ڪھاڻيون

پيار ڪھاڻيون

ھي ڪتاب امرتا ڪلاسڪس جي پھرين ڪڙيءَ طور ڇپايو ويو آھي جنھن ۾ محبتن جون ٽي تحريرون، پنهنجي اندر کي ڪوري اوهان جي هٿن تائين پھچي رهيون آهن. لکڻ جو ڪمال، ڪاغذ تي اندر جي ڄَرَ ۽ احساس جي سگهاري ڪيفيت کي اکيين ڏسو، اهو ئي هنن تحريرن جو ڪمال آهي. هنن پيار ڪھاڻين جو ’پيارُ‘ اوهان جي اکين، ذهنن ۽ دلين تي دستڪ ڏيڻ لاءِ تيار آهي. ڪتاب ۾  موهن ڪلپنا جي ڪھاڻي ”مان اپمان“، طارق اشرف جي ڪھاڻي ”درد جا ڏينھن، درد جون راتيون“ ۽ خيرالنساء جعفريءَ جي ڪھاڻي ”1967ع، 1968ع ۽ 1969ع“ شامل آھن.

  • 4.5/5.0
  • 8
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محمود مغل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پيار ڪھاڻيون

مانُ، اَپمانُ

مانُ، اَپمانُ

- موهن ڪلپنا

رات جي خاموشيءَ جڏهن آڌي رات جي سرحد پار ڪئي، تڏهن شيکر پنھنجي نئين گهر جي سجايل ڪمري ۾ پير رکيو. شادي تي آيل دوست نيڪ تمنائن جا هوڪا ڏيئي وڃي چڪا هئا. ڪي مٽ مائٽ پاسي وارين ڪوٺين ۾ هئا، جيڪي گهيرٽ کائيندي پنھنجا پنھنجا شاديءَ جا قصا ٻڌائي رهيا هئا. بئنڊ وارا ويندي ويندي خاموشيءَ جي موسيقيءَ کي صفا بيھوش ڪري ويا هئا.
سڄو ڪمرو جوانيءَ جي رومانوي خوابن جي طرز تي سجايل هو. ريشمي سيج ڪنھن هِل اسٽيشن تان خاص گهرايل گلاب ۽ موتين جي گلن سان سينگاريل هئي ۽ سيج تي خاص هندستاني ڍنگ سان ويٺي هئي ريکا. گوڏن تي هٿ ۽ هٿن تي کاڏي رکي.
ريکا، شيکر کي ڏسي اکيون بند ڪري هڪ ڊگهو ساھہ کنيو ۽ جڏهن شيکر سندس ڀر ۾ اچي ويٺو، تڏهن اکيون چمڪائي هن چيو، ”ڪيئن، ٿي ويئي نہ اسان جي شادي.“
اُداس شيکر جي پيشانيءَ تي فڪر جون هلڪيون ريکائون ظاهر ٿيون. شيکر جي خاموشيءَ تي خفي ٿي ريکا چيو، ”ڇا ٿو ڏسين؟“
شيکر مرڪيو، ريکا هن جي سامھون هئي. هن بہ هڪ ڊگهو ساھہ کنيو. اوچتو هن کي لڳو تہ ڪمري ۾ فقط گلن جي خوشبو نہ هئي. هڪ ٻي بہ سڳنڌ هئي. ڪچي اَنبڙيءَ جي خوشبوءِ جيان بنھہ مخصوص. جسم جي ماس جي خوشبوءِ.... هن اکيون بند ڪري ڇڏيون، ڄڻ اُن خوشبوءِ جي موجودگيءَ کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ٿي ڪيائين.
ريکا پنھنجون ٽنگون سڌيون ڪري، ساڄي پير جي آڱوٺي سان شيکر کي ڪتڪتائي ڪئي. شيکر اچرج ۾ ڀرجي هڪ اَجنبيءَ جيان ريکا ڏانھن نھارڻ لڳو.
سياري جي سرد ۽ ڊگهي رات هئي.
ريکا پلنگ تان اُٿي کڙي ٿي. اڳيان وڌي هن اوڀر واري دريءَ جو پردو هٽايو. پورنماسي جي چنڊ کي ڏسي، ٻانھون مٿي ڪري آرس ڀڳائين. هوا جو هڪ سرد جهوٽو آيو ۽ ريکا جي جسم کي ڇُهي، ان جي مخصوص هڳاءَ کي کڻي ڪمري ۾ ڦهلجي ويو.
’هاءِ‘ چئي، ريکا واپس وري ۽ اچي شيکر جي پاسي ۾ ويٺي. هن جي گلي ۾ ٻانھون وجهي چيائين، ”ڇا ٿيو آهي منھنجي شيکر کي؟“
لڳو، هوا جو اُهو سرد جهوٽو ڪمري ۾ نہ، شيکر جي شرير ۾ گهڙي ويو هو. هن ريکا جي ٻانھن کي دشمن جون تلوارون سمجهي، انھن کي هٽائيندي چيو، ”تنھنجي شرير ۾ موه ڪونھي، پوءِ هيءُ ناٽڪ ڇا جو؟“
هڪ ڏينھن ريکا چيو هو: ”شيکر، آتما جو نہ، شرير جو پوڄاري آهي. هن لاءِ پريم، روپ جو جادو آهي.“
پلڪون بنا ڇنڀڻ جي ريکا حيران رهجي ويئي.
شيکر پلنگ تان اُٿي وڃي دريءَ جي پاسي واري آرام ڪرسيءَ تي ويٺو. هن کيسي مان سگريٽ ڪڍي دکايو ۽ شروعاتي ڊگهن ڪشن سان پاڻ کي ۽ سڄي آرام ڪرسيءَ کي دونھي جي چوکٽ ۾ گهيري ڇڏيائين. دونھي جو اهو گهيرو جڏهن هٽيو، تڏهن هن ڏٺو تہ ريکا سندس سامھون بيٺي هئي.
”ڇا توکي منھنجو صفا خيال ڪونھي؟“ سوال ۾ شڪايت هئي ۽ بيعزتيءَ جي چوٽ جو درد هو.
شيکر نرموه لھجي ۾ چيو، ”صفا خيال ڪونھي، ائين تہ مون چيو ڪونہ!“
”ڳالھہ ڇا ظاهر ڪانھي؟“
”ظاهر ڳالھہ اها آهي تہ اسان ٻنھي هڪ ٻئي سان شادي ڪئي آهي.“
”۽ شاديءَ جي پھرين رات تون پٿر بڻجي ويو آهين.“
”مان آهيان ئي پٿر ريکا. اها تنھنجي غلطي هئي جو تو مون کي روپ جو متوالو ڪوٺيو هو.“
”اڇا، تہ تون هاڻ اُن جو بدلو وٺي رهيو آهين؟“
”چئي نٿو سگهان. سوچيو هوم، هن هٺيليءَ سان شادي ڪنھن بہ حالت ۾ ڪندس، سا ڪئي اٿم. مون کي ٻيو ڪجهہ کپندو ئي نہ هو ۽ ڪجهہ کپي بہ ڪونہ. تون منھنجي زال آهين، ان کان ڪوبہ انڪار ڪري نٿو سگهي. مون لاءِ ايترو ئي ڪافي آهي.“
پيرن کان سر ڏانھن ويندڙ تلوار جي وار جيان سکر کي اوچو ڪندي، هن سخت ڪٽيندڙ نوع ۾ چيو، ”تنھنجي ڇاتيءَ ۾ منھن لڪائي آرام ڪرڻ جو خيال مون کي بہ ڪونھي، اهو مون کي ڪڏهن بہ ملي سگهي ٿو، ڪٿي بہ ملي سگهي ٿو.“
نھايت پريشانيءَ وچان شيکر پنھنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون.
اِها ئي پريشاني هئي، جيڪا هميشہ ريکا کي شيکر جي نزديڪ ڇڪي ويندي هئي. هڪ پلڪ لاءِ ريکا کي لڳو تہ پاڻ اهڙي ڳالھہ چئي ڄڻ هڪ پاپ ڪيو هئائين، پر ٻيءَ گهڙيءَ، هُوءَ پاپ جي اِن جذبي کي پنھنجي ڪمزوري سمجهي، موٽي وڃي پلنگ تي ويٺي. هن جي اکين جي سامھون نہ معلوم ڪيترن خوابن جا منظر ڦري آيا. اُهي خواب، جي هن شاديءَ کان مھينو کن اڳ، روز، هر رات ڏٺا هئا. انھن خوابن ۾ هر چيز گلن جي ٺهيل هئي. گلن جي اُن ماحول ۾ هن جا سواس سرد ۽ هلڪا بڻجي ٽٽي پوندا هئا. پر هاڻ هن جو هر سواس نھايت ڳورو بڻجي ويو هو. هن جي من جي تار ٽٽي پيئي هئي ۽ اوچتو هن جي آتما ۾ وڄندڙ سنگيت بند ٿي ويو.
مٿي تي هٿ رکي هن تڙپي چيو، ”مان چئي نٿي سگهان تہ تون مون کي چاهين ٿو يا نٿو چاهين، پر مان توکي چاهيان ٿي. تو ۾ روپ جو موه ڪونھي، ٺيڪ آهي. اڄ رات کان، رات جي هن هلندڙ گهڙيءَ کان، مان تنھنجي پريم جي وس ٿي، فيصلو ٿي ڪريان تہ جنھن شرير ۾ تنھنجو موه ڪونھي، مان اِن شرير جي روپ جو ڪوبہ خيال نہ رکندس. جيڪڏهن منھنجو شرير تنھنجي هٿ جي ڇھاءُ جي لائق ڪونھي، تہ مان خود بہ ڪڏهن ان کي تنھنجي هٿ جي ڇھاءُ جي لائق بڻجڻ نہ ڏينديس.“
شيکر ڪوبہ جواب نہ ڏنو.
ريکا پلنگ تان اٿي کڙي ٿي. هن پلنگ تي پکڙيل گل ميڙي، پاسي واري ٽيبل تي رکي ڇڏيا. چيلھہ وٽ ٽائيٽ ٿيل ساڙهيءَ کي ڍلو ڪري، هن وارن مان ڪانٽا ۽ بڪل لاهي ساڳي ٽيبل تي رکيا ۽ پوءِ هڪ دفعو وري بہ شيکر ڏانھن منھن ڪري چيائين، ”تون منھنجو پتي آهين، اها ڳالھہ مان رڙيون ڪري دنيا کي ٻڌائي سگهان ٿي، پر هڪ ڳالھہ ٻڌي ڇڏ شيکر! مان زندگيءَ ۾ ڪڏهن بہ توکي پنھنجي جسم کي هٿ لائڻ نہ ڏينديس.“ ائين چئي هوءَ پلنگ تي ليٽي پيئي ۽ پاسو ورائي ڇڏيائين.
هڪ هڪ ڪري پاسي وارن ڪمرن جون ۽ گهرن جون بتيون وسامي چڪيون هيون. بند اکين جي انڌڪار ۾ شيکر فقط يادن جي ٽانڊاڻ جي پل پل کوِندڙ ۽ ٻجهندڙ روشني ٿي ڏٺي. اوچتو هن جي اکين ۾ هلڪي جلن ٿي.... ڇا لڙڪ؟.... هاءِ، ڪھڙو آهي هيءُ من...
هن اُٿي بتي وسائي ڇڏي ۽ اچي ساڳي آرام ڪرسيءَ تي ليٽي پيو. ٻاهر سخت ٿڌ هئي، پر شيکر کي لڳو، هن جي من ۾ جو ايڏو دُک آهي، اُهو ان ٿڌ کي هن ڪمري ۾ گهڙڻ جو حق ئي نہ ڏيندو. پلنگ ڀرسان لنگهندي، هن هڪ دٻيل سڏڪو ٻڌو هو. هن جي من ۾ آيو، پاڻ ريکا جي ڀر ۾ وڃي ليٽي. آخر تہ هُوءَ سندس پريتما آهي... پتني آهي... نہ، هن شاديءَ کان اڳ منھنجي بيحد بيعزتي ڪئي آهي... بيحد بيعزتي...
۽ ريکا...
هوءَ سوچي رهي هئي: ”ظالم، تو ڪڏهن بہ مون کي ايترو پنھنجو نہ سمجهيو آهي، جو ڪڏهن مون تي حق ڄمائين، مون تي ڪو حڪم هلائين، مون کي پنھنجي پيار جي ٻنڌن ۾ جڪڙين... سڀ دک تو اڪيلي سر ڀوڳيا آهن. تو ڪڏهن بہ منھنجي ڪلھي تي سر رکي انھن کي ظاهر نہ ڪيو آهي.... تنھنجي ان نرموه، تنھنجي ان بيرحميءَ، تنھنجي ان بيپرواهيءَ، تنھنجي ان هٺ، سدائين مون کي جلايو آهي... منھنجي من ۾ آگ لڳائي آهي...“

