1967، 1968 ۽ 1969ع
- خير النساء جعفري
ڀنئور.... ڀنئور!
ڪيڏو ڪريھہ ۽ ڪرڀ ڏيندڙ نالو رکيو هئئہ منھنجو! اڄ بہ ڪڏهن ويرانن کي واسيندي ڀنئور ڏسيو ڀنڀلجيو پوان. پاڻيءَ جو گلاس ڀري جهٽ اچيو ڇنڊا ڏيانس. پر ڏک اهو تہ... پاڻيءَ جو قطرو بہ مٿس پئجي نہ سگهندو آهي. هُو هڪ رخ تان پاڻي ڏسي مخالف رخن ڏانھن ڀٽڪيو وڃي (ياد اٿئي تون چوندو هئين هي بہ تو جيان هوڙھہ آهي.)
هڪ لڱان الائي ڪنھن کان ٻُڌو هئم تہ ڀنئور ۾ تنؤنس کان مئل ماڻھوءَ جو روح آهي، هن جي ڀُون ڀُون ۾ ڀٽڪيل ڀاونائن جي گونجار آهي، ان ڪري هن کي پاڻيءَ جو ڇنڊو ڏبو آ، جو هن جي آتما ٿڌي ٿي پنھنجي ماڳ ڏي موٽي.
اهو ٻڌي مون کي الاءِ ڪيڏن وهمن ورايو هو ۽ الائي ڪيترا ڀيرا چيو هو مانءِ ”مون کي ڀنئور نہ ڪوٺيندو ڪر ڪامريڊ. منھنجو چڱو چوکو نالو ڀنڀور حيدر زمان آهي.“
منھنجي چھري تي ڀؤ جا ڀاو ڏسي چيڙائڻ لاءِ چوندو هئين ”.... پر اهو نالو بہ تہ اسان جي تاريخ جي اڻ مٽ الميہ جو يادگار آ.... ڀنڀور کي باھہ لڳي هئي، سسئي سورن جو ڪشٽ ڪاٽيو هو.... نتيجي ۾ کيس ڪجهہ نہ مليو، سواءِ تاريخ ۾ نالي جي... ۽ توکي تہ اهو بہ نہ ملندو يار (تنھنجو ايڏو مردانہ انداز تخاطب ان بيباڪيءَ سان مون کي ۽ سڀني کي ڪيڏو وڻندو هو.) جو تون آهين معمولي درجي جي هڪ عام ماڻھون ۽ مرندئين بہ بنھہ بوگس انداز ۾.... پوءِ ڀل تون سسئيءَ جيان سور سھين، ڀنڀور جيان باھہ جهلين.“
هلڪي شرارتي نوع وچان تنھنجي چپن جون ڪنڊون ۽ اکيون مرڪڻ لڳنديون هيون. آئون وچان ڳالھہ ڪپيندي هئس. ”الا ايڏي بدخواهي علي.... ڪشٽ بہ ڪٽجي ۽ نالو بہ نہ ملي. جڏهن تہ اعزازي ئي سھي پر نالو ملندو ضرور آهي....“
”ملندو ضرور آهي... پر توکي نہ ملندو... اسپيشل ڪيس هئڻ جي حالت ۾، ان شخص وانگر جنھن خودڪشي صرف ان ڪري ڪئي تہ سندس نالو ڪنھن بہ صورت ۾ بھرحال اخبار ۾ اچي..... ويچاري جو ذڪر واقعي آيو تہ سھي اخبار ۾، پر ڪجهہ ان ريت تہ گمنام شخص جو لاش لڌو ويو ۽ چھري جي سڃاڻپ ٿي نہ سگهي...“
”نہ سائين نالو ملندو ضرور. انھن کي بہ جيڪي هڪ دفعو مڪتي پائي ٿانيڪا ٿي وڃن ۽ انھن کي بہ جيڪي مسلسل ڪيفيت جو هميشہ بنواس ڀوڳيندا رهن... گوتم نہ سھي، در در ڀٽڪڻ وارو ڀڪشُو ئي سھي.“
”پر بس تہ پنھنجو پروگرام ڀڪشوءَ کان وڌيڪ نہ بنائجانءِ..“
”چڱو..... پنھنجو پروگرام ڪيئن اٿئي ڀلا؟“
وراڻيہءِ، ”فس ڪلاس.... ڪينسر جو موت ۽....“
”ﷲ نہ ڪري....“ آئون تنھنجي ڳالھہ پوري ٿيڻ ئي نہ ڏيندي هئس..
”ﷲ ڪري...“
”نہ.... ﷲ نہ ڪري علي.“
تنھنجو ضد ”ﷲ ڪري...“
تنھنجا گهڙيءَ گهڙيءَ ورجايل اهي جملا ۽ اهڙا الاءِ ڪيئي اڄ بہ ڪنھن نوزائيدہ جي ڪنن ۾ اذان جي آواز جيان لاشعور ۾ ڳتيا پيا آهن.
جيتوڻيڪ يونيورسٽيءَ جي آخري ڏينھن ۾ مون توکي الاءِ ڪيڏي اعتماد سان چيو هو، ”مون توکي وساري ڇڏيو آهي.“
ڪينٽين جي ان ڪُنڊ کي جتي روز ڪلاس Attend ڪرڻ کان پوءِ الاءِ ڪيڏيون بي ربطہ ڳالھيون ۽ چريا نظريا ڇيڙيندا هئاسين. آڪاس تي اڪريل ٽيڙوءَ جي ان ٽمڪي کي، جنھن جي شاهدي ڀريندي هڪ لڱا تو شميءَ آڏو چيو هو. ”نہ هي ڪڏهن ٽٽندو ۽ نہ اسان ئي ڪڏهن ڇڄنداسين.“
ان ساڳيءَ Identification کي، جنھن ڪري، ٻئي هڪ جي ڪري سڃاتا ويندا هئاسين... بقول ڪنھن جي ’يونيورسٽي ڪئمپس ۾ ڪنھن کان بہ پڇ تہ ’علي ڪھڙو؟‘ جواب ملندو ’ڀنڀور وارو‘.... ’ڀنڀور ڪھڙي؟‘ چوندا ’عليءَ واري.‘
آئون تہ اڄ بہ چوان ٿي تہ مون توکي وساري ڇڏيو آهي. تو سان گڏ هر ان رستي کي بہ، جتان ٻنھين جو گذر ٿيو بہ هو ڪڏهن.
پر عبادت جي ختم ٿيڻ سان معبود جو خيال ختم ٿي بہ سگهي ٿو؟
ڪڏهين ڪڏهين چپ چاپ هلندي هلندي... يادن جي زنجيرن ۾ جڪڙيل قيديءَ جيان من ڇو ٿيڙ کائي هيٺ نھاريندو آهي؟ عام ماڻھوءَ جيان دل سيني جي بدران پيرن ۾ ڇو ڌڙڪندي محسوس ٿيندي آهي؟ ائين جو من وک وک تي ٿُڏو کائي هيٺ نھاري، خاموش گذرگاهن تان يادن جي مٽيءَ ۾ پوريل ڪي پراڻا ڪليسا جا ڪنگرا ۽ مندرن جا ڪلس پيرن جي ٺوڪر سان منھن ڪڍي رئندا محسوس ٿيڻ لڳن ۽ ياد کين بي حرمتيءَ جي خيال کان آزارجي، کڻي من جي ڪنھن سڀ کان اوچي تختي تي سانڀي ڇڏڻ چاهي... اضطراب جي ڪنھن انوکيءَ ڪيفيت سان، عبادت جي ڪنھن بي نانءَ سلسلي لاءِ.
ڇو، منڪر بنجي بہ ماڻھو پنھنجي ساھہ ۾ ايڏا سومناٿ سانڀيو هلي؟ ڇو؟ ۽ وري هر ياد جو پنھنجو بت. هر بت چئي ’آئون بادشاھہ!‘
الاءِ ڪيئن توکي وساري ڇڏڻ جو چيو هوم، جڏهن تہ ايندڙ وقت جو هر سمبل، علامت ۽ اشارو، ويندڙ وقت جي پيرن ۾ پنجوڙ بنجي، ان کي، جيئن جو، تيئن ئي بيھاري بيٺو آ. صدين مان هڪ ساعت بہ جيڪڏهن پاڻ مڃائي پنھنجي جاءِ والاري، تہ اها اهم آهي. هتي تہ پل پل جا ليکا قلب جي ڪوڊ بڪ ۾ درج آهن، جي ڪاغذ تي ڪرِي زمان و مڪان ۾ محفوظ ٿيڻ چاهين ٿا. پوءِ انھن کي ڀل ڪنھن ڪھاڻيءَ جو نالو ڏجي نہ ڏجي، محض ڪا ياد سھي، ڪو مرثيو، روداد يا ڪو انشايو ئي سھي.
ياد اٿم تون چوندو هئين، ”ڪھاڻيون، اڪثر جنس مان جنم وٺنديون آهن. تڏهن، جڏهن ٻن جسمن مان هڪ مرد جو ماسڪ پائي ۽ ٻيو عورت جو. سڌي يا اڻ سڌي طرح ٻہ مطلوب ان ٻہ واٽي تي ملندا ئي پاڻ ۾ ڪھاڻين جي تخليق لاءِ آهن.“
آئون پڇندي هئس، ”۽ اسان جي دوستيءَ تي بہ ڪا ڪھاڻي سرجڻ لڳي تہ پوءِ؟“
”تہ پوءِ ان ڪھاڻيءَ جو موضوع بيحد اڻڀو هوندو يار. جو اسان جي دوستي، جسمن جو گرم گرم لباس تہ پاتل ئي نہ هوندِي.“
علي، تنھنجن انھن لفظن جي ڀؤ کان ڪڏهن بہ قلم جي ذريعي توسان مخاطب ٿيڻ جي ڪوشش ڪانہ ڪئي اٿم. ڪٿي واقعن جو تسلسل گڏجي ڪا ڪھاڻي نہ گهڙي وجهي. جيتوڻيڪ پاڻ کي ماضيءَ جي بار کان آجو رکڻ لاءِ قلم هڪ بھترين پناھہ گر آهي. هن جيءَ نوڪ سان ڪڏهن ڪڏهن جا واقعا، ڪٿان ڪٿان سيري سريکا ڪري، هڪ هنڌ رکڻ سان ڄڻ سالن جيءَ پيڙا کي پهو اچيو وڃي. کن پل لاءِ ئي سھي ماڻھو کڙڪيءَ کي ٽيڪ ڏيئي اکيون پوري، پير پٿاري سگريٽ جي هڪ ڊگهي ڪش سان اونھون ساھہ تہ کڻي سگهي ٿو.
ڪوئي ڄاڻي تہ سھي تہ ساهن جي اونھائيءَ ۾ بہ يادن جو ڪيڏو نہ افسوسناڪ الميو لڪل آهي!
جڏهن تہ مڃان ٿي تہ جن حقيقتن کي ماضيءَ مان جهپي حال ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم، انھن ۾ جذبن جي اها رنگيني ناهي، جا تحرير کي زندگي بخشي ٿي. زندگي! جنھن پاڻ کي تحرڪ ۾ رکڻ لاءِ هميشہ محبت ۽ اتساھہ جو ٻارڻ چاهيو آهي... جسماني گرم سگريءَ جو بيحد جهيڻو ۽ مٺو ٻارڻ، جنھن تان مختلف نوعن جون الگ الگ عنوانن سان ڪھاڻيون پچي تيار ٿين ٿيون.
هتي تہ علي بہ پري پري تائين سوچن ۾ سچ ويٺل آهي، اتساھہ جا رتوڇاڻ لاشا پري پري تائين ٽنگيا پيا آهن. ڪربلا جھڙي اهڙي ڪارزار ۾ گرم سگرين جو تہ سوال ئي ڪھڙو؟ ڇار هاڻين ٿڌين سگرين کان جذبي جي گرم رنگيني ۽ اتساھہ جي اميد ئي ڪھڙي؟
تنھنجا منھنجا واقعا جوڙي جي قلم بند ڪريان بہ ٿي، تہ سوچيان ٿي نام ڪھڙي سان.
