قسط 16
“ آءٌ پنهنجي باز سان گڏ شڪار ڪري رهيو آهيان،” ڪيمانگر وراڻيو.
“ توهانجي تلاشي وٺڻي پوندي ته ڪٿي توهان وٽ ڪو هٿيار ته ناهي.” هڪ قبيلائي شخص چيو.
ڪيمانگر ۽ نِينگَرُ ٻئي گھوڙي تان لٿا.
“تو پاڻ سان گڏ پئسا ڇو کنيا آهن؟” قبيلائي شخص نِينگَرَ جو ٿيلهو جاچيندو کانئس پڇيو.
“ ان ڪري جو مونکي احرامن تائي پهچڻو آهي،” نِينگَرَ وراڻيو.
قبيلائي شخص کي ڪيمانگر جي سامان جي تلاشي وٺندي هڪ پاڻياٺي مادي سان ڀريل گھُگھي ۽ هڪ ڦِڪي رنگ جي ڪائَي جهڙو بيضو هٿ آيو جيڪو ڪُڪِڙ جي بيضي کان ٿورو وڏو هو.
“ هي ڇا آهن؟” قبيلائي شخص پڇيو.
“ هي پارس جو پٿر ۽ آبِ حيات آهن. هي ڪيمانگرن جي حڪمت جا نمونا آهن. جنهن به آبِ حيات پيتو اهو ڪڏهن به بيمار نه ٿيندو، ۽ ان پارس جو هڪ به ٽڪرو ڪنهن به ڌاتوء کي سون ۾ تبديل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.”
عرب قبيلائي مٿس ان ڳالهه تي کِليا، انهن سان گڏ ڪيمانگر پڻ کِليو. هنن سوچيو ته هو ڀوڳ ڪري رهيو آهي، ۽ کين سندن سڄي سامان سان وڃڻ جي اجازت ڏني.
“ توهان چريا ته نه ٿي ويا آهيو؟” نِينگَرَ ڪيمانگر کان پڇيو، “اهڙي چريائپ توهان ڇو ڪئي؟”
“ توکي زندگيء جو هڪ نهايت ئي آسان سبق سيکارڻ لاء،” ڪيمانگر وراڻيو. “جڏهن تون پاڻ وٽ موجود اَمُلُهه خزانن جي بابت ڪنهن کي ٻڌائيندي ته تنهنجي ڳالهه تي ڪير به ويساهه نه ڪندو.”
هنن ريگستان ۾ پنهنجو سفر جاري رکيو. هر ڏينهن گذرڻ سان نِينگَرَ جي دل خاموش ٿيندي ٿي وئي. ۽ کيس مستقبل يا ماضيء جي به پرواهه نه رهي؛ اهو صرف ريگستان ۽ دنيا جي روح تي سوچ ويچار ڪرڻ جو هڪ انداز هو. نِينگَرَ ۽ سندس دل جي وچ ۾ دوستي ٿي چڪي هئي، ۽ هاڻ هو هڪٻئي کي ڌوڪو نه ٿي ڏئي سگھيا.
هاڻ سندس دل صرف کيس همت ۽ جوش ڏيارڻ لاء هن سان ڳالهائيندي هئي، ڇاڪاڻ جو ريگستان جي سانت تمام تڪليف ڏيندڙ هئي. سندس دل کيس سندس خوبيون جي بابت ٻڌايو؛ رڍون وڪرو ڪري پنهنجي تقدير کي جيئڻ واري خوبي، ۽ سندس ٿانوَن جي هَٽَ ۾ جوش ۽ ولولي سان گذاريل وقت واري خوبي پڻ ٻڌائي.
سندس دل کيس هڪ ٻي به ڳالهه ٻڌائي جنهن تي هن اڳ ڪڏهن به غور نه ڪيو هو؛ سندس دل کيس لاحق خطرن بابت به ٻڌايو، پر اهي خطرا کيس ڪڏهن به ويجھو نه آيا. سندس دل کيس اهو به ٻڌايو ته ان سندس پيء جي اها بندوق پڻ لڪائي ڇڏي هئي، ڇاڪاڻ جو اهو ممڪن هو ته متان ان سان نِينگَرُ پاڻ کي زخمي ڪري وجھي. سندس دل کيس اهو به ياد ڏياريو جڏهن هو ميدان ۾ رڍون چارڻ دوران بيمار هو ۽ اُلٽيون پڻ ڪيون هئائين، جنهن کانپوء هو گهري ننڊ پئجي ويو هو. اتان کان ٿورو اڳتي ٻه چور نِينگَرَ کي مارڻ ۽ سندس رڍن چورائڻ جو منصوبو ٺاهي ويٺا هئا. پر ڇاڪاڻ جو نِينگَرُ اتان نه لنگھيو ۽ هو اهو سوچي هليا ويا ته متان نِينگَرَ گس ئي مٽائي ڇڏيو هجي.