ريکا ۽ شيکر جي پھرين ملاقات هڪ ٿئيٽر ۾ ٿي هئي. ريکا جڏهن پنھنجي هڪ ساهيڙيءَ سان اڳين سيٽ تي اچي ويٺي هئي، تڏهن شيکر هڪ ٿڌو ساھہ کڻي چيو هو: ”اوه، ڇا تہ اکيون آهن! اکيون آهن يا شيلي جي ڪوتا آهي...!“
رمارڪ ٻڌي ريکا ڇرڪ ڀريو. ڪجهہ چوڻ لاءِ هن پنھنجي ساهيڙيءَ ڏانھن نھاريو. ساهيڙي، اسٽيج تي تقرير ڪندڙ ناٽڪ منڊليءَ جي سيڪريٽري جي ادائن کي ڏسڻ ۾ محو هئي، ريکا مشڪي ڏٺو تہ شيکر ڀر ۾ ويٺل دوست کي چيو، ”ديپڪ، اڄ جيڪڏهن هن ڇوڪريءَ هڪ سيڪنڊ لاءِ بہ پٺيان نھاريو تہ مان هن کي نمستي ڪندس.“
ديپڪ چيو، ”مون کي خبر آهي تہ جيڪڏهن هن توڏانھن مُرڪيو تہ تون هن کي نمستي ڪرڻ کان پيرين پوڻ بہ بھتر سمجهندين، ڇو جو ائين ڪرڻ سان، توکي هن جي جتيءَ جي سخت يا نرم هئڻ جي بہ خبر پئجي ويندي.“ ائين چئي ديپڪ راڪاسن وانگر ٽھڪ ڏيئي کلڻ لڳو.
ديپڪ جي پاسي ۾ ويٺل هڪ بزرگ اعتراض اُٿاريو، ”اوهين ناٽڪ تي آيا آهيو يا بازار ۾؟“
ديپڪ مختصر جواب ڏنو، ”معاف ڪجو، مان اڃا بہ نوجوان آهيان.“
شيکر هلڪو کلندي چيو، ”ڏس ديپڪ، مان تہ هڪ نظر سان هن تي موهت ٿي پيو آهيان. تون جيڪڏهن هن انداز سان ڳالھائيندي تہ پوءِ هُوءَ مون تي نہ، توتي عا....“
ديپڪ هن کي وچ ۾ ڪٽيو، ”نتيجي ۾ منھنجي شريمتي گهر جون چاٻيون منھنجي حوالي ڪري، مون کي چاٻين جي نہ، آهُن جي حوالي ڪري ويندي.“
ريکا اچرج وچان پٺيان نھاريو. پھرين ديپڪ ڏانھن ۽ پوءِ شيکر ڏانھن. شيکر چيو، ”ڏسو، هن طرح پٺيان نہ نھاريو. مون پنھنجي دوست سان وعدو ڪيو آهي تہ اوهين جيڪڏهن پٺيان نھاريندا تہ مان اوهان کي نمستي ڪندس. مان اوهان کي نمستي ڪري سگهان ٿو، پر هي بزرگ جو منھنجي ڀر ۾ ويٺو آهي، ان کي اها غلط فھمي ٿي چڪي آهي تہ اسين ٻئي دوست ٺيڪ ماڻھو نہ آهيون. ٿي سگهي ٿو، هو اعتراض طور اها سيٽ ڇڏي وڃي ۽ ڪنھن والنٽيئر کي وڃي اسان جي دانھن ڏئي. پوءِ اوهان کي نمستي ڪرڻ جي ڏوھہ ۾، ممڪن آهي، اسان کي هن ٿيٽر مان ئي ڪڍيو وڃي.“
ريکا ڪوبہ جواب نہ ڏيئي ڪنڌ ورائي ڇڏيو. ساهيڙيءَ پڇيس، ”ڇا، سڃاڻينس؟“
ريکا ڪن گهڙين جي سوچ بعد مشڪي چيو، ”ڪجهہ ڪجهہ.“
ٻئي طرف شيکر چيو، ”اوھہ، هن جي اکين ۾ نہ فقط شيلي آهي بلڪ برائوننگ، ٽينسن، بائرن، ڪِيٽس.... سڀ آهن!“
ديپڪ طنز ڪئي، ”ڄڻ اکيون ڪونھن، هڪ مڪمل لئبرري آهي.“ ۽ ائين چئي وري کِلڻ لڳو، پر هن دفعي هن يڪدم پاڻ سنڀالي ورتو ۽ ڀر ۾ ويٺل بزرگ ڏانھن منھن ڪري چيائين، ”معاف ڪجو سائين، غلطي ٿي ويئي، ائين تہ ٿي نٿو سگهي تہ اوهين مون کي ڏسي پنھنجو ماضي ياد ڪريو ۽ مان اوهان کي ڏسي پنھنجو مستقبل.“
بزرگ ٺاھہ لاءِ ميدان صاف ڏسي مشڪي انگريزيءَ ۾ چيو، ”اها اسان جي بدقسمتي آهي جو اسان جي ڏينھن ۾ سنڌ ۾ هڪ بہ سٺو ٿئيٽر نہ هو.“