ڀانيان ٿي جن بينام لڳاوَن تي ڪنھن رشتي جو ليبل چسپان ٿي نہ سگهي، اهي بي نام لڳاءَ دلين مان نڪري صرف فضائن ۾ وکري وڃڻ لاءِ هوندا آهن، قلم سان پڪڙي ڪاغذ تي ڪيرائڻ لاءِ هرگز نہ. پر اڄ الاءِ ڇو! پراڻي الماريءَ ۾ سالن کان پوريل هي ٽي ڪتاب ڏسي ڪٿان ڪٿان جا ساروڻا پاڻ ئي ترتيب وٺي سلسليوار بنجندا وڃن. شايد ڪنھن موضوع جي تخليق لاءِ، اڄ اهي نالن کان وانجهيل ناتا، جن کي زمان ومڪان جي امان نہ ملي، قلم جي صليب تي ٽنگجڻ جو حق گهري رهيا آهن!
صليب! اننت منزل جو واحد Via!
آتما جي آتما کي اجهل ڇڪ، دوستي ۽ اعتبار جو آڌار Ideology جو Ideology سان ملي، شڪتيءَ جو شڪتيءَ کي بي آواز سڏ، بيوقوف هئاسين علي، جو ڀانيو هوسين تہ انھن بي نانءَ رشتن جي آڌار جيئڻ جو جواز لھي وٺنداسين. انھن بي نانءُ ناتن لاءِ ڪو دليل هو، تہ صرف ايترو تہ خدا جي خدائي بہ تہ مٿس اعتبار اعتماد جي ڪري قائم آهي نہ تہ کيس اکين سان ڏسي ڪنن سان ٻڌي ۽ هٿن سان ڇھي ڪنھن ڏٺو آهي؟
چنڊ کي ڇڏي چانڊوڪي جو اعتبار، گلن کي ڇڏي صرف خوشبوءِ جي جستجو، شيءِ کي ڇڏي صرف شڪتيءَ ۾ پناھہ ڳولھڻ، ڪيڏي وقت کان اڳ جي انڌي Ideology هئي اسان جي!
هڪ ٻئي جي خوابن ۽ گمانن تي اعتبار.
”رات خواب ۾ مون توکي مرندي ڏٺو ڀنڀور. ڀؤ کان سڄي رات سمھيم ئي نہ.“ ياد اٿئہ ڪينٽين جي ڪنڊ ۾ چاءِ جو چُڪو ڀريندي تو چيو هو، منھنجي اکين جا تارا حيرت کان ڦھلجي ويا هئا.
”حيرت آ علي، تڏهن مون رات توکي رئندي ڏٺو خواب ۾.“
”فرض ڪر جي واقعي ائين ٿئي، تہ تون ڪيئن ملھائين منھنجي موت کي؟“
”پھرين تون ٻڌاءِ تون ڪيئن ملھائين؟“
خود غرض ٿي هڪٻئي جي اذيت جو اندازو هڻڻ لاءِ ڪيڏا بيوقوفيءَ جا سوال ڪندا هئاسين!
”نہ، پھرين تون ٻڌاءِ.“
تو ڊگهو ساھہ کڻي پنھنجي جسم کي ڪرسيءَ تي ڍرو ڇڏيندي چيو هو ”فوراً مري نہ وڃان. پر خبر ٻڌي پھرين سراپجي وڃان. جيڪڏهن يونيورسٽيءَ ۾ هجان تہ پوءِ هوريان هوريان هن ڪينٽن جي ڪنڊ تائين جيئن روز ايندا آهيون تيئن اچان. ساڳيءَ طرح چانھن جا ٻہ ڪوپ گهرايان. پوءِ هاسٽل ۾ تنھنجي روم تائين اچان. روم تائين ايندي تنھنجي ياد جو گهڻو حصو رستي جي هنن ٻنھين پاسي پٿرن ۾ پوريندو اچان، پر جي تون ياد اچڻ لاءِ زور ڀرين تہ آئون T.V تي ڏيکاريل ان ٻارڙي جيان اکيون زور سان پوري، ڪنن ۾ زبردستي آڱريون وجهي چوان ’هينئر مون کي ڪوئي ياد نہ پيو اچي... هينئر مون کي ڪوئي ياد نہ پيو اچي.‘ ياد اٿم ڳالھہ ڪندي ڪندي اضطراب وچان تو عينڪ کي ايڏو زور سان ٻيڻو ڪيو هو، جو هڪ ئي سَٽَ سان ٻن حصن ۾ ٽڪرا ٿي وئي هئي.
علي، اڄ سوچيان ٿي. ڇا ڪينٽن جي اها ڪنڊ، جنھن تي اسان کان سواءِ ٻيو ڪير ڪڏهن نہ ويٺو، لئبريريءَ جا مقدس ڪتاب، سال 65ع کان 69ع تائين جا شاگرد، ڊپارٽمينٽ جا استاد جي اسان جي ست ۽ ساٿ جا ساکي هئا، اسان جي وجود کي وساري سگهن ٿا؟
ڪير ٻڌائيندو انھن سڀني کي ڪائنات جي سڀ کان اهم قضئي متعلق، تہ دوستي اسان جي ختم ٿي وئي. بقول ڪنھن جي ’دوستي هئي اسان جي، ڄڻ دوا جي بند ڪا شيشي، جا آغاز جي تاريخ ۽ (Exp-date) سان ختم ٿي وئي.‘
هي ٽي ڪتاب، جي مٽيءَ جي جزدان سان لٽيا، الائي ڪڏهوڪو الماريءَ ۾ سٿيا پيا آهن، مٽيءَ کي ڇنڊڪو ڏيئي جلد جو ورايو اٿم، تہ اُڏريل اُڏريل رنگ جي مس سان، ٽنھين ڪتابن تي، هيٺان تنھنجيءَ صحيح سان ڦڪا ڦڪا مرڻينگ لفظ اٽڪيا پيا آهن. ٽن نون سالن جي آمد تي ٽي عظمتن جا امين. سال 66ع، 67ع ۽ 68ع جا. ائين ناهي تہ 68ع کان پوءِ سال 69ع نہ آيو ۽ وقت بيھي رهيو. پر باقي ڪتابن جا تحفا تنھنجي نئين چونڊيل پيار جي چکيا جو ٻارڻ بنجي ويا.
سال 66ع جي ڪتاب تي لکيل آهي، ”ٻن هارايلن کي هونئن بہ هڪ ٻئي سان عجب ڇڪ محسوس ٿيندي آهي. ائين جيئن ڇٽي ويل ريل جا ٻہ ساڳيا مسافر.... اسان بہ پاڻ ۾ ائين آهيون.“ هيٺيان تنھنجو نالو، تاريخ 1 جنوري سال 66ع.
ٻيو ڪتاب سال 67ع جو. لکيل آ ”ڪنھن اڻڄاتل ساڳئي سفر جا همراهي، ٻہ اڻ پورا وجود، رختِ سفر ساڳئي سان. اضطراب ۽ بيچينيءَ ۾ هڪٻئي جا همنوائي. پيڙا ۽ پڙلائن ۾ ٻنھين جو هڪ جيترو حصو. ڌار اکين سان ساڳي پروڙ.“
ٽيون ڪتاب 68ع جو. هلڪي مزاحيه انداز ۾ خلوص جي اظھار خاطر لکيل آهي، ”تنھنجي صرف هجڻ جو ئي احساس دل جي ڏڍ لاءِ امام ضامن آهي. دل جي سھاري لاءِ ايمان جي انشورنس پاليسي...“
دل چوي ٿي اهي لکڻيون پڙهي کلان، بيطرح کلان. ايڏو جو اندر جي آنڌ مانڌ، لوڇ پوڇ، ڇن کنڌ، پاڻ ئي سڏڪي سڏڪي سڪرات جي آخري سمي جيان ساڻي ٿي پوي. تون جي سامھون هجين تہ اها کل ٻڌي کامي وڃين. ڏندن سان چپن جون ڪنڊون چڻ لڳين. هميشہ جيان اهو ساڳيو ئي جملو ورجائين، ”ايڏو سڪون پڪ تو ڪٿان سمگل ڪيو آ! نہ تہ ايڏي آٿت عام حالتن ۾ ڪھڙو شريف ماڻھو Afford ڪري سگهي ٿو.“ آئون سدائين ساڳيو جواب ڏيانءِ، ”چڱو شريف نہ سھي پر سرندئي سھي مون کان سواءِ؟“
اهو ئي تہ ڏک آ جو نہ ٿي سري. اسين ڪجهہ بيڪار شين جو پاڻ کي عادي بنائي، انھن کان سواءِ پاڻ کي ڄڻ اڌو گابرو محسوس ڪرڻ لڳندا آهيون. نہ تہ شين ۾ ڪا خصوصيت نہ هوندي آ، جيئن تو ۾ ڪا خصوصيت ناهي، بقول غازيءَ تہ ”محبت مڪمل شخصيت سان انھن جي خامين جي باوجود بہ ڪئي ويندي آ.“
ٽيئي ڪتاب سامھون پيا اٿم ۽ تنھنجا جملا اُڏريل رنگ جي مس سان مرڻينگ انداز ۾ لاشن سمان ڄڻ ڪاغذ جي ڪفن ۾ ويڙهيل ڪتاب، جي ڌرتيءَ ۾ امانت جيان محفوظ پيا آهن.
دوستي، اعتبار ۽ اعتماد ختم ٿي چڪو آ ۽ لفظ اڃا محفوظ رهيا آهن.
الائي ڇو اسين وقت کان اڳ ۾ ئي ڪنھن ڪنھن کي دل جا دائمي سھارا ۽ ايمان لاءِ انشورنس پاليسيون سمجهندا رهندا آهيون! الائي ڪھڙا ڪھڙا ايمان جا ضامن ۽ عقيدن جا ناخدا جوڙيندا رهندا آهيون. جڏهن تہ خبر بہ اٿئون تہ ضمانتون ضبط ۽ پاليسيون Lapse بہ ٿي وينديون آهن.
دريا پنھنجي دوار، هوائون پنھنجي رخن ۽ مندون ساڳين ماڳن تي هلي هلي رخ بدلائي بہ ڇڏينديون آهن. دلين ۽ درياهن جا هونئن بہ ڪھڙا ڀروسا! هونئن بہ انسان ۽ سندس فطرت ۾ ڪو ڪلارڪ ۽ ڪرسيءَ جھڙو رشتو تہ ناهي، جو هميشہ هڪ ٻئي کي چهٽيو اچن. ڪڏهن بہ، ڪوبہ واقعو، سال گهري ستل جذبي کي جاڳائي زندگيءَ جي رخ کي موڙي بہ سگهي ٿو. نظريا ۽ اصول، قول ۽ فعل بدلائي بہ سگهي ٿو.
حالتن سان گڏوگڏ وقت وقت جي ڳالھہ آ. جڏهن وقت جي ڪنجي حالتن جي تالي ۾ گهمي، تڏهن خبر پئي تہ ڌار اکين سان ساڳي پروڙ رکڻ وارا هئا تہ ٽريفڪ جو برابر ساڳيو ئي سنگل، پر ٻن مختلف Indicators ساڻ. علي، تو ٽٽڻ وقت ساوا رنگ چونڊيا ۽ مون کي حصي ۾ زرد روشني ملي، جتي جيون جي هر هلندڙ گاڏي اچي بيھي رهندي آ. تون اڄ اُڀ ۾ اڏرندڙ آزاد پنڇي آهين، اوچاين تي آکيرو اڏڻ وارو منھنجو واهيرو بہ آهي تہ سھي، پر ڌرتيءَ جي اونھاين ۾. عام ماڻھوءَ جيان پنھنجي واهيري تائين رسڻ جي آس اٿم. منھن ۽ مٿي سان ڌرتيءَ کي کوٽڻ جو ڪشٽ.
