جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي, مصنف : شيخ اياز

جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي
مصنف : شيخ اياز
ڪيٽيگري : ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا
ڇپيندڙ : ساھت سڀا پبليڪيشن، الھاس نگر
شايع ٿيڻ جو سال : 1983
عالمي ڪتاب نمبر (ISBN) : 0
شامل ڪيو ويو : 2023-08-15
ڏِٺو ويو : 332 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 239 ڀيرا

شيخ اياز جي هن ڪتاب ۾ سندس 22 خط ۽ نوٽبڪ جا ڪجهہ ورق آندل آهن، جن ۾ سندس انوکا ۽ تازا فڪري نڪتا بہ موجود آهن. مختلف قسم جي ذهني ڪيفيتن وارن خطن کي تاريخ پٽاندڙ هڪ هنڌ پيش ڪيو ويو آهي. مثلاً پھريان ٻہ خط سنڌ جي لافاني عظمت کان متاثر ٿي ۽ سنڌي عوام سان دلي وابستگيءَ جي جذبي هيٺ لکيا ويا آهن، انھن کان پوءِ ڇھہ خط ٽيڪسلا، ڪوهہ مري ۽ ڀوربن مان، ٽيڪسلا جي قدامت ۽ بي مثل فن کان متاثر ٿي ۽ ان جي پس منظر ۾ اردو، پنجابي ۽ بنگالي ادب متعلق، ملڪ جي عام انسانن جي دک ڀري زندگيءَ جي مشاهدي تي لکيل آهن. هن مجموعي ۾ اياز پنھنجي ننڍپڻ جا واقعا، مٺيون ۽ ڪڙيون يادگيريون ۽ ڊائريءَ جا نوٽ بہ بيان ڪيا آهن. ڪتاب جو مھاڳ نامياري اديب ۽ ڏاهي محمد ابراهيم جويي لکيو آهي. هيءُ ڪتاب سوڀي گيانچنداڻي جي نانءُ ڪيل آهي. 

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