ناول

مس سدابهار چنبيلي

هِي ڪتاب ”مس سدابهار چنبيلي“ مشهور انگريزي ليکڪ ”جان بال” جي جپاني پسمنظر ۾ لکيل شاهڪار ناول ”Miss One Thousand Spring Blossoms“ جو سنڌِي ترجمو آهي، جيڪو سنڌ جي سيلاني محترم الطاف شيخ جَن ڪيو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2032
  • 1034
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مس سدابهار چنبيلي

هڪ

رچرڊ سيٽان ڪمپنيءَ جي سڀ کان اتاهين ماڙ واري آفيس ۾ ويهي سئن فرانسسڪو شهر جو دريءَ مان نظارو ڪيو. سندس کاٻي ٻانهن ڪالرا جي سُئي هڻائڻ ڪري ڏکي رهي هئي، پر هن کي اها خوشي هئي ته هو جپان هڪ اهم حيثيت ۾ وڃي رهيو آهي، جتي هن کي سندس آمريڪن ڪمپنيءَ ڪجهه مشينري خريد ڪرڻ کان اڳ ان جي چڪاس لاءِ موڪلي رهي هئي ته جيئن هو جپانين جي ٺهيل اليڪٽرانڪ شين جي ڪارڪردگي ۽ بهتر هجڻ جي رپورٽ وڃي موڪلي، ڇو جو ائين نه ٿئي ته لکها ڊالرن جو سودو طئي ٿيڻ بعد خبر پوي ته اها شيءِ سٺي يا صحيح ناهي، يا ڪو ٻيو جپاني ڪارخانيدار ساڳي شيءِ سستي اگهه ۾ پيو ڏئي.
رچرڊ سيٽان کي پهريون دفعو ولايت اسهڻ جي دل ۾ عجيب خوشي محسوس ٿي رهي هئي. هو ته پنهنجي ملڪ آمريڪا ۾ شڪاگو کان ڪڏهن پري نه ويو هو، پر هاڻ هڪ ڏورانهين ڏيهه، جپان ڏي ويندي هن جي عجيب ڪيفيت ٿي رهي هئي، جنهن جادو ڀري اوڀر جون هن ڪيتريون ئي ڳالهيون ٻڌيون هيون.
رچرڊ جو اتفاق سان آمريڪا جي هڪ اهڙي پراڻي روايتي خاندان سان تعلق هو جتي هن ننڍي هوندي ئي حيا شرم، وڏن جو ادب، نئڙت ۽ نهٺائي جهڙيون وصفون سکيون هيون. شايد هڪ اهو به سبب هو جو سندس ڪمپنيءَ جي اعليٰ عملدارن، جپان جهڙي ملڪ لاءِ، هن کي چونڊيو هو ۽ ان کان علاوه سندس انجنيئري علم، عقل ۽ ڏاهپ پڻ شامل هئي.
رچرڊ کي جپانين بابت ڪابه پهرين جي ڄاڻ نه هئي سواءِ ان جي ته هو هڪ نافهم ٻولي ڳالهائين ٿا، پر اليڪٽرانڪ جو سامان تمام عمدو ٺاهين ٿا ۽ هي پنهنجي انجنيئري پيشي جي لحاظ کان ڊزائينن ۽ نقشن ذريعي هنن سان لهه وچڙ قائم رکي سگهيو ٿي.
هو ڏانهن جپان ۾ ”ماتسوموتو ڪمپني“ جو مالڪ مسٽر ماتسوموتو پنهنجي آفيس ۾ آڱرين رستي فال ڪڍي رهيو هو ته شل ايندڙ آمريڪن کي سندس فئڪٽريءَ جو ٺهيل ”انجنيئري سامان“ وڻي وڃي ۽ آمريڪا کان وڏو آرڊر ور چڙهي ته جيئن ڪمپنيءَ جي ڏينهون ڏينهن ڪرندڙ ساک کي ڪو ٽيڪو اچي وڃي، جنهن جو اڳهين برائيءَ پيڇو نٿي ڇڏيو ۽ هاڻ ته ماڳهين ڏيوالي ۾ وڃڻ جو ڊپ هو. تازو آيل ٽپال ۾ پڻ فلپائين جي ڏنل آرڊر کي رد ڪرڻ لاءِ انهن وٽان خط پهتل هو. فلپين وارا سندس سڀ کان وڏا گراهڪ هئا. انهن جي هٿن مان وڃڻ جو صدمو ئي ڪافي هو ۽ هاڻ آمريڪا کان ايندڙ هن نمائندي رچرڊ سيٽان جو خيال هن جپاني سيٺ مٿان خنجر وانگر لٽڪي رهيو هو ته الائي کيس سندس ڪمپنيءَ جو مال ۽ ڪم پسند به ايندو يا نه. جڏهن ته ٻين جپاني ڪمپنين جا جپاني مالڪ واڳوءَ وارا وات پٽيو انتظار ويٺا ڪن ته رڳو ٻئي جو گراهڪ ٽٽي ته جهپ هڻي ڳڙڪائي وڃجيس. بهرحال سيٺ ماتسوموتوءَ پنهنجي طرفان واسطيدار ماڻهن کي آمريڪي ڪمپنيءَ جي هن ايندڙ نمائندي جو خيال رکڻ لاءِ چڱي طرح تاڪيد ڪري ڇڏي ته کڻي ڪيترو به خرچ اچي پر آيل مهمان کي ڪنهن به ڳالهه جي تڪيلف نه رسي ۽ ساڳئي وقت کيس ڪم ڪار کان واندو ٿيڻ کان پوءِ ڪنهن نه ڪنهن وندر يا دلچسپيءَ ۾ رڌل رکيو وڃي، جيئن هڪ ته هو خوش ٿي سٺي رپورٽ ڏئي ۽ ٻيو ته کيس واندو ڏسي متان ڪو ٻيو جپاني ڪارخانيدار هن کي پاڻ ڏي ڇڪي نه وٺي.