چونڊ تو بہ ڪئي ۽ مون بہ. ڪامياب تون بہ آهين ۽ آئون بہ. فرق هڪڙو آ، جو تون ڪاميابين سان نباهي هڪڙو دفعو سرخرو ٿي وئين ۽ اسان بہ پستين جي ميدان ۾ پيڙائن جي ساٿ سان Long March ۾ ڪجهہ نڀائي آياسين، ڪجهہ نڀائي وينداسين. ان ۾ شاباش ڏيڻ جي ڪا ڳالھہ ناهي، جو ڪامياب تون بہ آهين ۽ آئون بہ.
مسئلو صرف جسم جي جيئڻ مرڻ جو هجي ها تہ ماڻھو اهڙا بنواس نہ بہ ڀوڳي ها، ڪا ٿڌي ڪنڊ وٺي سمھي رهي ها سڪون سان... پر هتي تہ اڻ ٽر Ego جو سوال هو ۽ مون سان تہ خوش نصيبيءَ سان هميشہ اها ٽريجڊي رهي آ، جو جذباتي ڏي وٺ ۾ منھنجو هٿ هميشہ کان اوچو رهيو آ. ڪڏهن بہ منگتن جيان سڪ جي خالي ڪشتي کي محبت ۽ دوستيءَ جي سڪن خاطر ناهي ڦھلايو (دراصل جي جذبا توکان هميشہ Command سان مليا، انھن لاءِ Demand جي عادت جو نہ هئي.) آخر ۾ هٿ ڦھلايان مان تو آڏو، جنھن کي دوست مڃيو هوم پنھنجي سڄي ساري وجود سان. کل ايندي اٿم جڏهن ڪوئي چوندو آهي تہ منھنجي دل ٽٽي پئي، ڀلا دوستيءَ جي عظيم ڦھلاءَ کي جسم جي صرف هڪ عضوي تائين ڪيئن محدود ڪري سگهجي ٿو؟ صرف دل تائين؟ صرف دماغ تائين؟ صرف شھہ رڳ تائين؟ ڌرتيءَ کان آڪاس تائين جي ڦھلاءُ کي جسم جي ڪنھن هڪ حصي تائين وابستہ ڪري، ان کي ڪنھن نواڻ جي ڪئنچيءَ سان محض افتتاح جي شوق خاطر ڪٽي ڇڏڻ!
اها هئي تو پاري مصلحت پسند مشھوريءَ جي شائق عقلمند جي کيڏ. حالانڪ تو مون کي ’اڳرائي ڪندڙ‘ جو الزام ڏنو هو.
اسان تہ هميشہ وک وک ڪري منزل جو سفر طئي ڪيو، ۽ ماڳ ڏسي پلاند ڇنڊي پري بيھي رهياسين. ڀريل بازارون پاڻ بنائي، پنھنجي لاءِ ڀڳڙا چونڊي چپ ٿي وياسين. اها منھنجي تياڳ پسنديءَ جي انتھا هئي، جو تو هڪ لڱان اسان جي دوستيءَ جي آخري ڏينھن پنھنجو نئون فيصلو ٻڌائيندي چيو هو، ”هڪ ٻئي جي پناھہ ۾ ان ريت پنھنجي ڪمزورين جو اعتراف ڪرڻ تہ اسان کي بنھہ گوشه نشين بنائي وجهندو. اچ تہ هڪ ٻئي جي ذات کان ٿورو آجو ٿي، ڪجهہ دنيا سان گڏ هلڻ بہ سکون.“
”ضرور....“ مون کي ڪٿي اعتراض هو!
هڪ نقطو... هڪ زاويو، جتان شڪست خورده قنوطي شخص مرڪندڙ فاتح ماڻھن کان پنھنجا دڳ الڳ ٺاهڻ شروع ڪندا آهن. جتان آس نراس، سراب ۽ شادابيءَ جا رستا الڳ ٿيڻ شروع ٿيندا آهن. اسان ڌار ٿياسين ان نقطي تان.
سوچيان ٿي، ڇا ڪھاڻيءَ جو آغاز آئون ڌار ٿيڻ کان ڪريان. جڏهن تہ وڇوڙن کان پوءِ ڪھاڻيون سرجنديون نہ پر مرجهائجي وينديون آهن. پوءِ ڇو نہ ٿورو وصل جو ذڪر ٿي وڃي!
يونيورسٽيءَ جي پھرئين ڏينھن... ها، شايد پھرئين ڏينھن ئي توسان ملاقات ٿي هئم. اهو ڏينھن شايد منھنجي نيڪ نصيب (جيڪڏهن منھنجي حصي ۾ ڪا نيڪ نصيبي هئي ته) ڏينھن مان هو، جو بابو بہ ساڻ هئم. نہ تہ بابي جو ساڻ هجڻ تہ ڪڏهن خواب ۾ بہ نہ سنڀريو هئم. بابي الائي گهڻيون شاديون ڪيون، پر جو ليکو ذهن ۾ واضح اٿم، اهي جن جا نڪاح باقاعدي رجسٽر ٿيل هئا. پر انھن ٻن مان بہ پھرين زال سان پاڻ نہ ٺھيو. ٻي ساڻس نہ ٺھي (جا شايد منھنجي ماءُ هئي). اهڙيءَ ريت بي ربط ڦيٿن سان هلندڙ گاڏي نہ پاڻ ٺھي هلي، نہ مسافرن کي ئي صحيح دڳ لائي سگهي. بي ماڳ ڀٽڪندڙ مسافرن جيان اولاد جنھن کي جيئن آيو تيئن پنھنجي وت ۽ وقعت آهر بي مقصد اسٽيشن تي لھي پيو. هاسٽل جي ڪنڊ اهڙي سمي مون لاءِ ڄڻ دارالامان بنجي ويئي. هونئن بہ اهي مسافر جن جي منزل جو ڪو خاص تعين ٿيل نہ هجي، خلوص ۽ پيار جي ننڍڙي ننڍڙي اسٽيشن تي پنھنجي ساھہ جو سمورو سامان ويڙهي هيٺ لھي پوندا آهن. اهڙيءَ حالت ۾ تنھنجو خلوص ۽ سهڪار تنھنجي ئي لفظن ۾ دل جي ڏڍ خاطر ’امام ضامن‘ بنجي ويو.
بقول ڪنھن جي ’غمن کي واقعي پنھنجون گھِرائيون آهن.‘ حالتن کان مار کاڌل ٻارن جيان اسان هڪ ٻئي جي گھِرائيءَ ۾ ايئن سرچي وياسين، جو مزيد ڪنھن رشتي کي سلھاڙڻ جي گنجائش ئي نہ رهي.
يونيورسٽيءَ ۾ گهڙندي ئي بابا توکي چيو هو (جو ڳالھين ۾ خبر پئي تہ تون نہ صرف منھنجو ڪلاس فيلو پر بابا جي مرحوم دوست جو پٽ بہ آهين ۽ پنھنجي پيءُ جي بي وقتي موت کي خراب حالتن جي صورت ۾ ڀوڳيندو آيو آهين)، ”پٽ ڀيڻ جو خيال ڪجانءِ. هيءَ نئين آهي ۽ هر شيءِ دير سان سمجهہ ۾ ايندي اٿس. آئون Busy رهندڙ ماڻھن مان آهيان. البت چيڪن موڪلڻ ۾ دير نہ ڪبي.“
بابو واقعي هميشہ جيان چيڪن جي حد تائين ياد رکي جيئن ويو تہ وري نہ وريو.
پر تو بہ بابي واري لفظ ’ڀيڻ‘ جي ڪڏهن تائيد نہ ڪئي. بقول تنھنجي ”ضروري آهي ڇا تہ رشتا ۽ وابستگيون ضرور ڪنھن نہ ڪنھن نالن ۾ ئي ورهايون وڃن. ڀاءُ ۽ ڀيڻ جو رشتو، عاشق ۽ معشوق جو رشتو، زال ۽ مڙس جو رشتو. ڇا ان کان علاوہ ٻيو ڪوبہ رشتو ممڪن ناهي؟ دوستيءَ ۽ اعتبار جو، ذهن جي ذهن سان هم آهنگيءَ جو. اهڙو رشتو جنھن ۾ نہ ڪا ڪھاڻي سرجي، نہ منزل ملڻ جي تانگهہ ٿئي ۽ نہ ئي وري چاشنيءَ وارو اهو چاھہ، جو جسمن جي لمس مان پيدا ٿيندو آهي. اهڙا نالن کان وانجهيل ناتا عظمتن جا امين آهن. ان کان سواءِ باقي رشتا ووڊڪا جي اثر کان بي ستي وقتي وهنوار جي وندر آهي، باقي ڪجهہ بہ نہ.
ڪتابن جا ٿَھا هٿن ۾ جهلي ٻانھن تي ڪارا گاؤن لڙڪائيندي، ٿڪل ٽٽل رستي تي پيل پٿرن سان ٿُڏن جي ريسَ ڪندي، اسان حيات جي ڪيترن ئي رهجي ويل خالن کي هڪ ٻئي جي هام سان ڀري ڇڏيو هو. تون حيات جي ناگزير حالتن کان پريشان هئين ۽ مون کي زندگيءَ جي گذريل پلڪن پريشان ڪيو هو. ضرورت مند تون بہ هئين ۽ آئون بہ. هڪٻئي جي حاجت روائي، ڪنھن جو ڪنھن تي احسان نہ هو. مشڪل ڪشائيءَ جي لمحن ۾ ٻنھين مان ڪنھن هڪ بہ نہ سوچيو تہ سڪون جو هيڏو سامان جنھن شخص مان مون کي ملي ٿو، سو ڪو اتفاقاً Opposite sex رکي ٿو.
ياد اٿئہ جنھن جاءِ ۾ اوهين رهندا هئا ان تي هلندڙ ڪيس جي ڪري تون اڪثر پريشان رهندو هئين. ڪيس کي منھن ڏيڻ لاءِ ڪافي وقت ۽ پئسي جي ضرورت هئي. تون اکيون پوري ڪرسيءَ کي ٽيڪ ڏيئي ٿڪل لھجي ۽ افسردہ نوع ۾ چوندو هئين، ”سڄي رات سمھيو ناهيان. سوچ ۾ ڪيئن صبح ٿئي، جو توکي اچي ڳالھہ ٻڌايان. تو ٻڌايو هو تہ ڪاغذي ڪارواين تائين اوهان ڪيس کٽي ويندا آهيو، پر مخالف ڌر امينن کي وڏيون وڏيون رقمون ڏيئي ڪيس پنھنجي حق ۾ ٺاهيو وڃي.“ تنھنجيون اوجاڳي کان ٿڪل اکيون شڪايت ۾ ٻڏل هونديون هيون.
”سمھڻ وارا تہ سوريءَ تي بہ سمھي رهندا آهن.“ مون توکي خلوص سان صلاح ڏيندي چيو هو. ”رات جو جڏهن سمھين تہ سکيو سمھندو ڪر. ڏک ڏينھن جو هتي کڻي ايندو ڪر تہ گڏجي ونڊينداسين.“
تون پريشان ٿي چوندو هئين ”ڏينھن ڏنجهائين ٿا ۽ راتين کي ريجهائڻ جو ڪو سليقو ناهي. حالانڪ پنھنجي شڪستن کي هميشہ کلي کيڪاريو اٿم، البتہ شام جو ڪنھن ريسٽورنٽ ۾ ويھندي، اڪيلي چانھن پيئندي توکي اڪثر مس ڪيو اٿم، خصوصاً تڏهن جڏهن موڊ منجهيل ۽ دل اداس هجي. الاءِ ڇو؟! اهڙي ويل دل چاهيندي آ، تون ڀر ۾ هجين تہ پنھنجي اونھاين کي توسان Expose ڪري بار لاهي ڇڏيان. سچ تہ تون امن آهين ڀنڀور.“
”سچ تہ تون بہ امن آهين.“
”چڱو ڀلا ٻئي هڪ ٻئي لاءِ دارالامان آهيون....“ کلي ٺاھہ جي هڪ نئين صورت ڪڍندا هئاسين.
