رني ڪوٽ جو خزانو, ليکڪ : امر جليل

رني ڪوٽ جو خزانو

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : رني ڪوٽ جو خزانو
ليکڪ : امر جليل
ڪيٽيگري : ڪهاڻيون
ڇپيندڙ : نيو فيلڊس
شايع ٿيڻ جو سال : 2007
شامل ڪيو ويو : 2016-08-16
ڏِٺو ويو : 3844 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 2115 ڀيرا
ڪهاڻين جو هي ڪتاب ”رني ڪوٽ جو خزانو “ نامياري ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار امر جليل جي ڪهاڻين تي مشتمل آهي. هي ڪتاب 2007ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو.
امر جليل لکي ٿو جابر، تاريخ جي هر دور ۾، مظلوم جي احتجاج تي حمله آور ٿيندو آهي. هو لکيل ۽ اُچاريل هر لفظ تي اُلر ڪندو آهي. هو هيڻي جي آهن ۽ زاريءَ تي اعتراض ڪندو آهي. هو قاعدن ۽ قانون جا ڪوٽ کڙا ڪري وٺندو آهي. پر هو هيڻي جي خاموشيءَ سان جنگ چوٽي نه سگهندو آهي. هو ماٺ سان وڙهي نه سگهندو آهي. منهنجي توسان جنگ نه آهي. بس، مان خاموش ٿي ويو آهيان. خاموشي موت آهي. خاموشي پڄاڻيءَ جي علامت آهي. منهنجي خاموشيءَ ۾ شايد تون پنهنجو موت ۽ پڄاڻي ڏسي رهيو آهين. ان ۾ منهنجو ڏوهه نه آهي. اِن لاءِ تون پاڻ ذميوار آهين. تون ،منهنجي ماٺ ۽ خاموشيءَ سان پڄي نه سگهندين.

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري ڪهاڻيون مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