انهيءَ وقت جپاني مالڪ ماتسوموتو جي حڪم موجب سندس قابل نائب صدر مسٽر ياماگچي ۽ ٻيو همراهه، ڪمپنيءَ جو رابطا آفيسر مسٽر فوتابا، جيڪو انگريزي به ڳالهائي سگهيو ٿي، بلڪ هن کي اها خوشي فهمي هئي ته هو ڳالهائي سگهي ٿو. ٽوڪيو جي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پنهنجي آمريڪن مهمان رچرڊ سيٽان جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا. ياماگچي صاحب مهمان جي آمد تي چوڻ وارا سوچيل جملا هٻڪندي دل ۾ ٻاويهون دفعو ورجايا ۽ مسٽر فوتايا وري وري سوچڻ ڪري ماڳهين اچي ان پريشانيءَ ۾ مبتلا ٿيو ته آيا هو انگريزيءَ ۾ معزز مهمان سان ڳالهه ٻولهه قائم به رکي سگهندو يا نه. ان ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته انگريزيءَ جي پيرڊ ۾ هو ۽ سندس ڪجهه ڪلاس ميٽ پاڻ ۾ ويهي ساڳيا ساڳيا لکيل سوال ۽ رٽيل جواب هڪ ٻئي سان ڳالهائيندا هئا پر انگريزيءَ جي ڏکين اچارن ڪري هن ڪڏهن به ٻاهر ڪنهن سان انگريزيءَ ۾ گفتگو نه ڪئي هئي.
جپانين جي عادت آهي ته شرم يا مونجهاري مهل ڏندن اڳيان هٿ ڏئي ڦڪي کل کلندا آهن سو هينئر جيئن ئي سئن فرانسسڪو کان آيل سنهي ۽ ڊگهي ڊي. سي 8 هوائي جهاز ٽوڪيو جي هوائي اڏي کي ڇهيو ته ياماگچيءَ کي دل ۾ آيو ته اهڙي ڦڪي مرڪ چپن تي آڻي کڻي پنهنجي شرم کي پرچائجي جو هاڻ وقت ويجهو اچڻ تي کيس اها سمڪ به نه پئي پيئي ته اهو مهمان ، جنهن جي آڌرڀاءَ لاءِ هو پڳ ٻڌي آيا آهن تنهن کي سڃاڻبو ڪيئن، ڳالهائڻ ته ٿي پوءِ جي ڳالهه.
۽ هاڻ ته اهو مسئلو انگهي ماڳهين هيبت ناڪ حد تائين وڃي پهتو، جڏهن، جهاز مان لٿل مسافر هڪ هڪ ٿي ”ڪسٽم چيڪ“ مان ٿيندا ٻاهرين در کان نڪري نڪرڻ شروع ٿيا هئا. پر اهو به شڪر جو انهن ۾ گهڻا ته جپاني هئا ۽ جيڪي ڪجهه ڌاريا هئا، اهي وري ٻارن ٻچن سان هئا، يعني انهن ۾ سندس آمريڪن مهمان ٿي نٿو سگهي جو هو آمريڪا کان اڪيلي سر نڪتو آهي. ايتري ۾ کين ڇڙهن ۾ هڪ بيحد ڄانگهو همراهه ڏسڻ ۾ اچي ويو جيڪو آمريڪن ٽوئرسٽ جيان ڀوڪ بصر ٿي لڳو، جنهن جو منهن عينڪ ڪري چٻري جهڙو هو ۽ باقي ٻيا ٻه ڪنهن ملڪ کان آيل آڙي ڪاپ قسم جا واپاري ٿي لڳا. انهن ٻن مان هڪ جي سڃاڻپ ٿي وئي ته اهو سيٽان نه هوندو جو ان وقت ميزبانن واري گئلريءَ مان هڪ فارينر جي اچڻ سان هن کيس هٿ لوڏي کيڪاريو ۽ ساڻس گڏ هليو ويو. مسٽر فوتابا هاڻ دل جهلي ٻئي همراهه ڀرسان بيهي، چپن ۾ ڀڻڪيو:
”سائين، توهان رچرڊ سيٽان آهيو_؟ ها؟“
۽ هن سڄو جملو ٻڌڻ جي به تڪليف نه ڪئي ۽ کيس ڪنهن هوٽل جو دلال سمجهي يڪدم اُڇل مان وراڻيو:
”نه مون اڳهين هوٽل ۾ ڪمرو وٺي ڇڏيو آهي.“
۽ پوءِ ان آفت جي گهڙيءَ ۾ مدد جوملائڪ هڪ من موهڻي جپاني ايئرهوسٽس جي روپ ۾ ظاهر ٿيو. ملڻ مهل جپاني جيڪا جهُڪ جُهڪان ڪندا آهن ان ضروري رسمي کيڪار کڙيءَ کان پوءِ ياماگچي کانئس سيٽان_ سان (san) جو پڇيو ته ان نالي وارو ڪو همراهه آمريڪا کان هن جهاز ۾ چڙهيو به هو يا نه. ايئر هوسٽس ڪنڌ ڌوڻي هڪ بي ڊولي، آفت جيڏي همراهه ڏي اشارو ڪيو جيڪو وائڙي وڇ وانگر پريان هڪ جپاني پبلڪ فون وٽ بيٺو هو. ههڙي ڄانگهي همراهه کي ڏسي ياماگچيءَ تي رعب طاري ٿي ويو، پر پوءِ هڪ دفعو پنهنجي همت کي گڏ ڪري ان انساني بلا جي اڳيان پهچي نئڙت منجهان نميو. ٻه چار وکون پٺيان، ساڄي پاسي بيٺل، رئيس فوتابا، پڻ هن سان گڏ پاڇي وانگر جهڪيو. ياماگچيءَ پوءِ جيتوڻيڪ وڏي خبرداريءَ سان پر ڀڳل ۽ غلط گرامر وارو جملو ڳالهايو:
(Seatan San! Are you, Yes?) ”سيٽان _ سان! آهيو نه، ها_ ؟ ماتسوموتو ڪمپني.“ هن چيو.
سج لٿي مهل ٻرندڙ ڏيئي وانگر رچرڊ سيٽان جي منهن تي جرڪو اچي ويو. ”اوهه! مسٽر ماتسوموتو“ هن گرمجوشيءَ مان چيو، ”آئون ڊڪ سيٽان آهيان.“
ياماگچي هڪ دفعو وري نميو، هن کيسي مان ٻٽون ڪڍي صحيح طريقو اختيار ڪيو، يعني پنهنجي ”نالي نوڪريءَ“ جو بزنيس ڪارڊ ڪڍي آيل مهمان جي حوالي ڪيو.