گويا مڪتيءَ جو مشروط فيصلو هو هڪٻئي جي وجود سان. بنا ڪنھن شڪ شبھي جي اهڙو سنگم، جنھن تي نہ ڪا اک مرڪي، نہ ڪنھن آڱر سڃي، نہ اسڪئنڊل جڙيو ۽ نہ ئي Affair مشھور ٿيو. نہ تہ جو ناتو جيئن هجي، دنيا ان کي ائين ئي قبولي، ضروري تہ نہ هو. جڏهن تہ شڪ ڪرڻ وارن جي زد کان آسماني صحيفا بہ نہ بچي سگهندا آهن.
بس اٽڪياسين پاڻ ۾ ڪڏهن، تہ هن فرزانہ واري معاملي ۽ چانھن جا بل ادا ڪرڻ تي.
فرزانہ تنھنجي مائٽاڻي مان هئي. ڪوئي اوهي واهي نہ هئڻ ڪري اوهان وٽ ئي رهي. تنھنجيءَ امان جي مرضي هئي تہ گهر جي ڇوڪري گهر ۾ ئي رهي، پر تون ڪنھن صورت پير تي نہ ٿي بيٺين. هڪ لڱان تنھنجيءَ ماءُ مون کي ان معاملي ۾ توکي سمجهائڻ لاءِ چيو هو. سمجهايو هو مانءِ تہ چڙ مان سڄي يونيورسٽيءَ مان ڇانٽيل ڇورن جي لسٽ چونڊي چيو هئہ، ”پھرين تون هنن سڀني مان هڪ سان شادي ڪر تہ پوءِ آئون فرزانہ سان.“
هڪ ڏينھن تو پريشان ٿي چيو هو ”امان چوي ٿي يا فرزانہ سان شادي ڪر، نہ تہ گهر ڇڏي هليو وڃ.“
”فرزانہ توکي لھڻين بہ ضرور. امان سچ ٿي چوي.“
چيئہ، ”شادي Risk آ ۽ في الحال آئون Risk کڻڻ لاءِ تيار ناهيان.“
”Risk تہ اوپريءَ شي سان ٿيندو آ. فرزانہ پنھنجي آ.“
وراڻيئہ، ”پنھنجيءَ شئي مان ڄاتل سڃاتل هڳاءَ ٿو اچي. جنھن کي چڱائيءَ جي لحاظ کان هر وقت پنھنجو Feel ڪجي، ان سان Deal وري ائين ڪجي، جو ان مان ٻار ڄڻجن، پاڻ کان ٻيلي ائين ڪونہ پڄندو.“
اهڙيءَ طرح ڪينٽن جي ڪنڊ وٺي چانھن جي چُڪن سان الاءِ اسان ڪيڏا بي ربط نظريا ۽ عجيب Ideas ڇيڙيا هوندا. اتي جو اتي تر تان گسي هڪ ٻئي کي مردن جيان گاريون ڏنيون هونديون سين. ٻارن جيان ٻوٿ سڄايا هونداسين. ۽ ’نہ ٿي سري‘ جو Excuse ڏيئي، لڪائي لڪائي وري خلوص جا تازہ دم سلسلا نئين سر جوڙيا هونداسين روح ۾!
آئون سارتر جي انھن لفظن سان متفق آهيان بہ سھي تہ ”هر اهو لفظ جو اسان ٻئي جي آڏو ادا نہ ڪري سگهياسين... اسان جيءَ هار جو سخت اعتراف آهي.“ پر تنھنجي منھنجي ويڙھہ ڌرتيءَ تي پنھنجي نوع کان پھرين ئي ويڙھہ هئي. جنھن ۾ اسان هڪ ٻئي کي گهڻي کان گهڻو ٻڌائيندي بہ پنھنجو پاڻ کي شڪست خورده سمجهيو.
مون کي ياد آ، ويڙھہ ۾ تون اڪثر چوندو هئين ”توسان گڏ ويھي بہ نہ ٿو سگهجي، توکان سواءِ رهي بہ نہ ٿو سگهجي.“
آئون کلي چوندي هئس ”تنھنجي ساٿ ۾ ايڏو سڪون آ، جو سمجهائي نہ ٿو سگهجي. ايڏو سرور آ جو سانڍي نٿو سگهجي.“
ائين البت ضرور هوندو هو تہ ويڙھہ جو آغاز هميشہ مون طرفان ۽ پرچاءُ ۾ پيش قدمي هميشہ تنھنجي طرفان ٿيندي هئي. جو منھنجو خيال هو تہ روسامي لاءِ اول ڪپت تون ٿو ڪرين. چوندو هئين، ”زندگيءَ جي هر معاملي ۾ هميشہ خوددار رهيو آهيان. پر تو جھڙي بوگس ماڻھوءَ لاءِ اڪثر انا اڻا اڻا ڪرڻي پئي اٿم.“
بھرحال تڏهن اسان ٻنھين جو خيال هو تہ زندگيءَ ۾ ڪو سٺو ’ساٿي‘ پائي من کي نفسياتي سھارو ملي ويندو آ جيئڻ لاءِ، جنھن جي آڌار تي زندگيءَ جا ننڍا وڏا ڪم سليقي سان نڀائي سگهبا آهن. جنھن جي مڃڻ سان شڪستن جا بار آسانيءَ سان کڻي سگهبا آهن. جنھن جي زندگيءَ جا ٿورن لفظن ۾ گهڻا مطلب سمجهائي سگهبا آهن.
”اسان بہ تہ هڪ ٻئي جو جٽ هئاسين علي!“
تڏهن تہ سال 65ع کان 68ع تائين جو عرصو اسان هڪ ٻئي جي حفاظت ۾ ائين گذاريو، جيئن اسرندڙ ٻار ماءُ جي ڪک ۾.
سال 1969ع آيو.
نوان واقعا، نوان امنگ ۽ نوان ماڻھو کڻي ايندڙ وقت ۾ ٿيندو تہ الاءِ ڇا ڇا، پر هميشہ هر ڳالھہ الائي ڇو ڏاڍي اميد افزا ڀانئبي آهي. پوءِ ڀل تہ ٿيندڙ واقعا اسان جي پلاند کي پرڻ ڪري اسان کان اسان جي Identification ڦري وٺن. پر آئنده جو آڌرڀاءُ هميشہ کان اسان جي عادت رهي آ. ڪيئن نہ چندا گڏ ڪري نئين سال ۽ ايندڙ ماڻھن کي Reception ڏيندا آهيون.
سو نئون سال آيو، پنھنجي تمام تر نواڻ سان، نوان ڪلاس، نوان شاگرد، نئون ٽائيم ٽيبل، نئين يونين ۽ نئون Manifesto کڻي.
اسان پارٽ ٿرڊ بيحد شان سان ڪليئر ڪري فورٿ ۾ آياسين. پھريون دفعو ائين ٿيو جو شاگردن جا ايڏا جٿا ٻين ڪاليجن کان Migrate ٿي اسان جي يونيورسٽيءَ ۾ آيا.
پھريون دفعو.... پھريون دفعو.... ڪلاسن ۾ شاگردن جي گهڻائيءَ سبب ورهاڱو ٿيو Sex جي بنياد تي.
ظاهر آ، ان تبديليءَ کي اسان مان ڪنھن بہ پسند نہ ڪيو. پراڻن شاگردن جي چهل پھل گويا گم ٿي وئي. ڪجهہ ايندڙ شاگردن جي اجنبيت ۽ ڀؤ، ڪجهہ پنھنجن پيارن رفيقن کان ڇڄڻ جو ڏک، ڏينھن سچ تہ هيڪر وري ڏولانگهن ۾ اچي ويا.
اسان جي.... ها علي، اسان جي سالن کان سانڀيل هيڪڙائي بہ ورڇ جي ور چڙهي وئي.
آگسٽ 69ع جي 15 تاريخ سومر جو ڏينھن، پھريون دفعو تو الڳ ۽ مون الڳ ڪلاس اٽينڊ ڪيا. خالي ذهن ۽ کوکلي اتساھہ سان. ڪلاسن ۾ دل نہ لڳي، ليڪچر سمجهہ ۾ نہ آيا، ڪيئن بہ چاهيو هوسين تہ چانھن جو وقفو ملي تہ گڏ ويھي فضا ۾ گاريون اڇلايون ۽ اندر ٺاريون. پر ٿيو ائين جو ان ڏينھن 11 بجي چاءِ پيئڻ خاطر ڪينٽين ۾ گڏياسين ضرور، پر الاءِ ڇو پنھنجي پنھنجي جاءِ ٻنھين ڄڻن عجب شڪائي محسوس ڪئي، جنھن جو اظھار اسان ان ٽاپڪ تي ڪجهہ بہ نہ ڳالھائي ڪيو. تون خاموش هئين ۽ رکي رکي پيشانيءَ تي هٿ ٿي گهمايئي (پريشانيءَ جي عالم ۾ پيشانيءَ تان هٿ گهمائڻ تنھنجي خاص عادت هئي.) ٿڪل ٿڪل لھجي ۾ اٿندي اٿندي چيو هيئہ ”موڪل مھل ڪلاس کان ٻاهر منھنجو انتظار ڪجانءِ. اڄ توسان هلندس ۽ ماني بہ تنھنجيءَ ميس جي ئي کائيندس.“
”تنھنجو دماغ اڄ پٽڙيءَ تان لٿل آ علي.“
تو اُٻاڻڪائيءَ سان خالي خالي انداز ۾ خليل جبران جا جملا ورجايا، ”منھنجون ديوانگيون پاڻ کان لڪائڻ ڏي ساٿي، جو مون کي هيڪلو لنگهڻو آ ان جھنم مان، جو آئون توکي ڏيکارڻ نہ ٿو چاهيان.“
روم ۾ وڃي اسان هتي هُتي جي سطحي Talk ۾ پوري ڪوشش ڪئي تہ ان خود ساختہ احساس جي جھنم مان بچي سگهون، جو خالص الخاص اسان هڪ ٻئي جي وندر لاءِ هٿرادو جوڙيو هو. ماڻھو پنھنجي آرام لاءِ جنتون جوڙيندا آهن، اسان جھنم چونڊيو هو. هئي نہ چريائيءَ واري Sadistic approach!
”علي، ڪڏهن ڪڏهن الائي ڇو ذهن تي هروڀرو Depression جو ايڏو داٻو محسوس ٿيندو آ. ڀانءِ من جي اندر الاءِ ڪٿي پري پري ڪي Emotional gaps رهجي ويا آهن، جن کي ڀرڻ لاءِ حيات جو هيءُ دور پورو نہ آهي. شايد وري ڪا ٻي جُوڻ مٽائي، انھن خيالن کي ڀرڻ وري هتي اچڻو پوندو.“ مون چيو.
تون شايد سمجهي وئين. اندر جي رهجي ويل گهائن کي لفظي چَپرن سان پُر ڪرڻ جي ڪوشش ۾ چيئہ، ”تنھنجي زندگي پر پيچ سھي، پوءِ بہ هڪ اميد آهي، ٿي سگهي ٿو ڪو پيچ، ڪو داءُ تنھنجي فائدي ۾ وڃي ۽ تون جيئڻ جو جواز لھي وٺين. زندگي تمام وسيع آهي.“
مون زندگيءَ ۾ لالچي ٻارن وانگيان ڪڏهن بہ اميد جي اک ناهي هنئين. جڏهن بہ Future لاءِ سوچيم، هميشہ محسوس ٿيو تہ اجهو اجهو ڪو لمحاتي حادثو ٿيندو، جو مون کي پٺيءَ ڀر ڪيرائي وجهندو. ڪا ناگهاني اتفاق جي وِيرَ ايندي، جا مون کي لوڙهي ويندي. T.V ڏسندي، اخبار پڙهندي هر بريءَ خبر جي گرد گول دائرو ڇڪي ڇڏيندي آهيان. شايد ڪو وقت ايندو، جو اهي خبرون منھنجون منتظر ٿينديون. ڇوڪريون سھانن سپنن جا تاج محل اڏينديون بہ هونديون، پر منھنجي سوچ هر وقت مڪليءَ جي مقبرن ۾ ئي ڀٽڪندي رهي ٿي. تون ڦڪي مرڪ مرڪي پئين، چيئہ، ”نيٺ بہ تہ چِندُ سنڌي آهين. جنھن مڪلي نہ ڏٺي، اتي جي مقبرن لاءِ نہ سوچيو، سو سنڌي ٿي ئي نہ ٿو سگهي.“
يونيورسٽيءَ ۾ ايڏي بڪواز جو وقت نہ ٿي مليو، پر چانھن جو وقفو برحال اسان جو رهيو، ان وقفي ۾ ملندا هئاسين ۽ خوب ملھائيندا هئاسين. اڻ پورا جملا، ننڍيون ڳالھيون.