شيکر، ديپڪ کي ٻانھن کان پڪڙي وڃي گيٽ جي سامھون واري فٽ پاٿ تي بيٺو. ماڻھو گيٽ مان ٻاهر نڪري رهيا هئا. هن جي نظر ڪنھن کي ڳولھي رهي هئي. ديپڪ بي فڪر سگريٽ ڇڪيندي تماشو ڏسي رهيو هو.
ريکا جڏهن ساهيڙيءَ سان ٻاهر نڪتي، تڏهن ساهيڙيءَ مشڪي چيس، ”ڏس، سامھون فٽ پاٿ تي بيٺو اٿيئي هُو.“
”ڇا پاڳل آهين؟“ هن بناوٽي غصو ظاهر ڪيو.
”خاص برو ڪونھي. ٻانھن جا ڪف مٿي اٿس، ظاهر آهي تہ ڪلارڪ آهي. ٻانھن ۾ واچ اٿس پر ٽائيم نٿو ڏسي. لڳي ٿو تہ صبر جو مادو جام اٿس ۽ گهر سويل موٽڻ جو عادي ڪونھي. بوٽ ۾ چمڪو ڪونہ اٿس، ان مان ظاهر آهي تہ اڳ ۾ ڪنھن سان پريم ۾ ڪونھي. چپ چاپ بنا چُرپُر ۾ بيٺو آهي، ان مان ظاهر آهي تہ من ۾ هڪ مستقل سوچ اٿس، جيڪڏهن هُو توکي ڏسي مُشڪَي تہ سمجهي وڃ تہ هُو تو تي موهت ٿي چڪو آهي.“
”چُپ بہ ڪندينءَ يا بڪندي ويندينءَ. پريم جي معاملن ۾ پنڊتياڻي آهين، اهو ان مان ظاهر آهي تہ تنھنجو شري چوويھہ ئي ڪلاڪ توتي فدا آهي، پر هيءُ جو سڀ تون چئي ويئينءَ، ڇو؟...“
ساهيڙيءَ چيو،” You see, it is youth, beautiful youth.“
”هٽ.“ ائين چئي هن آهستگيءَ سان پنھنجو پرس پنھنجي ساهيڙيءَ جي ٻانھن تي ٿي هنيو، پر هن جو هٿ مٿي ئي روڪجي ويو. سامھون شيکر ڏانھنس نھاري مُشڪي رهيو هو.
ساهيڙيءَ چيس، ”پاسي ۾ اوول پارڪ آهي، هل تہ اتي هلون. جيڪڏهن هُو پٺيان اچن تہ سمجهہ تہ.... ڊڄ نہ.... تون مون سان گڏ آهين. گهر دير سان پھچڻ لاءِ ناٽڪ وڏي هئڻ جو بھانو مان ئي بڻائيندس.“
ريکا شيکر ڏانھن نھاري مشڪيو ۽ پوءِ ساهيڙيءَ سان اوول پارڪ طرف وڃڻ لڳي.
ديپڪ، شيکر ڏانھن نھاريو. چيائين، ”ڀائي توکي تہ Invitation بہ ملي ويئي. بيعزتي جي ڊپ کان پريشان ٿي، مان هڪ سيڪنڊ بہ هتي ترسي نٿو سگهان ۽ ڏس نہ، مون کي تہ پنھنجي هڪ خوبصورت زال آهي، او باش ماڻھن جيان ڀٽڪڻ، ٿڌا ساھہ کڻڻ، ڇوڪرين جو پيڇو ڪرڻ تہ منھنجو سڀاءُ ڪونھي. تنھنجو سڀاءُ آهي، ان ڪري تون ان سان نباھہ.“ وري کلي چيائين، ”منھنجي دعا هميشہ تنھنجي حفاظت ڪندي، پُٽ.“ ائين چئي بلز جو تازو پرچو شيکر جي ڪلھي تي ٺڪاءُ ڪندي، هو هليو ويو.
شيکر پٺيان رڙ ڪئي، ”تون وڃي ڪلا ڀاڀيءَ جي آنچل ۾ منھن لڪائي آرام ڪر، دغاباز دوستَ! اڄ کان تنھنجي منھنجي دوستي ختم.“
ديپڪ هڪ زوردار ٽھڪ ڏنو، پر هن جو اهو ٽھڪ اڌ ۾ ئي ڪٽجي ويو، جڏهن هن ڏٺو تہ پاسي ۾ هلندڙ ۽ هن کي گُهور گُهور ڪري نھاريندڙ شخص ساڳيو ئي ٿئيٽر وارو بزرگ هو.