آمريڪن مهمان ڪارڊ تي ڇپيل عجيب شڪلين وارا جپاني اکر ڏسي وائڙو ٿي ويو، پر وري ساڳي ايئر هوسٽس ان ويل اچي لنگهي، جنهن جهڪي، کانئن پڇيو:
”آئون توهان جي مدد ڪري سگهان ٿي؟“
ورنديءَ ۾ آمريڪن مهمان به جهڪڻ جهڙي ادا پيش ڪري پنهنجي خانداني هجڻ جو ثبوت ڏنو، جيتوڻيڪ هو ان صحيح طريقي سان جهڪي نه سگهيو ، جنهن سان جپاني جهڪندا آهن. پر مڙيئي جهڪيو سهي ۽ جپانيءَ ۾ لکيل ڪارڊ سندس حوالي ڪري هن کي پنهنجي ڏکيائي ٻڌائي. ساڳيو مسئلو ياماگچيءَ به بيان ڪيو. ايئر هوسٽس ان بعد سيٽان ڏي مڙي ۽ هن سان ميزبان جپاني همراهن جو تعارف ڪرايو:
”هي مسٽر ياماگچي آهي، ماتسوموتو ڪمپنيءَ جو نائب صدر ۽ هي مسٽر فوتابا آهي، ڪمپنيءَ جو رابطا آفيسر، مهمانن جي ٽهل ٽڪور ۽ ڪم ڪار لاءِ. ڪمپنيءَ جو مالڪ ۽ صدر، ماتسوموتو هن وقت آفيس ۾ ئي مشغول آهي ۽ اچي نه سگهيو.“
آمريڪن مهمان کي ڳالهه سمجهه ۾ اچڻ تي ٻئي جپاني همراهه ڏند ٽيڙي ائين ور ور ڏئي نميا ڄڻ وڏي کيپ کٽي هجين.
”وئي ميڪ گريٽنگس“ فوتابا همت ڪري پنهنجي پَرِ ۾ زبردسٽ انگريزي ڳالهائڻ جو مظاهرو ڪيو.
”مهرباني سائين.“ رچرڊ سيٽان هٿ ملائي سندن کيڪار جو جواب ڏنو. جيتوڻيڪ هٿ ملائڻ جي ضرورت نه هئي ۽ جپان ۾ هٿ ملائڻ ڄٽڪي ڳالهه سمجهي وڃي ٿي، پر اها مڙيئي هڪ اهڙي غلطي آهي جيڪا جپاني درگذر ڪري سگهن ٿا. پوءِ هن ايئر هوسٽس جو ٿورو مڃيندي کانئس پڇيو: ”جپان ۾ رهڻ دوران هتي مون کي ترجمي لاءِ ڪو همراهه ملي سگهندو_؟“
من موهڻي جپاني ايئر هوسٽس پنهنجي ديس واسين فوتابا ۽ ياماگچيءَ جي ڪارپت رکندي چيس : ”ڇو سائين، هي ٻئي مڙسالا انگريزي ڳالهائي ته سگهن ٿا.“ پوءِ هن جهڪي موڪلايو.
ياماگچيءَ ٽئڪسي اسٽينڊ ڏي هلڻ لاءِ اشارو ڪيو ۽ فوتابا زور ڪري کانئس سامان وٺي پاڻ گهلڻ شروع ڪيو.
”يو _ ٽائرڊ. ميڪ _ سليپ _ نائو؟“ (.تون ٿڪل هوندين. ڇا هينئر آرام ڪرڻ چاهيندين؟) ياماگچي چين ۾ ڀڻڪي پهرين جپاني لفظن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ياد ڪيو ۽ پوءِ ڏاڍيان چيو.
سيٽان جپاني همراهه جي ڀور ڀور ٿيل انگريزي هاڻ ڪنهن ٻئي جي مدد بنا سمجهڻ لڳو هو.
”نه . هينئر مون کي سمهڻو ته نه آهي. باقي آئون اهو چاهيندس ته پنهنجي هوٽل ۾هلي وهنجان سهنجان.“
پاڻ جهاز مان ئي شيو ڪري آيو هو. ويهه ٻاويهه ڪلاڪن جي سفر بعد به سندس ڪالهوڪي پاتل قميص اڃا سٺي حالت ۾ هئي.
سيٽان جي آمريڪن لهجي واري انگريزيءَ جو ”وائڙي ٿيل ياماگچيءَ“ کي فقط هڪ لفظ ”هوٽل“ سمجهه ۾ آيو ۽ ٽئڪسي اسٽينڊ وٽ پهچندي پهچندي هن وراڻيو:
”يس. وي گو هوتيرو“ (پاڻ هوٽل ڏي هلون ٿا.)
هڪ تمام ننڍڙي سائيز جي ٽئڪسي اڳيان اچي بيٺي، جنهن جي سيٽن تي آر جي ڪم جا اڇا کير جهڙا پوش چڙهيل هئا ۽ هڪ گلدستي ۾ ننڍڙا ننڍڙا گل رکيل هئا. رچرڊ سيٽان سوڙهو سنگهوڙو ٿي ٽئڪسيءَ اندر گهڙيو ۽ چٻو سٻو ٿي سيٽ تي ويهڻ جي ڪوشش ڪيائين. ڀر ۾ سندس سامان جو ڍير سٿيو ويو. ياماگچيءَ ڪوسي چانهه کي ڦوڪون ڏيڻ واري نموني ۾ ڊرائيور کي هوٽل ڏي هلڻ لاءِ جپانيءَ ۾ هدايتون ڏنيون ۽ ٻي ٽئڪسيءَ ۾ ٻنهي پنهنجو پاڻ کي سٿيو .