”اڄ تون ڪنھن جيءَ ڀر ۾ ويٺينءَ؟“
”تون ڪنھن جيءَ ڀر ۾؟“
”ڀلا توکي Keats جي فلاڻي لائين سمجهہ ۾ آئي؟ جي آئي تہ مون کي سمجهائي. رات امان ران پچائي. توکي ياد ڪيائين، چيائين تہ ڀنڀور کي ڏيڻي آ. پر مان نہ آيس، جو موڊ آف هو.“
”ڪلھہ مان جيڪي ڪارا فليپر ۽ Grey شرٽ پاتي، ان جي تو واريءَ شمشاد انصاريءَ خوب تعريف ڪئي. ڀنڀور توسان گڏ رهي. هاڻ ان جا ذائقا بہ تو جھڙا ٿيندا وڃن.“
شميءَ جو رول نمبر منھنجي ڀر وارو هو. ويجهڙائپ هونئن بہ مانُوسيت پيدا ڪندي آهي، هيءَ تہ هئي هر رخ کان ويتر وڌيڪ زيبائتي. واقعي سڀني کان گهٽ عمر ۽ گهڻيءَ ڪشش واري.
شمي ڇا آئي. سندس اچڻ سان سڄيءَ ڪئمپس ۾ زندگيءَ جي مانڌاڻ مچي وئي، جيئن بيٺل پاڻيءَ ۾ ڪو پٿر لھرون پيدا ڪري ۽ لھرون پري پري تائين ڦھلجي وڃن، تيئن هن ۾ بہ ڪو مقناطيسي بجليءَ جو پاور هائوس هو. جتان لنگهي، جو چوي، جيڏانھن ڏسي، هر شئي جي قسمت جڙي پوي. سندس هر زاوئي کي پنھنجو مطلب هو ۽ هر مطلب هوس ٻہ معنائي.
رول نمبر 22 وارو سليم اکيون مچڪائي آواره انداز ۾ چوندو هو ”شميءَ جي بدن ۾ آهن موکيءَ جا مٽ. هلندي هلندي هاريندي وتندي آ.“
بھرحال هوءَ مون کي بہ ايتري تہ ضرور پياري لڳي، جڏهن وڏي وڏي اعتماد سان پنھنجا ننڍا ننڍا راز ٻڌائيندي هئي، تڏهن کيس پوري ڌيان سان ٻڌندي هئس. جو خيال هوم تہ پرڪشش جواني هونئين واقعن سان سلھاڙجي رازن کي جنم ڏيندي آ. حسن هميشہ کان رازن جو امين رهيو آ. بي راز زندگي، بي صورت زندگيءَ جو درد انگيز الميو ئي تہ آهي علي.
شمي ڪڏهن ڪڏهن موڊ ۾ اچي مرڪي چوندي هئي، ”تون.... فقط تون منھنجي سڀ کان وڌيڪ همراز آهين، ڀنڀور الائي ڇو؟“
آئون شرارت وچان کلي چوندي هئس، ”ڇو جو تون، فقط تون بمباز آهين. الاءِ ڇو؟“
”تون راز گهر آهين.“
”۽ تون بجلي گهر آهين.“ آئون کلي ڳالھہ لنوائي ويندي هئس. هُو شڪي ٿي، ماٺ ٿي ويندي هئي.
بھرحال هن مون تي اعتماد رکيو ۽ مون بہ نہ ٿي چاهيو تہ ھھڙي گهڻ معنائي شئي ڪڏهن حيات جي ڪنھن Dead end ۾ الجهي بہ پوي.
اڪثر 11 بجي چانھن جي وقفي ۾ تنھنجي انتظار لاءِ مون سان گڏ ويٺِي ۽ بور ٿي.
تنھنجي لاءِ مون محسوس ڪيو تہ تون هن جو وجود ذهني طرح قبول ڪرڻ نہ ٿو چاهين. چيئہ تہ ڪڏهن ڪجهہ ڪونہ، پر چھري جا تاثرات لڪائي بہ نہ سگهندو هئين. شميءَ کي منع ڪري ڪانہ سگهندي هئس. هن کان وڌيڪ وري بہ توتي حق هوم. کيس ڪجهہ چئي سگهان يا، نہ توکي ضرور سمجهائيندي هئس.
”علي، شمي ايڏي پياري آ، ايڏي پياري آ جو جا شئي مون کي وڻي اها توکي نٿي وڻي. ڪمال آ!“ منھنجي چھري تي معنيٰ خيز مرڪ ڦھلجي ويندي هئي. ”جڏهن تہ تنھنجا همزاد کيس ڏسي لوسين جيان لئونڻا هڻندا آهن.“ ماضيءَ مان ڪو خيال گهڙي آيو ذهن تي.
”مون کي ڪا شئي Convince ڪري نہ ڪري، ڪا صلاح آئڙي نہ آئڙي، پر تون چوين تہ Convince بہ ٿيان. محسوس بہ ائين ڪريان، جيئن تون ڪرين. ڇو ڀنڀور، منھنجي پنھنجي شخصيت ڪٿي آ.... الاءِ ڪٿي؟“
ياد اٿئہ! هڪ لڱان ڪينٽن جي ڪنڊ ۾ چانھن پيئندي پيئندي اٿي ڪتاب ڦلوريا هئئہ. ڪرسين هيٺان جهاتيون پائي، جُتيون ڇنڊيون هئئہ، اردگرد جي شور مچائيندڙ شاگردن ڀانيو هو، واقعي ڪا شئي ويئي اٿئي، سو ڏاڍي پڇ پڇ ڪئي هئن. آئون تنھنجيءَ ان هڙ ڇڙائيءَ تي کلي پئي هئس.
”ڏس ڀائي! جيءَ جي ڳالھين کي جُتين جي ترن ۾ نہ جانچ، اتي ڀلا مٽيءَ کان سواءِ ملندءِ بہ ڇا.“
پريان ڪو شاگرد شيطانيءَ وچان ڳائڻ لڳو، ”اول مٽي، آخر مٽي، مٽي زندھہ باد!.... مٽي زنده باد...! مٽي زنده باد...“ تون تڏهن جک کائي ان بيوقتي راڳ تي چڙي پيو هئين، بنا ان ويچار جي تہ ڪو حيات جو سارو فلسفو ان راڳ کي وقت پئي ثابت ڪري ڏيکاريندو.
سال جو آغاز اليڪشن جي دور سان شروع ٿيو. هميشہ پنھنجو پاڻ ۾ ونڊي ورڇي کائڻ وارا شاگرد هينئر هن دفعه Old V/s New جي بنياد تي اليڪشن لڙڻ لاءِ اٿيا. هر پوسٽ لاءِ پراڻن کي پري ڪري نوان شاگرد اٿي کڙا ٿيا ۽ اهو هنگامو رهيو، جو پھريون دفعو پنھنجي بچاءَ لاءِ اسان کي سامھون اچڻو پيو.
President جي پوسٽ سڀني Senior شاگردن جو رايو هو تہ توکي Contest ڪرائجي... پر تون نہ مڃئَين. فارم ڀرڻ جي آخري ڏينھن، آخري وقت، صرف 10 منٽ اڳ، مون ۽ شميءَ توکي منٿن ميڙين سان فارم ڀرڻ لاءِ زور ٻڌو. 12 لڳي پورو وقت ٿيڻ وارو هو ۽ تون گوٿناٿ ۾ وقت وڃائي رهيو هئين. چيئہ، ”منھنجيءُ واچ ۾ اڃان 20 منٽ باقي آهن. ڪجهہ سوچڻ ڏي.“
مون جلد بازيءَ ۾ چيو، ”تنھنجي واچ ليٽ آ.“
اطمينان سان وراڻيئہ ”ليٽ ناهي، پر انڪساريءَ سان ٿي هلي.“
”انڪساريءَ سان ان ريت جي هلي تہ پٺيان رهجي وينداسين. هر معاملي ۾ ان ريت انڪساري....“
مون ڪلھن کان کنڀيومانءِ... شميءَ چڱيءَ طرح ساٿ ڏنو. بھرحال فارم ڀرائي ئي دم ورتوسين.
ڪنوينسنگ جو قصو شروع ٿيو. ڪنوينسنگ ڇا، مڙيئي ڪلاسز ڪاٽا ڪري ايپل سيڊرا اڏائڻ جا بھانا هئا. مون کي تنھنجي کٽڻ جي پڪ هئي. البت شميءَ خوب دٻائي تنھنجي ڪنوينسنگ ڪئي. هن جنھن خلوص ۽ Devotion سان تنھنجو ورڪ ڪيو، ان جو تون پاڻ بي طرح قائل ٿي وئين (يا قائل شايد اڳ ۾ ئي هئين، صرف لاشعوري Resistance جي ڪري مڃڻ کان ڪيٻائيندو رهئين.) هونئن بہ اليڪشن جو ورڪ ڪندي هُوءَ مون سان ۽ مون توسان گڏ ڪم ڪري ڪري، تون هن کي ايترو ضرور قبولڻ لڳو هئين جو جڏهن اليڪشن جي آخري ٻن ڏينھن ۾ مون کي اڪيلي سر سائنس فئڪلٽيءَ (جا ڪئمپس کان ڪافي پري هئي.) تنھنجي ورڪ ڪرڻ لاءِ وڃڻو پيو، تہ تو ان ۾ ڪو حرج محسوس ڪونہ ڪيو ۽ پاڻ شميءَ سان اليڪشن جو انتظام سنڀالڻ لاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ئي رهئين.
اليڪشن جا آخري ٻہ ڏينھن پاڻ ۾ ملي نہ سگهياسين. جي ملياسين تہ بہ ان شام الجزيرہ تي، جڏهن تو اليڪشن کٽڻ جي خوشيءَ ۾ سڀني کي چانھن پياري ۽ مون هميشہ جيان اهو ئي گٺل سٺل، پر سڀني جي فرمائش تي ”ملڻ جي خوشي آ، نہ ملڻ جو غم“ وارو راڳ ٻڌايو.
سال 69ع جي پھرين الم انگيز شام، شايد اتان الجزيرہ تان شروع ٿي. ٻاهر لان ۾ ڪرسين جي ترتيب ڪجهہ ان ريت هئي، جو اسان ٽنھين کي هڪ ئي سڌيءَ ۽ ساڳيءَ لائين ۾، وچ ۾، ڪجهہ شاگردن جي وقفي سان جاءِ ملي. ظاهر آهي ايترو ڌار ويھي Enjoy ڪرڻ ممڪن نہ هو. اهڙين محفلن ۾ گڏ ويھي جيڪو ننڍن ننڍن نقطن کي Enjoy ڪرڻ ۽ جملا ڪشي هئڻ ۾ مزو ايندو آ، اهو هن دفعي هٿ مان ويندو رهيو.
