سکر، ٽئڪسيلا، ڪوھہ مريءَ ۽ ڀوربن مان آگسٽ 1960ع ۾ لکيل ڇھہ خط
_____
ڪئينس روڊ سکر
5 آگسٽ 1960ع
ادا،
سکر ۾ ڏاڍي گرمي ۽ ٻٽ آهي. شام ٿيندي ئي هيانءُ منجهڻ ٿو لڳي. هاڻي ٻارهين بجي براج تان موٽيو آهيان. منهنجون اونهاري جون راتڙيون زياده تر اتي بسر ٿينديون آهن. اتان جي هوا ۾ منهنجيءَ جوانيءَ جون سر گوشيون آهن. پن پن ۾ ڪنهن پرينءَ جو پڙلاءُ آهي. اتان جي لهر لهر ستاري ستاري، درخت درخت ۾ منهنجا بيت ۽ گيت پکڙيا پيا آهن. براج جي کاٻيءَ ڀرتي ٻن واهن جي وچ ۾ رستو آهي، جنهن تي ٻنهي پاسين گدامڙيءَ ۽ ٽالهيءَ جا درخت آهن. جڏهن چنڊ واهه جي پاڻيءَ ۾ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندو آهي ته لهريون تيزيءَ سان اهي ٽڪرا کڻي ڀڄنديون آهن. مون کي هميشه ائين محسوس ٿيندو آهي ته ”بيڪس“ جو اداس روح ساڌ ٻيلي کان ڦري، اتي اچي بيهندو آهي ۽ پنهنجي پياري ڪافي جهونگاريندو آهي.
”ڪاڪ ڪماڻي ويل وهاڻي،
ڀينگ ٿيا سڀ ڀاڻا:
وري موٽي، آءُ راڻا!“
ڪڏهن سکر آءُ ته توکي پنهنجي بيتن جو پس منظر ڏيکاريان.
اچي ڏس ته ستارن جي سونهن ڇاٽ ڪيئن ٿي ڇڻي، چنڊ جا ڪرڻا وڻن منجهان واٽ ڪيئن ٿا ڪن، چنڊ جو گهرو گهاءُ ڪيئن ٿو چڪڻ لڳي، ۽ ڪيئن صدين جو سوداءُ جيءَ ۾ جاڳي پوي ٿو.
تو لکيو آهي ته توکي ڪجهه نئون ڪلام موڪليان. سچ پڇين ته وڪالت جي بي انتها مصروفيتن رت ست ڪڍي ورتو آهي گهڻو ئي چاهيان ٿو ته لکان، پر ڪجهه لکي نٿو سگهان. شايد ڏات اها بيوفا سريت، مون کي هميشه لاءِ ڇڏ ويئي آهي. ائين محوسس ٿو ڪريان ته پکيئڙن وانگر شعر چوڌاري پرڙا ڦڙڪائي ڳٽ ڳٽ ڪري رهيا آهن، پر لفظن جي ڪوڙڪيءَ ۾ نٿا ڦاسن. جيڪڏهن ڪجهه لکيم ته توکي ضرور موڪليندس. پهرين تاريخ کان عدالتون بند آهن ۽ مون ڪجهه ڏينهن سير سفر لاءِ ڪڍيا آهن. سڀاڻي رات پنڊيءَ ويندس، ۽ اتان ڪوهه مريءَ ۽ سوات وغيره وڃڻ جو ارادو آهي. تو شڪايت ڪئي آهي ته مون ڊاڪا ۽ چاٽگام مان توکي ڪوئي خط نه لکيو هو. شڪايت بجا آهي، ۽ خطا لاءِ معافي طلب آهيان. هاڻي جتي جتي ويس، اتان توکي ضرور لکندس.
_ تنهنجو پنهنجو
________
2
________
ريسٽ هائوس، ٽيڪسلا
8 _ آگسٽ
ادا،
ڪالهه پنڊيءَ پهتس. ڏينهن جو پنڊي ڪافي گرم هئي. رات ڪجهه وقت برسات پيئي هئي. جنهن هوٽل ، ۾ مان لٿو آهيان. ان ۾ سرو جا لمبا درخت آهن. جڏهن برسات بيهجي ٿي ويئي، ته منهنجي ڪمري جي سامهون ناسپاتيءَ جي وڻ مان چنڊ ليئو پائي ڇپي ٿي ويو. چنڊ جي ان ادا ۾ ڄڻ هڪ نوخيز پر ده نشين جي شرارت هئي. جيستائين ننڊ آئي، تيستائين اها لڪڇپ ڏسندو رهيس.
صبح جو بس تي ٽيڪسلا لاءِ روانو ٿيس. بس ۾ سڀيئي مزدور طبقي جا ماڻهو هئا، جي پنهنجيءَ پنهنجيءَ مل ڏانهن وڃي رهيا هئا. پنجابي عوام نهايت پر خلوص ۽ ان جي ٻولي نهايت پياري آهي. بس ۾ سڀيئي پنجابي ڳالهائي رهيا هئا، سواءِ هڪ بنا مڇ ڏاڙهيءَ واري جناب جي، جو لکنوي لهجي ۾ اردو ڳالهائي رهيو هو. هن جي منهن تي ڏاڙهي بلڪل نٿي ٺهي _ شايد فقط سنت جي ادائگيءَ لاءِ رکي هئائين.
ڏاڙهيءَ واري شايد منهنجيءَ شڪل صورت مان اندازو ڪيو ته مان پنجابي نه آهيان، سو مون سان اردوءَ ۾ مخاطب ٿيو:
”اوهين ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو؟“
”ٽيڪسلا.“
”ڪهڙي ڪم سان؟“
”ٽيڪسلا جا کنڊر ۽ عجائب گهر ڏسڻو اٿم.“
”تعجب آهي ته اوهين مسلمان ٿي ٻڌ ڌرم جا بت ڏسڻ ٿا وڃو!“
”حڪومت ته اهڙا سفر همٿائي رهي آهي.“
”حڪومت کي پنهنجي مصلحت هوندي، پر اوهان کي ته مسلمان ٿي ائين ڪرڻ نه گهرجي.“
”خوبصورت مجسما يا بت ڏسڻ گناهه آهي ڇا؟“
”تعجب آهي، اوهان کي خبر نه آهي! اسلام ۾ بت تراشي، تصوير ڪشي، ۽ ڪنهن حد تائين شاعريءَ جهڙيون لغويات، معتوب قرار ڏنيون ويون آهن.“
”ڇو؟“
”ڇو جو ڪوئي سوال نه ٿو اٿي. بس قرار ڏنيون ويون آهن!“
اوچتو هن کي ڪوئي خيال آيو ۽ مون کي چتائي ڏسي پڇيائين، ”اوهان سنڌي آهيو ڇا؟“ مون ڪنڌ ڌوڻي هائو ڪئي، ته هن چيو، ”پر اردو ته لکنوي يا دهلويءَ جهڙي ٿا ڳالهايو.“
”هر لکنويءَ يا دهلويءَ جهڙي نه“ مون جواب ڏنو.
هن منهنجي جواب ۾ طنز محسوس ڪئي ۽ اخبار ”جنگ“ پڙهڻ ۾ محو ٿي ويو. ادا ان انسان جي دل ۽ دماغ جو اندازو ته لڳاءِ جنهن ۾ يوناني بت، جاپاني ۽ چينائي تصويرن ۽ غالب جو ڪلام فقط نفرت جو جذبو اٿاريندو هجي: جنهن کي هر حسن جي تخليق کان نفرت آهي، ان جو خدا جو تصور ڇا هوندو؟
بس هڪ گهنٽي ۾ ٽيڪسلا پهتي. بس تان لهي ٽانگي تي چڙهڻو پيو، ڇو ته عجائب گهر اٽڪل ٻن ميلن جي مفاصلي تي هو. رستي تي ٻنهي پاسي مڪئيءَ جي پوک هئي. ٽانگي وارو پٺاڻ هو. مون هن کان پڇيو ته ”شاعر خوشحال خان خٽڪ جو نالو ٻڌو اٿيئي!“ ته وائڙو ٿي مون کان پچيائين ته ”ڪٿي رهندو آهي!“ مون کي تعجب آيو ته تعليم يافته پٺاڻ چوندا آهن ته خوشحال خان اسان جو قومي شاعر آهي، پر هڪ عام پٺاڻ کي، جو مالاڪنڊ جو رهاڪو آهي، ان کي نالي جي به خبر نه آهي! ان جو سبب اهو آهي ته خوشحال خان جي شاعريءَ ۾ اها غنائيت ۽ موسيقي نه آهي، جا هن کي عوام ۾ مقبول ڪري سگهي. ان لحاظ کان اسان جي سنڌڙيءَ جي سائينءَ لطيف ، جو مثال پاڪستان ڀر ۾ نه آهي. سنڌ ۾ ڪهڙو ماڻهو آهي، جنهن لطيف جو نالو نه ٻڌو آهي. ۽ ان جي ڪلام مان پنهنجيءَ صلاحيت موجب لطف نه ورتو آهي. مون ”پشتو ائڪڊميءَ“ جو شايع ڪيل ”خوشحال خان خٽڪ جو ڪلام“ پڙهيو آهي، ۽ معنوي ۽ غنائي لحاظ کان هن جي ۽ شاهه لطيف جي ڪلام ۾ ايترو فرق آهي، جيترو هڪ اڻ گهڙيل پٿر ۽ گوتم ٻڌ جي خوبصورت مجسمي ۾. باقي هن جي ڪلام ۾ جيڪو ان سنگدل بادشاهه اورنگزيب لاءِ نفرت جو شديد اظهار آهي، سو واقعي قابل داد آهي. انهيءَ بيذوق ته چيو هو ته ”راڳ کي اتي پوريو جتان وري نه نڪري سگهي!“ ساڍي يارهين بجي عجائب گهر پهتس. مون موهن جي دڙي جو عجائب گهر به ڏٺو آهي، پر ٽيڪسلا جو عجائب گهر پنهنجو مثال پاڻ آهي.گوتم ٻڌ جا نهايت حسين مجسما جا بجا رکيا هئا. جيترو اطمينان ۽ سڪون گوتم جي منهن مان نڪري انساني روح کي پنهنجي گرفت ۾ آڻي ٿو، ايترو شايدئي ٻئي ڪنهن انسان جي منهن ۾ هجي. ڪيترو نه رحم، نرمي، خلوص ۽ اطمينان آهي هن جي چهري ۾! مون ائين محسوس ڪيو ته منهنجي روح کي چانڊوڪيءَ جي چادر ۾ ويڙهي، ڪوئي لولي ڏيئي رهيو هو. هن جي اکين ۾ مقناطيس جي ڪشش هئي، جا ڇڪي چئي رهي ته آءُ، هيءَ دنيا مايا آهي، هن جي هر شيءِ اچڻي وڃڻي آهي، هيءَ دک جي رچناآهي، هن جي ا بتدا به دک آهي، انتها به دک، هن جيون جي چار _ پهريءَ ڇايا تي نه ڀل، اها لهندي ويرم نه ڪندي: آءُ ته توکي آءٌ مڪتي ڏيان، انهن خواهشن کان، جن جي مها ڄار توکي هڪ مک وانگر ڦاسائي ڇڏيو آهي، جي زندگيءَ جي اونداهيءَ رات ۾ هڪ ببر شينهن وانگر گجنديون ٿيون رهن، جي زندگيءَ جي ٿڌيءَ ڇر ۾ هڪ واڳونءَ وانگر ڇپ ماري ٿيون ويهن. آءُ مان تنهنجي نرواڻ آهيان، مان ئي تنهنجي ابدي نجات آهيان _ اها نجات جنهن ۾ نه دک آهي نه سک، نه خواهش آهي نه تمنا، جنهن ۾ هڪ مطمعن شعو ر جو سمندر موجون ماري رهيو آهي. آءُ ته مان توکي جنم جنم جي ڦيري کان ڇڏايان!“
ڪا گهڙي ته مان هن کي حيرت ۽ خاموشيءَ سان تڪيندو رهيس، ۽ پوءِ هن جي مٿي تي هٿ گهمائي چيم ته ”ڀڳوان! تون واقعي بيحد حسين آهين، پر جنهن بت تراش توکي گهڙيو آهي، تنهن جو روح تو کان به زياده حسين هو: ان جي هٿن ۾ اها نرواڻ هئي، جا هن تنهنجي چهري کي بخشي آهي: تون ڀلي ٿو وڃين ته تون پٿر هئين ۽ منهنجي فنڪار ڀاءُ توکي اهو وجود، اهو حسن ۽ اها ڪشش بخشي آهي. ڀڳوان! مان آدجڳاد جو پاپي آهيان. مون کي ڌرتيءَ ۽ انهيءَ جي دک سان محبت آهي. مان جنم جنم ڀٽڪي وري انهيءَ ڌرتيءَ تي موٽي ايندس. اها منهنجي ازلي ماءُ آهي. مون کي تنهنجي مڪتي نه کپي، تنهنجي نرواڻ نه کپي: منهنجي نرواڻ ان ۾ آهي ته هنن هٿن سان پٿر کي جان بخشيان، ۽ تو جهڙا نوان نوان ڀڳوان گهڙيان.“
ان کان پوءِ مان عجائب گهر ۾ ڦرندو رهيس ۽ گنڌار دور جون ڳولي لڌل شيون ڏسندو رهيس. ڦرندو ڦرندو مان هڪ ڀت وٽ آيس. جتي ٻوڌي سنياسين جا بت هئا، جن مان ويراڳ وسي رهيو هو، گويا هنن جون اکيون هن دنيا جي هر رنگينيءَ کان مڙي ويون هيون. انهن جي ڀرسان هڪ نهايت حسين بت جنهن جي هيٺان لکيل هو، ”ننڊاکڙيون نچڻيون.“ ان ۾ ڪجهه ننگيون رقاصائون ، رقص ڪري ٿڪجي، اڌ ٻوٽيل ننڊا کڙا نيڻ کڻي ليٽيون پيون هيون. بت تراش جو مقصد هيءُ ڏيکاريل هو ته گوتم ٻڌ جي گيان حاصل ڪرڻ کان اڳ انسان عياشيءَ ۾ غرق هئا. مان ڪيتريءَ دير تائين اهو بت ڏسندو رهيس، جيستائين منهنجي گهور انهن جي انگ انگ ۾ گهڙي ويئي..... پٿر ۾ جان پوندي ويئي ۽ هو منهنجي اکين اڳيان ڪر موڙي اٿيون. ”نچو!“ مون هنن کي چيو. ”نچو. هيءَ زندگي بلڪل مختصر آهي. هيءَ زندگي ماڪ جو ڦڙو آهي ۽ هيٺان موت جو اٿاهه پاڻي موجون ماڻي رهيو آهي، جنهن جو ڪوئي پاتار نه آهي. نچو! هيءَ زندگي وري نه ملندي، اهو ڌيان گيان سڀ دوکو آهي، هن جسم جو جادو ئي فقط امر آهي... اي سلوڻا، سانورا جسم، نچو!“
اوچتو منهنجو ڌيان ان موهن جي دڙي جي هڪ ٽنگ تي نچندڙ رقاصه ڏانهن ويو. ادا، رقص جسم جي شاعري آهي. جڏهن اٺي جي هوا ۾ مور نچندو آهي ته ”حافظ“ جي غزل کان زياده وڻندو آهي. عورتن کي رقص ۽ راڳ کان بي بهره رکي، انسان ڪيترو نه انهن تي ۽ پاڻ تي ظلم ٿا ڪن. ڪن ته رقص کي فقط قحبه خاني جي زينت بڻايو آهي. مان ته سمجهان ٿو ته انهيءَ قوم جو روح هڪ وڏو قحبه خانو آهي، جا عورت کي رقص ۽ موسيقيءَ کان محروم ٿي رکي.