جيئن ئي ٽئڪسي هلي ته ان جي رفتار ۽ ڊرائيور جو توائيپڻو ڏسي رچرڊ سيٽان هراسجي ويو. سڌو هلڻ بدران پهرين ته هن يو ٽرن ڪري ون وي ڀڳو. پوءِ سنهي گهٽيءَ مان شارٽ ڪٽ ڪري مين روڊ تي پهتو، جتي هڪ ئي وقت گاڏين جون ٽي قطارون هلي رهيون هيون. هن رستو چيريندي چوٿين قطار ٺاهي. رچرڊ سيٽان رڙ ڪري انگريزيءَ ۾ چيس ته هي ڇا پيو ڪرين. پر جپاني ڊرائيور اشاري سان سمجهايس ته جلدي هلڻو آهي_ ڄڻ ڪا اڳتي ايمرجنسي هجي. سيٽان ڊرائيور تان ڌيان هٽائي دريءَ مان ٽوڪيو شهر جو نظارو ڪرڻ لڳو. رستي جي ٻنهي ڪپرن تي ۽ عمارتن مٿان اشتهارن جا وڏا وڏا بورڊ لڳل هئا، جن کي پڙهڻ جي هن گهڻي ئي ڪوشش ڪئي پر جپاني لفظن جي مورتن جهڙن اکرن مان هو تِرَ جيترو به مطلب ڪڍي نه سگهيو. اڳيان ويندڙ ڪارن ۽ بسن کي سندس ڊرائيور ايترو ته ويجهڙائيءَ کان اوورٽيڪ ڪندو ويو جو ٻنهي گاڏين جا پاسا ٿي رهڙيا ۽ پوءِ اڳتي هلي هڪ موڙ وٽ ڊرائيور اهڙي ته بريڪ هڻي ٽئڪسيءَ کي موڙو کارايو جو سيٽان جا آنڊا ٻاهر نڪرڻ تي هئا. هن بيزاريءَ مان کڻي اکيون بند ڪيون. کيس سندس ملڪ آمريڪا ياد اچڻ لڳو، پر سئن فرئنسسڪو ۽ شڪاگو جون ڳليون هن وقت گهٽ ۾ گهٽ نو هزار ميل هتان کان ڏور هيون.
هوٽل ۾ پهچڻ تي اتي جي پرسڪون ماحول ۾ سيٽان جا مڙئي هوش ٺڪاڻي آيا. هوٽل جي ڪلارڪ ڇوڪريءَ سٺي انگريزي ڳالهائي به ٿي ته سمجهي به ٿي. سندس ڪمرو بلڪل تيار هو. هاڻ هن جپاني ميزبانن مان پنهنجي جان ڇڏائي آرام ڪرڻ ٿي چاهيو، سو ياماگچي ۽ فوتابا ڏي مڙيو، جيڪي سندس حاضري ۾ پٺيان پٺيان هلي رهيا هئا.
”مهرباني توهان جي. مون سان اچي ملڻ ۽ منهنجي رهنمائي ڪرڻ لاءِ آئون توهان جو ٿورائتو آهيان.“
فوتابا اهو ٻڌي ٻهڪيو ۽ جهڪي انگريزيءَ ۾ چيو:”اها اسان لاءِ خوشيءَ جي ڳالهه آهي.“
فوتابا کي انگريزيءَ ۾ ڳالهائيندو ڏسي ياماگچيءَ به پاڻ موکڻ ٿي چاهيو ۽ مليل هدايتن موجب مهمانوازيءَ جو مظاهرو ڪيو:
”اسان چاهيون ٿا ته توهان کي وهنجڻ لاءِ ٻاهر غسل خاني تي وٺي هلون.“
رچرڊ سيٽان وائڙو ٿي ويو ۽ عجب مان ڪلارڪ ۽ ياماگچيءَ ڏي نهاري چيو:” مون ته اٽيچڊ باٿ واري ڪمري لاءِ رزرويشن ڪرائي هئي. ڇا مون واري ڪمري سان وهنجڻ جاءِ لاڳو ناهي؟“
”جپان ۾“، ياماگچيءَ ڌيرج سان کيس انگريزيءَ ۾ جپاني غسل خانن جي رسم رواج کان واقف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، ”هاٽسي باٿ (گرم حوض) ۾ وهنجڻ جو ٻيو مزو آهي. ماڻهوءَ جو ٿڪل سرير تازو توانو ۽ صاف سٿرو ٿيو وڃي. ڇا توهان جپاني نموني سان وهنجڻ پسند نه ڪندؤ.“
رچرڊ سيٽان تازو هڪ ڪتاب ”دي اگلي آمريڪن“ پڙهيو هو ۽ هن پاڻ کي موڳو مٽر يا بي حس سڏرائڻ نٿي چاهيو. سو هن يڪدم اعلان ڪيو:”ضرور ضررو مون کي ته پاڻ خوشي ٿيندي.“
اهو ٻڌي جپاني ميزبانن جي اکين ۾ جوت ۽ چپن تي مرڪ اچي وئي. ”ويري ڪلوز.“ فوتا با چيو، ”تمام ويجهو آهي . فقط هڪڙي گهٽي اڳيان. سائين چئو ته ٽئڪسي گهرايون.“ رچرڊ سيٽان کي هن قوم ۾ رهي ٽئڪسيءَ ۾ چڙهڻ جي سَڌَ بنهه نه رهي هئي.”هلو ته پنڌ هلون.“ هن چيو.
ٽوڪيو جو شهر ماڻهن جي سمنڊ کان مشهور آهي. زمين جو ٽڪر ٽڪر ماڻهن کان ڳتيل آهي. جتي ڪٿي انبوهه ماڻهن جا ملندا. هي عوام جي ان ڪت خلق کي چيريندا اڳتي وڌيا. ننڍڙي قد جي جپانين جي وچ ۾ هلندي هن کي ائين لڳو ڄڻ سندس ڄانگهي قد ۾ اوچتو وڌيڪ چئن پنجن انچن جو واڌارو ٿي ويو هجي. جپاني نموني جي غسل خاني ۾ پهچي هن کي عجيب لڳو ته هو ڪهڙي دنيا ۾ اچي نڪتو آهي. پر ان جي لابيءَ ۾ ويٺل انچارج ، جنهن سٺي انگريزي ڳالهائي ٿي هن کي دلداري ڏني ته اهڙي ڪا ڳالهه ناهي ۽ توهان جهڙا ڪيترائي آمريڪن هتي وهنجڻ لاءِ اچن ٿا ۽ ڪي ته هن قسم جي غسل خانن ۾ مساج گهرن جي سرپرستي به ڪن ٿا. سو توهان کي به ٿوري ئي وقت ۾ پنهنجائپ محسوس ٿيندي.