سمنڊ ڇوليون ماري رهيو هو. رات جي ڪاراڻ ۾ فقط ڇولين جي اڇاڻ ئي نظر ٿي آئي. بيچ (beach) وارين بلڊنگن جي اڳيان جيڪا هڪ وڏي پٿر جي ديوار هئي، ريکا اُن کي ٽيڪ ڏيئي ويٺي هئي ۽ شيکر هن جي پھلوءَ ۾ ليٽيو پيو هو. بيچ تي ٻيا بہ ڪيترا جوڙا ويٺا هئا، البت پنھنجي پنھنجي دنيا ۾ گم.
شيکر جيئن ريکا جي پھلوءَ ۾ ليٽيو تيئن هن جي نظر پھرين ريکا جي ڪياڙيءَ جي ان حصي تي پيئي جتان زلفن جي هڪ قطار وڪڙ کائي هيٺ سيني ڏانھن هلي ٿي ويئي ۽ پوءِ هن جي نظر زلفن جي ان ڏاڪڻ تان مٿي چڙهي، ٿَمُ کائي، ڪارَي ڪارَي تِرَ تي ڄمي بيٺي ۽ هن نھايت ڌيري ڌيري اُن تي پنھنجي سنيھہ جي مھر هنئي، پر هُو جڏهن وري ريکا جي پھلوءَ ۾ ليٽيو تڏهن هن جي چھري ڏانھن نھاريندي ئي دنگ رهجي ويو. تارن جي جهڪي روشنيءَ ۾، هن ريکا جي اکين ۾ موتين جي لَڙين کي چمڪندو ڏٺو. هُو ٺونٺين ڀر ٿي ويٺو. چيائين، ”هي ڇا ريکا... لڙڪ... تنھنجي اکين ۾؟“
ريکا، شيکر جي منھن کي پنھنجي ٻنھي هٿن ۾ آڻيندي چيو، ”ساگر ۾ ڪيترو پاڻي آهي، ڪير بہ ان تي نٿو سوچي. هڪ انسان جي اکين ۾ پاڻي جون فقط ٻہ بوندون ڏسي، ٻيو انسان ايترو پريشان ڇو ٿو ٿئي؟“ پوءِ شيکر کي پنھنجي گود ۾ ليٽائيندي چيائين، ”من آهي، ڪير بہ ان جو انت ڄاڻي نٿو. بَھڪِي ٿو وڃي سنيھہ جو امرت پائي.“
۽ نہ معلوم ڪيترو وقت هُو ٻئي چپ رهيا.
”هڪ ڳالھہ پڇان؟“
”پڇ.“
”شايد ٺيڪ نہ ٿيندو.“
”ڀلي نہ ٿئي.“
”تون...“
”مان...“
”تون آتما جو پوڄاري آهين يا جسم جو؟“
شيکر وري ٺونٺين ڀر اُٿي ويٺو. چيائين، ”پر مان پوڄاري آهيان، اهو توکي ڪنھن چيو؟“
”چاهي ڪنھن بہ نہ چيو هجي. نہ چوڻ سان تہ سوال رد نٿو ٿئي.“
”تہ ٻڌ.“ شيکر پيشانيءَ ۾ ريکائون ٺاهي چيو، ”مان شاديءَ کان پھرين جسم جو پوڄاري آهيان ۽ شاديءَ کان پوءِ آتما جو.“
”ڇـ..... آ.....“
”ريکا.... مان تنھنجي ’پھلوءَ‘ ۾ ليٽيو پيو آهيان ۽ نہ تنھنجي ’آتما‘ جي. مون تنھنجي منھن کي چميو آهي ۽ نہ تنھنجي آتما کي، پر تنھنجي گود، تنھنجو منھن، تنھنجو شرير ڪنھن جو آهي؟... تنھنجو! پر تون خود ڇا آهين... فقط جسم؟ ان ڏينھن پارڪ ۾ وداعيءَ جي وقت تو چيو هو: I love to be loved اُن ‘I’ جو مطلب ڇا هو؟... ’تون!‘.... تون، جا آهين، جا سوچيندي آهين، مشڪندي، لڙڪ وهائيندي آهين، پر اُها ’تون‘ ڇا آهي جيڪڏهن توکي مشڪڻ لاءِ چَپَ، لڙڪن لاءِ اکيون ۽ سوچڻ لاءِ عقل نہ هجي؟ تنھنجي هستي صرف ڪا ’ياد‘ ڪانھي ۽ نہ فقط تنھنجو جسم ئي تنھنجي ملڪيت يا دولت آهي. تون اُها آهين، جو تنھنجو جسم آهي، تنھنجو من، تنھنجي دل آهي، تنھنجو عقل، تنھنجو مانپڻو. تون اُها بہ آهين، جي تنھنجا جذبات، تنھنجيون يادون، تنھنجون ڪلپنائون ۽ تنھنجا سپنا آهن. ۽ مان اُنھن سڀني کي چاهيان ٿو.“
”پر تون تہ شاديءَ کان اڳ جسم جو پوڄاري آهين.“
”ان ۾ ڪھڙي برائي آهي. گل جو گڻ روپ نہ، پر ان جي سڳنڌ آهي، اهو مڃان ٿو، پر پھرين گل جو روپ ئي آهي جو اسان کي ان جي نزديڪ وٺي ويندو آهي ۽ پوءِ ئي ان جي سڳنڌ اسان کي معطر ڪندي آهي. اهو تنھنجو روپ آهي، جنھن مون کي تنھنجي قريب آندو آهي، باقي تنھنجي آتما جي سڳنڌ، ان جو قدر ڪرڻ لاءِ منھنجي باقي عمر ڪافي آهي.“
هڪ ڊگهو ساھہ کڻي ريکا پنھنجو سر ديوار سان لڳايو ۽ شيکر وري بہ پنھنجو سر ريکا جي گود ۾ رکي ڇڏيو.
”ڪجهہ سال ٿيا، هڪ شخص آيو هو منھنجي جيون ۾...“
شيکر اچرج وچان هن ڏانھن نھاريو.
”ٻيءَ طرح ٺيڪ هو. ٿورو شراب پيئندو هو. هن مون سان شادي ڪرڻ جو واعدو ڪيو. سوچيم، شاديءَ بعد هن کي سڌاريندس. مون بنا هن کي هڪ پل بہ چئن نہ ايندو هو. هو منھنجي اکين تي مست هو. وارن تي بہ... چوڻ نہ گهرجي، پر چوان ٿي، جو ڄاڻان ٿي تہ پريم ۾ سچ چوڻ گهرجي. مون کي ڏاڍو ڀائيندو هو. هر روز گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو منھنجو منھن ضرور چمندو هو. مون کي ڪوبہ اعتراض نہ هو، جو اهو تہ مون کي ڪڏهن بہ خيال نہ آيو تہ هُو مون کي ڇڏي ڏيندو، پر جڏهن شاديءَ جو وقت آيو، وشواس ڪندين شيکر، هن منھنجي مائٽن کي ڇا چيو؟ چيائين: ”مون پنھنجي تعليم تي هزارين رپيا خرچيا آهن. مان پوزيشن وارو ماڻھو آهيان. مون کي شاديءَ بعد سڄي گهر کي ايئرڪنڊيشن ڪرائڻو آهي.“ نڄاڻان ڪيترا پهاڙ ڪريا منھنجي سر تي... هي جو چوندا آهن نہ پريم ۾ ماڻھو قرباني ڪندا آهن. سا ڇا فقط ڪتابن ۾ لکڻ جي ڳالھہ آهي؟ پريم ۾ تہ ماڻھوءَ کي Selfish بڻجڻ نہ گهرجي. هُو منھنجي اکين تي متوالو ٿيو هو. سوچيم انھن اکين کي جيڪڏهن ڪڍي ڇڏيان ته؟ وري سوچيم، هن سماج ۾ مرد اڪثر عورتن تي ظلم ڪري ٿو ۽ اسين عورتون ان جو مقابلو نٿيون ڪريون. نہ معلوم هن دنيا ۾ ڪيترين عورتن مردن جي ان ظلم جو شڪار ٿي خودڪشي ڪري ڇڏي هوندي. هي سڀ ڇا آهي؟ ظلم بہ عورتن تي ٿئي ۽ عورتون سزا بہ پاڻ کي ئي ڏين! مرد جي ڀيٽ ۾ استريون جلد وشواس ڪنديون آهن ۽ هنن جي پريم ۾ لالچ نہ هوندي آهي، پر اهو ئي ڪارڻ آهي جو پريم ۾ ڀوڳڻو بہ استرين کي ئي پوندو آهي... تنھن ڏينھن فيصلو ڪيو هوم تہ مان زندگيءَ ۾ ڪڏهن بہ ڪنھن سان پريم نہ ڪنديس ۽ جيڪڏهن ڪو مرد منھنجي نزديڪ آيو بہ تہ هن کي خوب حيران ۽ پريشان ڪنديس. ڪنھن هڪ مرد جي بيوفائيءَ جو بدلو، ڪنھن ٻئي مرد کان وٺنديس. ان ڏينھن جڏهن تو منھنجو پيڇو ڪيو هو، تڏهن منھنجي من ۾ اها ئي ڳالھہ هئي.“
شيکر ڇرڪ ڀريو.
”پر پوءِ سوچيم، سڀ مرد تہ برابر نٿا ٿين. هڪ جو بدلو ٻئي کان وٺڻ انصاف تہ نہ ٿيو، پر هڪ ڳالھہ چونديس شيکر. مون کي هي شرير جي پوڄا جون ڳالھيون اصل پسند ڪونھن... تو منھنجي منھن کي چميو، ان ۾ ڪا بُرائي ڪانھي، پر مون کي تہ اهو وڻيو ڪونہ... ياد اچي ويئي هُن ظالم جي. تڏهن ئي اکين ۾ لڙڪ....“
”مان تنھنجي ان ٽُٽل وشواس کي جوڙيندس، ريکا. تنھنجو وشواس نہ، پنھنجي قسمت جوڙيندس، پنھنجو آئيندو...“