هينئر شام جا ڇهه لڳا آهن. مان چئين بجي ريسٽ هائوس مان چانهه جي پيالي پي اچي صنوبر جي درخت جي هيٺان ويٺو هوس، ۽ تو ڏانهن هيءُ خط لکڻ شروع ڪيو هوم. هينئر شفق پنهنجن مينديءَ رتن هٿڙن ۾ سج جو سونو ٿالهه کڻي آئي آهي. اوچتو ٿر _ ٿر ڪندو سج ائين سنهيءَ ڪڪريءَ هيٺان هليو ويو آهي، جيئن ڪا حسين عورت وهنجندي وهنجندي، اوچتو ڪنهن ڌارئي مرد کي تڪيندو ڏسي، ڏڪندڙ هٿن سان پنهنجا انگ ململ جي پوتيءَ سان ڍڪڻ لڳي. مون جڏهن ريسٽ هائوس ۾ چانهه ٿي پيتي ته مون کي هڪ ايراني سياح جو هيٺيون شعر ياد آيو، جو هن موهن جي دڙي جي وزيٽرس بڪ ۾ لکيو آهي:
”مان جتي به ويو آهيان، اتي چانهه مٽيءَ جي پيالي ۾ پيتي اٿم _ اهو مٽيءَ جو پيالو شايد اسان جي وڏن جي مٽيءَ مان جڙيو آهي.“
ادا، تعجب آهي ته ڪنهن به سنڌيءَ تڪليف وٺي موهن جي دڙِي جو وزيٽر بڪ چڱيءَ طرح نه پڙهيو آهي. ان ۾ ڪيترن ئي مغربي سياحن جون نگارشون آهن، جن اسان جي سنڌڙيءَ جي قديم تهذيب تي گلن جي ورکا ڪئي آهي. مون کي اها جنوريءَ جي رات ياد اچي رهي آهي، جڏهن مان ۽ منهنجو هڪ پنجابي دوست، موهن جي دڙي جي ريسٽ هائوس ۾ ويٺا هئاسين. ٻاهر پارو پئجي رهيو هو ۽ آسمان ۾ ستارا ائين ٿي لڳا، گويا سيءَ ۾ ڄمي ويا هئا. ڪمري جي بخاري ۾ ڪاٺين جو مچ ٻري رهيو هو. اسين هٿ به سيڪي رهيا هئاسين، ۽ اهو وزيٽرس بڪ به پڙهي رهيا هئاسين. جڏهن ان ۾ مشهو ر انگريز تاريخ نويس ”ٽوئن بيءَ “ جي تاثرات تي پهتاسين، ته اسان جو من اڇلون ڏيڻ لڳو. هن لکيو هو ته ”منهنجي دنيا جي سفر جي هيءَ چوٽي آهي. تهذيبن متعلق ڪتابن م پڙهڻ هڪ ڳالهه آهي ۽ انهن کي اکين سان ڏسڻ ٻي ڳالهه آهي. مون دنيا جون ٻيون به تهذيبون اکين سان ڏٺيون آهن، پر موهن جي دڙي جي تهذيب جو مثال ڪٿي به نه آهي.“ منهنجي دوست ڪتاب بند ڪري، مون کي چيو ته ”چيسٽر پاءِ، ته ٻاهر هلون.“ ان وقت رات جا ٻه وڳا هئا ۽ سيءَ ۾ لڱ لڱ ڪنبي رهيو هو. سرديءَ جي احساس مٽائڻ لاءِ اسان اتان دڙي تائين ڊوڙ پاتي. ڊوڙندي سهڪي پيا هئا سين ۽ چانڊوڪيءَ ۾ مليل دز اڏامي اسان جي ساهه ۾ هلي ويئي هئي. مون پنهنجي دوست کي چيو ته ”اڃا زور سان ڊوڙ ته هيءَ مٽي، هيءَ اسان جي پنج هزار سال پراڻي تهذيب جي مٽي، انهيءَ نچندڙ رقاصه جي هڏن ۽ ماس جي خاڪ، اسان جي ڦڦڙن جي پور پور ۾ ڀرجي وڃي.“ اسين ڊڪندا ڊڪندا ان ڪوٺيءَ وٽ پهتاسين، جتان مردن جا سالم هڏن جا پڃرا لڌا ويا هئا، جن کي شايد ويڙهه ۾ قتل ڪيو ويو هو، ۽ اتي ويهي ٿڪ پٽيو سين. مون کي موهن جي دڙي جي سنسان فضا ۾، اهو چنڊ جو منظر ڪڏهن به نه وسرندو. مان مڪليءَ تي چنڊ جي پٺيان چارا رليو آهيان، پر هن منظر جو ڪوئي مثال نه آهي. چاهيان ٿو ته ان جي ڪا تشبيهه ڏيان........ پر هڪ بيمثل شيءِ جي ڪهڙي تشبيهه ٿي سگهندي!
سانت، ڀو جي بيوه ڀاڄائي آهي. جڏهن به ڪو ان جي ويجهو ايندو آهي ته هوءَ ڀو کي سڏيندي آهي. اسان کي اتان جي چپ چپات ۾ چوڌاري ڪجهه چرندو محسوس ٿيو: ائين ٿي لڳو، ڄڻ انهن مئن جا پنج هزار سال پراڻا روح چوڌاري ڀٽڪي رهيا هئا؛ ائين ٿي محسوس ٿيو، ڄڻ اسين اتي رهيا هئا سين. اهي اسين هئاسين جي ان ڪمري ۾ قتل ڪيا ويا هئاسين، ۽ اهي هڏا اسان جا هئا. منهنجي هٿ مان سگريٽ ڪيس ڪري پيو ته کڙڪي تي ٻه ڳيرا گهگهو گهو ڪندا اڏاڻا، ۽ ٿورو پريان هڪ سنهڙو نانگ مٽيءَ ۾ وٽ کائيندو وڃي رهيو هو. ٿوريءَ دير کان پوءِ اسين پنهنجي ڪمري ۾ موٽي آيا سين ۽ باهه تي هٿ پير سيڪڻ لڳاسين. ان وقت باهه ايترو ته وڻي ٿي، جو منهنجي دوست اچانڪ چيو ”ادا، جي مان سياري ۾ مران ته منهنجي لاش کي باهه ۾ جلائجانءِ.“
صبح جو اسين دير سان اٿيا هئاسين ۽ ڏهين بجي تيار ٿي ڪمري کان ٻاهر نڪتا سين، ته ٻاهر هڪ نئين شورليٽ ڪار جي ڀرسان هڪ مرد ۽ عورت بيٺا هئا. هو صبح سويري ڪار تي ڪراچيءَ کان آيا هئا. مرد آمريڪن هو ۽ عورت، جنهن ٻڌايو ته هو پيڪنگ جي چينائڻ هئي ۽ چين جي اشتراڪي انقلاب کان اڳ آمريڪا ۾ پڙهندي هئي، هن جي زال هئي. آمريڪن ڳڀرو ٿي لڳو ۽ لوندڙيءَ تائين ڪوڙيل ڏاڙهيءَ سبب هن جا ڳاڙها ڳٽا زياده ڳاڙها ٿي لڳا. چينائڻ جو رنگ زيتوني هو ۽ هن جي اڻڍڪيل ٻانهن جي ماس ۾ اهو گداز ۽ نرمي هئي، جا فقط چينائي عورت ۾ ئي ٿي سگهي ٿي. اسان اڃا پاڪستان ۽ آمريڪا متعلق ڳالهايو ٿي ته ٻي ڪار اچي نڪتي، جنهن ۾ آمريڪا جا سنسي خيز ناول لکندڙ، اگاٿا ڪرسٽي، ۽ هن جو مڙس هئا. اسان جو هنن سان تعارف ڪرايو ويو ته معلوم ٿيو ته هنن کي ڪراچيءَ ۾ آئي فقط ٻه ڏينهن ٿيا هئا ۽ هنن کي چئن پنجن ڏينهن ۾ موٽي وڃڻو هو؛ هي ان ڪري پاڪستان جون سڀ کان زياده دلچسپ جايون ڏسڻ نڪتا هئا ۽ پهريائين موهن جي دڙي تي آيا هئا ۽ اتان ٽيڪسلا ويندا. ڪيتري نه زندگي، ۽ زندگيءَ سان محبت آهي هنن انسانن ۾! ڪيترو نه دنيا ۽ ان جي گونا گون رنگينين سان چاهه آهي هنن ۾! ان کان هڪ ڏينهن اڳ اسين موهن جي دڙي جي ڪنڊ ڪڙڇ گهمي موٽيا هئا سين ته لاڙڪاڻي جو هڪ عملدار صاحب ريسٽ _ هائوس جي ڇٻر تي ڪرسيون وجهائي ويٺو هو. هن سان ٽي چار ڇوڪرا به ساڻ هئا. هو مون کي وڪيل جي حيثيت ۾ سڃاڻندو هو ۽ منهنجو مٽيءَ هاڻو بوٽ ڏسي، انگريزيءَ ۾ چيائين ته
”ڪڏهن آيو آهين؟“
”اڄ صبح جو.“
”ڇاتي؟“
”جيپ تي.“
”ڪنهن کان ورتي اٿيئي جيپ؟“
”پنهنجي آهي.“
”ڏاڍي ڪمائي آهي وڪيلن کي! مان ته اڌاريءَ ڪار تي آيو آهيان. ٻارن چيو ته موهن جو دڙو ڏيکار، سو مون ريسٽ _ هائوس وٽ ڪار روڪي ۽ هنن کي اتان کنڊر ڏيکاريم. اڳتي وڃون ها ته ڪپڙا لٽا سب ڌوڙ ٿي وڃن ها. تو صبح کان وٺي انهن کنڊرن ۾ ڇا ٿي ڪيو؟“
”سنڌڙيءَ جي وڏڙن جي خاڪ کي سلام ٿي ڪيم.“
”تنهنجا وڏا هوندا، اسان جا وڏا ته عرب مان آيا هئا.“ ائين چئي، هن نفرت سان منهن ڦيري ڇڏيو ۽ چانهه پيئڻ لڳو. مون هن کي گهوري ڏٺو، ۽ منهنجون اکيون تاڻيل ڪمانن وانگر ٻاهر نڪري آيون. جذبي جي شدت کي لنوائڻ لاءِ پنهنجو دوهو جهونگارڻ لڳس:
”منهنجي مڌُ کي ميرو سمجهي، ٿڏي ڇڏين ٿو ٿانءُ،
تنهنجي من کان ميرو ناهي، هٿ رکي ڏس هانءُ.“
