٽسٽ، اداڪار ۽ سماجي ورڪير منظور قادر ڊاڪٽري جي ڪهڙي فيلڊ جو ماهي آهي. پاڻ Hair Restorative سرجن آهي. منهنجي ساڻس پهرين ملاقات ۾ ئي، هن موڪلائيندي وقت مون کي کلندي چيو:
”سر توهان پنهنجي مٿي تي Hair Transplantation ڇو نٿا ڪرايو؟ منهنجيون خدمتون حاضر آهن.“
”هيءَ منهنجي عمر آهي. اڃان به جوانيءَ جي ڏينهن ۾ تو جهڙو سرجن ملي ها ته ضرور کڻي سوچجي ها.“ مون وراڻيو.
”سائين اسان جي ميڊيڪل سائنس ۾ مٿي تي وار پيدا ڪرڻ لاءِ عمر جو ڪو قيد ناهي.“ ڊاڪٽر منظور چيو.
منهنجي خيال ۾ ڊاڪٽر منظور قادر سچ چيو جو ان ملاقات بعد منهنجو جڏهن به هن وٽ وڃڻ ٿئي ٿو ته هن وٽ علاج لاءِ آيل ماڻهن نوجوانن سان گڏ وڏي عمر جا به نظر اچن ٿا جيڪي ظاهر آهي پنهنجي ”بي وار مٿي“ تي وار لڳرائي جوان ٿيڻ لاءِ اچن ٿا. هونءَ به ٻئي کي پاڻ وڻائڻ لاءِ رڳو دل جوان رکڻ ته ڪافي ناهي نه ته، ڊاڪٽر منظور جي ڪلنڪ جو سلوگن هجي ها:
”اندر اچو ۽ جوان ٿي نڪرو.“
ان تان مون کي ولايت جي هڪ مشهور بيوٽي پارلر جو لطيفو ياد ٿو اچي جنهن ۾ عورت جي چهري ۽ چمڙيءَ جي تمام اعليٰ درجي جي ٺاهه جوڙ ڪئي وئي ٿي. ان پارلر جي ٻاهران شرارتي نوجوانن جي تنبيهه لاءِ لکيل هو:
”خبردار! جنهن کي توهان جوان عورت سمجهي چيڙ ڇاڙ ڪريو ٿا اها توهان جي ڏاڏي به ٿي سگهي ٿي.“
بهرحال هن وقت به ڊاڪٽر منظور جي ڪلينڪ جي نالي “Manzoor’s Hair Transplant” جي هيٺان جيڪو سلوگن لکيل آآهي، سندس شاعريءَ وانگر بيحد خوبصورت آهي:
Beauty You Deserve يعني جنهن سونهن جا توهان حقدار آهيو اها حاصل ڪري وڃو. سندس ڪلنڪ بلاول چورنگي وٽ روجهان اسٽريٽ تي آهي. هن وٽ روز بروز علاج يا سرجري لاءِ ايندڙ ماڻهن جي رش ڏسي ٿي سگهي ٿو ڊاڪٽر منظور لاءِ خوشي جو باعث هجي پر مون کي ڪجهه مايوسي ضرور ٿي. ”ڇو ڀلا سائين؟!“ ڊاڪٽر منظور منهنجي اها ڳالهه ڪرڻ تي حيرت مان پڇيو.
”ان ڪري جو توکي هاڻ ادبي ڳالهين لاءِ وقت گهٽ ملي ٿو ۽ اسان کي سوجهرو يا پرک رسالو تنهنجي لکڻين کان خالي نظر اچي ٿو.“ مون ٻڌايو مانس.
”نه. اها ڳالهه ناهي. ادب ۽ شعر شاعري کان سواءِ ته آئون رهي ئي نٿو سگهان،“ ڊاڪٽر منظور ٻڌايو ته، ”دراصل ڳالهه اها آهي ته گذريل ٽن چئن مهينن کان لکڻ گهٽائي ڇڏيو اٿم جو اڄ ڪلهه آئون هڪ ئي وقت ٻن ٽن ڊرامن ۾ ڪم ڪري رهيو آهيان.“
هڪ ڏينهن ڊاڪٽر منظور جي ڪلنڪ ۾ ڪچهري دوران سنڌي ڊرامن جي ڳالهه هلي رهي هئي ته سڪينه سمون جو به ذڪر نڪتو. مون ڊاڪٽر کي ٻڌايو ته هوءَ منهنجي فئوريٽ فنڪارن مان آهي ۽ جيڪي ٽي وي آرٽسٽ منهنجي پسند جا آهن: منظرو قريشي ۽ گلاب چانڊيو کان روشن عطا، فريد بلوچ ۽ ممتاز ڪنول، انهن سڀني سان مليو آهيان سواءِ سڪينه سمون جي“
”توهان کي هينئر ئي وٺي هلان.“
آئون اڃان هن کي چوڻ وارو هوس ته خبر ناهي هوءِ ڪراچي ۾ هجي يانه، پر ان کان اڳ منظور فون ڊائل ڪري هن کي ٻڌايو ته هو مون کي پاڻ سان وٺي هن وٽ اچي رهيو آهي. بهر حال مون کي سڪينه سمون جهڙي مشهور شخصيت سان ملي جتي خوشي ٿي اتي اهو به معلوم ٿيو ته اسان جي ڊاڪٽر جي سڪينه سان مائٽي به آهي. ڊاڪٽر منظور سڪينه سمون جو ڀيڻويو به ٿئي. ڊاڪٽر صاحب جي 1995 ۾ سڪينه جي ننڍي ڀيڻ صوبيه سمون سان شادي ٿي هئي ۽ کين ماشا الله خوبصورت نالن وارا ڇهه ٻار آهن. وڏي ڌيءَ شاهه بانو اٺين ڪلاس ۾ آهي. ان بعد پٽ محمد ڄام تماچي جيڪو ڪلاس ڇهين ۾ آهي ۽ چار نياڻيون آهن: آمنا، مريم، زينب ۽ اجما. آخري نالو مون لاءِ نئون هو جنهن لاءِ ڊاڪٽر منظور ٻڌايو ته اجما ستين آسمان جو نالو آهي.