ايتري ۾ اڇي رنگ جي اڌ کليل وڳي ۾ سميڪو نالي هڪ ڇوڪري آئي، جنهن سان هن جو تعارف ڪرايو ويو. سميڪو کي انگريزي صفا نٿي آئي، پر هن گوڏن تي هٿ رکي نمي کيڪارڻ جي ادا پيش ڪئي. موٽ ۾ سيٽان به نمي کيس کيڪاريو. هن کي جيتوڻيڪ اچرج لڳي رهيو هو ته مردن جي وهنجڻ جاءِ ۾ ڇوڪري ڪيئن هلي رهي آهي، پر هو چئيوان نينگر وانگر سميڪو جي اشاري تي سندس پٺيان پٺيان هڪڙو ورانڊو لتاڙي ٻئي ڏي وڌڻ لڳو. ورانڊي جي ٻنهي پاسن کان قطارن ۾ ڪمرا ٺهيل هئا. سميڪو اڳتي هلي هڪ ڪمري کي کولي اندر وئي ۽ سيٽان کي به اندر داخل ٿيڻ لاءِ چيو. چئبو ته هرهڪ گراهڪ کي هتي الڳ ٿلڳ وهنجڻ جي سهوليت آهي. هڪ دفعو هن آمريڪا جي هڪ رسالي ”نئشنل جاگرافڪ“ ۾ پڙهيو ضرور هو ته جپاني زالون مرد اڪثر هڪ ئي حوض ۾ اگهاڙا ٿي گڏ وهنجن ٿا، پر هن جي دل تڏهن اها ڳالهه نه مڃي هئي ته ڪو ائين به ٿي سگهي ٿو.
هن جو وهنجڻ وارو ڪمرو فارميڪا جي تختي ذريعي ٻن حصن ۾ ورهايو هو. تختي جي پٺيان ٻاڦ جا نلڪا هئا ۽ ٻئي پاسي ڪناري تائين ٽٻ ڪوسي پاڻيءَ سان ڀريل ٽَب، ميزبان ڇوڪريءَ جي ويهڻ لاءِ هڪ اسٽول هو ۽ هڪ ڊگهي ٽيبل جنهن تي پاڻ ليٽي آرام ڪري سگهيو ٿي، رکيل هئي. سڄو ڪمرو اندران مڪمل صاف، شفاف ۽ اڇو کير جهڙو هو ۽ ڪٿي به ڪو داغ دٻو نه هو. جيڪڏهن جپانين جا ههڙا باٿ روم آهن ته پوءِ سندن ڇا ڳالهه ڪجي.
مس سُميڪو اندران در کي بند ڪري ڪُنڍي ڏني. پوءِ هن ٽب ۾ پيل پاڻيءَ کي پنهنجين ننڍڙين اڇين آڱرين سان ڇهي محسوس ڪيو ته گهڻو ڪوسو ته نه آهي. پوءِ ٽيبل تي وڇايل ٽوال کي اٿلائي پٿلائي پڪ ڪئي ته اهو صاف آهي. ان بعد هن ڀت ۾ لڳل فارميڪا جي ڊگهي ۽ سنهي ڪٻٽ مان هڪ ٽنگڻي ڪڍي سيٽان کي ڏني ۽ اشاري سان سمجهايائينس ته پنهنجو ڪوٽ لاهي ان ۾ وجهه، جيڪو سميڪو واپس ڪٻٽ ۾ ٽنگيو ۽ پوءِ گوڏن ڀر جهڪي هن جي بوٽ جا ڪشا کولڻ لڳي. سيٽان کي اها ڳالهه بنهه ڪريل لڳي ته هڪ عورت ذات ان حد تائين مرد جي خدمت ڪري، پر اهو محسوس ڪري ته هن ملڪ ۾ اهو رواج آهي ۽پاڻ هڪ ڌاريو ۽ اهم شخصيت سمجهيو پيو وڃي سو هڪ هڪ پير ڪري هن ڇوڪريءَ ڏي وڌايو ، جنهن آهستي آهستي وڏي خيال سان پهرين ڪَهيون کوليون پوءِ بوٽ ۽ جوراب پيرن مان لاٿا. اهو به شڪر جو خوش قسمتيءَ سان اڄ هو نوان جوراب پائي آيو هو.
پوءِ مس سميڪو هن کي قميص ۽ سوٽ لاهڻ جو اشارو ڪيو ۽ ساڳي وقت جپانيءَ ۾ چيو:

”سا، آ، هازُو _ڪاشي_ گارا ناءِ دي
(هاڻ شرم محسوس ڪرڻ بنا)
ڪِي _ تي اي رُومونو _ او
(جيڪي ڪجهه پهريل اٿئي)
زين بُو نو _ ايدي ڪداسائي
(سڀ ڪجهه لاهي ڇڏ)
زُو بون _ مو، پئنٽسو_ مو....
(ٻئي: ڪَڇو پتلون، وغيرره وغيره....)
سيٽان ڪجهه نه سمجهيو، ته هن وري ڪپڙن لاهڻ جو اشارو ڪري پوءِ ٻاڦ ۽ گرم پاڻيءَ سان ڀريل حوض ڏي اشارو ڪري کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهي لاهي هن ۾ وهنجڻ لاءِ اچ. ان کان پوءِ وري پائجانءَ. هن جي اشارن کي هو آهستي آهستي _ جيتوڻيڪ ٿورو ڏکيائيءَ سان، سمجهڻ لڳو ۽ پوءِ انهن ڪنوارين غلام ڇوڪرين جي ذهني مونجهه ۽ شرم واري ڪيفيت وچان، جن کي ڪنهن زماني ۾ ڀري بازار ۾ اگهاڙو بيهاري وڪڻڻ لاءِ واڪ ڏنو ويندو هو، هن به هڪ هڪ ڪري سڀ ڪپڙا لاٿا. آخر ۾ جڏهن هن ڪڇو به لاٿو ته سميڪو ٻاڦ جي نل جي ٻنجي کولي.
”دو زو!“ سميڪو وري جپانيءَ ۾ چيو ۽ ٻاڦ ۾ پاڻ پسائڻ ۽ ٽاڪوڙ ڪرڻ لاءِ اشارو ڪيو.