سو، اها هئي هڪ تعليم يافته سنڌيءَ جي پنهنجي قديم تهذيب سان محبت _ اها تهذيب جنهن کي ڏسڻ لاءِ اگاٿا ڪرسٽي هزارها ميل سفر ڪري آئي هئي! اسين اگاٿاڪرسٽيءَ سان هن جي همعصر ناول نويسن _ هيمنگ وي، فلڪنر، اسٽينبڪ ۽ نبو ڪوف وغيره متعلق ڳالهائي رهيا هئا سون ته ميوزيم جو ڪيوريٽر اچي نڪتو ۽ هن چينائڻ ۽ ان جي مڙس کان پڇيو ته ”ڍنڍ ڏسڻ هلون؟“ هنن هائو ڪئي ته اسان کي چيائين، ”هتان هڪ ميل جي مفاصلي تي هڪ ڳوٺ آهي، جنهن کي حسڻ واهڻ ڍنڍ چوندا آهن. اتي هڪ ڏسڻ جهڙي ڍنڍ آهي. اسين اوڏانهن وڃي رهيا آهيون، اوهين به هلو ته چڱو.“ پوءِ مان، منهنجو دوست ۽ ڪيوريٽر ڪار جي پٺينءَ سيٽ تي وٺاسين ۽ چينائڻ ۽ هن جو مڙس اڳينءَ سيٽ تي ويٺا. چينائڻ ڪار هلائي رهي هئي ۽ اسٽيئرنگ ويل تي هن جون ٻانهون هڪ عجيب دلبريءَ ۽ بيساختگيءَ سان ڦري رهيون هيون.جڏهن ڍنڍ تي پهتاسين ته اسان کي اتي ڪائي خاص ڳالهه نظر نه آئي ۽ چينائڻ پنهنجي بيڪار تڪليف تي خفي نظر اچڻ لڳي. ڪوريئر اهو محسوس ڪيو ۽ اسان کي هڪ کوهه تي وٺي آيو. کوهه جو ڍينگو، نار، ۽ چڪر ۾ ڏاند ڏسي، ٻيئي زال مڙس کڳيون هڻڻ لڳا. ڏاند جي اکين تي کوپا چڙهيل هئا ۽ ان کي هڪ هاري لڪڻ سان هڪلي رهيو هو. جڏهن چينائڻ ٿورو جهڪي اک تي ڪئميرا رکي، ته هن جون ٻيئي ڪڇون ظاهر ٿي پييون ۽ هن جي ڇاتيءَ وٽان فراڪ جي ڳچي ڪجهه هيٺ لڙڪي پيئي، جنهن مان هن جو نرم ۽ گذاز سينو ڏيکارجڻ لڳو. کوهه تي هاريءَ ڏاندن کي هڪلڻ ڇڏي ڏنو ۽ هن جي ٻانهن ۽ ڇاتيءَ کي گهوري ڏسڻ لڳو. ايتري ۾ منهنجي دوست هن جي ويجهو وڃي هڪ ڏاند جي کوپن ۾ هٿ وڌو ته هو ڇرڪي ويو. هن مرڪي هاريءَ کي چيو ته ”هن غريب جا کوپا لاهه تي هي به ڏسي! تنهنجو صدين جو يار آهي، تو وانگر هن کي به اڳ ڪڏهن اهڙو موقعو نه مليو آهي.“ هاري اول ته گهٻرائجي ويو ۽ پوءِ هن کي سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندو ڏسي ٽهه ٽهه ڪري کلڻ لڳو.
ادا، هينئر اوندهه ٿيندي ٿي وڃي. سامهون ڪشمير جي پهاڙين تي رات هڪ گرڙ پک وانگرلهي آئي آهي ۽ پنهنجا ڪارا پر ڦهلائي ڇڏيا اٿس، ۽ ريسٽ _ هائوس جا سرو جا درخت ننڍڙن هيسيل پکيئڙن وانگر هن کي ڏسي رهيا آهن. مون توکي ٽيڪسلا جي تفصيلي احوال بدران موهن جي دڙي جون يادگيريون لکيون آهن. تنهائيءَ ۾ سوچيندي، انساني ذهن ڪٿان جو ڪٿان وڃي ٿو نڪري. ان تي نه زمان جي پابندي آهي، نه مڪان جي. چاهيان ٿو ته ٽيڪسلا جي ننڊاکڙين نچڻين تي هڪ نظم لکان، پر الائي ڇو ڏات ڏمري آهي! سٽون جڙي ائين ڊهي ٿيون وڃن، جيئن واريءَ جو لڏون هٿن ۾ ڀري پوي.
_ تنهنجو پنهنجو
________
3
________
لاڪ ووڊ هوٽل، ڪوهه مري
15 آگسٽ
ادا،
هفتو ٿيو ته پنڊيءَ مان هتي پهتس. پنڊيءَ ۾ ڪوئي دوست يا واقف نه مليو، سواءِ چند اردو شاعرن جي، جن مان ڪي ”رائٽرس گلڊ“ جا ميمبر هئا ۽ منهنجي نالي کان اڳ ئي واقف هئا. هي سيروس سئنيما جي لڳ هڪ ڪيفي ۾، ”اردو شاعريءَ ۾ محبوب جو تصور“ جهڙي پراڻي ۽ بي معنيٰ موضوع تي بحث ڪري رهيا هئا. انهن مان ڪو چئي رهيو هو ته ”ولي دکنيءَ جي غزل ۾ محبوب ڪٿي مذڪر آهي، ڪٿي مونث؛“ ڪنهن چيو ٿي ته ”مير تقيءَ جي غزل ۾ بارها محبوب کي مذڪر ڪري مخاطب ڪيو ويو آهي؛“ ۽ ڪنهن چيو ٿي ته ”پهريون دفعو اختر شيرانيءَ محبوب کي مونث ڪري، سلميٰ، عذر وغيره جي نالن سان مخاطب ڪيو آهي.“ انهن مان جو زياده ذهين ٿي لڳو، تنهن مرڪي چيو ته ”پنجاب جي سلميٰ ۽ عذرا، جا ڪنوينٽ ۾ سکيل چٻيل چٿيل لهجي ۾ انگريزي ڳالهائي ٿي ۽ پرس مان لپ اسٽڪ ڪڍي، پنهنجن چپن کي لائيندي، فقط شورليٽ ۽ فورڊ جي نئين ماڊل ۽ ڪم نووڪ (آمريڪن ائڪٽريس جو نالو) جي نئينءَ فلم تي بحث ڪري ٿي، سا ايتري ته غير شاعرانه آهي جو اردو شاعرن کي وري محبوب کي مذڪر ڪري مخاطب ڪرڻو پوندو.“ ان تي هو سڀ کلڻ لڳا. پر انهن مان هڪڙي، جنهن جو جدت پسنديءَ جو شوق هن جي اخبار جي ٽڪرن جي ڇاپي واري قميص مان ظاهر هو، مٿئين ذهين شاعر کان پڇيو ته ”اوهين عورتن جي تعليم ۽ آزاديءَ جي خلاف آهيو ڇا؟“ هن جواب ڏنو ته ”منهنجو مقصد فقط اهو آهي ته جنهن عورت ۾ تعليم ۽ آزاديءَ جي باوجود مشرقيت نه آهي، اها اسان لاءِ غير شاعرانه آهي. جنهن عورت کي حسن سان حيا نه آهي، جنهن کي ”سهڻيءَ“ جو ڪردار نه آهي، سا ڪنهن به شاعر جي محبوبه نه ٿي سگهندي.“ ائين چئي، هن مون ڏانهن منهن ڦيرائي، تائيد جي اميد سان ڏٺو. مان هن وقت تائين خاموشيءَ سان هنن جو بحث ٻڌي رهيو هوس ۽ دل ۾ آيم ته هن کي ”شوپنهار“ جو مقولو ٻڌايان ته ”هر انسان هڪ نگاهه جو مستحق ته آهي، پر هر انسان هڪ جواب جو مستحق نه آهي.“ پر، اردو شاعر ڪٿي ٿو ڪنهن کي خاموش رهڻ ڏئي! مجوبوراً مون چيو ته ”مون کي فقط اوهان جي مثال سان اتفاق نه آهي. سهڻيءَ جو ڪردار ڪنهن آدرشي عورت جو ڪردار ته نه آهي. اوهين ڀُلي ٿا وڃو ته هوءَ مڙس کي ننڊ ۾ ڏسي، راتو واهه درياءُ پار ڪري، يار ڏي ويندي هئي.“ هن ڪجه منهن گهنجائي مون کان پڇيو، ”اوهان جي ادب ۾ ڪوئي ان کان بهتر ڪردار آهي!“ مون جواب ڏنو، ”ها، آهي. مارئي جنهن جو ڪردار شاهه لطيف سر مارئيءَ ۾ چٽيو آهي. هوءَ ڪوٽ ۾ قابو هئي، جتي هن کي طرحين لالچون ڏنيون ويون ته به عمر سان ياري نه رکيائين ۽ مڙس لاءِ ماندي رهي.“
اخبار جي ٽڪرن جي پاڇي واريءَ قميص سان شاعر ٽهڪ ڏيئي، ”حافظ“ جي سٽ پڙهي:
”به خالِ هندواش بخشم سمر قند و بخارا را.“
مون مرڪي چيو، ”شاعر صاحب! هاڻي سمرقند ۽ بخارا اشتراڪي روس ۾ آهن. ڏسجو، انهن جي بخشش ڪوئي بين الاقوامي مسئلو نه پيدا ڪري ڇڏي! روس پنهنجي سرزمين سان ڪنهن جي به دست اندازي نٿو سهي سگهي.“ جڏهن هوٽل ڏانهن موٽيس ٿي، ته رستي تي ياد آيم ته پراڻي سکر جي هڪ شيعي شاعر مون کي چيو هو ته ”هن سنين جي اڪثريت واري ملڪ ۾ مارئيءَ جو ڪردار هڪ شيعي جو ڪردار آهي، جنهن کي سدائين عمر لاءِ نفرت آهي“! هر انسان آرٽ کي پنهنجي پنهنجي نظريي جي رنگين شيشي مان ڏسي، ان جي معنيٰ ڪري ٿو. جڏهن کان مريءَ آيو آهيان، تڏهن کان ”عذرائون“ ۽ ”سلمائون“ ڏسي رهيو آهيان. ساري مال روڊ تي گهگهريون، ”ڏسڻ جا ٽوهه“ آڇي رهيون آهن. شام ٿئي ٿي ته ساري روڊ تي ڪلهي گس لڳي وڃي ٿي. شام جو ڏهين بجي تائين انسان اچ وڃ ۽ لهه وچڙ ۾ محو آهن. جتي جتي دڪانن تي بجليءَ جي روشني زياده، اتي پيهه زياده آهي. هتي روز ڏياري آهي _ ڏياري، جنهن ۾ ڪنهن راوڻ جو ڪنهن کي به احساس نه آهي: ۽ مال روڊ کان اڌ ميل جي مفاصلي تي پهاڙين جي جهوپڙين ۾ ڏکي بکي زندگي گويا سيتا جي ست تي تڳي رهي آهي. مون کي هڪ هجوم ۾ رهي، ايترو تنهائيءَ جو احساس ڪڏهن به نه ٿيو آهي؛ هتي اک اک ۾ ڳجهون ۽ هلون لامارا ڏيئي رهيون آهن، چوڌاري جنسي بک ڇيڇڙا ڳهي رهي آهي. هيٺ واديءَ ۾ انگ اگهاڙا ۽ پيٽ بکيا انسان آهن، جن کي نه ڏينهن جو مانيءَ ڳڀو نصيب آهي نه رات جو، جن کي خوش نصيب انسانن سان گڏ خوش فهم خدا به وساري ڇڏيو آهي.