“ ڇا انسان جي دل سدائين سندس واهَرَ ڪري ٿي؟” نِينگَرَ ڪيمانگر کا پڇيو.
“گھڻو ڪري اهڙن ماڻهن جون دليون سندن واهَرَ ڪن ٿيون جيڪي پنهنجي تقدير جي کوجنا ڪن ٿا. پر هو ٻارن، مَڌُ پياڪن ۽ پيرسنن جي پڻ واهَرَ ڪن ٿيون.”
“ ڇا ان جو مطلب اهو آهي ته آءٌ ڪڏهن به ڪنهن مشڪل ۾ گرفتار نه ٿيندس؟”
“ ان جو مطلب اهو آهي ته دل مشڪلن کان بچائڻ لاء پنهنجي پوري ڪوشش ڪندي آهي.” ڪيمانگر وراڻيو.
هڪ ڏينهن سندن گذر قبيلن جي لڳايل هڪ منزل وٽان ٿيو. ڪنڊ تي ڪجھ عرب اڇن جُھٻن ۾ هٿيارن سان بيٺا هئا. پاسي کان ڪجھ ماڻهو حُقا ڇڪيندي جنگ جا حال احوال اوري رهيا هئا. هنن ٻن مسافرن تي ڪنهن به ڌيان نه ڏنو.
“ هتان ڪو خطرو ناهي،” نِينگَرَ اتان گذرندي ڪيمانگر کي چيو.
ڪيمانگر باهجي پيو؛ “ پنهنجي دل تي يقين رک، پر اهو به نه وسار ته تون ريگستان ۾ آهين. جنگين جي دوران دنيا جو روح جنگين مان ايندڙ رڙيون ٻڌندو آهي. هن زمين تي ڪير به نتيجن جي پيڙائن ڀوڳڻ کان بغير رهي نه ٿو سگھي.”
“ سڀ شيون هڪ آهن،” نِينگَرَ سوچيو. پوء ريگستان ڪيمانگر جي اها ڳالهه صحيح ثابت ڪئي، ٻه گھوڙي سوار سندن پويان کان پڌرا ٿيا.
“توهان هن کان اڳتي نه ٿا وڃي سگھو،” انهن گھوڙيسوارن مان هڪ چيو. “توهان جنگين واري علائقي ۾ آهيو.”
“ اسين گھڻو اڳتي نه پيا وڃون،” ڪيمانگر گھوڙي سوار جي اکين ۾ اکيون وجھي وراڻيو. هو ڪجھ گھڙين لاء خاموش رهيا، ۽ پوء نِينگَرَ ۽ ڪيمانگر کي اڳتي وڌڻ جي اجازت ڏنائون.
نِينگَرُ حيرت منجھان سندن ڳالهه ٻولهه ٻڌي رهيو هو.
“ توهان جي هنن گھوڙي سوارن ڏانهن تڪڻ جي انداز سان توهان هنن تي غالب هئائو.” نِينگَرَ چيو.
“ توهان جون نظرون توهانجي روح جي طاقت کي پڌرو ڪن ٿيون،” ڪيمانگر ورڻيو.
“ اهو واقعي صحيح آهي،” نِينگَرَ سوچيو.
کيس اهو محسوس ٿيو ته انهن قبيلي وارن هٿياربندن منجھان هڪ شخص کين مسلسل تڪي رهيو هو. ٿورو پرڀرو هجڻ جي ڪري سندس صورت نظر نه ٿي آئي پر نِينگَرَ کي اها پڪ هئي ته هو کين تڪي رهيو آهي.
آخرڪار، جڏهن هنن جابلو سلسلو جيڪو تمام ڏور تائين ڦهليل هو، پار ڪيو ته ڪيمانگر چيو ته هاڻي اسين احرامن کان صرف ٻن ڏينهن جي پنڌ تي آهيون.
“ جيڪڏهن اسانجا رستا هڪٻئي کان الڳ ٿيڻ وارا هجن ته مونکي علم ڪيميا جي بابت ضرور ڪجھ سيکاريو.” نِينگَرَ ڪيمانگر کي چيو.
“تون اڳي ئي علم ڪيميا جي بابت ڄاڻين ٿو. اها ڏات دنيا جي روح ۾ داخل ٿيڻ جو فن سيکاري ٿي ۽ ان خزاني جي کوجنا جي ترغيب ڏئي ٿي جيڪو توهانجو آهي.”
“ منهنجو اهو مطلب نه هو، آءٌ شيهي کي سون ۾ تبديل ڪرڻ واري ڏات جي ڳالهه ڪري رهيو هئس.”
اها ڳالهه ٻڌي ڪيمانگر ريگستان وانگي سانت ۾ اچي ويو هو، هن کيس تڏهن جواب ڏنو جڏهن هو ڀوڄن لاء رڪيا.
