سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري اديب خانبھادر محمد صديق ميمڻ جو لکيل تحقيق ڪتاب ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
ھي ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ ورھايل آھي. پھرين ڀاڱي ۾ سنڌ جي ادبي تاريخ، سنڌ جي علم ادب، اوائلي سنڌي شعر، عربي سنڌي صورتخطي، سنڌي جي علمي عوج، سنڌ جي بنيادي تحريري شعرن بابت باب شامل آھن. ٻئي ڀاڱي ۾ سنڌي ادب جي پھرين دور، سنڌي ادب جي 1843ع کان 1875ع جي دور جي تاريخ ۽ سنڌي ادب جي نئين دور جي مصنفين تصنيفات بابت معلومات ڏنل آھي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1937ع ۾ ڇپيو ۽ ڪتاب ٻن جلدن تي مشتمل ھيو. انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي پاران 2000ع ۾ ٻنھي جلدن تي مشٽمل گڏيل مجموعو ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com