سيٽان تختي جي پٺيان ٻاڦ ۾ ٿي بيٺو ۽ سميڪو ڪريءَ سان بارديءَ مان تازو پاڻي ڪڍي هن جي مٿان نائڻ لڳي. ساڳئي وقت هوءَ ڪو خوشيءَ جو ڳيچ به ڳائڻ لڳي. جيتوڻيڪ اهو راڳ سيٽان لاءِ هڪ غير زبان ۾ هجڻ ڪري سمجهه کان ٻاهر هو پر سُميڪو جو آواز ايڏو مٺو هو ۽ سندس آلاپ ۾ ايڏي ڪشش هئي جو هن کي بيحد گهڻو سرور آيو. ٻاڦ جي گرمائش سندس جسم کي ٽاڪوڙ پهچائي رهي هئي ته سميڪو جو راڳ روح کي راحت. ۽ پوءِ جيئن ئي هن کي پاڻي گهڻو گرم لڳو ته سميڪو ٿڌي پاڻيءَ مان ٽوال آلو ڪري مٿي ۽ پٺن تي رکيس ۽ هٿن سان منهن ۽ پٺيءَ کي مهٽڻ لڳيس. سيٽان اچرج ۽ تجسس مان سڀ ڪجهه ڏسندو رهيو ۽ پوءِ سميڪو جي اشارن تي ٻاڦ مان ٻاهر اچي پاڻيءَ جي ٽب ۾ ويٺو. ڪجهه وقت وهنجارڻ کان پوءِ هن سيٽان جي جسم کي ٽوال سان اگهيو. ان بعد کيس مالش جي ڊگهي ٽيبل تي اونڌو ٿي سمهڻ لاءِ چيو. جيئن ته هي ڌارئين ملڪ جو مهمان هو ۽ شرمائي رهيو هو، ان ڪري ٽيبل تي سمهڻ بعد سميڪو سندس جسم جي وچ واري حصي مٿان ٽوال وڇائي پوءِ سڄي جسم کي مالش ڪئي.
پورن چاليهن منٽن کان پوءِ واپس لابي ڏي ايندي وقت سيٽان کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ورهين جي ڌوڙ سندس جسم تان ڌوپي وئي هجي. هاڻ هو پاڻ کي نهايت ئي هلڪو محسوس ڪري رهيو هو ۽ هلڻ وقت ڄڻ زمين کان گرانٺ کن مٿي اڏري رهيو هو. ٻاهر صبر سان انتظار ڪندڙ ياماگچي ۽ فوتابا هن کي ايندو ڏسي اٿي بيٺا ۽ مرڪڻ لڳا.
”باٿ _ گڊ؟“ ڪيئن لڳو سنان؟ فوتا با نئڙت مان پڇيو.
ڪنهن شڪ شبهي ۽ تورڻ تڪڻ بنا ئي سيٽان وراڻيو: ”واهه جو هو.“
سندس ميزبان پوءِ کيس هوٽل ۾ وٺي آيا جتي هنن ڪجهه پنهنجي انگريزيءَ ذريعي ۽ ڪجهه هوٽل جي ڪلارڪ جي مدد سان سيٽان کان موڪلائڻ کان اڳ اهو پروگرام ٺاهيو ته شام جو نائين تائين هو هوٽل ۾ ئي آرام ڪري پوءِ ” ماتسوموتو ڪمپني“ جو مالڪ مسٽر ماتسوموتو پاڻ اچي سيٽان سان ملندو ۽ ڊنر تي وٺي هلندس ۽ جيئن ته ماتسوموتو کي انگريزي ڳالهائڻ ٺپ نٿي اچي سو ياماگچي ۽ فوتابا به ساڻس هوندا ۽ انٽر پريٽر (ترجمو ڪندڙ) جو ڪم سرانجام ڏيندا.
فوتا با ۽ ياماگچيءَ جي رواني ٿيڻ کان پوءِ هن پنهنجي مغربي طرز جي ڪمري ۾ پهچي پنهنجو سامان کولي ٺاهي رکيو ۽ پوءِ دريءَ مان نظر ايندڙ ٽوڪيو جي شهر تي ويهي ويچارڻ لڳو. هن سمجهيو ٿي ته هي ڏورانهين ڏيهه جو مشهور شهر ٽوڪيو الائي ڪيئن هوندو، پر اهو پسي افسوس ٿيس ته هي شهر ٽوڪيو ته سندس ملڪ آمريڪا جي هڪ شهر ڪليولئنڊ جهڙو آهي. هو پنهنجو پاڻ مرادو سوچڻ لڳو ته اڄ جي دور ۾ جيٽ جهاز جي رفتار ۽ ٽيليفون تار اهي سڀ سرحدون ڊاهي ڇڏيون آهن جن هونءَ دنيا کي ڌار ڌار ڪيو ٿي. اها ڳالهه هڪ لحاظ کان سٺي ته ٿي آهي پر ان ۾ اهارومانيت نه رهي آهي. نه ته اڳئين زماني ۾ دنيا جي هڪ حصي جا ماڻهو، جايون جڳهيون، ريتون رسمون ۽ کاڌا پيتا ٻئي حصي کان ڪيڏو نه مختلف هئا. سج لهي چڪو هو ۽ ٽوڪيو شهر تي چوڌاري رات جو راڄ ڇائنجي رهيو هو. هو پلنگ تي سمهي سڪون محسوس ڪرڻ لڳو. سندس من ۾ ڪابه نواڻ ۽ ائڊوينچر جي ڳولا يا ڳڻ ڳوت نه هئي.
پوءِ هوٽل جي لابيءَ مان سندس فون آيو ته هن لاءِ ماتسوموتو ڪمپني جو مالڪ ماتسوموتو هيٺ انتظار ڪري رهيو آهي. هيٺ لابيءَ ۾ اچي ڏٺائين ته هڪ همراهه_ ٺوڙهو، ڦڙت ۽ ننڍڙين اکين وارو بيٺو آهي، جنهن جو منهن لوهه جي نهرائيءَ جيان ٺوس هو ۽ جرڪي رهيو هو. مسٽر ياماگچي دستور موجب جهڪيو. مسٽر ماتسوموتوءَ جپاني نموني سان جهڪي کيڪارڻ بعد مغربي نموني سان ملڻ لاءِ پنهنجو هٿ اڳيان ائين وڌايو ڄڻ ڪو ٻار پهريون دفعو نئين ڳالهه ڪرڻ لاءِ همت ڪري رهيو هجي. سيٽان پنهنجو هٿ وڌائي مختصر طور لوڏيو ۽ ساڳي وقت اڌگابرو جهڪيو. مسٽر ماتسوموتو هڪ دفعو وري ساڳي ادا سان ائين جهڪيو ڄڻ هن کي سيکاري رهيو هجي ته جهڪڻ جو صحيح طريقو هيئن هئڻ کپي. پوءِ هن ڪجهه چپن ۾ ڀڻڪي لابيءَ کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ چيو. جيتوڻيڪ سندس ڊگهو مهمان سندس اڳيان فٽ کن اتاهون ٿي لڳو پر هن سندس ساٿ نه ڇڏيو.