ڪلا چانھہ جو پيالو شيکر جي اڳيان رکيو تہ هن چيو،
”ڪلا ڀاڀي، منھنجو جنم مرڻ جي ڦيري ۾ بنھہ وشواس ڪونھي. منھنجو عقل اصل ان کي قبول نہ ڪندو آهي، پر جڏهن تون چانھہ جو پيالو کڻي منھنجي اڳيان اچي بيھندي آهين، تڏهن مان قبول ڪرڻ لڳندو آهيان تہ پُنر جنم آهي، ضرور آهي.“
ديپڪ ڏاڙهي لاهي رهيو هو. هن رڙ ڪري چيو، ”اڙي، ري ري.... زال منھنجي ۽ جنم جنم جو ناتو توسان!... ڪلا کي هڪ دفعي ڪنھن پامسٽ Palmist چيو هو تہ تنھنجي قسمت ۾ ٻن مردن جو پيار لکيل آهي. مان نہ معلوم ڪيترا مھينا کيسي ۾ چاقو کڻي گهمندو رهيس، پر نہ ڪڏهن ڪٿي ڪلا جو پريمي مليو ۽ نہ اُهو حرامزادو پامسٽ.“ سيفٽيءَ وارو هٿ سڌو ڪري چيائين، ”ڏس شيکر.... اهو سڀ هن گهر ۾ نہ هلندو. تون سڀاڻ کان هن گهر ۾ اچڻ بند ڪري ڇڏ.“
”چڱو، ڪلا ڀاڀي.“ شيکر چيو، ”سڀاڻ کان مان تنھنجي گهر نہ ايندس، تون منھنجي گهر اچج.“
”دئٽ از رائيٽ، دئٽ از رائيٽ.“ ائين چئي ديپڪ وري آرسيءَ ۾ نھاري ڏاڙهي لاهڻ ۾ جُنبي ويو ۽ انگريزيءَ ۾ زور زور سان ڳائڻ لڳو، ”راڪ، راڪ، راڪ، راڪ، راڪ راڪ.“ ڳائيندي ٻہ بئٺڪون بہ ڪڍيائين.
ڪلا چيو، ”هنن کي ڀاءُ ڪونھي، اها ڳالھہ غلط آهي، مون کي بہ لڳندو آهي تہ تون منھنجو جنم جنم جو ڏير آهين.“
ديپڪ اتان رڙ ڪئي، ”تمام ٿورن ڏينھن ۾ توکي جنم جنم جي هڪ ڏيرياڻي بہ ملڻ واري آهي.“
”اڇا ڏيکاري تہ نٿو،“ ڪلا شڪايت ڪئي.
”ڏيکاريندو ڪيئن، هن تي هلندِي بہ هجيس. صاحب هڪ دفعو صاحبزاديءَ کي ڏٺو ۽ عاشق ٿي پيو. پارڪ ۾ پٺيان پيس. صاحبزادي ساهيڙيءَ کي چيو: ”ٻہ منٽ ترس تہ هن سان ڳالھائي وٺان.“ ساهيڙي نڪ صاف ڪندي پارڪ جي ٻاهر واري فٽ پاٿ تي اڪيلي وڃي ويٺي ۽ سڙڪ جي روشنيءَ ۾ اسٽئنلي گارڊنر جو ناول پڙهڻ لڳي.
شيکر صاحبزاديءَ جي اڳيان وڃي چيو: ”نمستي.“
صاحبزاديءَ چيو: ”هن طرح سان پيڇو ڪرڻ مان ڇا اهو ظاهر ڪونھي تہ اوهين سٺا ماڻھو نہ آهيو؟“
صاحب جواب ڏنو: ”پيڇي ڪرڻ مان برابر اهو ظاهر آهي، پر پيڇي بعد جيڪڏهن هڪ ئي ملاقات جو شرف حاصل ٿيندو تہ ممڪن آهي ڪا ٻي ڳالھہ بہ ظاهر ٿي وڃي.“
صاحبزاديءَ کي جواب وڻي ويو. چيائين، ”پر ملاقات ڇا هن نموني سان ٿيندي آهي؟“
صاحب جواب ڏنو، ”ائين ئي تہ ٿيندي آهي. پارڪ آهي، اڪيلائي آهي، تنھنجي اکين ۾ سپنا آهن، منھنجي اکين ۾ حقيقتون آهن.“
صاحب ويو اردوءَ جا شعر چوندو، ”تنھنجي ڳل تي تر ڪونھي، منھنجي دل جليل آهي، تون ڪانہ ٿي هلين زمين ٿي هلي، آسمان ٿو هلي.“ صاحبزاديءَ هڪ چرچو بہ ڪري ورتس: ”اوهين ڇا ڪنھن ڊرئمٽڪ سوسائٽي جا ائڪٽر آهيو؟“ صاحب جواب ڏنو، ”تون مون کي پنھنجي دل ۾ جڳھہ ڏي، پوءِ تنھنجي دل جي اسٽيج تي گهڻيئي پارٽ ڪرڻ شروع ڪندس.“ ان طرح بہ چار ملاقاتون پارڪ ۾ ٿين. ٻہ چار دفعا سئنيما تي ويا، هڪ دفعو گڏ ميوزيم ۾ ويا، جھانگير آرٽ گئلري ۾ ويا، وڪٽوريا گارڊن ۾ ويا، پليس آف بيوٽي ۽ ونڊرس ڏسي آيا. هڪ دفعو سُندر ٻائي هالَ ۾ سياسي تقريرون ٻڌي آيا، ٻئي دفعي برلا متشري مان ٿي آيا. ڀروسي جوڳن مرڪزن مان تازو اهو بہ پتو پيو آهي تہ صاحب ۽ صاحبزادي هڪ دفعو سمنڊ جي ڪناري بہ ويا، جتي ٻہ چار ڪلاڪ روئي سمنڊ جو پاڻي وڌائي آيا، هينئر ڏينھن ٻن ۾ آفيشل ڳالھيون هلڻيون آهن. اها آهي صاحب جي لو- هسٽري Love- history.“
ڪلا ۽ شيکر کِلي کِلي ٿڪجي پيا. شيکر چيو، ”آڻيندس. شاديءَ کان اڳ ۾ هن کي هڪ دفعو هتي ضرور آڻيندس.“