تو ڪرسيءَ کي ڪجهہ اڳتي جهڪايو. هاڻي شمي ۽ تون ڳالھائي سگهيا ٿي. آئون اها ئي پٺيان! رسمي تقريرن کان پوءِ هلڪيءَ وندر جو پروگرام رهيو. ظاهر آهي تہ وندر جو سوال ئي پيدا نہ ٿي ٿيو. مون گوڙ ڪيو، ”اهو ڇا هي ڀئي؟ لائين سان جھڙوڪر ڪلاس ۾ ويٺا آهيون. ترتيب ڦٽائي بي ترتيبي ڪريو. بي ترتيبيءَ کي هونئين پنھنجو حسن آهي.“
ڪرسين جي ٺڙاڪ ٺڙاڪ سان سڀ گروهن جي صورت ۾ دائرو بنائي ويٺا. لطيفا ٿيا، راڳ هليا ۽ مذاق، رمارڪ ۽ الاءِ ڇا ڇا.
ان شام مون پھريون ڀيرو محسوس ڪيو تہ تون خاص طور خوش هئين. اها خوشي مون کي اليڪشن ۾ ڪاميابيءَ جي سادي خوشي نہ لڳي، تنھنجي اکين ۾ خاصي چمڪ ۽ جسم مان خوب جلدبازي ٿي جهلڪي. توکي تہ ياد هوندو تہ آئون هميشہ چوندي هئس ”زندگيءَ ۾ سچيتيءَ جا سودا ڌيرج سان ٿيندا آهن. جلدبازيءَ جي ڪپت اسين afford ڪري نہ ٿا سگهون. اسين انڪساريءَ سان آهستي هلي هميشہ پٺيان رهجي ويندڙن مان رهيا آهيون.“
ان گهڙيءَ تنھنجي جهٽ پٽيءَ جو ڪجهہ مطلب سمجهہ ۾ آيم ضرور، پر مون هميشہ پاڻ جيان توکي ساڳيو سمجهي محسوس ڪيو هو. هينئر توکي الڳ ڄاڻي، ڪجهہ سمجهڻ نہ ٿي چاهيو. ان ڪري ذهن ۾ اٿندڙ ڪجهہ غير واصح ۽ مبهم ستم جي ڳوري ڪندڙ احساس ۽ بيچين ڪندڙ خيالن کي ڇنڊي ڇڏيم. اهي عتاب زده خيال، جن مسلسل ٻہ ڏينھن اڪيلي سرسائنس فئڪلٽي ۾، تنھنجي ڪنوينسنگ ڪندي، مون کي زير بار ڪيو هو. تون بھرحال خوش هئين ۽ رکي رکي موقعي جي مناسبت سان چڱيءَ طرح رمارڪس ٿي هنيئہ. راڳ تنھنجي هميشہ کان ڪمزوري رهيو هو. هونئن بہ جڏهن موڊ ٿيئي، مون کي ڳائڻ جو چئي پاڻ بقول تنھنجي ‘Dead’ ٿي ويندو هئين. ان شام بہ اکيون پوري ماٺ ويٺو هئين، جو شميءَ توکي هٿ هڻي هوش ۾ اچڻ جي آڇ ڪئي. تو اکيون کوليندي ئي جو رمارڪ ڏنو، ان سڄيءَ محفل کي رنگ ۾ آڻي ڇڏيو. جلدبازيءَ ۾ منھنجو رنگ البت ڏسي نہ سگهين. چيئہ ”ڀنڀور ڳائي ڀل ڪيڏو بہ سٺو، پر ڳائڻ مھل يا هيءَ پنھنجي منھن تي رلي وجهي يا آئون پنھنجيون اکيون پوريان.“
محفل ۾ کل جو ڪُوڪِريو پئجي ويو. مون تو ڏي هڪ پل لاءِ حيرت سان ڏٺو ۽ پوءِ شڪي ٿي سڀني سان کل ۾ شامل ٿي ويس. کلندي کلندي محسوس ٿيم، الاءِ ڪٿان ڪا گرم گرم شئي منھنجي گلي مان نڪري اندر ۾ ڍري وئي.
اهو رت تہ نہ هو، بھرحال پھرين الم انگيز شام جو پھريون ۽ باقاعدي افتتاح.
واپسيءَ وقت توکي يونين جي گاڏي هئي، چيئہ، ”گاڏيءَ ۾ ويھہ، هاسٽل ڇڏيندو ايندوسانءِ.“ مون اخلاقاً شميءَ کي سڏي ويھاريو، ان پڪ ساڻ تہ توکي اعتراض قطعن نہ ٿيندو. رستي تي هُوءَ توکان سادگيءَ وچان پيارا پيارا سوال ڪندي هلي. هن توکان هڪ سوال شايد اهو بہ پڇيو هو تہ، ”اوهان ٻنھين جي دوستي ايڏي گهري ڪيئن ٿي؟“ مون تنھنجي پاران وچ ۾ پئي وراڻيو هو، ”جيئن توسان ٿي شمي.“ پڇيائين، ”ڀلا اهو ڪيئن ممڪن آ؟“ کيس شايد يقين نہ آيو.
اتفاقاً گاڏي ٿورو ٿيڙ کائي، ڊڙ ڊڙ ڪري بيھي رهي. مون کي ڪو جواب ڪونہ سجهيو، پر تون نڀائي وئين. ڊرائيور گاڏي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ اڳيان مشين تي جهڪيو، ان وچ ۾ اسان ٽيئي، اوندھہ ۾ وڻن جون ڪاريون قطارون ڏسڻ لاءِ هيٺ لھي پياسين. تو سگريٽ جو ڪش هڻي مٿي آسمان ڏي دونھون اڇلايو. شميءَ کي جواب ڏيندي چيئہ، ”هي آڪاش تي ٽيڙوءَ جو ٽمڪو ڏسين ٿي نہ؟ جيئن اهو ممڪن آ، نہ ٽيڙو ئي ٽٽنڊو نہ اسان ئي ڇڄنداسين، اسان جي Identification جو بھترين سمبل!“
مون کي الاءِ ڇو اهو سمبل سمجهہ ۾ نہ آيو. هلڪي احتجاج سان چيومانءِ، ”اهو تہ آسمان سان انصاف نہ پيو ڪرين. ڌرتيءَ وارن کي پنھنجون تقاضائون ۽ چاهنائون آهن. ڪٿي تارن جو تيج، ڪٿي اسان جي من جي مام!“ پر ان جملي جي نزاڪت کي تون جهٽي نہ سگهئين، واٽ تي مون کي ڊراپ ڪندي چيئہ:
”ڀاڙو ڏيئي وڃ ڀنڀور، نہ تہ....“
”نہ تہ؟“
”تنھنجو مسافر منزل تي لاهڻ کان اڳ اسين واپس کڻي وينداسين.“
مسافر منھنجو، منزل تنھنجي! خوب، هئي نہ ڏک جي ڳالھہ! اسان ٻئي تہ زخمن جي زنجير ۾ جڪڙيل هئاسين، ان ڪري گڏ هئاسين. ونڊي ورڇڻ ۾ تہ ڪڏهن اهو بہ خيال نہ رهيو هو تہ ڪنھن جي حصي جا ڳوڙها ڪنھن جي اکين ۾ ٿا اچن! ۽ هاڻ.... پنھنجي احساسن جي ملڪيت ۾ منھنجي حصي جي گنجائش نہ رکي هيئہ. مون کي ڌار ڪري منزلون پاڻ ڏي سيري، مسافر مون ڏي ڌڪيا هيئہ.
ان رات پھريون دفعو، سچ علي پھريون دفعو، اڪيلائيءَ ۽ اٻاڻڪائيءَ جو احساس ڇريءَ جيان ڇاتيءَ کي چير ڏيئي ويو هو. هروڀرو بابي جون زيادتيون ياد آيون. امان، جنھن کي اکين سان ڪڏهن ڪونہ ڏٺم. اُن جيءَ ممتا جي ڪشش ياد آئي ۽ الاءِ ڇا ڇا ۽ ڪھڙن ڪھڙن ڏنجهہ ڏيندڙ احساسن رات جي ڳپل حصي تائين سمھڻ نہ ڏنو هو.
روح کي رهڙيندڙ اڪيلائي جو پھريون احساس!
مون ڄاتو ٿي علي تہ ايندڙ پل اذيت جي احساس سان زندگيءَ کي ’سِي، سَا‘ جي کيڏ بنائي، بھرحال ايندا. جيون ۾ ڌرتيءَ جيان ڀرپور ورهاڱو ٿيندو. هڪ خطِ استوا جو فرضي خط، اڌ ڌرتيءَ کي لھسيندڙ لڪن ۾ ويڙهي ڇڏيندو ۽ ٻي کي ٿڌين هيرن ۾ هٻڪاري اُتريون قطب روشنين جي راڄ ۾ ٿيندو، اوڀرئين ۾ اوندھہ جا اوڙاھہ مچندا. جيون ’سِي سَا‘ جي راند جيان پاڻ ٻنھين کي مخالف ڏسن ۾ ورهائي، هڪ پلڙي جي هيٺ ٿيڻ تي ئي ٻيو پلڙو مٿي اڀرندو. مون کي پڪ هئي تہ ڪا زبردست تبديلي ايندي، جنھن ۾ زندگيءَ جي ڇپيل پروگرام جي جاءِ تي ڪو نئون پروگرام ڇيڙيندي. ضروري نہ آهي تہ اهو پروگرام من پسند ’الميہ گيتن‘ جو ئي هجي، جا اسان جي اڳ ڪڏهن ’طئہ شدہ‘ پسند هئي.
فائنل ايئر مشغوليت جو سبب بنجي ويو. توسان روز ڪينٽن ۾ ملڻ ٿيندو هو، پر گفتگو ڪڏهن ذاتي نوعيت جي نہ رهي. گهڻي ڀاڱي ڳالھيون ڪورس، ڪتاب، اهم ۽ غير اهم امتحاني سوالن جي ڇنڊڇاڻ ۾ ئي نڀرنديون رهيون. شخصيتون جي ڪڏهن هڪ ٻئي جي التفات جي نظرن کي دلين جو ڏڍ سمجهنديون، هاڻي سرد مھريءَ ۽ بي ڌيانيءَ جي اڻ پورن ۽ مبهم سلسلن ۾ ئي وڇڙنديون رهيون.
اندر جا اڌما ڪڏهن زبان تي نہ آيا. البت اندر جي ولوڙ ۽ وڳوڙ جو نتيجو اهو نڪتو، جو روز اڌ ڪلاڪ، جو هيڏانھن هوڏانھن جي ڳالھين ۾ من تي ڳرو ڳرو پيو گذرندو هو، مختلف بھانن سان ڪڏهن آءٌ تہ ڪڏهن تون ڪلاس ۾ رهيل ڪم پورو ڪرڻ ۽ امتحان جي ويجهڙائيءَ کي منھن ڏيڻ لاءِ صرف ڪرڻ لڳاسين.
ذهني ڏڪار ۽ ڏوتڙ جي ان عالم ۾ ڪتابن ’رفيوجي ڪئمپ‘ جو ڪم ڏنو. اڌ ڪلاڪ جي پابندي بہ ان بھاني معاف ٿي وئي. ذاتين جي قيد ڪلاسن تائين ئي محيط ڪري ڇڏيو. ڪڏهن اگر ڀلجي Relax ڪرڻ لاءِ، ورانڊي ۾ چڪر ڏيندي، هڪ ٻئي کي ڏٺوسين بہ، تہ گفتگو ’هلو، هلو‘ کان اڳتي نہ وڌي.
ڪسمپرسيءَ جي ان مسلسل ڪيفيت ۾ تجربو، جو مون حاصل ڪيو، اهو هيءُ تہ پناھہ گَرن جي ٽُٽي پوڻ سان، ماڻھون مري ڪونہ ٿو، هو باقاعده عام ماڻھن جيان جئي ٿو. پنھنجي جيون کي کري پوڻ جي احساس کي سيني ۾ لڪائي، هو باقاعدي کِلي بہ ٿو ۽ کائي بہ ٿو. اهو ڪو خاص ۽ اهم تجربو نہ هو منھنجو، پر مون کي ان اديب تي پيار آيو هو، جنھن چيو هو تہ، ”جيون جي ٽريجڊي جو نالو يارن الاءِ ڇو ’تجربو‘ رکي ڇڏيو آهي، جڏهن تہ ڪائنات جي اسرارن ۾ ’موت‘ بہ تہ هڪ تجربو ئي آهي.“
”اجهو هينئر، هن پل، قوت جو آخري قطرو ڪرڻ کان پوءِ بہ آئون عام ماڻھن جيان زندھہ آهيان.“ اهي لفظ اڄ شايد ڊپارٽمينٽ لئبريريءَ جي ڪتاب جي هڪ ڪنڊ تي پينسل جي ننڍڙن اکرن ۾ ڊٺل ڊٺل، پر شايد زندھہ هجن!
