ناول

ڪيمانگر

پرتگالي ۾ لکيل زندگيون بدلائيندڙ ناول الڪيمسٽ The Alchemist جو سنڌي ترجمو ڪيمانگر اوهان اڳيان پيش آهي. هن ناول جو سنڌي ترجمو ليکڪ ۽ سنڌ سلامت سٿ جي دوست فهيم اختر ميمڻ پاران ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته هي ڪتاب دنيا جي پنجهٺ ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي ۽ گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻولين ۾ ترجمو ٿيندڙ ڪتاب طور شامل آهي.

Title Cover of book Kemangar

ٻه اکر سنڌيڪار پاران

علمي، ادبي ۽ روحاني مَنڊلين ۾ پائولو ڪوئلهو کي جديد دور جو زندهه درويش ڪوٺيو وڃي ٿو. سندس ناول “ڪيمانگر The Alchemist” پڙهڻ کانپوء واقعي ان ڳالهه ۾ ڪو وڌاء محسوس نه ٿو ٿئي. هي ناول پُرتگالي زبان مان انگريزيء ۾ ترجمو ٿيڻ کانپوء پوري دنيا ۾ مڃتا جي اوچائن تي پهچي ويو. گِنيز بُڪ آف ورلڊ رڪارڊز ۾ هن ڪتاب جو نالو دنيا جي سڀ کان وڌيڪ ترجمو ٿيندڙ ڪتاب جي طور تي شامل آهي. جنهن کانپوء اڄ تائين هي ڪتاب لڳ ڀڳ دنيا جي پنجهٺ ٻولين ۾ ترجمو ٿي چُڪو آهي، ۽ ڏهن سالن تائين آمريڪا ۾ بهترين وڪرو ٿيندڙ ڪتاب جو خطاب پڻ ماڻي چڪو آهي. پائلو ڪوئلهو جي زندگيء جي بابت مختصر حوالو سندس ئي لکيل مُهاڳ کي ترجمو ڪري هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ڇاڪاڻ جو ڪنهن به ناول پڙهڻ کان اڳ ان جي ليکڪ جي ذاتي زندگيء جي بابت ڄاڻ ان ناول جي روح تائين پهچڻ ۾ مدد ڪري ٿي. سندس ٻين ناولن ۾ آهن :
Eleven Minutes, By the River Piedra I Sat Down and Wept, Veronika Decides to Die, The Winner Stands Alone, Manual of the Warrior of Light, The Zahir, The Devil and Miss Prym, The Fifth Mountain, The Witch of Portobello, The Valkyries, Like the Flowing River .Aleph, Brida,Life, Manuscript Found in Accra.
منهنجي لاء هي ڪتاب پڙهڻ کانپوء اهو نا ممڪن هو ته باقي ڪتابن وانگي هن ڪتاب کي به يا ته اڌ قيمت ۾ وڪرو ڪري نئون ڪتاب خريد ڪجي ها يا وري ڪتابن جي الماڙيء ۾ سجائي رکي ڇڏجي ها. هَينري مِلر واري ڳالهه ته، “ الماڙيء ۾ رکيل ڪتابُ ناڪارا هٿيار وانگي آهي.” سو ٻه سال اڳ جڏهن هن ڪتاب کي پڙهڻ سان گڏوگڏ ترجمو ڪرڻ جو پڻ پڪو پهه ڪيم ته ذهن ۾ اها ئي ڳالهه هئي ته هن جهڙو ناياب ڪتاب اڃا تائين سنڌي ادب جو حصو ڇو نه بڻجي سگھيو آهي. هن ڪتاب جو ترجمو ڪرڻ جو سبب منهنجي ان ڪيفيت ۾ وڃڻ جي ڪوشش پڻ هئي جنهن ڪيفيت ۾ اهو ڪتاب اصل ليکڪ لکيو آهي. خير، ڪتاب جو ترجمو شروع ٿيو، پر بدقسمتي اها رهي ته صرف ڪجھ ئي صفحا ترجمو ڪرڻ کانپوء زماني جي لاهن چاڙهن جي ور چڙهي ويس، ۽ پورا ٻه سال اهو ڪتاب الماڙيء جي زينت بڻيو رهيو. ٻن سالن کانپوء ٻيهر ان ڪتاب پڙهڻ ۽ انکي ترجمو ڪرڻ جو شوق جاڳيو. ٻه سال گذرڻ کانپوء ان ڪتاب کي ٻيهر پڙهڻ جو سبب اهو هو ته هي اهو ڪتاب آهي جيڪو زندگيء جي ڀوڳنائن، ڪشالن ۽ تڪليفن کي سمجھڻ، انهن کي حل ڪرڻ ۽ انهن تي ثابت قدم رهڻ ۾ وڏي مدد ڪري ٿو. زندگيء جي چوواٽن ۾ ڀٽڪي ويل اهڙا ارواح جيڪي همت هاري ويٺا آهن ۽ پاڻ کي پنهنجي منزل ڳولڻ جي بدران زندگيء جي تيز وهڪري جي حوالي ڪري ڇڏيواٿن، انهن جي لاء هن ڪتاب ۾ رهنمائي آهي.