”سڀ مرد اهڙا آهن... مطلبي- ڍونگي،“ ريکا ڄڻ چِلائي چيو.
”پر ٿيو ڇا؟“ سکيءَ راڌا پڇيس.
”هون... منھنجو من وشواس ڪري ويو. پر هن بہ وشواس ٽوڙي ڇڏيو. دادا ويو هو هن جي چاچي سان ملڻ. سڀ ڳالھيون طئہ ٿيون. پڇاڙيءَ ۾ دادا پڇيس، ڀلا ڪجهہ ڏي وٽ. چيائين، پنھنجي نياڻيءَ کي جيترو ڏيندا، اوترو هُوءَ خوش رهندي. دادا چيس: پر شيکر تہ ان جي برخلاف آهي. جواب مليو، هر نوجوان فئشن جي خيال کان ائين چوندو آهي. دادا کي وڌيڪ چيائين: ڏيتي ليتي مون بہ ورتي هئي ۽ منھنجي پيءُ بہ. ڪير آهي جو نٿو وٺي... ڏسو زماني ديدہ ماڻھوءَ کي کپي نہ حقيقتن کي سمجهي.“
”اِن کي اٽڪل ڇھہ مھينا ٿيا، جڏهن شيکر پھرين دفعو مون کي ڪس Kiss... تنھن بعد مون ان خلاف ناپسند جو اظهار ڪيو. ٻہ ٽي مھينا هو نھايت ٺيڪ نموني سان ملندو هو، پر پوءِ وري هن منھنجي اکين کي، ڪنن کي، چپن کي ٻانھن کي، آڱرين کي... ڏس اهو سڀ چوڻ نہ گهرجي. پر هُو چوندو هو تون جڏهن آهين ئي منھنجي، پوءِ هيءَ ناپسندي ڇو.“
”هاڻ ڇا ارادو اٿيئي؟“
”مان هن جو منھن بہ ڏسڻ نٿي چاهيان.“
”چڱيءَ طرح سوچيو اٿيئي؟“
”ها.“
”ان واقعي بعد اوهين گڏيا آهيون؟“
”هڪ دفعو هن منھنجي آفيس ۾ فون ڪئي هئي ۽ چيو هئائين تہ ان ۾ سندس ڪو ڏوھہ ڪونھي. اها هن جي چاچَي جي غلطي هئي.“
”ائين ٿي بہ سگهي ٿو.“
”منھنجو من نٿو مڃي.“
”ان بعد هو ڇا توسان نہ گڏيو آهي؟“
”هڪ دفعو خط لکيو هئائين، چوي ٿو، هن پنھنجون نشانيون وڃائي ڇڏيون آهن.“
”اهو سچ ٿي سگهي ٿو.“
”نہ راڌا.... مون کي خبر آهي، هو آهي ئي روپ جو پوڄاري. هن جو پريم، پريم ڪونھي، روپ جو جادو آهي. اها منھنجي غلطي هئي جو مان پنھنجي پھرين آزمودي مان نہ سکيس. مون کي سِکڻ کپندو هو. منھنجو هڪ ڪم ڪندينءَ راڌا؟ هڪ دفعو شيکر سان مل، کيس چئه تہ سڀ ڪجهہ وساري ڇڏي ۽....“
”۽ ڇا؟“
”۽ هڪ ڪوڙ ڳالھائج.“
”ڪوڙ... ڪھڙو ڪوڙ؟“
”کيس چئج تہ ريکا جو پھريون پريمي واپس موٽي آيو آهي ۽ چئجانس تہ اهو توکان گهڻو بھتر آهي.“
”ان ڪوڙ ڳالھائڻ مان فائدو؟“
”ممڪن آهي پوءِ هُو مون کي آسانيءَ سان ڇڏي سگهي. مرد ٻيو سڀ ڪجهہ برداشت ڪري سگهندو آهي، پر هُو اهڙي ڳالھہ ڪڏهن بہ سھي نہ سگهندو آهي. ممڪن آهي تہ هن جو سڄو پريم نفرت ۾ بدلجي وڃي ۽ مان ائين ئي ٿي چاهيان.“

شيکر چيو، ”راڌا ڀيڻ نہ معلوم ڪيترو وڃايو آهي مون. روشني آهي نہ، ان ڪري اکيون بلڪل چُپ آهن، پر هڪ ڳالھہ چوندس. ضرور چوندس. ريکا پنھنجي زندگيءَ ۾ ٻن پرشن کي پيار ڪيو آهي. ٻئي کي نہ ملي تہ ڇا ٿيو؟ منھنجو درد ممڪن آهي مون کي نھوڙي ڇڏي، پر منھنجو من اهو بہ ٺيڪ ٿو سمجهي تہ ريکا آخر ان کي پاتو، جنھن کي هن ڪڏهن چاهيو هو. هُوءَ منھنجي خانگي ملڪيت تہ هئي ڪانہ... سوچيان ٿو، جيڪڏهن مون کي پنھنجي پريم جي هن نتيجي جي اڳواٽ خبر پوي ها تہ مان ريکا جي جسم کي هٿ بہ نہ لڳايان ها. نہ ان ڪري تہ هڪ مرد جي هٿ جي ڇھاو سان عورت جو جسم ناپاڪ ٿو بڻجي. نہ، البت هٿ جو اهو ڇھاو، استريءَ لاءِ هڪ مصيبت ڀري ياد بڻجي وڃي ٿو... مصيبت ڀري ان ڪري جو وڇوڙو مليو، جيتوڻيڪ وڇوڙي کان اڳ، وصل جي گهڙين ۾ اهو سڀ فطري هو ۽ فطري هو ان ڪري سندر هو. وڇوڙي سبب اهو اَسندر پوءِ بہ نٿو بڻجي، جيڪڏهن ڪو وڇوڙي کي بہ سهج سڀاويڪ قبول ڪري.“