چوٿون ڏينهن مان هوٽل جي مالهيءَ کان اتان جي گونا گون گلن جا نالا پڇي رهيو هوس ته هن ڳالهين ڪندي ٻڌايو ته ”هي پهاڙي علائقو نهايت غريب آهي. هن سال ڳڙو وسيو هو ته آڙو، ناڪ، خوباني ۽ ٻيا ميوا سڀ سڙي ويا، ۽ ڪنهن سبب ڪري مڪئيءَ جي پوک به گهٽ ٿي آهي.“ نتيجو اهو ٿيو آهي ته هتان جو عوام بک مري رهيو آهي. پٿر ڪٽي ڪٽي ساڻا ٿي، جڏهن شام جو اهي بکيا پهاڙي موٽن ٿا ته هنن کي پهرين اهو خيال ٿو ستائي ته رپئي ٻه سير اٽو آهي، ڏينهن جي ڪمائيءَ مان ڪير کائي ڪير کائيندو! فطرت جي حسن مان اک جو ڍءُ ته ٿئي ٿو، پر پيٽ جي بک نه ٿي لهي!
ٽيون ڏينهن نٿيا گليءَ ويو هوس. مون سان هڪ دوست ساڻ هو، جنهن هڪ عجيب تمثيل ڏني. چيائين ته ”شداد ويچاري دنيا ۾ بهشت بڻايو ته خدا به هن جي خلاف ٿي ويو، ۽ هن کي نانگ کان ڏنگايائين. در اصل دنيا کي بهشت بنائڻ جو تخيل ئي غير مذهبي آهي.“ مون هن کي کلي چيو، ”پر پوءِ به تو مان شداد جي خودي نه ويندي، تون دنيا کي بهشت بڻائڻ جو خيال نه ڇڏيندين.“
جڏهن ڊونگا گليءَ وٽ پهتاسين ته جهڙ ڇانئجي ويو. هيٺ واديءَ ۾ ڪڪر ائين ٿي لڳا، ڄڻ ڪنهن پيڃاري ڪپهه جون پوڻيون ٿي اڏايون. ڪڏهن ڪڏهن اس ٿي نڪتي، ته چيل جي پنن مان اس جا تڙڪا پهاڙي ڇپن تي ائين ٿي پيا، جيئن ڪنهن پٿر ڪٽيندڙ جابلوءَ جي سخت، سوٽ ۽ ٽامڻيءَ هنيل منهن تي چٽيءَ جا داغ. ڊونگا گليءَ وٽان ويندڙ پيچري تي آهستي آهستي مٿي ٿي وياسين ته ڪوئي پنجابيءَ ۾ ڳائي رهيو هو، ”ڦس نين _ بدل برسي“ (يعني نيڻن جا بادل ڦسي پيا ۽ وسڻ لڳا.) استعاري جو انداز ڪهڙو نه پيارو هو! ڪير چوندو ته پنجابي شاعريءَ ۾ ايتريون ترقيءَ جون صلاحيتون نه آهن، جيتريون اردوءَ ۾. مون نيڻن جي بادلن سان تشبيهه اردو، سنڌي، بنگالي هندي، انگريزي ۽ فرينچ شاعريءَ ۾ پڙهي آهي، پر انهيءَ پنجابي سٽ جهڙي انوکي شاعراڻي ادا ٻيءَ ڪنهن به ٻوليءَ ۾ نه آهي. ان جي باوجود، جڏهن مون سان مريءَ ۾ ٻه پنجاب جا چوٽيءَ جا اردو شاعر مليا ۽ جن کي مون هوٽل ۾ رات جي مانيءَ تي مدعو ڪيو هو ته انهن پنجابي زبان کان نفرت نه، پر بي اعتنائي ضرور ڏيکاري. هتي مريءَ ۾ مشاعرو ٿيو هو، جتي هو به آيا هئا. انهن مان هڪ منهنجو اڳ ئي واقف هو، ڇو ته سکر ۾ ڪنهن مشاعري جي سلسلي ۾ آيو هو ۽ مون سان مليو هو؛ ٻيو ڪنهن وقت ترقي پسند تحريڪ ۾ چوٽيءَ جو شاعر ۽ افسانه نويس هو، ۽ پاڪستان جي هڪ بهترين اخبار جي اداري ۾ هو. اسان مختلف موضوعن تي ڳالهايو، جن ۾ پنجابي زبان جو مسئلو به شامل هو. مون هنن کي چيو ته ”توڙي صاف شفاف پاڻيءَ جو چشمو دور هجي، ته به پياسو انسان ڪنهن گنديءَ ناليءَ مان پياس ٻجهائي چپ ڪري ته نه ويهندو. پنجابي زبان کي جيڪڏهن جديد تشڪيل ڏيڻ لاءِ ڪافي عرصو لڳندو، ته ان جي معنيٰ اها ته نه آهي ته اها ٻولي جنهن جون جڙون عوام جي روح ۾ آهن، جنهن ۾ اوهان جا ڳوڙها ۽ ٽهڪ آهن، سا نظر انداز ڪري سگهجي ٿي.“ هنن وٽ ڪوئي جواب نه هو. شايد هو محسوس ڪري رهيا هئا ته ”لطيف“ جي وارثن پنهنجي ميڙيءَ چونڊيءَ کي ساهه سان سانڀيو آهي، ان کي وڌايو آهي، ۽ اها ڪڏهن اڪيچار ۽ اکٽ ٿي ويندي، ۽ ”وارث شاهه“ ڪوئي وارث نه ڇڏيو، ۽ جيڪڏهن ڇڏيو ته انهيءَ هنن جي ساري پونجي دهلويءَ ۽ لکنوءَ جي نوابن جي هڪ ”طوائف“ جي نذر ڪري ڇڏي. واقعي اردو زبان هڪ دهليءَ ۽ لکنوءَ جي طوائف آهي، جا دهلي ۽ لکنو جي نوابي ماحول ۾ ڄائي، نپني، نچي ۽ هڪ کوکليءَ تهذيب جي درٻارين ۾ کنجرا وڄائيندي رهي، ۽ پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ هتي هڪ پرده پوش شريف مسلمان عورت ٿي آئي، ۽ هاڻي پردو هٽائي هڪ مهذب مغربي عورت جو رنگ ڍنگ نقل ڪري رهي آهي. پنجابي زبان اڃا تائين ”هير“ جهڙي سهڻي ۽ سٻاجهي آهي، پر هن جا رانجهو اڃا تائين تهمد ٻڌندا آهن. فل سوٽ پهريندڙ شاعر ڪٿي ٿا هن کي پنهنجو ڪن!
ڊونگا گليءَ ۾ پهاڙيءَ تي چشمو هو، جنهن جو ٿڌو شفاف پاڻي سڀني پيتو. بس ۾ اسان سان هڪ گجراتي جوڙو هو، جو منهنجو اڳ به واقف هو ۽ لاڪ ووڊ هوٽل ۾ منهنجي ڪمري جي ڀرسان رهندو هو. گجراتڻ ڪڻڪ رنگي، پوري پني قد جي هئي. هن جي ڀنل منهن تي ناک جي ڦار جهڙو ننڍو نڪ نهايت خوبصورت ٿي لڳو. مريءَ ۾ خاص ڪري جنهن هوٽل ۾ مان لٿل هوس، اتي هن کان به زياده خوبصورت عورتون هيون، پر انهن جي خوبصورتيءَ ۾ مونکي ڪائي ڪشش نظر نه آئي هئي. جڏهن هن ڊونگا گليءَ جي چشمي مان پاڻي پي رومال سان منهن صاف ٿي ڪيو ته رومال هن جي هٿ مان ڪري پيو ۽ هن جي مڙس رومال کڻي هن کي ڏنو، ته هوءَ وات ٿورو کولي، ان مان ڄڀ جي چهنب ٿورو ٻاهر ڪڍي، نهايت هلڪي کل کلي، جنهن ۾ هڪ نهايت نفيس ادا سان هن جو سارو منهن لڏي ويو. اها ڄڀ جي چهنب اڇن ڏندن جي وچ ۾ ائين لڳي رهي هئي، جيئن ڪلر ۾ کپر جو منهن. اها ساڳي پياري ادا منهنجي سڀ کان پياري انسان ۾ هئي، جنهن جا ڏنگ اڃا تائين ڏکي رهيا آهن. شايد ان گجراتڻ جي اها ادا هوٽل ۾ ڪيئي ڀيرا ڏٺي هئي، پر شعوري طرح منهنجو توجهه انهيءَ ڏانهن ڊونگا گليءَ جي چشمي وٽ ويو. ياد جي ڪنڍي وقت جي درياءَ ۾ هميشه پيئي آهي؛ ڪڏهن ڪڏهن روح کي ڇڪي اچي ٿي، ته ڪائي تڙڳندي ترڪندي شيءِ، اکين اڳيان ٽپندي، تڙڦندي نظر اچي ٿي.
جڏهن نٿيا گلي پهتا سين ته وڏ ڦڙو وسڻ لڳو. اسين برساتي ڪوٽ پائي، ٿڙندا ٿاٻڙندا، پهاڙي پيچرن مان چڙهڻ لڳا سين. منهنجو مٿي ذڪر ڪيل سنڌي دوست، جو هڪ جذباتي حقيقت پسند آهي، جنهن جو خدا جي وجود ۾ اعتبار نه آهي پر حسن کي ازلي حقيقت تسلم ڪندو آهي، جنهن کي هر انقلاب جي خونريزي وڻندي آهي. پر پاڻ ڪنهن به ساهه واري کي رنج رسائي نه سگهندو آهي، جنهن جا خيالات اشتعال انگيز آهن، پر جنهن جي زندگي هڪ يوگيءَ جي زندگي آهي، سو مٺڙي سر ۾ لطيف سائينءَ جو بيت ڳائڻ لڳو:
”اڄ پڻ منهنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا!“
مون هن کان پڇيو، ”اهو ”يار“ ڪير آهي؟“
”ڪوئي به نه آهي، ان جو وجود فقط شاعر جي تخيل ۾ آهي.“
”عقل ته ائين ٿو چوي، پر روح نٿو مڃي. ڪوئي يار آهي ته سهي؛ پنهنجي ننڍڙي دنيا ۾ ئي جيستائين ڪوئي يار نه آهي ته زندگي اڻڀي ۽ الوڻي ٿي لڳي؛ جي هن ساريءَ ڪائنات ۾ ڪوئي يار نه آهي ته واقعي ڪائنات جي رنگيني۽ ۾ ڪمي اچي ٿي وڃي.“
”تون وري وڃي فلسفي جي ڌٻڻ ۾ پئين. منهنجي هيءَ ساري ڪائنات يار آهي، ۽ انهيءَ وسڻ جا ويس ڪيا آهنٰ!“
پوءِ هو وري ڳائڻ لڳو:
”اڄ پڻ منهنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا!“
۽ مان سوچي رهيو هوس ته شاعري پيغمبريءَ جو جزو نه آهي، پيغمبري شاعريءَ جو جزو آهي. ان وقت مينهن ڏاڍي زور سان پوڻ لڳو. اسين اچي گورنمينٽ _ هائوس لڳ پهتاسين. ٻئي پاسي کان اهو گجراتي جوڙو اچي رهيو هو. هنن کي برساتي ڪوٽ ڪونه هو ۽ مينهن ۾ ڀڄي ويا هئا. برسات کان پان بچائڻ لاءِ هو چيل جي وڻن هيٺان ٿي آيا.
