مهاڳ
اياز جي پهرين پنجن خطن شايع ٿيڻ تي، ڪن سنڌي ادبي حلقن ۾ عجيب تاءُ پيدا ٿيو، جو تپي تپي، ڪافي دير کان پوءِ ڪجهه قدر وڃي ماٺو ٿيو. ڪن خاص اخبارن ۾، ادبي تنقيد جي نالي ۾، ادارين ۽ مضمونن جا لاڳيتا ۽ ڊگها سلسلا شايع ٿيا، جن ۾ ادب گهٽ ويڻ وڌيڪ ۽ تنقيد بدران تهمت بازي زيادهه هئي. ڪن صاحبن ”اسان جي شاعر جا خط“ عنوان مان، لفظن جي آڙ وٺي، اها به تهمت گهڙي ورتي ته ”مهراڻ“ وارا رڳو اياز کي ئي ”اسان جو شاعر“ سمجهن ٿا ۽ ٻئي ڪنهن کي شاعر تسليم ئي نه ٿا ڪن. ”مهراڻ“ ۾ ٻين شاعرن جو شعر به پيش ٿيندو رهيو، پيش ٿيندو ٿو رهي، ۽ ان ۾ ٻين شاعرن ۽ نثر نويسن جا ادبي خط به شايع ٿيندا رهيا، ۽ شايع ٿيندا ٿا رهن. پر اها ڳالهه ويچار ۾ ڪانه آندي ويئي، ۽ اهي قلم ۽ قرطاس جا صاحب اياز جي خلاف، ”مهراڻ“ جي خلاف، ۽ هر انهيءَ ڳالهه جي خلاف، جنهن کي هنن نه سڃاتو ۽ نه سٺو، پنهنجي تحرير بازيءَ جا جولان ڏيکاريندائي رهيا. سهپ جو مادو ۽ سڃاڻپ جي صلاحيت، جيئن زندگيءَ جي ٻين ڳالهين ۾ تيئن ادبي سرچاءَ لاءِ پڻ بنيادي ضرورت جو درجو رکي ٿي. خود دار ۽ صاحب ڪمال شخصن ۾، خود پسنديءَ جي جيڪي سو زياده هجڻ سبب، اڪثر هيءُ سهپ جو مادو ۽ سڃاڻپ جي صلاحيت قدري گهٽ ٿئي ٿي. حساس دليون هڪ ڀيرو بگڙي بيهن، ته انهن جي وري ريجهڻ ۽ سرچڻ لاءِ وقت گهرجي. بهرهال ورهاڱي واري سال 1947ع کان پوءِ خاص طرح سنڌ جي سنڌي ادبي دنيا ۾، جيڪا چو پاسي ماٺ پئجي ويئي هئي، تنهن ۾ اياز جي شعر ۽ اياز جي نثر جي طفيل هڪ ڀيرو وري هلچل پيدا ٿي، ۽ سنڌي ادب جيڪو پنهنجي بي مثل ڪلاسيڪي شاعرن ۽ نثر نويسن جي گود ۾ ننڊ مان اکيون کولي، هيڏانهن هوڏانهن ڏسي، آرس ڀڃي، وري پرڀات جي مٺيءَ هير تي ٻيهر سمهي رهيو هو، تنهن اياز جي ان آواز تي پاسو ورايو ۽ پنهنجي آئينده لافاني زندگيءَ ۾ هاڻي پير رکيو آهي، اياز ان جي هن صبح صادق جو پهريون نديم ۽ پهريون پورهيت آهي.
اياز جڏهن پنهنجي هن ڪتاب جي مهاڳ لکڻ لاءِ مون کي چيو، تڏهن سچ پچ ته آئون منجهي پيس ته ڇا لکجي ۽ ڪيئن لکجي. اياز ۽ سندس ادب تي گذريل ڏهن پندرهن سالن ۾ ايترو ڪجهه لکيو ويو آهي، ۽ اڪثر مخالفت ۾ لکيو ويو آهي، جو محض رسمي تعارف طور مٿس يا سندس ادب تي ڪجهه سٽون لکي ڇڏڻ ڪا معنيٰ ڪانه ٿيون رکن. ۽ جيڪي ڪجهه واقعي لکڻ گهرجي، تنهن جي لکڻ جي، سندس ئي ڪتاب جي مهاڳ طور، منهنجي خيال ۾ گنجائش به ڪانهي _ خاص طور هن حالت ۾، جڏهن مون کي اها خبر آهي ته اهو ڪتاب، جيڪو سچ پچ پڙهڻ لائق آهي ۽ پڙهندڙ لاءِ ان ۾ اجهل ڪشش موجود آهي. تنهن جي مهاڳ کي پڙهڻ جي تڪليف ڪو وٺي به ڪونه ٿو، ۽ ڪنهن کي وٺڻ به نه گهرجي.