ڪمري ۾ خاموشي ڇانيل هئي.
شيکر جي اڳيان چانھہ رکي هئي. هُو سگريٽ ڇڪي رهيو هو. ڪلا مشين تي ڪجهہ سبي رهي هئي. ديپڪ چُپ چاپ پلنگ تي ليٽيو پيو هو ۽ خيالي نگاهن سان ديوار تي ٽنگيل تاج محل جي تصوير ڏانھن نھاري رهيو هو. شيکر چانھہ جو هڪ ڍڪ ڀريندي چيو، ”ڪلا ڀاڀي، تنھنجي ساهيڙي شايد منھنجي وڃڻ کان اڳ نہ ايندي.“
هن ڳالھہ کي ڪجهہ ان ڍنگ سان پيش ڪيو، ڄڻڪ ڪلا جي ساهيڙيءَ سان هن جو ڪوبہ واسطو نہ هو. پھرين پھرين هُو ئي هُن کي هِن گهر ۾ وٺي آيو هو. تنھن بعد ڪلا جي اها ساهيڙي هن جي زندگيءَ مان هلي ويئي هئي، پر ڪلا سان هن جو پڪو سنٻنڌ جڙي چڪو هو. ڪيترائي دفعا هُو پاڻ ۾ مليون هيون، پر جنھن شخص جي معرفت هو مليون هيون، ان شخص جو هنن ٻنھي جي وچ ۾ ڪڏهن بہ ذڪر نہ نڪتو هو.
شيکر کي جڏهن خبر پيئي تہ ان شام جو ريکا اتي اچڻي آهي، تڏهن هُو بنا ترسڻ جي واپس موٽڻ لاءِ تيار ٿي ويو تہ ممڪن آهي تہ ريکا تي اهو اثر پوي تہ ڪلا ڀاڀي ڪنھن طرح ٻنھي کي ملائڻ چاهي ٿي. ممڪن آهي تہ پوءِ هُوءَ ڪلا کان بہ دُور ٿي وڃي. ريکا پنھنجي دنيا ۾ خوش آهي. مان هن تي پنھنجي ڇايا بہ وجهڻ نٿو چاهيان.
ڪلا هن کي چيو، ”شيکر، مان برابر توکي روڪي نٿي سگهان، پر هن طرح سان تون واپس موٽي وڃين، اهو مون کي ٺيڪ نٿو لڳي. گهٽ ۾ گهٽ چانھہ تہ پي وڃ.“
۽ جڏهن چانھہ پي شيکر پيالو ٽيبل تي رکيو تہ چيائين، ”اچ، اچ.“
ديپڪ بہ پلنگ تان اُٿي پاسي واريءَ ڪرسيءَ تي اچي ويٺو.
ريکا ڪمري ۾ شيکر کي ڏسي هڪ پلڪ لاءِ سهمجي ويئي. ٻيءَ گهڙي هلڪي هلڪي خوشي بہ ٿيس. هن کي ڪيترن ڏينھن بعد ڏٺو هئائين، پر شيکر بڻجي ڇا ويو آهي! ايترو اُداس.... ايترو پريشان... پر اهو ئي ٺيڪ آهي... ظالم مرد ڪافي ڀوڳيو ٿو ڏسجي.
هُوءَ اڃا پلنگ تي ويٺي تہ شيکر اٿي چيو، ”هاڻ تہ اجازت ملندي، ڀاڀي؟“
”۽ ٻيو ڪوپ!...“ ڪلا چيو، ”۽ ٻيو ڪوپ جو تون هميشہ پيئندو آهين!“
”نہ ڀاڀي، گهڻن ڏينھن کان هاڻ بس هڪ ڪوپ ئي پيئندو آهيان.“
هڪ پلڪ لاءِ ريکا ۽ شيکر جون اکيون مليون. ان هڪ پلڪ ۾ شيکر جي اکين ڄڻ ائين چيو، ”جنھن جي نالي ۾ ٻيو ڪوپ چانھہ جو پيئندو هوس، هاڻ اُها ئي جا نہ رهي آهي.“ ان هڪ پلڪ ۾ ريکا جي اکين بہ ڄڻ ائين چيو، ”جنھن جي نالي سان تون ٻيو ڪوپ چانھہ جو پيئندو آهين، اُها خود تنھنجو ٻيو ڪوپ پيئندي، شيکر.“
اُهو هڪ پلڪ جو جادو هو.
شيکر هليو ويو. ريکا جو شيکر سان ڪو بہ سنٻنڌ نہ رهيو هو، پوءِ بہ ريکا کي لڳو، ڄڻ ڪجهہ هو، جو هن جي من کان، آتما کان ڪٽجي دور ٿي ويو هو. هن کي لڳو، ڄڻ شيکر هن طرح سان اتان وڃي سندس سڄي هستيءَ کي نظر انداز ڪري ويو هو.
۽ هن دٻيل سُر ۾ ڄڻ شڪايت ڪئي، ”ڪلا، مون کي لڳي ٿو تہ هن شخص کي هتان وڃڻ تي اصل دل ڪانہ هئي.“
جواب ڪلا نہ ڏيئي، ديپڪ ڏنو ۽ سوال جي روپ ۾ ڏنو، ”ڇو؟“
”مان جو هتي آئي آهيان.“
”جيڪڏهن غلط نہ سمجهين تہ هڪ ڳالھہ چوان؟“
”چئو.“
”هو ويو ئي ان ڪري آهي، ڇاڪاڻ جو تون هتي آئي آهين.“
”ڇا اوهان کي منھنجي هتي اچڻ تي اعتراض آهي؟“
”نہ.“ ديپڪ چيو، ”مون کي اعتراض شيکر جي هتان وڃڻ تي آهي.“
”ڇا هن جو هليو وڃڻ وڏي ڳالھہ آهي؟“
”وڏي نہ، تمام وڏي ڳالھہ آهي.“
”معاف ڪندا، جيڪڏهن هڪ ڳالھہ چوان؟“
”جيڪڏهن اُها منھنجي دوست جي خلاف هوندي تہ مان توکي تہ ڇا، پر ڪنھن کي بہ معاف ڪري نہ سگهندس.“
”ڇا آهي هن ۾...“
”ڏس، تون هن گهر ۾ مھمان آهين، ان ڪري توکي ڪجهہ بہ چوڻ جو حق اسان کي ڪونھي، پر هڪ ڳالھہ جو خيال رک تہ هي گهر پھرين شيکرجو آهي ۽ پوءِ ئي منھنجو ۽ ڪلا جو آهي. هن گهر ۾ منھنجي خلاف ڳالھائڻ جي آزادي ملي سگهندي، منھنجي زال خلاف بہ ڳالھائڻ جي آزادي ملي سگهندي، پر منھنجي دوست جي خلاف ڳالھائڻ جي آزادي ڪنھن کي بہ نہ ملندي. توهان جي سڀيتا ۽ توهان جي تعليم توهان کي انسان کي انسان جي ڀڳتي ڪرڻ سيکاري آهي يا نفرت. ڪنھن وقت تو هُن سان پيار ڪيو هو، ڪنھن کي عزت ڏيڻ لاءِ ڇا ايترو ڪافي ڪونھي.“
ريکا ڪوبہ جواب نہ ڏنو.
ديپڪ اُٿي کڙو ٿيو. ڪلا ڏانھن منھن ڪري چيائين ”مان وڃان ٿو.“ ۽ هُو چمپل پائي سينڌ ڪڍي هليو ويو.
”ڪيڏانھن ويو؟“ ريکا پڇيو.
”ويو هوندو شيکر جي پٺيان.“
”ڇا هُو شيکر کي ايترو ڀائيندو آهي؟“
ڪلا اچي ريکا جي ڀر ۾ ويٺي. چيائين، ”جڏهن شيکر بيروزگار هوندو هو، تڏهن اڪثر هتي اچي وهندو هو. هڪ دفعي هن کي چيم، ”اوهان جو دوست تہ بلڪل نڪمو ماڻھو آهي.“ ٻڌي ايترو تہ بگڙجي ويو جو مان وائڙي ٿي ويس. ٻئي گَھِرا دوست آهن. هڪ ٻئي کي هر ڪا ڳالھہ ٻڌائيندا آهن. او ويندي من جون اڌوريون اڻچِٽيون سوچيل ڳالھيون بہ ٻڌائيندا آهن.“
”تہ پوءِ هڪ ڳالھہ پڇان؟“
”پڇ.“
”ڇا، شيکر پئسي جو پوڄاري ڪونھي؟“
”هي ٻئي شخص نرالا آهن. پروفيسر ڪونھن، فيلسوف ڪونھن، ڪلاڪار ڪونھن، انجنيئر يا ڊاڪٽر ڪونھن، پر پوءِ بہ وڏا ماڻھو آهن. ڇو جو هُو پنھنجي غرض لاءِ مطلبي نہ بڻجندا آهن.“
”پر هن جي چاچَي جو چيو هو.“
”توکي شادي هُن سان ڪرڻي هئي يا هُن جي چاچَي سان؟“
”ڪلا!“
”تو منھنجي ڏير کي هن طرح رُلائي ڪيڏو وڏو ڏوھہ ڪيو آهي، توکي ان جي خبر آهي؟“
”ڪلا!“
”شڪايت نٿو ڪري، برابر. پر ڪڏهن ڪنھن هن کان پڇيو بہ آهي تہ هن کي ماني ڇو نہ وڻندي آهي.“
”ڇا اهو سچ آهي؟“
”هُو ماني کائيندو آهي، ڇاڪاڻ جو جيئڻ لاءِ ماني کائڻ ضروري آهي. پر جيئڻ لاءِ ٻيو ڇا ضروري آهي اهو هن کان پڇڻ وارو ڪو ڪونھي.“
”تڏهن مون کان وڏو پاپ ٿي ويو آهي؟“
”ها ريکا، پر هاڻ ڇا ٿيندو.“
”نہ ڪلا، اهو ڪوڙ هو.“
”ڇا ڪوڙ هو.“
”اهو تہ ڪو شخص منھنجي زندگيءَ ۾ واپس موٽي آيو آهي.“
”اهو ڪوڙ هو؟“
”ها.“
”سچ؟“
”ها سچ.“
”پر تو اهو ڪوڙ ڳالھايو ڇو؟“
”مون چاهيو ٿي تہ شيکر مون کي وساري ڇڏي.“
”ريکا، تڏهن مون توکي غلط سمجهيو هو.“
ريکا پنھنجا ٻئي هٿ وڌائي ڪلا جي منھن تائين آندا ۽ چيائين، ”تون منھنجي منھن ۾ ڏس، منھنجي اکين ۾ ڏس. ڏس، ڪيترو درد آهي، ڪيتري پيڙا آهي. وڇوڙي جي هر رات، ڪلا، مون لُڇندي ڦٿڪندي گذاري آهي.“