هاڻ جڏهن هن ڪتاب جو ترجمو پورو ٿيڻ وارو هو ته اها خبر ملي ته هي ڪتاب اڳ ۾ ئي احرار يوسف پاران سنڌيء ۾ ترجمو ٿي ڇپجي چڪو آهي. اها ڳالهه ٻڌي مونکي ڪا تڪليف ڪو صدمو نه رسيو، پر سَرَهو ٿيس ته سنڌي ادب ۾ جنهن ناياب ڪتاب جي کوٽ محسوس ٿي رهي هئي سا هاڻ پوري ٿي. ان دوران ئي ان سنڌي ترجمي کي پڙهڻ جو موقعو مليو. پر اهو ترجمو پڙهندي مونکي اچرج به ٿيو ۽ مايوسي به ٿي. سنڌيڪار احرار يوسف ڪتاب جي ڪردارن جا نالا مٽائڻ سان گڏو گڏ ٻيون به ڪيتريون ئي فَني ڪوتاهيون ڪيو آهن، جن سان ڪتاب جي اصل روح تائين پهچڻ ناممڪن آهي.
انهن مان ڪجھ غلطين جي وضاحت هت ڪرڻ ضروري ٿو سمجھان. هڪ ته ناول جي مرڪزي ڪردار جو نالو ناصر نه پر سانتياگو آهي، ٻيو ته سانتياگو جنهن بادشاهه سان مليو انجو نالو عبدالله نه پر مالڪي زيڊڪ هو. مالڪي زيڊڪ دراصل يهودين جي روحاني رهبرَ طور سڃاتو وڃي ٿو، جنهن کي عبدالله جو نالو ڏئي احرار يوسف ڪتاب ۽ ليکڪ جي ساک کي هاڃو رسائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جڏهن ته هن ڪتاب کي پُرتگالي ٻوليء مان انگريزي ٻوليء ۾ ترجمي ڪرڻ واري ايلن.آر.ڪليرڪ ڪتاب جي هڪ هڪ لفظ ۽ جُملي کي جيئن جو تيئن انگريزيء ۾ بيان ڪري پنهنجي ذميواري پوري ڪئي آهي. ترجمي ڪرڻ جو مقصد ئي اهو هوندو آهي ته اصلي ڪتاب ۾ بيان ڪيل حالتن، واقعن، جڳهين، ڪردارن کي سڌو سنئون ٻي ٻوليء ۾ منتقل ڪجي ته جيئن پڙهندڙن جي ذهن ۾ ڪتاب پڙهڻ کانپوء ان بابت ڪو نتيجو اخذ ڪرڻ کان پهريائين اهي سڀ شيون موجود هجن.
هڪ ٻي فَني غلطي جيڪا احرار يوسف کان ٿي آهي، اها هن ريت آهي ته، ناول ۾ ٻن پٿرن (يُورِم ۽ ٿُومِم) جو ذڪر ٿيل آهي. عبراني ٻوليء ۾ يُورِم جو معنى آهي ‘روشني’ ۽ ٿُومِم جي معنى آهي ‘ڪماليت’. هي الهامي پٿر آهن، يهودي عقيدن جي مطابق يهودي پادري (رَبي) خدا کان رهنمائي حاصل ڪرڻ لاء هنن جو استعمال ڪندا آهن. احرار يوسف پنهنجي ترجمي ۾ انهن پٿرن کي اصل نالن جي بدران ياقوت ۽ مرجان ڪوٺيو آهي. جڏهن ته اصل ناول ۾ انهن پٿرن جو رنگ اڇو ۽ ڪارو ٻڌايو ويو آهي، پر احرار يوسف جي ترجمي ۾ استعمال ٿيل ياقوت ته رنگ جو ڳاڙهو ٿئي ٿو.
ڪتاب جي نالي جي ترجمي ‘ڪيمياگر’ سان ڪو خاص اختلاف ناهي. پر، 1910 واري پرمانند ميوارام واري سنڌي لُغت جيڪا سنڌ جي علمي ۽ اَدبي وايي منڊل ۾ هڪ مُستَنَد سنڌي لُغت سمجھي وڃي ٿي ۽ انجو هڪ نُسخو بِرٽش ميوزيم ۾ پڻ رکيل آهي، ته اُن مطابق The Alchemist جي معنى ڪيمياگر نه پر ڪيمانگر آهي. تهنڪري ڪيمانگر استعمال ڪرڻ سان ترجمي کي پنهنجي ساک قائم رکڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي.
اهڙيون ٻيون به ڪيتريون ئي فَني غلطيون احرار يوسف جي ترجمي ۾ موجود آهن جن سان ليکڪ جو اصل پيغام پڙهڻ وارن تائين صحيح نموني نه پهچي سگھيو آهي. ان ترجمي مان اهو پڻ واضح ٿئي ٿو ته مُترجم ناول جو اصل پيغام پڙهندڙن تائين رسائڻ جي بجاء پنهنجو سنڌي ٻوليء تي اُبور پيش ڪيو آهي.
هي سڀ ڳالهيون ڪرڻ جو مقصد احرار يوسف جي ساک کي هاڃو رسائڻ بالڪل ناهي، پر انهن مڙني سنڌيڪار دوستن ۽ پبلشرز جي لاء هڪ سنيهو آهي ته مهرباني ڪري ٻاهرئين ادب جا بهترين ۽ گھڻي کان گھڻا ڪتاب سنڌي ٻوليء ۾ آندا وڃن، ته جيئن سنڌ جي ادبي، علمي، سياسي، سماجي ۽ روحاني ميدانن ۾ رهجي ويل خالَ ڀري سگھجن، پر انهن ڪتابن جي ڇاپڻ کان اڳ انهن جي ٿيل ترجمي جي مڪمل جاچ ۽ اصل ڪتاب سان پوري پوري ڀيٽا ڪئي وڃي ۽ ترجمي ۾ ڪنهن به قسم جي غير فني هَير ڦَير نه ڪئي وڃي ته جيئن اصل ليکڪ جي محنت اجائي نه وڃي.

فهيم اختر ميمڻ
دمام، سعودي عرب