مذهب

نورِ مُبين : اصحاب بدر رضه جا پاڪ نالا

هي ننڍڙو ڪتاب ”نورِ مُبين : اصحاب بدر رضه جا پاڪ نالا“ نامياري نعت خوان، ليکڪ ۽ شاعر جوهر بروهي صاحب جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ اصحاب بدر جا نالا ، شهيدن جو تعارف ۽ شاعريءَ ۾ ڏنل ڀيٽا شامل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 1405
  • 720
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • جوهر بروهي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نورِ مُبين : اصحاب بدر رضه جا پاڪ نالا

بدر جا شهيدَ

1: حَارِثَةُ بْنُ سُرَاقَةُ بن الحَارِثُ الْخَزْرَجِی
سندس ماءُ ربيع بنت نضر، جيڪا نبي ڪريم ﷺ جي خادم خاص حضرت انس بن مالڪ﷦ جي پڦي آهي. نبي ڪريم ﷺ حضرت حارثه سان حضرت سائب بن عثمان بن مظعون جي ڀائپي جوڙي. حبان بن عرفہ جي حملي سان شهيد ٿيو.

2: رَافِعُ بْنُ الْمُعَلّٰی بِنْ لَوْذَانَ الْخَزرَجِی
پنهنجي ڀاءُ هلال بن معليٰ سان گڏ بدر ۾ شريڪ ٿيو. عڪرمہ بن ابوجهل جي حملي سان شهادت ماڻي. نبي ڪريم ﷺ جن سندس ڀائپي حضرت صَفوان بن بيضاءَ سان جوڙي. ان پڻ بدر ۾ شهادت ماڻي.

3: سَعْدُ بْنُ خَیْثَمَةَ بْنِ الْحَارِثِ الاوسی
ٻارهن نقيبن مان هڪ هيو. نبي ڪريم ﷺ جن ابو سلمہ بن عبدالاحد سان ساڻس ڀائپي جوڙي. مٿس عَمرِو بن عبدوَد حملو ڪري شهيد ڪيو

4:صَفْوَانُ بْنُ وَھَبِ بْن ھِلَالِ الْقُرَشِیِّ الْفِھْری
سندس ڪنيت ابوعمر هئي. نبي ڪريم ﷺ جن سندس ڀائپي رافع بن معليٰ سان جوڙي. هنن ٻنهن بدر ۾ شهادت ماڻي. صفوان پنهنجي سڳي ڀاءُ سُهيل بن بيضا‌ء سان گڏ بدر ۾ شريڪ ٿيو. بيضاء سندن ماءُ سڳوري جو نالو آهي. هي به بيان آهي ته حضرت صفوان بدر ۾ شهيد ڪونه ٿيو هو.

5:عَاقِلُ بْنُ الْبُکَیْرِ بْنِ عَبْدِ یَالَیْلَ اللَّیْثِیّ
پنهنجي ڀائرن عامر، خالد ۽ اياس سان گڏ بدر ۾ شرڪت ڪئي. نبي ڪريم ﷺ جن سندس ڀائپي حضرت مبشر بن عبدالمنذر يا مجذر بن زياد سان جوڙي. سندس پراڻو نالو ”عافل“ هيو. مگر نبي ڪريمﷺجن سندس نالو مٽائي ”عاقل“ رکيو. دارارقم ۾ ايمان آڻڻ وارن ۾ پهريون شخص آهي.

6:عُبَیْدةُ بْنُ الْحَارثِ بْنِ الْمُطَّلِبِ
الْقُرْشِیّ الْمُطَّلِبیُّ
قريش جو بهادر شخص، ابو حارث جي ڪنيت سان مشهور هيو. نبي ڪريم ﷺ جن سندس ڀائپي عُمير بن حمام سان جوڙي. ڪن روايتن موجب سندس ڀائپي بلال بن رباح سان هئي. نبي سائين جن جو سوٽ هيو.