هڪ لڱان، آئون ۽ شمي موڪل مھل لائبريريءَ وڃڻ لاءِ بس ۾ ويٺا هئاسين. تنھنجو الائي ڪھڙو موڊ ٿيو، چٽ تي لکي موڪليئہ، ”ٻڌو اٿم روشنيءَ کي گهورڻ سان نفسياتي قوت وڌي ٿي. اڄ رات پوري 9 لڳي ٽيڙوءَ کي گهورينداسين. صبحاڻي After effects لکي کڻي اچجانءِ.“ مون چٽ پڙهي، کلي شميءَ ڏي ڪئي. شميءَ چيو، ”اهو ڪتاب تہ مون ئي علي کي ڏنو هو، جنھن مان هن اهو طريقو پڙهيو آ ۽ پروگرام بہ صبح ئي مون سان رٿيو هئين.“
الاءِ ڇو هيڪر وري ذهن کي ڪو بي نانءُ ايذاءُ!
پاڻ کي سمجهايم بہ سھي تہ براڊ مائنڊيڊ ٿي وڃان. دنيا وسيع آهي، دوستيءَ جھڙي همه گير جذبي کي حبيب بئنڪ بنائي، ڪنھن هڪ سان Limited نہ سمجهہ، پر الائي ڇو چريو ٿي پيو هو منھنجو من. After effects الائي ڪھڙا ٿين ها! في الحال تہ Side effects اهڙو ستايو، جو ان ڏينھن بس مان لھي هاسٽل تائين پھچندي، الائي ڪيترن رڪشا، ٽانگي ۽ گاڏين وارن جون ڇڙٻون سٺيم ۽ ٿيڙون کاڌم. بھرحال اهو معجزو نہ هو، جو آئون سلامتيءَ سان ڪاريڊور جون ڏاڪڻيون چڙهي ويئي هئيس. هڪ مصلوب بہ تہ ٽڪاس تي چڙهي ئي ويو هو، باقي زندھہ وسلامت آڪاس ڏي اڏري وڃڻ مقدس نبين جو حصو هو. آئون تہ معمولي ماڻھو هئس ۽ مون کي مرڻو هو، بقول تنھنجي انتھائي بوگس انداز ۾.
ٻئي ڏينھن.
ڪئمپس ۾ گهڙنديئي شميءَ رڙ ڪري پڇيو، ”رات ڇا رهيو ڀنڀور؟“
”تنھنجو ڇا رهيو؟“
وراڻيائين ”مون کي دير ٿي ويئي، ان ڪري مون خبرون ٻڌيون.“
چيم، ”ڪمال آ.“
”خير علي اچي تہ ان کان پڇون.“ جواب ڏنئين.
”اهو هينئر هينئر ڪلاس ۾ ويو آ. مزي واري ڳالھہ تہ کيس سري کان پروگرام ئي وسري ويو.“ ان وقت، ان ڏينھن جي ئي تاريخ سان، لئبريري جي ڪتاب تي ڪجهہ اکر لکيا هئم، ”اجهو هينئر.... هن پل....“
اهڙا ڪيئي بي ڌيانين جا واقعا هئا، جن مون کي توکان شاڪي ڪيو ۽ تون چپ چاپ شڪي ٿي، ڀر مان لنگهي ويندو هئين. ڏک ڏوراپا، شڪوہ شڪايتون ڪرڻ نہ مون کي مناسب لڳيون ۽ نہ ئي آئون عادي هئس، هونئن بہ جتي شڪ شبھات جاءِ والارين، اتي شڪوہ شڪايت يتيم ٻارڙن جيان چپ چاپ ذهن جي گوشن ۾ سمھي رهندا آهن...
اسٽوڊنٽس ڪميونٽيءَ ۾ تنھنجي ۽ شميءَ جي Affair جي خوب ڌوم هلي. سڄي ڪئمپس ۾ جتي تقريباً هر منچلو شاگرد پاڻ کي آس تي رکي پاڻ پيو پتوڙيندو هو، توکي The winner سمجهي، پنھنجيءَ پنھنجيءَ جاءِ سانتيڪو ٿي ويو. البتہ ڪئمپس ۾ اوهان ٻنھين جا چرچا پھرين خاص ۽ پوءِ عام ٿي اڏري ويا ۽ ڌرتيءَ کي ڪو خاص ڌوڏو ڪونہ آيو. خود آئون بہ ڪيترا دفعا توکي ۽ شميءَ کي پري کان ايندو ڏسي پنھنجو رستو مٽي نئين واٽ وٺي ويئي هونديس.
انيڪ سوال هئا، جي جواب جي انتظار کان اڳ ئي اڀري ٻڏتر ۾ لڙهي ٿي ويا. سوال هو، ڇا شميءَ جي جواني دوستيءَ جي وچ ۾ ديوار بنجي وئي؟ ڇا اسان مان ڪنھن هڪ جي غلط Approach غلط فھمين کي فروغ ڏنو هو؟ اسان کي هڪ ئي وقت پنھنجا پنھنجا تعلقات نڀائڻ جو طريقو نہ آيو؟ يا پنھنجي پر اسان خود ڪفيل ٿيڻ سکي ورتو هو ۽ مزيد ڪنھن سھاري جي گنجائش باقي نہ رهي هئي؟... بظاهر اهي چار سوال الڳ الڳ نظر اچي رهيا هئا، مگر انھن مان هڪ لفظ ’يا‘ جي ديوار ڊاهي وڃي، تہ چارئي سوال هڪ ئي سلسلي جون ڪڙيون نظر اچي رهيا هئا. ڏک هو تہ فقط اهو هو تہ ’دوستي‘ ڪنھن هڪ سوال جي عتاب مان نہ، پر انھن مڙنئي عذابن جي ڪيفيت مان لنگهي رهي هئي ۽ اسين پنھنجيءَ پنھنجيءَ جاءِ سڪون جو ڍونگ رچائيندي، اوپرين اکين سان هڪ ٻئي ڏانھن ڏسي مَٽي ٿَي وياسين. اسان کي هڪ ئي وقت پنھنجا پنھنجا تعلقات نڀائڻ جو سليقو نہ آيو. ان جي جوابداري مون توتي وڌي. مون جو ڪجهہ چاهيو هو، اهو تو نہ ڄاتو ۽ جو تو پاتو، ان اسان ٻنھين کي هڪ ٻئي کان بيگانو ڪري ڇڏيو. محبتن ۾ بيگانگي اتساھہ جو قسط وار موت آهي، جنھن جو توکي شايد تجربو ڪڏهن ناهي ٿيو.
مڃان ٿي، ڪائنات جي طلسم ۾ حسن جي رعنائي بيحد هوشربا آهي. روح جي تمام تر رازن ۾ سڀ کان اڳ انعام ۾ ايندڙ شمي تہ محض هڪ علامت هئي، جنھن تنھنجي اندر جي فطري مرڪن کي سوجهہ بوجهہ ۾ آڻي اٿاريو هو.
اهو بيحد سڀاويڪ آهي، حسن، جسم ۽ محبت! سوال هو تہ فقط ماحول ۽ مناسبت جو. اندر جي بک ڪنھن بہ نوع کان فطري آهي، سوال هو تہ فقط ٺاري ٺاري کائڻ جو.
مون چاهيو هو تہ تون انھن سڀاويڪ احساسن کي ضرور اپائين ۽ نپائين. توکي منزل ضرور ملي، پر تنھنجي ڪامرانين ۾ آئون بہ ضرور شامل رهان. منھنجيءَ اجازت کان سواءِ تون ڪا سوچ بہ سرجڻ نہ ڏين ۽ آئون توکي رِيءَ گُهرئَي اهي ئي اجازتون ڏيان، جن کي چاهڻ لاءِ تون لفظ بہ اڃان نہ ڏين.
ڀلا جوانيءَ ۾ ڪو ٻارڙو سامھون چلڪڻا رانديڪا ڏسي روئڻ لڳي ۽ هن جي اڳيان رانديڪن جا ڍير ڪجن، تہ هُو يقيناً رئندڙ کلندڙ ريشمي بدن واري ڀوري ئي تہ کڻندو. پر ڪير ٿو ايڏي ڊگهي لانڍ ويچاري، سڄي حيات پت جهڙ ۾ نبري، اوچتو ئي اوچتو ڪو ستل سلو سرجي ٻور جهلي. هر سؤ ڪچي خوشبوءِ شين ۾ واسو ڪري. اهڙي سمي پراڻن پيچرن کي ڪير ياد ڪندو؟ شايد ڪوئي بہ نہ. دکدائڪ حقيقت اها تہ علي بہ نہ، بلڪہ علي ئي نہ.
ان ۾ رئڻ جي ڪا ڳالھہ تہ نہ هئي، پر الاءِ ڇو ان ڏينھن فائنل ايئر جي شاگردن جي فائنل پڪنڪ واري ڏينھن بيوقتي بيمار ٿي، ڊڙجي پئي هئس. جڏهن تو ۽ شميءَ نھر تي ڪاغذي ٻيڙين جي ريس ٿي پڄائي، تڏهن مون سوچن جي سمنڊ ۾ پنھنجا ٻيڙا ٿي ٻوڙيا. بيمار جسم کي هنڌ، اُڀَ ڪنڊئين جو ڄار لڳو هو. روح رتوڇاڻ، سنجهي ويل آڪاس هيٺان وڃي ليٽي هئس تہ اک وڃي ٽيڙوءَ ۾ اٽڪي هئي. هر سوچ جو سلسلو ڪٿان بہ ڪري، ڪيئن بہ ڪري، وڃي ٿي تنھنجي دڳ نڪتو. ٽيڙو ڏسيو پيڙائن جا پرتوو پولار ۾ ڀٽڪي ڀٽڪي ٿي ويا ۽ الاءِ ڪھڙيون ڪھڙيون يادون دڳ جهلي بيھي ٿي رهيون.
آئون تہ هونئن ئي هميشہ جذباتي رهي آهيان، دوستيءَ جي معاملي ۾ دماغ جي بدران هميشہ دل سان سوچيو هوم. نتيجو ظاهر هو. شخصيت اندران ئي اندران سُرجي پرڻ ٿي وئي، پر بقول ڪنھن جي اندران ڦِسڦِسِي شخصيت حفاظت لاءِ ٻاهران خوديءَ جا خول وڌيڪ مضبوط بنائيندي آ، سو ان شام ان سوچ ۾ تہ، جنھن لاءِ مرجي سو ڪانڌي بہ نہ ٿئي، ٻيڻو ڪفن جي ڪٿ ڪيو بيٺو هجي، ڪجهہ نون فيصلن کي پنھنجو ڪرڻ جو سوچيم. نوان فيصلا، بيحد بھادريءَ ۽ برداشت جا. هي هيڏو آپي جو اپمان، هي اندر ئي اندر رت جا ڳوڙها ڳاڙڻ، ڀلا من اندر ڪا بلڊ بئنڪ تہ نہ هئي، جنھن ۾ سانڀي وڃان ها اهي ڳوڙها.