گجراتيءَ مون کان پڇيو ته ”تنهنجو دوست ڇا ٿو ڳائي؟“ مون هن کي
ٻڌايو ته اهو شاهه لطيف جو بيت آهي. پوءِ مون هن کي ان جي معنيٰ انگريزيءَ ۾ سمجهائي. شايد منهنجو انگريزي ترجمو پورو نه هو ۽ هن ”وسڻ جي ويس“ جي معنيٰ برساتي ڪوٽ سمجهي، سو هن ٽهڪ ڏيئي چيو، ”يار به وڏو سودائي آهي، پاڻ برساتي ڪوٽ پائي ڪڪرن ۾ ويٺو آهي، ۽ هيٺ اسين ننهن کان چوٽيءَ تائين ڀڄي ويا آهيون!“
شام جو جڏهن موٽي رهيا هئاسين ته رستي تي پهاڙيءَ مان هڪ ڇپ ڇڄي اچي بس جي سامهون ڪري. سڀ مسافر دهلجي ويا: جي بس ٿورو اڳتي هجي ها، ۽ اها ڇپ ان تي ڪري ها، يا ان کي لڳي ها،ته بس رستي تان ٿڙي هزارها فوٽ هيٺ وڃي ڪري ها. مون کي اهو سوچي کل آئي ته زندگي موت جي ڪيترو نه قريب آهي. گهڙيءَ ۾ اهو نيرو نيرو آسمان اها ٿڌي ٿڌي مٽي، اهي جهڙ، اهي برساتيون، اهي درخت سڀ اسان لاءِ ختم ٿي وڃن ها. موت جو تصور زندگيءَ کي ڪيڏو نه بي معنيٰ ۽ ڪيترو نه معنيٰ خيز بڻائي ٿو ڇڏي! مون کي هميشه اهو خيال ايندو آهي ته هيءَ زندگي بلڪل مختصر آهي، ۽ ان ڪري مون کي ان تي ائين پيار ايندو آهي، جيئن محبوب جي جوانيءَ تي اچي. جڏهن سوچيندو آهيان ته ان جو ڪيترو حصو فقط ذريعه معاش جي پيڇي ۾ گذري ٿو، ته ڏاڍو ڏک ٿيندو اٿم. زندگيءَ جي فقط اها گهڙي باقي آهي، جا حسن جي تلاش ۾ گذري ٿي، باقي سڀ ڪجهه فاني آهي، حسن خدا آهي، گرچه هر خدا حسين نه آهي.
_ تنهنجو پنهنجو
________
4
________
گاف هوٽل،ڀوربن
19 _ آگسٽ
ادا،
مريءَ مان مضافات لاءِ تفريحي بس هتي هڪ ڪلاڪ ۾ پهتي. رستو سڌو هو ۽ آسمان صاف. پهاڙين تي اس ۽ ڇانوَ جي ڦير گهير عجيب منظر پيدا ڪيو ٿي. گهري ناسي، خاڪي ۽ آسماني رنگن جي ملاوت ۾ ڪنهن ازلي مصور جو ذوق ٿي نظر آيو. رستي تي ساڳ، چيل، ديال ۽ بن _ فوڙ جا درخت اڪثريت ۾ نظر آيا، جيئن مريءَ کان نٿيا گليءَ واري رستي تي هئا. چوڌاري ساوڪ ئي ساوڪ هئي ۽ ڪٿي ڪٿي ڪو جهنگلي گل ائين ٿي لڳو جيئن غريب پهاڙي محبوبڙيون ڪڏهن ڪڏهن ڪو چانديءَ جو زيور پائينديون آهن. ڪٿي ڪٿي ڪوئي ڪاٺ _ ڪٽي جهڙو رنگين پکي، چيل جي ٿڙ کي چنبا اٽڪائيندو، کنڀڙاٽيون ڦڙڪائيندو، چنبڙي رهيو هو، جيئن ڪوئي سٻاجهو، سهڻو مٽولو ٻار پنهنجي جانٺيءَ جابلو ماءُ جي ڇاتيءَ تي چنبڙي پوي. چوڌاري ٻيو ڪوئي پرندو نظر نٿي آيو. مون کي اوچتو ياد آيو ته ڏهه _ پندرهن ڏينهن اڳ مريءَ جي لاڪ ووڊ هوٽل ۾ کاڌي جي ڪمري ۾ منهنجي ڀرسان هڪ پنجابي ڪرڙوڍ، پيٽ وڏو، صدريءَ سان سوٽ ۾ ملبوس، گهاٽي سانوري رنگ وارو سيٺ ويٺو هو ۽ اڌ _ اوٻاريل آني کي چمچي سان کل تائين کرڙي رهيو هو. هن جي ڊيل _ ڊول، ٺٺ ٺانگر، ۽ اٿ ويهه مان ائين ٿي معلوم ٿيو ته چور بازاريءَ جي پئسي سان هن جون صندوقون سٿيل هيون، ۽ هن جي ڳالهه ٻولهه مان ائين ٿي لڳو ته راشي ۽ عزيز پرور سياستدان سندس گهڻگهرا هئا. هن جي ساري گفتگو کاڌي، ڌنڌي ۽ ماحول جي افراتفريءَ متعلق هئي. ڪوهه مريءَ ۾ هن کي ڪا به دلڪش شيءِ نظر نه آئي هئي، سواءِ ان جي، جا هن هڪ تعجب آميز سوال جي صورت ۾ مون کا پڇي _ ”تعجب آهي ته هتي ڳجهون نظر نه ٿيون اچن!“
مون هن جي شڪل صورت کي چتائي ڏٺو. منهنجي گهري نظر هن جي سوال جو جواب هئي.
بس ۾ ٻارهن _ چوڏهن پنجابي ڇوڪريون هيون _ ساڳيو ئي ڀنل، ڇليل بداميءَ جهڙو رنگ، ننڍڙي چيل جي جهڳٽن جهڙا ڪٽيل سنواريل وار ۽ رشوتي پيءُ جي ڦرلٽ مان ورتل زرق برق لباس. هنن سان ڍولڪ ۽ جهانجهه به هئي. جڏهن بس چيکاگليءَ کان اڳتي هلي، ته هنن ”ماهيا“ ڳائڻ شروع ڪيو. بس جي آواز ۾ ڍولڪ ۽ جهانجهه جي آواز ملي، عجيب اثر ٿي پيدا ڪيو. سامهون چيل جا تناور درخت ڪنهن ڪن _ ڦاڙ رانجهوءَ وانگر ويراڳي ٿيا بيٺا هئا، ۽ هيءَ هير جي نئين جوڻ ڏسي رهيا هئا، جا ڍولڪ، جهانجهه ۽ بس جي رفتار ۾ اڏامندي ٿي ويئي موڙ وٽ اوچتو بريڪ لڳڻ جو آواز ٿيو ۽ بس بيهجي ويئي. مون وچينءَ سيٽ تان اٿي ڏٺو ته بس جي سامهون ٽٽل ڦاٽل ڪپڙن ۾ ويڙهيل وارث شاهه جو ويڳاڻو روح ٿي لڳو. ڊرائيور هن کي اردوءَ ۾ گار ڏيئي، گير ڦيرايو، ۽ بس هلڻ لڳي.
ڏهين بجي صبح جو بس ڀوربن ريسٽ _ هائوس وٽ پهتي ۽ سڀيئي مسافر لهي پيا. تفريحي گائيڊ هڪ سيالڪوٽ جو نوجوان هو _ سفيد سرخيءَ مائل رنگ، چيرو ين اکين هيٺان گهنجن وانگر مسلسل ٿڪ جا نشان، ڇڊا وار، پورو پنو قد، بدن تي خاڪي وردي ۽ پيرن ۾ سخت چمڙي جو گهيتلو. هن کي هيٺئين درمياني درجي جي ڏيک هئي ۽ هن جي منهن ۾ ڪائي مڻيا ڪانه هئي، باقي هن جي جسماني ڦڙتي، چالاڪيءَ جي ڏيک ڏيئي رهي هئي. مون هن کان ”ڀوربن“ لفظ جي معنيٰ پڇي، ته هو پنهنجن ڇڊن وارن ۾ آڱريون وجهي، ائين ڏسڻ لڳو. گويا هن جي دماغ ۾ ايترو خال هو، جيترو پهاڙيءَ جي چوٽيءَ ۽ ڇهه هزار فوٽ هيٺ واديءَ جي وچ ۾. شايد هن تي اهو نالو ڪنهن هندو يوگيءَ رکيو هو، جو جهونجهڪڙي جو اٿي، ڪنهن بن _ ڦوڙ جي وڻ هيٺان تپسيا ڪندو هو. تعجب آهي ته انهيءَ متروڪ هندو تهذيب جو ڏنل نالو اڃا هلندو ٿو اچي! شايد هندي لفظ ايترا پيارا آهن، جو اانهن جا دلڪش پارسي ۽ عربي هم معنيٰ لفظ ڳولي لهڻ ناممڪن آهي!
گائيڊ اسان کي پهاڙي سرسبز پيچرن مان گاف _ گرائونڊ طرف وٺي هليو. شايد ڪالهه هتي برسات پيئي هئي، ڇو ته پيچرن جي مٽي آلي هئي ۽ ڪٿي ڪٿي گپ وانگر ٿي لڳي. اوچتو پٺيان ڦهڪو ٿيو ۽ مون منهن وارائي ڏٺو، ته هڪ پنجابي ڇوڪري، ترڪي، ڪري پيئي هئي ۽ ٻيون هن کي هٿ ڏيئي اٿاري رهيون هيون. پريان هڪ پهاڙي عورت پيچري تي ڊوڙندي ٿي آئي. گائيڊ هن کي ڏسي ڇرڪي، هن کي رستي ڏيڻ لاءِ هٽيو، ته ٿيڙ کاڌائين. مون کي هن جي سادگي تي کل آئي ۽ مون هن ڏانهن ڏسي ان عورت ڏانهن ڏٺو، جنهن جي پهاڙي ڀرت سان ڀريل گهگهي مان هن جو سڊول بدن سٽون ڏيئي رهيو هو. اتر جو واءُ هن جي گهگهي کي هن جي ڇاتيءَ، پيٽ ۽ پنين سان چنبڙائي، هن جي جسم کي هڪ سنگتراش وانگر ظاهر ڪري رهيو هو. گهگهو هن جي پيٽ وٽ ٻنهي پاسن کان خم کائي، هن جي سٿرن جي خوبصورت گولائي ڏيکاري رهيو هو. هن جو ن چيلهه تائين ڊگهيون چوٽيون هن جي بدن جي چوڌاري ائين وڪڙ کائي رهيون هيون، گويا هن جو انگ انگ واسينگن جي ور چڙهي ويو هو. جڏهن هوءَ منهنجي ڀرسان سهڪندي ڊوڙندي نڪري ويئي، ته آءٌ هن جي ساهه جي خوشبوءَ ۾ ويڙهجي ويس. منهنجي من اڇلون ڏنيون ۽ منهنجهي گلي تائين ڪوئي گمنام جذبو اڀري آيو _ سلام آهي توکي ڌرتيءَ جي ڌيءَ! تنهنجي جسم ۾ رشوت يا چور بازاريءَ مان خريد ڪيل نان جو رت نه آهي، تنهنجي گهگهي جي برٿ جي اڻت ۾ حرام جي ڪمائيءَ جو هٿ نه آهي، تنهنجي ننگن پيرن جي ترين کي هيءَ ٿڌي ڌرتي چميون ڏيئي رهي آهي. سلام آهي توکي، اي منهنجي مٺڙي ڀيڻ! جي خدا آهي ۽ انساني روح ان جو جلوو آهي، ته اهو جلوو تنهنجي بکئي پيٽ، تنهنجي سادي لباس، تنهنجي سڊول بدن ۽ تنهنجي ننگن پيرن جي ترين ۾ آهي!“
گاف _ گرائونڊ ٻن فرلانگن جي مفاصلي تي هو. اتي ڪجهه ٻڍا ۽ ڪرڙوڍ آمريڪي مرد ۽ عورتون گاف کيڏي رهيا هئا. سندن راند ايتري بي معنيٰ ٿي لڳي، جيترو سندن بدن تي پيل منقش قميصون، جيتري سندن تهذيب ۽ بين الاقوامي سياست. مون کي اهو ڏسي تعجب آيو ته منهنجا سڀ همسفر هنن جي کيل کي بي انتها محويت، تعجب ۽ حسرت سان ڏسي رهيا هئا. گاف _ گرائونڊ جي ڇيڙي تي ٻه وڏا پٿر پيل هئا، مان ۽ گائيڊ انهن تي چڙهي ويٺاسين ۽ هيٺ واديءَ ۾ ڏسڻ لڳاسين. اوڀر طرف سوين فوٽ هيٺ، ٻن پهاڙين جي وچ ۾ چانديءَ جو ڏنگو ڦڏو پڙڇ ٿي نظر آيو، جو صبح جي روشنيءَ ۾ چمڪي رهيو هو. مون کي گائيڊ ٻڌايو ته اها جهلم ندي هئي، جا ڏهن ميلن جي مفاصلي تان نظر اچي رهي هئي. جهلم، جنهن جي وهڪري ۾ قيامت جي تيزي، گجي ۽ گجگوڙ آهي، ۽ برساتي موسم ۾ جنهن جي هڪ اٿل هزارها بن _ ڦوڙ، چيل ۽ ديال جا ديو _ صورت درخت جڙن کان اکيڙي سگهندي آهي، سا دور تان هڪ چانديءَ جو پڙڇ نظر اچي رهي هئي. ڪهڙي نه بي پناهه تشبيهه هئي ان نديءَ جي منظر ۾!