هتي اهو به لکندو هلان ته ڊاڪٽر منظور جو تعلق هڪ مذهبي گهراڻي سان آهي. هن جي والد جناب محمد موسيٰ انڙ صاحب جي خواهش هئي ته منظور کي انگريزي پڙهائڻ بدران رڳو ديني تعليم ڏني وڃي. ان ڪري هن جيئن ئي پنجون ڪلاس پاس ڪيو ته کيس انگريزي اسڪول ۾ موڪلڻ بدران ڳوٺ جي مدرسي ۾داخل ڪيو جيڪو اسڪارپ (ايريگيشن ڊپارٽمنٽ) ۾ انڙ جيڪو ويو. پر منظور ۽ سندس وڏن ڀائرن فضل قادر ۽ عبدالقادر جي شوق کي ڏسي کيس ڀرواري ڳوٺ خانوا هڻ جي اسڪول ۾ موڪليو ويو. اها ٻي ڳالهه آهي ته گهر جو مذهبي ماحول هجڻ ڪري ڊاڪٽر منظور جو نه فقط عربي تلفظ سٺو ۽ صحيح آهي پر قرآن جون ڪيتريون ئي سورتون، آيتون ۽ حديثون کيس ياد آهن جيڪي هو دوستن جي ڪچهري ۾ ڳالهه ڳالهه تي Quote ڪندو رهي ٿو . هو انهن اديبن ۽ شاعرن کان بلڪل مخلتف آهي جيڪي هميشه غمگين چهرو ٺاهي هلڻ ضروري سمجهن ٿا شراب يا ٻيو ڪو نشو ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا.
منظور قادر پهرين سيپٽمبر 1964 تي ڳوٺ الهه وسايو انڙ ۾ ڄائو. هي ڳوٺ ڪنڊيارو تعلق ۾، ڪنڊ يارو شهر کان 35 ڪلو ميٽر پري خانواهڻ ڀرسان آهي. خانواهڻ اهو شهر آهي جيڪو نجم عباسي، غلام نبي شاد، ناري پبليڪيشن واري نذير ناز، قاضي حميد پارس ۽ رفيق سيال جهڙن اديبن ۽ شاعرن کان مشهور آهي. منظور بنيادي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ بعد مئٽرڪ خانواهڻ جي گورنمنٽ هاءِ اسڪول مان ڪئي ۽ انٽر ڪنڊياري جي ڊگري ڪاليج مان ڪري LMC ميڊيڪل ڪاليج ڄام شوري ۾ داخلا ورتي. سندس والد محمد موسيٰ انڙ ملاز م هو ان جو شوق هو ته سندس پٽ انجنيئري پڙهي پر منظور کي پنهنجو شوق ڊاڪٽري پڙهڻ جو هو. ڊاڪٽري پڙهڻ وارو عرصو جيڪو هن ڄام شوري، حيدر آباد، سئنڊوز فئڪٽري ۽ لطيف آباد جي روڊن تي گذاريو ان لاءِ سندس چوڻ آهي ته سندس زندگي جو بيحد خوبصورت ۽ اڻ وسرندڙ دور هوجنهن لا هو پنهنجي سيلف پوٽريٽ ”سي ئي جو ڀن ڏينهن“ ۾ لکي ٿو ته:
”1984 کان وٺي 1991 تائين جو هڪ هڪ ڏينهن مون لاءِ ائين آهي جيئن ڪنهن ماءُ کي پهرين ٻار جي Conceive ڪرڻواري پهرين ڏينهن کان ويندي ٻار ڄمڻ جي آخري گهڙيءَ تائين هڪ هڪ لمحو ۽ ياد، ڪنهن بي پناهه مسرت کان گهٽ نه هوندو آهي..“
ان دور ۾ منظور پنهنجي مستقبل جو گول يعني ”ڊاڪٽر بنجڻ“ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان پنهنجو شوق صدا ڪاري، ڊرامانويسي ۽ خبرون پڙهڻ وغيره پورو ڪيو ته ڀرپور عضق به ڪيائين جنهن جو سرستو احوال هو مٿين پورٽريٽ ۾ ڪري چڪو آهي.