آئون پنھنجي نوَن فيصلن تي ايتري ڪاربند ضرور رهي هئس، جو ٻي ڏينھن جڏهن تون ۽ شمي وات ٺوڪائيءَ خاطر روم ۾ لنگهي آئيو تہ مون بلڪل نارمل Behave ڪيو. شايد ٿي سگهي ٿو، ان ورتاءُ ۾ ڪجهہ بي ڌياني ۽ نخوت پڻ شامل هجي. مون کي خبر هئي، اها پڪنڪ پريزيڊنٽ هئڻ جي حيثيت ۾ تو خاص ڀنڀور ۾ arrange ڪئي هئي. شميءَ مذاقاً ياد ڏياريو، ”ڪيڏو مزو اچي ها. جي تون بہ ساڻ هجين ها. عليءَ هيءَ پڪنڪ خاص تنھنجي نالي پويان ڀنڀور ۾ رکي هئي.“
مون لنوائيندي نخوت سان چيو هو، ”ٺيڪ آ ڀئي. اسين بہ اوهان کي اوهان جي نالي پويان حضرت عليءَ جا قدم شريف گهمائي اينداسين. اوهان اسان لاءِ وقتي وندر ڪئي، اسين اوهان کي دائمي سرور ڏينداسين. هُوءَ اوهان جي خيرات هئي، هيءَ اسان جي بخشش ٿيندي.“
”ڪيئن آهي نہ ليکو چوکو برابر؟“ ڳالھہ ڪري هڪ نظر توڏي اڇلايم. ڏٺم تنھنجو منھن رنگ هاري ويو هو.
ٻئي ڏينھن مَيٽرن جي گهر تو فون تي ليلڙاٽين جي انداز ۾ چيو هو، ”ڪڏهن تہ چئو ڀنڀور، پرين تنھنجي پيار ۾ ليکا ڪھڙا ڪبا!“
”ڪھڙن ليکن جي ڳالھہ ٿو ڪرين؟ ليکا ڪڏهوڪو لھي ويا. انسان هئڻ جي ناتي آئون بہ ڪجهہ حساس آهيان ۽ حساس ماڻھو دل جي دفترن ۾ ليکو چوکو پورو رکڻ جا عادي هوندا آهن.“ مون بنا اخلاق جي وچان تنھنجي ڳالھہ ڪپي فون رکي ڇڏي.
ٻہ مھينا موڪلن جو طويل عرصو اسان هڪٻئي جي بيخبرائيءَ ۾ گذاريو. ان وچ ۾ شميءَ سان ڊپارٽمينٽ ۾ سلپ وٺڻ جي سانگي هڪ دفعو ملڻ ٿيو بہ سھي، پر ان سچائيءَ سان نہ ملياسين، جا بي تڪلفيءَ کي جنم ڏيندي آهي. کائنس خبر پئي تہ اوهين پاڻ ۾ ملندا رهندا آهيو.
شميءَ ٻڌايو ”توسان ملڻ لاءِ ڏاڍي دل هئي، پر موڪلن جي آخري ڏينھن تي، جڏهن عليءَ چيو هو ”ڀنڀور موڪلن ۾ ملندينء؟“ تہ جواباً تو چيو هو تہ، ”فائنل ايئر جي تياري ڪنھن وٽ وڃڻ يا ڪنھن جي اچڻ جي اجازت ئي ڪٿي ٿي ڏي! ان ڪري باوجود دل جي توسان ملڻ ٿي نہ سگهيو.“
آخر ۾ شايد شميءَ هُج پائي هڪ سوال بہ ڪيو هو، ”اوهين پاڻ ۾ ڇو رٺا آهيو ڀنڀور؟“
آئون مُشڪي ڳالھہ لنوائي وئي هئس، ”توسان تہ ٻئي پرتل آهيون ڀئي!“
ان ڳالھہ جو اعتراف اڃان مون پاڻ سان بہ نہ ڪيو هو تہ آئون توکان رٺي آهيان. لڪلوٽيءَ ۽ درگذر ڪرڻ جي سرد جنگ تو پاڻ جوٽي هئي. نوان پيار پالي، انھن کي Privacy ۾ لکڻ تو سکيو هو. نہ تہ آئون تہ هر دستڪ تي آتي ويٺي هئس، تہ اجهو اجهو ڪوئي ايندو، اچي مون کي پنھنجي پيار ۾ شامل ڪندو، پر تون نہ آئين. ڄڻ ٻہ مسافر ڪنھن پليٽ فارم تي پاڻ ۾ مليا، ملي ويٺا، هڪ جي ريل آئي، پنھنجي مسافر کي کڻي، منزل ڏي رواني ٿي. ويندڙ مسافر هلندڙ گاڏي مان ڪٿ ٿو مڙي پٺيان نھاري، تہ رهجي ويل مسافر تي ڇا گذري؟
موڪلون آيون ۽ ختم ٿي ويون. فائنل ايئر جي شاگردن لاءِ ڄڻ ٻن هفتن لاءِ زندگي اچي وئي. ان کان پوءِ هر شاگرد کي، يونيورسٽيءَ جي فضا کي ڄڻ هميشہ لاءِ خيرباد چوڻو هو.
شاگرد ساٿي لٿل لٿل منھن سان هڪ ٻئي لاءِ عقيدت جو اظھار ڪندا رهيا. هڪ ٻئي ڏانھن جذباتي لکيل رمارڪس، ننڍڙا ننڍڙا تحفظ، پنھنجي هٿ اکر لکيل دعائيہ جملن سان، پنھنجي پنھنجي وت آهر برمعنيٰ محبت جا ننڍڙا ننڍڙا اظھار!
يونيورسٽي کلڻ جي پھرئين ڏينھن ئي تو چيو هو ”ڀنڀور توسان اڌ ڪلاڪ ڳالھائڻو آ. پيپر ڏيئي مون سان ضرور ڳالھائجانءِ.“
پڇيم، ”ڪھڙو ڪم اٿئہ؟“ جو ڀانيو هوم، شايد دوستيءَ جي پراڻي مردي کي ماضيءَ جي ملبي مان کوٽي، آڪسيجن ڏيڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندين.
تون منھنجو نارمل انداز ڏسي، ڪجهہ اداس ٿي وئين. چئيه، ”ايڏي نارمل آهين! تو شايد هر شيءِ وساري ڇڏي آ، ڪينٽن جي ڪنڊ، بوگس بڪواز، ٽيڙوءَ جو ٽمڪو.“
”ذهني سڪون خاطر تلخيون وسارڻ ثواب آ. ثواب ڪمائڻ خاطر تہ انسان انسانن جو ٻليدان ڏيندا آهن. مون تہ صرف تو جھڙي بِلنڊر ماڻھوءَ کي ڀُلائي....“
پاڻ لاءِ بِلنڊر جو لفظ ٻڌي، تنھنجو منھن ٽامڻي هڻي ويو. مان توکي تنھنجا ئي لفظ واپس ورائيندي ٻڌايو، ”اڄ مون کي بيزار نہ ڪر، جو هينئر مون کي ڪوئي ياد نہ پيو اچي.... ڪوئي ياد نہ پيو اچي مون توکي واقعي وساري ڇڏيو آهي...“
بھرحال گذريل واقعن کي قلمبند ڪرڻ جو ڪو واحد مقصد ڪھاڻيءَ جي تخليق نہ آهي. مٽيءَ مان جڙيل ڪھاڻيون واريءَ جي لڏُونءَ جيان ڀري پونديون آهن. پر ڪڏهن ماضي درد جو درياھہ بنجي، ذهن جي بنجر ڌرتيءَ کي رانڱي ويندو آ. سٽون سلن جيان سرجڻ لڳنديون آهن ۽ ماڻھو پنھنجيءَ تخليق ڪيل ساوڪ جي سراب ۾ هيڪر وري ڀٽڪڻ لاءِ تازہ دم ٿي ويندو آهي.
اڄ يونيورسٽيءَ جي ماحول کي ڇڏي ڪي سال ٿيا. تنھنجو خيال ڪڏهن ڀلجي بہ ذهن ۾ ڪونہ آيو. ان وچ ۾ اسين شھر ڇڏي ڳوٺ آياسين. ڪنھن ڪم سانگي شھر اچڻ ٿيو بہ سھي، تہ بہ توسان ملڻ جو ڪڏهن اشتياق ئي نہ اڀريو. ايتريقدر جو ان آخري ڏينھن فيئرويل پارٽيءَ تان موٽندي، جڏهن توکي پويان بس ۾ جاءِ نہ ملي (يا ڄاڻي واڻي اڳيان بيٺو رهين) تو چيو ”رٺي آهين؟ پرتل هجون ها تہ هڪ ٻئي کي دوست سمجهي ئي ياد ڪريون ها. اڃا بہ هينئر سڀ ويڇا وساري پرچي پئہ.“
”هن جڳ ۾ اهو ناهي ممڪن، جو پل لنگهي ويو، هو پنھنجي پويان عذاب جا اڻ مَيا ليڪا ڇڏي ويو. عذاب جي وسري وڃن بہ سھي، تہ بہ پنھنجي اندر ۾ اڪريل اهي ليڪا رانڱي نہ ٿا سگهجن. ٽيڙوءَ جو ٽمڪو، بوگس بڪواز، ڪينٽن جي ڪنڊ، اهي عذاب سڀ درگذر، پر پنھنجي من جو، هڪ حصو هميشہ لاءِ پوٺو ٿي ويو، ان جي تلافي؟“
لھندي لھندي چيو هيئہ ”آءٌ دعا ڪندس ڀنڀور. اسان جت بہ هجون، خدا ڪري خوش رهي سگهون.“
”لفظ ’اسان‘ مان منھنجو حصو ڪٽي وٺ. بي ڌيانين جي ڪتاب ۾ آيل ماڻھو دعائن ۽ بددعائن جي اثر کان بي نياز ٿيندا آهن.“ جواب ڏيڻ کان اڳ ئي تنھنجو اسٽاپ اچي ويو هو ۽ تون ڪجهہ چوڻ جي ڪيفيت ۾ منجهي هيٺ لھي پيو هئين.
بس جو اهو آخري سفر هر شاگرد کي پنھنجي اسٽاپ تي لاهيندو اڳيان وڌي منھنجي هاسٽل تائين پھچي ختم ٿي ويو.
امتحان آيو ۽ ختم ٿي ويو. ڪاميابيءَ جي ڊگري ساڻ ڪري بابو مون کي هاسٽل مان ڪڍي گهر جي هڪ ڪنڊ ۾ ڦٽو ڪري، وري ڪنھن ٻئي دڳ گم ٿي ويو.
بھرحال ڪنھن امتحان مان ڪاميابيءَ جي ڊگري هٿ ۾ اٽڪائي، ماڻھو خوش خوش نڪري ايندو آهي ۽ ڪنھن ڪنھن امتحان مان چپ چاپ گذري، صرف قوت برداشت جا ڪتبا ساڻ ڪري موٽي ايندو آهي. بقول موهن ڪلپنا ”اهو ڪھڙو ڏينھن آهي، جڏهن اسان جي من جي ڪنھن ڪومل ۽ عزيز ڀاونا جو موت نہ ٿو ٿئي. اڄ منھنجو من زندگيءَ جي سڀ کان وڏي ’شوڪ سڀا‘ آهي.“ سو ان من جي قبرستان تي خاموشيءَ جا ڪتبا ساڻ ڪري جيسين جي سگهبو، تيسين تہ بھرحال جيئبو رهبو. پوءِ نيٺ تہ مٽي مٽيءَ سان ملي ويندي. انسان فنا ۽ هر شيءِ ويران بنجي ويندي. اهڙي سمي قبرستان جي خاموش گذرگاهن ۾ جڏهن چنڊ جي چکيا ويرانا واسيندي، تڏهن هڪ نرٻل روح پاڻ لڪائي ٻي جُوڻ مٽيندو. هُو ڀنؤر بنجي ڊٺل آستان ڳوليندو. وٺل بستيون هن کان پري ڀڄنديون. اها ڪھاڻي ورهين کان ورجائبي ايندي، پوءِ بہ تازي رهندي. ٽيڙوءَ جو ٽمڪو ڪڏهن بہ ختم نہ ٿيندو. ڀنؤر جي آتما ڪڏهن بہ مڪتي نہ ماڻيندي، ڇو جو مسلسل محبتون ٻن دوستن جي وچ ۾ وڇوڙو بنجي ويون وار جيڏيءَ وِڏ تان، جي رُٺا پاڻ ۾ ٻيھر پرچڻ لاءِ.