گاف گرائونڊ جي اولهه طرف لاهيءَ تي ڳوٺ هو، جنهن جو نالو گائيڊ ٻڌايو ته ”روات“ آهي. ان ۾ ٿوري ٿوري پنڌ تي ڪجهه مخروطي لوهي چادرن جي ڇتين سان جديد قسم جون جهوپڙيون هيون، جي مقامي زميندارن يا غير مقامي عياش شاهوڪارن جون ٿي ڏٺيون؛ باقي هيٺ واديءَ ۾ جا بجا ڀونگڙيون هيون، جي پنهنجيءَ ڇڳل ڇاتيءَ سان آسمان جو مقابلو ڪري رهيون هيون. ايتري ۾ سج جهڙ جي جهاڳ ۾ ٽٻي هنئي ۽ سنهڙيون ڪڪريون ڇولين وانگر ڇلنديون آيون ۽ آسپاس ڌنڌ ڇانئجي ويو. سنهڙيون سنهڙيون بوندون ڪنهن ڪنواريءَ جي لڄائتي منهن تان پگهر وانگر ڪرڻ لڳيون. مون برساتي ڪوٽ پائي سگريٽ گائيڊ ڏانهن وڌايو، ۽ پوءِ ٻيئي سگريٽ پيئندا پٿرن تان هيٺ لٿاسين ۽ اچي همسفرن سان مليا سين جي تيزيءَ سان واپس وڃي رهيا هئا. سامهون پيچرو ڌنڌ ۾ ويڙهيل هو، جنهن ۾ سڀيئي اوچا درخت ڍڪجي ويا هئا. رستي تي پاسي کان اوچتو ڪنهن جانور جي گاج ٿي، جنهن جو اثر ڌنڌ، تيز هوا ۽ اسان جي رفتار جي تيزيءَ سبب هيبت خيز ٿي لڳو. اسان مان هڪ پنجابيءَ، شايد ڇرڪي يا چر چي ۾، رڙ ڪئي _ ”شير!“ مون ڌنڌ ۾ چتائي ڏٺو ته اٺن ڏهن قدمن تي هڪ پهاڙي ڏاند نظر آيو، جو گاهه چري رهيو هو ۽ اوڳاڇڻ جو آواز ڪري رهيو هو. مون کلي هن جي ڪلهي تي هٿ هڻي چيو ته ”بادشاهو، هتي شير ڪٿان آيا، هتي ته فقط ڍڳا آهن، ۽ تن کي به ٻوٿ تي ٻوٿاڙيون ۽اکين تي کوپا چڙهيل آهن.“ پنجابي بادشاهه ٽهه _ ٽهه ڪري ڏند ٽيڙڻ لڳو.
ريسٽ هائوس وٽ يارهين بجي پهتاسين، ته ڌنڌ هٽي ويو، ۽ ڪڪريون سفيد ڏائڻين وانگر ڪنجرا اڏائينديون، مٿي آسمان ڏانهن اڏامڻ لڳيون. مون هيٺ ڏٺو ته ڪنهن سفيد ڏائڻ جو ڇڏي ڏنل چراخ نظر آيو. هن جو منهن ڪٺ ڪارو، تيل جي گهاڻي صاف ڪرڻ واري ڪپڙي سان اگهيل ٿي نظر آيو. هن جا پان سان ڳاڙها ڏند ڪجهه ٻاهر نڪتل هئا ۽ اهي هن جي هيٺئين چپ تي ائين ٿي لڳا، جيئن ٽامي جي تسريءَ تي قنڌاري ڏاڙهونءَ جا داڻا. هن کي ناسي سوٽ ۽ ناسي ٽاءِ پيل هئي. مون کي پاڻ ڏانهن گهوريندو ڏسي، اڳتي وڌي آيو ۽ چيائين. ”هئلو! اڄ موسم ته خراب آهي!“ مون سندس رسمي تعارف جي جواب ۾ چيو، ”هائو، پر هتي جي خراب موسم فقط جهٽ پل لاءِ آهي. هتي گهٽائن ۾ طوفانن جو انديشو نه آهي _ گهٽائون، جي پاڻ سان ماڻهوءَ ٻوڙ مينهن ۽ آنڌيون آڻينديون آهن. هتي ڪڪرين کي فقط هوا جي هلڪي چهبڪ جي ضرورت آهي، جنهن سان گهڙيءَ ۾ ٽڙي پکڙي وڃن ٿيون، باقي ڌنڌ هتي بيحد ٿئي ٿو.“ هو مون ڏانهن تعجب مان ڏسڻ لڳو. مون کي هن جي بدصورتيءَ لاءِ نفرت کان ڪجهه بغاوت جو احساس ٿيڻ لڳو. ۽ مان هن سان وڌيڪ ڳالهائڻ لڳس. هو بنگالي مسلمان هو ۽ ڊاڪا ۾ بنگالي زبان جو پروفيسر هو. هو موڪلن ۾ آيو هو ۽ ”گاف“ هوٽل ۾ رهيو پيو هو. مون کانئس ٽئگور متعلق سندس رايو پڇيو. چيائين ته ”ٽئگور نه فقط بنگالي زبان جو پر مشرق جو عظيم ترين شاعر آهي. هن جي شاعريءَ ۾ اهو لطف آهي، جو نديءَ جي سطح تي شفق جو پاڇو پيدا ڪندو آهي. هن جي سٽ سٽ ۾ ڪمند جي ڳني جي رس آهي. جنهن ۾ تازگي به آهي ۽ شيريني به.“ مون کانئس پڇيو ته ”نذرالاسلام جي شاعريءَ متعلق تنهنجو ڇا رايو آهي؟“ چيائين ته ”تو ڏٺو آهي ته مڇرن جي خوف کان ديهاتي ڇيڻا دکائي دونهون ڪندا آهن. نذرالاسلام جي شاعري اهو دونهون آهي. ان ۾ نه شيريني آهي نه لطف، ان ۾ فقط ابهام آهي. بهر صورت هن جي شاعري افادي آهي. ٽئگور ۽ نذرالاسلام جو مقابلو ائين آهي جيئن برهمپترا ۽ ننڍي چرخي واري کوهه جو. ڪوشش ڪرڻ سان نذرالاسلام مان به ڪجهه پياس ٻجهي ٿي.“ مون کيس ٻڌايو ته مان مشرقي بنگال مان ٿي آيو آهيان؛ ۽ هيٺيان دوها جي مون پوري گنگا نديءَ جي گهاٽ تي ويهي لکيا هئا، تن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو هن کي ٻڌايم:
پورنماسي پوري گنگا، ٿڌڙي ٿڌڙي واءُ،
ٽلي پيو ٽئگور ڪنڌيءَ تي اچي پيو پرلاءُ.
ڪوي، اسان پر نام ڪيو سين، چميا اوهان جا پير،
ڪوي ڏسين ٿو ڪلجڳ آڻي ڪيڏا ٿو انڌير!
ڪوي ڏٺا آهن توکان پوءِ ڪيڏا اسان ڪلور،
سچ کي سوريءَ تي چاڙهيو ويوماٺ رهيا منصور!
پروفيسر جي مرڪ ۾ هن جا ڳاڙها ڏند هيرن وانگر چمڪڻ لڳا. جذباتي خلوص جي گرميءَ ۾ هن جو منهن ٻهڪڻ لڳو. هو پر جوش آواز ۾ چوڻ لڳو، ”اهو وقت دور نه آهي، جڏهن انسان ادب کي متروڪ جائداد نه سمجهندا. عظيم شاعر ۽ فنڪار ڪنهن فرقي، مذهب، زبان يا قوم جي ملڪيت نه آهن. هو سج وانگر سڀ کي گرمي ۽ چنڊ وانگر سڀني کي روشني پهچائيندا رهندا!“ هن مون ڏانهن هٿ وڌائي منهنجي هٿ کي دٻايو. مون ائين محسوس ڪيو، ڄڻ اهو ڪاريهر جي ڦڻ جهڙو هٿ مون کي ڪامڻ بخشي رهيو هو. ان وقت هڪ ٿيڻ وارو هو. مون گهڙي ڏسي، پروفيسر کان موڪلايو، ۽ هڪ ننڍڙي پهاڙي ڇوڪري کي رستي ڏيکارڻ لاءِ ساڻ کڻي، گاف هوٽل ڏانهن ٻيپهريءَ جي ماني کائڻ ويس.