“ ڪائنات ۾ موجود هر شيء ارتقاء جي عمل هيٺ رهي ٿي،” ڪيمانگر چيو.
“ ۽ ساڃهه وندن لاء سون به هڪ اهڙو ڌاتو آهي جيڪو وڌيڪ ارتقاء جي مرحلن مان گُذرندو رهي ٿو. اهو نه پڇجان ته ائين ڇو آهي، ڇاڪاڻ جو مونکي ان بابت ڪا ڄاڻ ناهي. مونکي صرف ايتري خبر آهي ته اهو روايتن ۾ آهي، ۽ روايتون سدائين صحيح هونديون آهن.”
“ ماڻهون ڪڏهن به ڏاهن جي ڳالهين کي نه سمجھي سگھيا. تنهنڪري سون کي ارتقا جي نشاني سمجھڻ جي بجاء جھيڙن جو بنياد بڻائي پيش ڪيو ويو.”
“ مختلف شيون به پنهنجيون ڪيتريون ئي ٻوليون ڳالهائين ٿيون. اهو به وقت هو جڏهن، مون لاء اُٺن جي هڻڪار هڪ هڻڪار کان وڌيڪ ڪا شيء نه هئي. پوء اها ئي هڻڪار مون لاء خطري جي نشاني پڻ ثابت ٿي. ۽ آخرڪار اها هڻڪار وري هڪ هڻڪار ئي بڻجي وئي.” پر اهو چوڻ کانپوء نِينگَرُ اهو سوچي ماٺ ٿي ويو ته انهن مڙني ڳالهين کان ته ڪيمانگر ضرور واقف هوندو.
“ آءٌ ڪجھ اهڙن حقيقي ڪيمانگرن کي سڃاڻان ٿو جن پاڻ کي پنهنجي تجربيگاهن ۾ بند ڪري سون وانگي ارتقاء جي مرحلن مان گُذرڻ جي ڪوشش ڪئي. تنهن کانپوء کين پارس هٿ آيو، ڇاڪاڻ جو هو اها ڳالهه سمجھي چڪا هئا ته، جڏهن به ڪا شيء ارتقاء جي مرحلن مان گُذري ٿي ته ان جي چوڌاري موجود هر شيء پڻ ارتقاء ڪندي رهي ٿي. ٻيا ڪيمانگر وري اهڙا هئا جن کي اهو پٿر حادثاتي طور تي هٿ اچي ويو. وٽن اڳ ۾ ئي اهو تحفو هو، ۽ سندن روح اهڙي ڀانت جي شين لاء ٻين کان وڌيڪ تيار هئا. پر اهي شيون سندن لاء ڪا اهميت نه ٿيون رکن ۽ اهڙا انسان تمام گھٽ آهن. ڪجھ وري اهڙا ڪيمانگر هئا جن جي صرف سون ۾ دلچسپي هئي. پر هو ڪڏهن به ان ڳُجھ تائين نه پهچي سگھيا. هو اهو وساري چڪا هئا ته شيهي، پِتل ۽ لوهه جون پنهنجون پنهنجون الڳ تقديرون آهن. ۽ جيڪڏهن ڪير به ڪنهن ٻي شيء جي تقدير سان ڇيڙڇاڙ ڪندو ته هو ڪڏهن به پنهنجي تقدير کي حاصل نه ڪري سگھندو.”
ڪيمانگر جا هي لفظ هڪ نحوست وانگي پڙاڏوڪرڻ لڳا. هن زمين تان هڪ سِپي کڻندي چيو ته “ هي ريگستان ڪنهن وقت ۾ هڪ سمنڊ هو.”
“ آءٌ ان ڳالهه کان آگاهه هئس،” نِينگَرَ وراڻيو.
ڪيمانگر نِينگَرَ کي اها سِپي پنهنجي ڪَن تي رکڻ لاء چيو. نِينگَرُ ننڍي هوندي ائين ڪيترائي ڀيرا ڪري سمنڊ جو آواز ٻڌي چڪو هو.
“سمنڊ هن سِپيء جي مٿان گذري چڪو آهي، ۽ اهائي ان جي تقدير آهي. پر اهو هاڻ تيسيتائين نه ٿي سگھندو جيسيتائين ٻيهر هن ريگستان ۾ پاڻي نه ايندو.”
هو پنهنجن گھوڙن تي چڙهيا ۽ مصر جي احرامن جي طرف سفر شروع ڪيائون.
