مذهب

نورِ مُبين : اصحاب بدر رضه جا پاڪ نالا

هي ننڍڙو ڪتاب ”نورِ مُبين : اصحاب بدر رضه جا پاڪ نالا“ نامياري نعت خوان، ليکڪ ۽ شاعر جوهر بروهي صاحب جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ اصحاب بدر جا نالا ، شهيدن جو تعارف ۽ شاعريءَ ۾ ڏنل ڀيٽا شامل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 1405
  • 720
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • جوهر بروهي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نورِ مُبين : اصحاب بدر رضه جا پاڪ نالا

پنهنجي پاران

1

نحمده و نصلي عليٰ رسولہ الکريم:
اٻوجهن جو آسرو، عالي مقام هادي حضرت نبي ڪريم ﷺ جن علم و عرفان جا صاحب؛ پنهنجي ذات گرامي جي لحاظ کان ڪائنات جي سونهن آهن. سندن فيض اثر جا عقيدتمند به شعور ۽ علم ۾ ڪامل ، خلوص ۽ عمل جا مثالي انسان هيا. هر اصحابي نور جو منارو ۽ حق جو معيار آهي. قرآن ڪريم جو کليل ارشاد آهي:
رضي الله عنهم و رضوا عنہ
انهن منجهان هر هڪ بلاشڪ عظمتن جو صاحب هيو، پر پوءِ به بدر جي معرڪي ۾ شريڪ 313 فردن کي امت ۾ هڪ جدا اعزاز ۽ مغفرت حاصل آهي. سندن عام عدد ٽي سو تيرنهن اصحابين جو آهي. انهن سان گڏ ان تاريخي معرڪي ۾ آقا محترم نبي ڪريم ﷺ جن به نفس نفيس شريڪ هيا. ۽ اسان کين بدر وارن جو امام ۽ قائد مڃون ٿا.
هنن مبارڪ نالن ۾ رب ڪريم برڪت ۽ شفا جو خاص تاثير رکيو آهي. جنهن جو تفصيل شيخ عبدالحق محدث دهلويؒ ” مظاهر حق“ ۾ڏنو آهي. ڪن عالمن جو چوڻ آهي ته هنن پاڪ نالن وٺڻ سان مريضن کي شفا ملي. ڪيترن عارفن مريضن جي مٿي تي هٿ رکي هي نالا پڙهيا ته عافيت ۽ شفا حاصل ٿي. ۽ انهن نالن پڙهڻ وقت هر نالي سان رضي الله تعاليٰ عنہ ضرور پڙهڻ گهرجي. ممڪن هجي ته ماڻهو (ضرورتمند) با وضو حالت ۾ پاڻ پڙهي. جي اهو ممڪن نه هجي ته صاحب عمل متقي کان پڙهائي دم ڪري.
منهنجو خيال آهي ته هر مهلڪ مرض وقت خاص طور ڪينسر جو مريض هي پڙهي؛ روزانو دعا گهري. رب ڪريم شفا عنايت ڪري.هنن نالن جي ترتيب وقت ”النور المبين“، مخدوم هاشم ٺٽوي ۽ ان بابت لکيل حضرت مولانا سليم الله خان سومرو جي ترتيب کان مڪمل فائدو ورتو ويو.
هن ڪتابڙي جي ترتيب اشاعت وقت عبدالجبار شيخ، نوجوان عبدالغفار ” همدم“ ۽ رياض احمد جو خاص دعاگو آهيان.


دعاگو

جوهر بروهي
فريد آباد.
21 جمادي الاول 1437هه