پيچرو کپر نانگ وانگر پيچ کائيندو، پهاڙيءَ تي ٿي ويو. مون کي رستي تي ڇوڪري ٽٽل ڦٽل اردوءَ ۾ ٻڌايو ته هن جو نالو رخسار هو. هن جو پيءُ گذريل سال مري ويو هو ۽ کيس ۽ سندس ماءُ کي هن جو مامو پاليندو هو. هن جو مامو ٻين پهاڙين وانگر پٿر ڪٽيندو هو ۽ کيس روزانو هڪ رپيو ملندو هو. ڪجهه ڏينهن ٿيا ته پٿر ڪٽندي هن جي مامي جي اک ۾ زور سان پٿري لڳي ويئي ۽ کيس مريءَ ۾ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو. ”صاحب، اسان جي ڀونگي گاف هوٽل جي ويجهو ئي آهي، اسان جي گهر هلندين؟“ هن نهايت معصوميت سان پڇيو. مون هن کي ننهن کان چوٽيءَ تائين جاچيو، پر نه هن اکيون ڇنڀيون نه هن جي منهن جو وَنُ بدليو. مون ڪنڌ ڌوڻي هائو ڪئي. هو پيچرو ڇڏي درختن مان هلڻ لڳو ۽ ٿوري وقت ۾ هڪ ڀونگيءَ وٽ پهتو. ڀونگيءَ کي پراڻي ديال جو تاڪائون در هو، جو اندران بند هو. هن در جو ڪڙو کڙڪايو ته اندران ڪنهن عورت پهاڙي ٻوليءَ ۾ ڪجهه پڇيو، جنهن جي جواب ۾ ڇوڪري فقط پنهنجو نالو کنيو. ٿوريءَ دير ۾ درکليو ۽ اسين اندر وياسين. جيڪڏهن ڪنهن پهاڙيءَ مان ڇپ اکلي ڪري ها، ته شايد مون کي ايترو ڌڪ نه لڳي ها. مون ڏٺو ته جنهن عورت در کوليو، سا اها ساڳي پهاڙي عورت هئي، جا مون گاف گرائونڊ تان ويندي پيچري تي ڊوڙندي ڏٺي هئي؛ ۽ ڪمري جي فقط هڪ ئي کٽ تي گائيڊ پنهنجي خاڪي قميص لاهي گنجيءَ ۾ ويٺو هو. مان حيرانيءَ ۾ ڏسي رهيو هوس ته گائيڊ مرڪي چيو ته ”وڪيل صاحب، ويهو نه! هن وٽ ٻي پهاڙڻ به آهي، اها هن کان ننڍي آهي ۽ فقط پنج رپيا وٺندي آهي.“ مان پٺتي موٽيس ۽ گاف هوٽل ڏانهن تيزيءَ سان وڃڻ لڳس. منهنجو من گائون مائون ٿي رهيو هو. ”يا خدا! يا خدا!.....“ مون کي ڀنواٽي اچڻ لڳي، ”يا خدا، تنهنجو جلوو به پيشو ڪري ٿو!“
هاڻي چار لڳا آهن.مان گاف هوٽل جي ڪمري ۾ ويٺو آهيان ۽ توڏانهن هي خط لکي رهيو آهيان. ٻاهر زور سان بارش پئجي رهي آهي، جنهن ۾ سامهون لان ۾ پوکيل زرد گلن جون شاخون لڏي لمي رهيون آهن. مان سوچي رهيو آهيان ته قدرت هنن گلن کي پيٽ ڇو نه ڏنو آهي، انهن کي بک ڇو نه بڇي آهي، انهن کي پيشي ڪرڻ تي ڇو نه مجبور ڪيو آهي؟...... هو ايتري سڪون ۽ هو ايتري اطمينان سان لڏي رهيا آهن. جو دل ۾ اچي ٿو ته انهن سڀني کي ڏانڊين سوڌو ڪپي اچان، انهن کي ڪمري جي فرش تي اڇلي پيرن هيٺان لتاڙيان، ۽ پوءِ انهن کي کڻي سامهون واريءَ ڪرستانن جي ديول ۾ مريم جي بت جي پيرن هيٺان رکان!
پريان بس جي هارن جو آواز بار بار اچي رهيو آهي. موٽڻ جو وقت ٿيو آهي ۽ شايد مون کي سڏين ٿا. ڀلي وڃن، مان وڃڻ نه ٿو چاهيان.
سامهون برساتي ڪوٽ ۾ ويڙهيل بنگالي پروفيسر لڪڻ ٽيڪيندو، مزي سان فعولن فعولن جي وزن جي ڌن تي اچي رهيو آهي. هن جو ڪوٽ تان برسات جون بوندون ڪري رهيون آهن. هن جو جسم برسات کان ايترو دور آهي، جيترو هن جو روح هن جي ماحول کان.
چڱو سنڌڙيءَ لاءِ سلام!
_ تنهنجو پنهنجو
________
5
________
گاف هوٽل، ڀوربن
21 _ آگسٽ
ادا،
ڀوربن نهايت سانتيڪي جاءِ آهي. هتان جي گلن ۽ درختن سان منهنجي دوستي ٿي ويئي آهي ۽ انهن کي ڇڏيندي وڇوڙي جو احساس ٿو ٿئي. هوٽل ۾ مون ۽ بنگالي پروفيسر کان سواءِ ٻيا سڀ آمريڪي ۽ انگريز آهن. ڪالهه ساري شام پروفيسر سان گذري. ڪافي دلچسپ انسان آهي. هن جو رنگ روپ ته مون توکي اڳئي لکيو آهي، پر هينئر مونکي پنهنجي بي معنيٰ بڇان تي شرمندگيءَ جو احساس ٿي رهيو آهي. هن جو جسم ته رات وانگر ڪارو آهي، پر هن جو روح مان چانڊوڪي وسي رهي آهي. هن جي عمر ٻاونجاهه ورهيه آهي ۽ اڃا تائين ڪنوارو آهي _ شايد پنهنجيءَ صورت جي احساس هن کي تنهائيءَ جي زندگيءَ تي مجبور ڪيو آهي _ شايد عورتون فقط رنگ روپ تي مرنديون آهن. هو بيحد تنها آهي _ هڪ خاموش، ويران کنڊر وانگر تنها؛ پر ان کنڊر ۾ گذشته زندگيءَ جا هزارها نقش ونگار آهن. هن انگريزي حڪومت خلاف اشتعالي تحريڪ ۾ ڪافي حصو ورتو، ۽ جوانيءَ جا مسلسل ڇهه سال جيل ۾ رهيو هو. هن مون کي جيل جي زندگيءَ جا عجيب تجربا ٻڌايا. هن چيو ته ڦاسيءَ جي ڦندي تائين پهچي به قيديءَ کي اميد رهندي آهي ته ڪنهن نه ڪنهن طرح سندس زندگي بچي ويندي؛ زندگي اميد جي محبوبه آهي ۽ اميد هن جو هر جاءِ تي پيڇو ڪندي رهندي آهي. هن جيل ۾ رهي يوگ، ويدانت، هندي ادب ۽ آرٽ جو گهرو مطالعو ڪيو هو. سزا ڪاٽڻ بعد هن ڪيئي ڀيرا آجنتا جي غارن ۾ چڪر ڏنا هئا. ڪڏهن ڪڏهن آگري ويندو هو ۽ ساريون راتيون تاج محل جو عڪس جمنا ۾ ڏسندو رهندو هو. جڏهن تاج محل ۽ چنڊ ٻيئي جمنا جي لهرين ۾ لڙهندا آهن، ته ائين محسوس ٿيندو آهي ته چنڊ جنهن جاءِ کي آسمان ۾ ڳولي ٿڪو هو، سا کيس زمين تي ملي ويئي آهي. هن ٻڌايو ته هن جڏهن پهريون ڀيرو اجنتا جا غار ۽ تاج محل ڏٺو هو، ته هن کي هڪ مبهم احساس ٿيو هو ته هن اهي سالها سال اڳ ڏٺا آهن، ڪٿي ڪنهن ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل زماني ۾ _ شايد هو خود ان وقت مصور هو ۽ صبح کان شام تائين اجنتا جي ديوارن تي تصويرون ڪڍندو رهيو هو _ شايد هو ڪنهن وقت سنگتراش ۽ معمار هو ۽ هن تاج محل جا پٿر گهڙي لڳايا هئا. هن ٻڌايو ته هن بنگالي زبان م شهنشاهه اڪبر جي زندگيءَ ۽ حڪومت جي پس منظر ۾ ناول لکيو آهي، پر ڪنهن سبب ڪري اهو شايع نه ڪرائي سگهيو آهي. اهو چئي، هن ٿڌو ساهه ڀريو _ ٿڌو ساهه، جو صاف چئي رهيو هو ته هو ايترو تنها ڇو آهي، ايترو ويڳاڻو ڇو آهي. مون چاهيو ٿي ته هن کي ٻڌايان ته مان به ساڳيءَ طرح پنهنجي زندگيءَ جي ڪافي هنگامه آراين جي باوجود ساڳي تنهائي محسوس ڪندو آهيان؛ مان به محسوس ڪندو آهيان ته منهنجو روح اجنتا جي غارن ۾ ڀٽڪيو آهي، منهنجن هٿن تاج محل جا پٿر ڪٽيا آهن. شام جو اسين پهاڙي رستن تي گهمندا رهيا سين. پروفيسر سان هن جو السيشن ڪتو ساڻ هو، جنهن کي هو بيحد پيار سان ڏسي رهيو هو. هن ڪتي جي پٺيءَ تي هٿ ڦيري چيو، ”اڄڪلهه انسان کان هي ڪتو هزار بار بهتر آهي.“ ان تي مون هن کي چيو، ”پروفيسر صاحب اوهان خود ٿي فرمايو ته زندگي اميد جي محبوبه آهي ۽ اميد هن جو هر جاءِ تي پيڇو ڪندي رهندي آهي!“ هو خاموش ٿي ويو ۽ وري ڪجهه نه ڳالهايائين. مان لطيف سائينءَ جو بيت جهونگارڻ لڳس:
”الا اچن اوءِ، جن آئي من سرهو ٿئي،
پسان آءٌ پر ڪنهين، سندي جتن جوءِ،
گولي ٿيان گل بوءِ جي سڃاڻينم ساٿ ڌڻي!
الا پروفيسر کي ڪهڙي خبر ته اها سٽ، ”گولي ٿيان گل بوءِ، جي سڃاڻيم ساٿ ڌڻي“، منهنجي روح تي ڪيتري تنهائي وسائي رهي آهي!
انسان جڏهن خاموش ۽ تنها آهي، تڏهن نه خاموش آهي نه تنها. هن جي ذهن ۾ ڪيئي ڳالهيون هلن ٿيون؛ ڪيئي دور دور جا ماضيءَ جي ڌنڌ ۾ ويڙهيل انسان اوچتو اس وانگر ظاهر ٿين ٿا. معلوم نه آهي ته پروفيسر ڪٿي وڃي پهتو هو! مون کي مشرقي بنگال جو هڪ عجيب واقعو ياد اچي رهيو هو. مان ۽ منهنجو دوست چاٽگام جي ”مشڪا“ هوٽل ۾ لٿل هئاسين. سامهون ڪمري جي دريءَ مان هزارها ڪيلي، ناريل، سوپاريءَ ۽ بانس جا وڻ نظر اچي رهياهئا. مون هوٽل جي بيري کان پڇيو ته ”هتي ڏسڻ جهڙيون جايون ڪهڙيون آهن؟“ جنهن تي هن ٻن چئڻ جاين جا نالا کنيا، جن ۾ ”بازو بستان“ به هو. مون ”بستان“ لفظ مان سمجهيو ته ڪو قابل ديد باغ هوندو. ٿوريءَ دير ۾ مان ۽ منهنجو دوست ٽئڪسيءَ تي اتي پهتاسين. بازو بستان چٽگام شهر کان سورهن ميل پري هو. ٽئڪسي جتي رڪي، اتي پنج ڇهه ننڍڙا دڪان هئا، جن ۾ مختلف قسمن جي ڪيلن جا ڇڳا لٽڪي رهيا هئا ۽ ٽامي جي ٿالهن ۾ ٻه _ چار ڏينهن اڳ ڪٽيل ڳائو گوشت رکيو هو، جنهن جي گهنجيل زرد چرٻي اسان جي من کي گائون مائون ڪرڻ لڳي. ڪيترائي بنگالي مسلمان اتان ڪيلا ۽ ڳائي گوشت جا ٽڪر خريد ڪري اڳتي ٿي ويا. اسين انهن جي پٺيان وياسين. ٿوري پنڌ تي هڪ وڏو تلاءُ نظر آيو، جنهن ۾ ميرانجهڙو پاڻي ۽ تمام وڏيون ڪراڙيون ڪميون نظر آيو، جن ڏانهن بنگالي، ڪيلا ۽ ڳائي گوشت جا ٽڪر ڦٽا ڪري رهيا. اسان ٻن چئن کان اردوءَ ۽ انگريزيءَ ۾ ان باري ۾ پڇا ڪئي، پر هو اهي ٻيئي ٻوليون نٿي سمجهي سگهيا. هڪڙي سامهون اشارو ڪيو، جتي هڪ جديد قسم جو درگاهه ٺهيل هو. اسين اوڏانهن وياسين ۽ درگاهه جي مجاور کان، جو اردو چڱيءَ طرح سمجهي ۽ ڳالهائي سگهيو ٿي، پڇا ڪئيسين. هن چيو ته اتي حضرت بايزيد بسطاميءَ جي مزار هئي، جنهن کي کارڙ بنگاليءَ ۾ ”بازو بستان“ چيو ويندو آهي. ”جڏهن يايزيد بسطامي هتي آيو هو، تڏهن اتي ديو رهندا هئا. حضرت اتي چلو پچايو هو ۽ اسلام جي ڪرامت سان ديون کي ڪميون ڪري ڇڏيو هئائين. صدين کان اهي ديو اڃا ڪميون آهن، جي انهيءَ تلاءَ ۾ تڙڳن ٿيون.“ مون وڏو ٽهڪ ڏيئي چيو، ”هائو، مجاور بابا! هي الله لوڪ واقعي ديون کي ڪميون بنائي ٿا وجهن، ۽ اهي ڪيئي صديون ڪميون ٿي رهن ٿا.“ مجاور جي ڪارين واڇن تي مرڪ ائين آئي، جيئن اوچتو باهه تان لٿل تئو کلڻ لڳي.