سگريٽن جو سڄو پاڪيٽ ختم ٿي چڪو هو. شيکر واچ ۾ وقت ڏٺو. رات جا ٽي ٿيا هئا. شاديءَ جي پھرين رات مُني گذري چڪي هئي. ڪمري جي اندر، ڪمري جي ٻاهر خاموشي هئي. ڪمري جي ٻاهر چانڊوڪي هئي، پر ڪمري ۾ اونداهي هئي، جھڙيءَ طرح شيکر جي ذهن ۾ اونداهي هئي.
ان ڏينھن ريکا شيکر کي فون ڪيو هو، ”منھنجي غلط فھمي دور ٿي ويئي آهي. ديپڪ، دادا سان ڳالھائي طئہ ڪري ويو آهي. جيڪڏهن پنھنجي لائق سمجهين تہ....“
شيکر آرام ڪرسيءَ تان اٿي ڪمري جي بتي باري. ڪنڊ مان پاڻيءَ جو گلاس کڻي هٿ منھن ڌوتائين ۽ پوءِ اچي پلنگ وٽ بيٺو. ريکا ڏانھن نھاريندي سوچيائين، ’مان- اَپمان (عزت، بي عزتي) جي جهڳڙي ۾ ڇا ھھڙا خوبصورت جسم ناس ٿي ويندا؟ نہ... نہ....‘
بي عزتيءَ جي جوش وچان ريکا چيو هو: مان زندگيءَ ۾ ڪڏهن بہ توکي پنھنجي جسم کي هٿ لڳائڻ نہ ڏينديس. شيکر کي ائين لڳو تہ هن پنھنجي زال جي وڏي بي عزتي ڪئي هئي. ريکا جيڪڏهن هن کي روپ جو پوڄاري سمجهو هو تہ اهو سچ هو، اُهو سچ هو. اهو انھن حالتن جو سچ هو، جن حالتن مان ريکا گذري هئي.
پريم وس ٿي شيکر ٽيبل تي رکيل گلن مان هڪ ٻُڪ ڀريو ۽ اڳيان وڌي هن اُهي ريکا جي پيرن وٽ رکيا. بتي ٻرڻ سان ريکا پنھنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون هيون. پيرن ۾ ڪومل گلن جو ڇھاءُ پائي هن اکيون کوليون. هن پھريون دفعو شيکر جي اکين ۾ لڙڪ ڏٺا. هُو ٽپ ڏيئي اٿي ۽ شيکر جي ٻانھن ۾ هٿ وجهي چيائين، ”هٺيلا، ڇا سڀ دُکَ تون اڪيلو سھندين؟ مون کي پنھنجو هڪ بہ دُکُ نہ ڏيندين؟“
شيکر، ريکا جي ڪلھي تي هٿ رکي چيو، ”عزت بي عزتيءَ جي سوال تي جهڳڙو... مان صفا ٽُٽي ويو آهيان ريکا، مون کي معاف ڪر. هن طرح منھنجي شڪايت ڪري مون کي پاپ جو حصيدار نہ بڻاءِ.“
۽ ريکا ساڙهيءَ جي پلاند سان پھرين شيکر جا ۽ پوءِ پنھنجا لڙڪ اُگهي ڇڏيا.