هوٽل جي در وٽ هڪ ڪاري رنگ جي ننڍي پر عاليشان ڪار، قيمتي پڙدن سان سجايل بيٺي هئي. ٻئي ڄڻا ان اندر گهڙيا ۽ ڊرائيور وڏي ڌيرج سان ڪار کي ٽوڪيو جي گهٽين ۾ گهمايو. رستي تي لڳل جپاني اشتهاري بورڊن کان علاوه ٻين ڳالهين ۾ هي شهر واقعي آمريڪا جي ڪليولئنڊ جهڙو ئي لڳي رهيو هو. ويهه منٽن جي پنڌ کان پوءِ ڪار اوچتو هڪ سوڙهي گهٽيءَ ۾ گهڙي جنهن جي ٻنهي ڪنارن تي ڪاٺ جا گهر هئا جن مٿان لڳل بورڊ شڪيلن وارن اکرن سان سينگاريل هئا. ڪارخانن ۽ فئڪٽرين جي گوڙ گهمسان وارو ٽوڪيو شهر غائب ٿي ويو هو. ڪار هڪ هنڌ هلي بيٺي ۽ سيٽان جا ميزبان کيس هڪ جاءِ جي در وٽ وٺي آيا جيڪا ڏسڻ ۾ خوبصورت ريسٽورنٽ لڳي ٿي. در جي ٻاهران هڪ پٿر جو ٿلهو ٺهيل هو جنهن تي ڪيترائي رنگين سپاٽن جا جوڙا رکيا هئا. هوٽل جي ڪم ڪار وارين ڇوڪرين هيٺ جهڪي مهمانن جي بوٽن جا ڪشا کوليا. پر سيٽان پاڻ ئي پنهنجي بوٽ جون ڪَهيون کولي بوٽ لاٿو ۽ گذريل چوويهن ڪلاڪن ۾ ٻيو ڀيرو شڪرانو بجا آندو ته چڱو جو هڪ ڀيرو وري سندس جوراب ڦاٽل يا ميرا نه هئا. خدمتگار ڇوڪري سامهون دروازي وٽ بيٺي رهي. سندس منهن ڊگهو ۽ سيٽيل هو ۽ لسي رنگ جو ڪمونو پهريل هيس. ڪمونو مٿان مفلر جهڙي اوبي سهڻي ۽ سٺي مئچ واري هئي. هي هن جي پٺيان پٺيان هلندا وڏي هال ۾ آيا، جنهن ۾ چوڌاري ڪکن جا صاف سٿرا تڏا وڇايل هئا. خدمتگار ڇوڪريءَ گِهرڪندڙ دروازا ريڙهي کين ڪمري ۾ اندر گهڙڻ جو اشارو ڪيو.
ڪمري اندر ڪرسي يا ڪوچ جهڙي ڪنهن به شيءِ جو نالو نشان نه هو. پٽ تي سنهي ڪک جون تونئريون وڇايل هيون. فرنيچر ۾ فقط هڪ ٽيبل، چڱو ڊگهيڙو، زمين کان فقط ٺونٺ جيترو مٿي، رکيل هو. ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ سنهو کانچو ٺهيل هو جنهن ۾ جپاني طرز سان رکيل گلدان ۾ فقط ٽي گل هئا ۽ باقي ساون پنن واريون ٽاريون. پوئين ڀت تي جبلن ۽ سمنڊ جو نظارو فقط چند آڏين ڦڏين ليڪن ۾ چٽيل هو. ڪمري جي هر شيءِ جپاني ماحول ۾ رچيل ۽ ٺهڪندڙ هئي. فقط پاڻ ئي هڪ هو جيڪو انهن مڙني ۾ اڻ ٺهڪندڙ ٿي لڳو. هو پنهنجي ڊگهي قد ڪري ٻين جي وچ ۾ نٿي سونهيو.
ڪمونو واري خدمتگار ڇوڪري وهاڻن جو ڍير کڻي اندر ڪمري ۾ گهڙي ۽ ٽيبل جي چوڌاري ويٺل همراهن کي ورهائي ڏنائين. ٽئي جپاني رڪوع واري نموني ۾ ٽيبل جي چوڌاري ٿي ويٺا، پر سيٽان جون ڊگهيون ٽنگون ائين وهڻ ۾ وچڙنديون رهيون. ٻين ساٿين وانگر ائين پٿل ڀڃي ويهڻ هن لاءِ ناممڪن هو. ساڳي وقت ٽيبل هيٺان ٿوري جاءِ هجڻ ڪري ٽنگن کي ڊگهو به نٿي ڪري سگهيو. آخرڪار پلٿ ماري، ترڪ درزيءَ وانگر ٿي ويٺو. خدمتگار ڇوڪري وري نمودار ٿي ۽ هنن اڳيان کائڻ لاءِ تيلين جا جُت (چاپ اسٽڪس) ۽ کاڌي جا ٽي پيالا رکي ويئي. سيٽان تيلين کي ڇني ڌار ڪيو ۽ مسٽر فوتابا کيس تيلين جهلڻ ۽ انهن سان کائڻ جو طريقو ڏسيو. سيٽان مڙيئي هڪ پيالي مان کائڻ جي ڪوشش ڪئي. اهو ڀاڄين جو ٺريل ٻوڙ هو پر بادامن سان پُر هو. هي اڃا ان جو ذائقو وٺي رهيو هو ته ايتري ۾ ڪمري جو دروازو کليو. هن مٿي نهاريو. ڏسڻ سان هن کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ وايون بتال ٿي ويس. سندس جسم جو هرهڪ عضوو ڄڻ ڄمي ويو. ڪي گهڙيون بنا چرپر جي ائين ڏسندو رهيو جو اکين جا پنبڻ به نه ڇنڀيائين.
