سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري اديب غلام رباني آگري جو لکيل ڪتاب ”سنڌي ادب تي ترقي پسند تحريڪ جو اثر“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
ترقي پسند تحريڪ تي سنڌي ادب ۾ ايترو ڪم ناھي ٿيو جيترو ٻين ٻولين ۾ ٿيو آھي. ترقي پسند تحريڪ ۾ سنڌي اديبن مان جيڪي اديب ۽ شاعر هِن تحريڪ ۾ پيش پيش هئا، تن مان شيخ اياز، سائين محمد ابراهيم جويو، سوڀو گيانچنداڻي، اياز قادري، جمال ابڙو، احسان بدوي، حفيظ شيخ، رشيد ڀٽي ۽ غلام رباني آگرو جن جا نالا سرفھرست آهن. ھن ڪتاب ۾ غلام رباني آگري سنڌي ادب تي ترقي پسند تحريڪ جي اثر جو جائزو پيش ڪيو آھي.
ھي ڪتاب 2013ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي شير علي چانڊيي جي سھڪار سان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com