7:عُمَیْرُ بْنُ الْحُمَامِ بْنِ الْجَمُوْحِ الْخَزْرَجِیُّ
نبي ڪريم ﷺ جن پنهنجي عزيز عبيده بن حارث جي ڀائپي ساڻس جوڙي. ٻئي بدر ۾ شهيد ٿيا. عُمير وڏي جرئت سان بدر ۾ شريڪ ڪار هيو.

8:عُمَیْرُبْنُ عَبْدِ عَمِرِو بْنِ نَضْلَةَ الْخَزَاعِیّ
سندس ڪنيت ابو محمد ۽ لقب ذوشمالين هيو. همت ڀريو شخص ٻنهن هٿن سان هڪ جيترو ڪم ڪري سگهندو هيو. حضرت ذوشمالين مڪي مان هجرت ڪري مدينہ منوره ۾ حضرت سعد بن خيثمہ جو مهمان ٿيو. پوءِ نبي ڪريم ﷺ جن سندس ڀائپي حضرت يزيد بن حارث سان جوڙي. هي ٻئي سڳورا بدر ۾ شهيد ٿيا.

9:عُمَیْرُ بْنُ اَبِی وَقَاص مَالِکُ بْنُ اُھَیْبُ
الْقُرْشِیُّ الْزُّھْرِیُّ
نبي ڪريم ﷺ جن عَمرو بن معاذ سان کيس ڀاءُ بڻايو. هن بهادر سورهن سالن جي عمر ۾ بدر ۾ شرڪت ڪري شهادت ماڻي. حضرت سعد بن ابي وقاصؓ سندس ڀاءُ آهي. بدر ۾ شرڪت جي اجازت نه ملڻ جي ڪري روئي ويٺو. کيس هلڻ جي اجازت عنايت ٿي.

10:عَوْفُ بْنُ الْحَارِثُ بْنِ رِفَاعَةَ الْخَزْرَجِیُّ
جيجل ماءُ جونالو عُفراء بنت عبيد آهي. مڪي شريف ۾ انصار جي ڇهن ماڻهن پهرين بيعت ڪئي، ان ۾ شريڪ هيو. ٻي عقبہ ۾ به ستر اصحابن گڏ موجود هيو. حضرت مُعاذ ۽ حضرت مُعوذ (رضي الله عنهما)سندس ڀائر هيا. ابوجهل جي حملي۾ شهيد ٿيو.

11: مُبَشِّرْ بْنُ عَبْدِ الْمُنْذِرِ بْنِ زَنْبَرٍ
پنهنجي ٻن ڀائرن ابولبابه ۽ رفاعة رضي الله عنهما سميت بدر جي معرڪہ ۾ شريڪ ٿيو ۽ ابوثور هٿان شهادت ٿي.

12: مُعَوِّذُ بْنُ حَارِثِ بن رِفَاعَةَ الْخَزْرَجِیُّ
پنهنجي ٻن ڀائرن عوف ۽ مُعَاذ سان گڏ بدر ۾ شريڪ ٿيو. پنهنجي ڀاءُ عوف سان گڏجي ابوجهل تي حملو ڪري ڪيرايو. پر پاڻ به ان هنڌ شهادت پاتي.

13: مِھْجَعُ الْیَمْنِیّ
مِهۡجع بن صالح ڪلبي يمن جو باشندو هيو. ايمان آڻي مڪي ۾ رهيو.حضرت عمر فاروق سان وابستگي هئي. عامر بن حضرمي جي تيرهڻڻ سان بدر ۾ پهرين شهادت ماڻيندڙ ٿيو.

14: یَزِیْدُ بْنُ الْحَارِثُ بْنُ قَیْسٍ الْخَزْرَجِیُّ
حضرت يزيد جو نالو سندس ماء بي بي فسجم جي نالي سان مشهور ٿيو. نبي ڪريم ﷺ جن عُمير بن عبد عَمِرَو سان سندس ڀائپي منظور فرمائي. هنن ٻنهن بدر ۾ شهادت ماڻي.