هن پنهنجي سامهون دروازي وٽ هڪ خوبصورت ڇوڪري ڏٺي جيڪا عمر ۾ سورهن سترهن سالن جي ڪا مس ٿيندي پر سونهن سوڀيا ۾ عاج جي گڏي ٿي لڳي جا ڪنهن فنڪار واندڪائيءَ ۾ ويهي ٺاهي هجي. هوءَ تکي رنگ جي هڪ قيمتي ڪمونو ۾ ملبوس هئي. سندس وارن جو جُوڙو مٿڀرو ٻڌل هو ۽ پٺيان سڄي ڳچي ڪنڌ تائين نظر اچي رهي هئي. منهن چاڪ جهڙو اڇو ۽ تنهن تي ميڪ اپ جو هلڪو تهه چڙهيل هو. سيٽان جو هن کي ڏسڻ سان وات پٽجي ويو.
”گرل از مائيڪو“ ( هيءَ ڇوڪري مائيڪو آهي) فوتابا اڌ انگريزي ۽ اڌ جپانيءَ ۾ ٻڌايس ۽ پوءِ ”مائيڪو“ جو مطلب سمجهايس ته ”مائيڪو سيکڙاٽ گيشا ڇوڪريءَ کي چئبو آهي.“ يعني جيڪا اڃا شاگرد هجي، ۽ گيشا بنجڻ جي سکيا وٺي رهي هجي.
ڪاسائي قيمون ٺاهڻ وقت جيئن گوشت تي ڪات جا ويجها ويجها ڌڪ هڻندوآهي ائين ويجهن ويجهين ۽ ننڍين وکن سان اها مائيڪو ڪمري ۾ اندر اچي ڪکن جي تونئريءَ تي ويٺي. سيٽان هن کي تعجب ۽ پسند جي نگاهه سان ڏسڻ لڳو. هڪ ٻي نئين خدمتگار ڇوڪري هڪ ٽن تارن وارو ستار نما ۽ ڊگهي ڳچيءَ وارو واڄو کڻي اچي مائيڪو جي اڳيان، ڌيرج سان تڏي تي رکيو. ۽ ڳوءِ ڪمري مان ٻاهر نڪري پٺيان وري ساڳي ڌيرج سان ڪمري جو گِهر ڪندڙ دروازو بند ڪري ڇڏيو.
پوءِ آهستگيءَ سان، هڪ دفعو وري دروازو کليو. سامهون نهارڻ سان سٽان کي هن دفعي پنهنجين اکين تي يقين نه پئي آيو. هن جي اڳيان عورت جي روپ ۾ سونهن ۽ سوڀيا جي هڪ ٻي اهڙي مورت اچي بيٺي جنهن مجسمي جهڙي سهڻي صورت هن ڪڏهن نه ڏٺي هئي ۽ نه ٻڌي هئي. هن جي منهن جا نقش نگار بلڪل روايتي جپانين جي چهري جهڙا هئا ۽ سندس حسن جپانين جي نج ثقافت جو جيئرو جاڳندو مثال هو. کيس گلابي رنگ جو قيمتي ڪمونو اوڍيل هو جنهن تي سنهي سئيءَ سان اڇي رنگ جا گل ڀريل هئا. ڪمونو جي چوڌاري ٻڌل اوبي _ (مفلر جهڙو پٽو) ڪافور جي ڪاٺ جي رنگ جهڙو هو جنهن تي چانديءَ جي تند جو سنهو ۽ ڳتيل ڪم ٿيل هو.
ڪمري ۾ ويٺل هرهڪ مرد کي ڏسڻ مهل هن پنهنجي هٿ ۾ جهليل پني جي وڃڻي کي شان سان پنهنجي منهن اڳيان لوڏيو. پوءِ کيڪار ڪارڻ هن جڏهن ناز سان پنهنجا نازڪ چپڙا چوريا ته ائين لڳو ڄڻ هوءَ ڪنهن شعر جون غير فاني مصراعون چئي رهي هجي. اڳتي وڌي جڏهن هوءَ هڪ خالي رکيل وهاڻي تي اچي ويٺي، ته سيٽان کي ان وقت محسوس ٿيو ته اهو وهاڻو ته سندس ئي ڀرسان رکيل هو. هڪ مدهوش ڪندڙ عطر جي خوشبو سندس حواس تي ڄڻ واسو ڪري ويئي.
سيٽان جڏهن ٽيڏيءَ اک سان سندس ڀر ۾ ويٺل هن جپاني ڇوڪريءَ ڏي ڏٺو ته هن کي اهو ڏسي عجيب ڪيفيت محسوس ٿي ته هوءَ به هن ڏي ڏسي رهي هئي. بلڪ سيٽان کي ائين محسوس ٿيو ته ان من موهڻيءَ جون نظرون سندس اکين مان پار ٿي سندس اندر جي آنڌ مانڌ کي چٽيءَ طرح پڙهي رهيون هيون. سيٽان کي ائين لڳو ڄڻ هي ٻه ئي هڪ ٻئي سامهون هجن باقي سڄو ڪمرو غائب ٿي ويو هجي. سندس ٻيا ساٿي هتي انهيءَ تڏي ۽ چوديواري ۾ موجود هجڻ بدران ڪنهن ٻئي مڪان ۽ زمان ۾ گم ٿي ويا هجن. هن سيٽان ڏي ٿوري دير ٻي نهاري پوءِ مرڪيو _ اها مرڪ جيڪا صدين جي تپسيا ۽ سکيا بعد کيس مردن جي من موهڻ ڪارڻ ورثي ۾ ملي هئي. مرڪڻ مهل هن جا فقط چپ چريا، ناسن کي هلڪو لوڏو آيو، باقي سندس اکين ۾ ڪشش ۽ جادو ساڳيو هو.
مسٽر يا ماگچي ڪو اهڙي ئي گهڙيءَ جو انتظار ڪري رهيو هو، تنهن موقعو ڏسي ان ئي گهڙيءَ فخر مان هن آيل مهمان ڇوڪريءَ جو تعارف ڪرايو.
”توهان جي اڳيان هن وقت ٽوڪيو شهر جي سڀ کان حسين ترين گيشا گرل ”مس سدا بهار چنبيلي“ حاضر آهي.“
***