مذهب

نورِ مُبين : اصحاب بدر رضه جا پاڪ نالا

هي ننڍڙو ڪتاب ”نورِ مُبين : اصحاب بدر رضه جا پاڪ نالا“ نامياري نعت خوان، ليکڪ ۽ شاعر جوهر بروهي صاحب جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ اصحاب بدر جا نالا ، شهيدن جو تعارف ۽ شاعريءَ ۾ ڏنل ڀيٽا شامل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 1405
  • 720
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • جوهر بروهي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نورِ مُبين : اصحاب بدر رضه جا پاڪ نالا

بدر جا شهيد: شاعريءَ ۾ ڀيٽا

مان سچو عقيدو ٻڌائي ڇڏيان
بدر جي شهيدن تان صدقي ٿيان

هيو چوڏهن ۾ ”قريشي عُمير“
يا ”صَفوان“، ”مِهجع“ ۽ ”عاقل“ دلير
”عُمير ابن حمام“ تان گهور ٿيان

”يزيد ابن حارث“ سان گڏ ”حارثہ“
”سعد“ ۽ ”مُبشر“ هيا پارسا
شهادت جي عظمت لکان ڇا لکان

”معوذ“ سان گڏ ”عوف“ ارڏو جوان
۽ ”رافع“ هيو عزم ۾ پهلوان
صحابه جو مَٽُ ڪونه ڪنهن کي مڃان

”عُبيدہ“ نبي پاڪ جو سوٽ هو
اتي ”ذوشمالين“ ٿيو گهوٽ هو
آ سنت شهادت جي جاري اڃان

محمدؐ جا اصحابي عزت ڀريا
فتح تي ابوجهل پارا سڙيا
اي ”جوهر“صحابه سان دل لائيان