اياز جي هن ڪتاب ۾ سندس 22 خط ۽ سندس نوٽبڪ جا ڪجهه ورق آهن، جن ۾ سندس شاعرانه ٻولي به آهي ۽ سندس انوکا ۽ تازهه دم فڪري نڪتا به موجود آهن. خطن جي ترتيب تاريخ وار فقط ايتري قدر آهي، جو هڪ ئي قسم جي ذهني ڪيفيت وارن خطن کي هڪ هنڌ تاريخن پٽاندر پيش ڪيو ويو آهي. مثلاً، پهريان ٻه خط (ص 1 _ 25) سنڌ جي لافاني عظمت کان متاثر ٿي ۽ سنڌي عوام سان دلي وابستگيءَ جي جذبي هيٺ لکيا ويا آهن. انهن کان پوءِ ڇهه خط (ص 26 _ 63) ٽيڪسلا، ڪوهه مريءَ ۽ ڀوربن مان، ٽيڪسلا جي قدامت ۽ بي مثل فن کان متاثر ٿي ۽ ان جي پس منظر ۾، اردو، پنجابي ۽ بنگالي اديب متعلق ۽ ملڪ جي عام انسانن جي دک ڀريءَ زندگيءَ جي مشاهدي جيڪا سندس حساس روح کي اذيت رسائي آهي، تنهن بابت لکيل آهن. ۽ اهڙيءَ ريت ص 64 کان ص104 تائين چار خط ص 105 کان 122 تائين هڪ خط مشرقي بنگال جي سندربن مان لکيل، ض 133 کان ص 152 تائين سڀ کان اول لکيل اٺ خط، سندس جدا جدا روماني ڪيفيت جي عڪاسي ڪن ٿا. هڪڙي خط ۾ جيڪو ص 123 کان 132 تائين آيل آهي، اياز پنهنجي ننڍپڻ جا واقعا ۽ مٺيون مٺيون ۽ ڪڙيون ڪڙيون چند يادگيريون بيان ڪيون آهن. ڪتاب جي ص 155 کان ص 183 تائين اياز جي نوٽبڪ مان جسته جسته ڪي اقتباس پيش ڪيل آهن.
سنڌي ادب ۾ هيءُ ڪتاب پنهنجو نوع جو پهريون ڪتاب آهي. ادبي خط ادب جي هڪ اهڙي پياري صنف آهي، جنهن جي نثر ۾ شعر، شعر ۾ پنهنجائپ، ۽ پنهنجائپ ۾ دل جي گهراين جي اپٽار ملي سگهي ٿي. بشرطيڪ لکندڙ دلي اخلاص، خالص جذبي، نئين نگاهه ۽ سجاڳ دل جو صاحب هجي. جڳ مشهور فرانسيسي مصور پال گاگن (1848 _ 1903) جنهن جي زندگي ايڏي ته شديد غربت ۾ گذري، جو هڪ هنڌ پنهنجي وڇڙيل زال کي پنهنجي ۽ پنهنجي معصوم پٽ ”ڪلووس“ متعلق لکندي چوي ٿو، ”ڪلووس جي ڳڻتي نه ڪج. هن جي عمر جا ٻار دک ڪونه سڃاڻن، بشرطيڪ کين ٿوري پيار ڪرڻ وارو ڪو هجي. باقي کاڌي جي ڳالهه، سو اها ڪا مشڪل ڳالهه ڪانهي: کائيندي، چڱو چڱو گرهه آءٌ هن لاءِ ڇڏي ڏيندو آهيان.... آءٌ ڪاٺ جي تختي تي پنهنجي سفر جي کٿي ۾ ويڙهيو ليٽيو پيو آهيان. ڏينهن جا ڏک ۽ رات جو اوجاڳو ٻيئي هڪٻئي کي برابر توريو بيٺا آهن..... منهنجي کيسي ۾ ويهه پئسا هئا، ۽ ٽن ڏينهن کان اسان اوڌر تي سڪل روٽي پئي کاڌي آهي:“ _ جنهن جي مرڻ کان پوءِ سندس تخليق ڪيل هڪ هڪ تصوير هزارن کان لکن رپين ۾ وڪاڻي؛ _ فرانس جو هي عظيم مصور پال گاگن پنهنجي هڪ دوست ڏانهن ان پنهنجي شديد غربت جي حالت ۾ پنهنجي تازي تخليق ڪيل تصوير بابت لکندي، هڪڙي خط ۾ چوي ٿو: ”ماڻهوءَ جي هٿن جي حاصلات ئي ان ماڻهوءَ جي تشريح آهي.“ اياز جو هيءُ ڪتاب اياز جي ”هٿن جي حاصلات“ آهي. اياز جي تشريح اياز جا هي خط آهن.
_ محمد ابراهيم جويو
حيدرآباد
25 ڊسمبر 1963ع