1991 ۾ ڊاڪٽر ٿيڻ بعد هن ڪجهه عرصو ميڊيسن ۽ سرجري ۾ هائوس جاب ڪيو ان بعد هو ڪراچي هيلو آيو جتي گلشن اقبال واري احسان ميڊيڪل سينٽر ۾ هن ٽي سال کن نوڪري ڪئي. 1994 ۾ هن کي PIA ۾ ميڊيڪل آفيسر جي نوڪري ملي جنهن لاءِ ڊاڪٽر منظور ٻڌايو ته 1997 ۾ نواز شريف جي حڪومت اچڻ تي ختم ٿي وئي. ان بعد سال 2000 تائين هو مختلف هنڌن تي ڊاڪٽري ڪندو رهيو. ”انهن ڏينهن ۾ انٽرنيشنل ليزر هيئر ٽرانسپلانٽ نالي آمريڪا جي هڪ ڪمپني هتي آئي جن وٽ سرجري سکڻ لاءِ ڊاڪٽر ذوالفقار تنيو پنهنجو نالو رجسٽر ڪرايو ۽ جنهن جي صلاح سان آئون به هن فيلڊ ۾ داخل ٿيس ۽ اڄ تائين ان سان وابسته آهيان ۽ هاڻ بلاول چورنگي وٽ BMI Poly Clinic اسپتال ۾ منهنجي نالي سان منظور هيئر ٽرنسپلانٽ ڪلنڪ آهي. منظور ٻڌايو
چئبو ته سياستدان بنجي ماڻهن جي قسمت ٺاهڻ بدران هاڻ هنن جي فقط خالي مٿي کي وارن دسان ڀري سهڻو بڻائين ٿو..“ مون آڪٽوبر 2002 واري اليڪشن ۾ ڊاڪٽر منظور قادر جي ناڪاميابيءَ جو سوچي چيو. محترما بينظير ڀٽو صاحب ڊاڪٽر منظور قادر جي صلاحيتن مان تمان گهڻو متاثر ۽ خوش هئي. مشرف جي ڪرايل اليڪشن ۾ شهيد محترما ڪراچي جي گلستان جوهر واري تڪ PS 199 مان پيپلز پارٽي طرفان ڊاڪٽر صاحب کي اليڪشن وڙهڻ لاءِ ٽڪيٽ ڏني وئي هئي ۽ محترما کيس چوندي هئي ته، You are our selected MPA پر افسوس جو ٿورن ووٽن جي فرق سان مخالف ڌر وارو نمائندو هيءَ سيٽ کٽي ويو. ”محترما ته ايترو ي قدر چاهيو ٿي ته ايندڙ اليڪشن ۾ آئون سينيٽر ٿيان پر سندس شهادت بعد هاڻ حالتون اهي نه رهيون آهن.“ ڊاڪٽر منظور ٻڌايو.
ڊاڪٽر منظور پنهنجي ننڍپڻ جي دوستن جي ڳالهه ڪندي ٻڌايو ته سندس سٺن دوستن مان ڪجهه اصغر علي انڙ، ڊاڪٽر نذير حسين لانگاه، ڊاڪٽر پونم چندر، ڊاڪٽر عبدالستار ميمڻ، پروفيسر گل ڪونڌر، نصر مرزا، نثار ميمڻ، تاج بلوچ، خليل چنا جن آهن.
”ڀلا ڪجهه سٺن استادن جا نالا ٻڌايو جن تنظيمي زندگي ۽ سوچ تي اثر ڪيو ۽ اهي توهان کي اڄ تائين ياد آهن.“ مون چيو.
”استادن جي به ڊگهي لسٽ آهي پر هن وقت جيڪي تمام گهڻو ياد اچي رهيا آهن، اهي آهن: پروفيسر محمد صديق انڙ، استاد خدا بخش ڪنڀر، استاد آگيڏنو... وغيره.“
ڳالهه اها آهي ته ڊاڪٽر منظور قادر پاڻ به سٺو دوست، سٺو شاگرد، سٺو ڊاڪٽر، سٺو ٽيچر، سڀ کان وڏي ڳالهه ته هو هڪ سٺو انسان آهي. ۽ شايد اهو ئي سبب آهي جو هي ڪتاب منسوب ڪرڻ لاءِ منهنجي دل تي سندس نالو تري آيو آهي.
آخري ۾ سندس هڪ خوبصورت چوسٽو لکان ٿو جيڪو هن وقت مون کي نواب شاه جي عزيز لاکو صاحب ٻڌايو آهي.
کڻو ٿا نيڻ ۽ لڪايو ٿا مرڪون
اوهان جو ادائون ڀلا ڪير سمجهي
ملڻ کان روڪي پنهنجي منهن ٿا سڏڪو
اوهان جون وفائون ڀلا ڪير سمجهي.
الطاف شيخ
ڪراچي
4 اگسٽ 2011