جڏهن هوٽل وٽ پهتاسين ته پروفيسر ڪتي جي پٺيءَ تي هٿ ڦيري، ان سان ڳالهائڻ لڳو: ”چڱو جو اوهان جي قوم مذهبي تفرقي جي قائل نه آهي، نه ته هڪٻئي کي چڪ پائي مرو ها.“ مون مرڪي پروفيسر ڏانهن ڏٺو. هو اڃا ديو هو، ۽ هن کي ڪابه ڪرامت ڪمي بڻائي نه سگهي هئي.... هاڻي ننڊ ٿي اچي.
_ تنهنجو پنهنجو
________
6
________
گاف هوٽل، ڀوربن
23 _ آگسٽ
ادا،
ڪالهه ساري رات وڏ ڦڙو وسندو رهيو. سارو ڀوربن ڌنڌ ۾ ويڙهجي ويو هو. ڪڏهن ڪڏهن وڄ ٻه _ منهينءَ وانگر ڪڪرن کي ڏنگي رهي هئي. کنوڻ جي اجالي ۾ ڪڪرن جا ڌنڌ ۾ ويڙهيل پهاڙ ائين ٿي لڳا، ڄڻ ديو دونهون دکائي ويٺا هئا. ڀوربن ۾ بجلي ڪانه آهي. مون هوٽل جي مالڪياڻيءَ کان ٽي شمعدان ۽ هڪ هٿ بتي ورتي ۽ شمع جي روشنائيءَ تي ٽالسٽاءِ جو ناول ”ائنا ڪريننا“ پڙهندو رهيس. اهو ڪتاب مون اڳي به پڙهيو هو، پر ان وقت ذهن جي ارتقا ايتري نه هئي، جو ٽالسٽاءِ جي ڪردار نگاريءَ جو پورو لطف وٺي سگهان. اهڙيءَ طرح مون مغرب جو ٻيو به ڪلاسيڪي ادب بار بار پڙهيو آهي ۽ هر بار ان مان نئون لطف آيو آهي. مون مغرب جا جديد ۽ قديم دور جا گهڻو ڪري سڀئي ناول پڙهيا آهن، ۽ منهنجي خيال ۾ ٽالسٽاءِ جي مقابلي جو ادب اڃا تائين دنيا پيدا نه ڪيو آهي. انسان جي ڪمزوريءَ ۽ ڪچائيءَ جي ايتري شناس ۽ ان جي باوجود انسان ذات سان ايتري محبت، ماحول جي اهڙي دلڪش عڪاسي ۽ تاريخ جي ارتقا جو اهڙو صحيح اندازو، انسان جي ابدي مسئلن، جهڙوڪ زندگي ۽ موت جواني ۽ پيري، گناهه ۽ ثواب وغيره جو اهڙو گهرو مطالعو ۽ شگفته نظريو دنيا جي ٻئي ڪنهن اديب ۾ نه آهي. خصوصاً سنڌي اديب لاءِ ته ٽالسٽاءِ جو مطالعو بيحد ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته اسين به انهيءَ زمينداري ۽ جاگيرداري نظام مان نڪري رهيا آهيون، جو ٽالسٽاءِ جي دور ۾ هو. ادا، مون کي سنڌيءَ جي نوجوان اديبن لاءِ اها شڪايت آهي ته هو مطالعو بلڪل نٿا ڪن. اهو دور ختم ٿي ويو، جڏهن ”ناسخ“ ۽ ”انشا“ جا چار غزل پڙهي، اسان جا شاعر انهن جي قافين ۽ رديفن تي طبع آزمائي ڪندا هئا ۽ اردو زبان جون ورهين کان لتاڙيل ترڪيبون، تمثيلون ۽ تشبيهون هنن جي سڄي ادبي دنيا هوندي هئي. منهنجي ادب جي ابتدا انهيءَ دقيانوسي قسم جي شاعريءَ ۽ ادب سان بغاوت سان ٿي هئي. مونکي اهو ڏسي تعجب ٿو اچي ته انهيءَ دؤر جي ختم ٿيڻ بعد اسان جا اديب انهن جديد اردو شاعرن جي محاورن ۽ خيالن جي تقليد ڪري رهيا آهن، جي شاعراردو زبان جي تاريخ ۾ ”ناسخ“ ۽ ”انشا“ جي پايي تي به نه پهچي سگهندا. مون اردوءَ ۾ هزارين شعر لکيا آهن. اگرچ ان ۾ منهنجو زياده تر مقصد اهو آهي ته سنڌ جي عظيم ادبي شخصيتن جا منظوم ترجما ڪري، انهن کي پاڪستان ۽ هندستان جي ادب سان روشناس ڪرايان، ۽ توکي خبر آهي ته انهن ترجمن اردو ادب ۾ ڪيتري مقبوليت حاصل ڪئي آهي، پر مان يقين سان چوان ٿو ته اردو زبان هڪ تخريبي دور جي زبان آهي ۽ ان ۾ اها وسعت ۽ صلاحيت نه آهي، جا سنڌي زبان ۾ آهي. اردوءَ جا زياده تر اديب بلڪل سطحي انشا پرداز آهن، جن جو علمي استعداد بلڪل محدود آهي. انهن ۾ نه خيالات جي انفراديت آهي ۽ نه زبان جو حسن. خصوصاً اردو جا افسانه نويس فقط لفاظيءَ نقاليءَ کان سواءِ ڪجهه نه ڄاڻن، ۽ سندن دنيا جي ادب جو مطالعو بيحد محدود ۽ انساني فطرت جي ڄاڻ بنهه گهٽ آهي. اردو ادب جي تقليد سنڌي اديبن جي ذهني ارتقا لاءِ مهلڪ ثابت ٿيندي. جيستائين اسان جا اديب خصوصاً يورپ ۽ آمريڪا جي جديد ۽ قديم ادب جو مطالعو نه ڪندا تيستائين هنن کي چڱي ۽ بري ادب جي صحيح پرک نه پوندي. منهنجو مطلب اهو نه آهي ته اردو ادب جي تقليد ڇڏي، مغربي ادب جي تقليد ڪئي وڃي. مان هر تقليد جي خلاف آهيان. هر چڱي ادب ۾ اديب ۽ ان جي قوم ۽ زبان جي انفراديت ۽ اصليت آهي. جيستائين ڪنهن سنڌي اديب گهٽ ۾ گهٽ ”شاهه“ ، ”سچل“ ۽ ”ساميءَ“ جو گهرو مطالعو نه ڪيو آهي ۽ هو پنهجي تاريخ روايات ۽ ماحول جو چڱيءَ طرح واقف نه آهي، تيستائين هو سنڌي زبان ۾ چڱو ادب پيدا نه ٿو ڪري سگهي. منهنجو مقصد فقط اهو آهي ته دنيا جي ادب جو مطالعو اسان جي زندگيءَ ۽ ادب جي نظريي ۾ ڪافي وسعت پيدا ڪندو. دنيا جي ادب ۾ هندستان، ۽ خصوصاً مشرقي ۽ مغربي بنگال جو ادب توجهه جي قابل آهي.
ادا، مان ته ڄڻ پاڻ سان ڳالهائي رهيو آهيان، نه ته تنهنجي ادبي ذوق لاءِ اهڙي تقرير جي ڪهڙي ضرورت آهي. تنهنجي وسيع مطالعي کان ڪنهن کي انڪار ٿي سگهي ٿو. مان به عجيب آهيان، قلم جي وهڪ ۾ لڙهندو ٿو وڃان!
ادا، رات ٻارهين بجي تائين ڪتاب پڙهندي اک لڳي ويئي. خبر نه آهي، خواب هو يا حقيقت، پر مون کي ته حقيقت ٿي لڳي. مون ڏٺو ته هڪ حسين ترين عورت منهنجي سيرانديءَ کان ويٺي آهي. هن کي ڀرت سان ڀريل چولو پيو هو ۽ کيس ڳچيءَ ۾ خوبصورت دهري پيئي هئي. هن جي ٻانهن ۾ عاج جي ٻانهين هئي ۽ اکين ۾ گهرو ڪارو ڪجل. هن پنهجيون ڊگهيون چوٽيون نفاست سان منهنجي منهن تي هڻي، پڇيو ته ”جاڳين ٿو؟“
مون ڇرڪي چيو، ”تون ڪير آهين؟“
”تون مون کي نٿو سڃاڻين؟“ هن مرڪندي چيو، ”تنهنجو منهنجو ازل جو سڱ آهي. تون ننڍو هئين ته مان تنهنجي روح ۾ ڪتڪتايون ڪندي هيس. تون جوان ٿئين ته مون پنهنجو حسن ۽ جواني تنهنجي نذر ڪئي. تو ڪيئي چانڊوڪيون ۽ اونداهيون مون سان گذاريون آهن. تون ته چوندو هئين ته تنهنجيءَ آغوش کان وڌيڪ عيش دنيا جي ڪنهن به شيءِ ۾ نه آهي! تون مون کي نٿو سڃاڻين؟“
مون اکيون ڇنڀي، هن کي غور سان ڏسي چيو، ”اڙي، تون ته شاعري آهين! چري، تون گذريل ٻه سال ڪٿي هئينءَ؟ مون توکي نگري نگريءَ ۾ ڳوليو آهي. چاٽگام جي رنگا رنگ گلن ۾. زيارت جي پهاڙي چشمن ۾! تون ڪٿي هئينءَ؟ توکي اهو خيال به نه آيو ته مان توکان سواءِ بلڪل تنهائي محسوس ڪندو آهيان.“
هن کلي چيو، ”هل ڪوڙا! فريبي! تون فقط مون سان محبت ٿوروئي ڪندو آهين. مان ته تو سان سچي آهيان. مان چوريءَ تو وٽ ايندي آهيان ۽ وٿيءَ مان ليئو پائي ڏسندي آهيان ته ڪڏهن تون ننڊ سان پيار ڪندو نظر ايندو آهين، ڪڏهن دولت سان. مون کي حسد ٿيندو آهي ۽ غصو ايندو آهي، سو مان چپ چاپ موٽي ويندي آهيان.“
”چري، مان انهن سان پيار ٿوروئي ڪندو آهيان. تون نه هوندي آهين ته پوءِ انهن سان دل وندرائيندو آهيان. تون صبح شام مون وٽ رهين ته مون کي ٻيو ڇا گهرجي!“
”چوين ته صبح شام تو وٽ رهي پوان، پر پوءِ جلد ئي خفي ٿي پوندين. چريا، وڇوڙو سڪ وڌائيندو آهي!“
هن پوءِ مون کي هٿ کان وٺي اٿاريو ۽ ميز تائين وٺي آئي. ياد نه آهي ته هن تيلي ٻاري شمع جلائي، يا مون. روشني ٿي ته هوءَ پٺتي هٽندي ويئي. ان وقت رات جا ٻه لڳا هئا. مون محسوس ڪيو ته هوءَ اتي ڪٿي ڪمري ۾ آهي، پر نظر نٿي اچي. پوءِ مان صبح تائين لکندو رهيس، ۽ ائين ٿي لڳو ته لکڻ وقت هن جو مينديءَ رتو هٿ منهنجي هٿ تي رکيل هو ۽ گذريل واقعات رکيل انگوري شراب وانگر مدمستيءَ واري خوشبو ڏيئي رهيا هئا. شمع تي شمع جلندي رهي..... ڪوئي پتنگ ڪونه هو، فقط منهنجا خيال کنڀرا ٽيون هڻي رهيا هئا ۽ منهنجيءَ جاڳ ۾ جرڪي رهيا هئا.
_ تنهنجو پنهنجو