سج لهڻ وارو ٿيو ته نِينگَرَ جي دل ڪنهن خطري جو اشارو ڪيو. سندن چوڌاري واريء جا تمام وڏا دڙا هئا، نِينگَرَ ڪيمانگر ڏانهن ڏٺو ته هن به ڪا اهڙي خطري واري شيء محسوس ڪئي آهي يا نه. پر هو اهڙي ڪنهن به خطري واري ڳالهه کان بي خبر ٿي لڳو. پنجن منٽن کانپوء نِينگَرَ ٻه گھوڙي سوار اڳيان سندن انتظار ۾ هئا. ان کان اڳ جو هو ڪيمانگر کان ڪجھ ڪُڇي، اهي ٻه گھوڙي سوار ٻن مان ڏهه، ڏهن مان سئو ۽ پوء دڙن ۾ هر جاء تي پکڙجندا ويا. اهي جنگجو قبيلائي نيري رنگ جي وَيسُ ۾ هئا، کين پٽڪن تي ڪارا ڇلا پهريل هئا. سندن چهرا نيري رنگ جي نقاب ۾ ڍڪيل هئا ۽ صرف سندن اکيون ئي نظر ٿي آيون.
پري کان به سندن اکين مان سندن روح جي سگھ جو اندازو لڳائي سگھجي پيو. سندن اکيون موت جو پيغام ڏئي رهيو هيون.
ٻنهي ڄڻن کي ويجھي ئي هڪ فوجي ڇانوڻيء ۾ آندو ويو. هڪ سپاهيء کين هڪ خيمي ۾ گِهلي وٺي آيو، جتي فوج جو سردار پنهنجي عملي سان گڏجاڻيء ۾ مصروف هو.
“ هي مخبر آهن،” هڪ سپاهيء سردار کي چيو.
“ اسين مسافر آهيون،” ڪيمانگر وراڻيو.
“ ٽي ڏينهن اڳ توهانکي دشمنن جي ڇانوڻيء ۾ هڪ سپاهيء سان ڳالهائيندي ڏٺو ويو هو.”
“ آءٌ ته بس هڪ رِڻ جو رولاڪ ۽ علم هيئت جو ڄاڻو آهيان، ۽ آءٌ صرف پنهنجي دوست جو سونهون آهيان، مونکي جنگجوئن يا قبيلن جي چُرپُر جي ڪا به خبر ناهي،” ڪيمانگر وراڻيو.
“تنهنجو دوست ڪير آهي؟” سردار پڇيو.
“هڪ ڪيمانگر،” ڪيمانگر وراڻيو. “هو قدرت جي قوتن کي سمجھڻ جي قابليت رکي ٿو، ۽ توهانکي پنهنجا جوهر ڏيکارڻ چاهي ٿو.”
نِينگَرُ خاموشيء ۽ خوف منجھان ٻڌي رهيو هو.
“ پر هي پَرَهَنڌَو هتي ڇا ڪرڻ آيو آهي؟” هڪ سپاهيء پڇيو.
“ هن توهانجي قبيلي لاء ڪجھ رقم آندي آهي،” ڪيمانگر کين چيو، ان کان پهريان جو نِينگَرُ ڪجھ ڪُڇي، ڪيمانگر سندس ٿيلهي مان سون جا سِڪا ڪڍي کين ڏنا.
عرب بنا هڪ لفظ چوڻ جي اهي سون جا سڪا قبول ڪيا. اهي ڳچ هٿيار وٺڻ لاء ڪافي هئا.
“ اهو ڪيمانگر ڇا ٿيندو آهي؟” سردار پڇيو.
“ ڪيمانگر اهو شخص آهي جيڪو قدرتي سرشتي ۽ دنيا کي سمجھڻ جي سگھ رکي ٿو ۽ جيڪڏهن هو چاهي ته توهانجي هن ڇانوڻيء کي واءَ جي طاقت سان تباهه به ڪري سگھي ٿو.”
اتي موجود سڀ ماڻهو کِليا. هو جنگ جي تباهين جا عادي هئا، کين اها به خبر هئي ته واءُ سندن ڪجھ به نه ٿي بگاڙي سگھي. پر تنهن هوندي به ان ڳالهه جو سندن دل ۾ ٿورو خوف ضرور اُٿيو. ڇاڪاڻ جو هو ريگستان جا ماڻهو هئا، ۽ کين جادوگرن جو خوف هو.
“ آءٌ کيس اهو ڪندي ڏسڻ چاهيان ٿو،” سردار چيو.
“ کيس ان ڪم لاء ٽي ڏينهن گھرجن،” ڪيمانگر وراڻيو.
“ کيس سندس اها قوت ڪَتب آڻڻ لاء پهريان پاڻ کي واءَ ۾ تبديل ٿيڻو پوندو. جيڪڏهن هو ائين نه ڪري سگھيو ته توهانجي قبيلي جي شان ۾ اسانجي جان حاضر آهي.”
“ تون مونکي اها شيء حاضر نه ٿو ڪري سگھين جيڪا اڳي ئي منهنجي قبضي ۾ آهي،” سردار آڪڙ وچان وراڻيو. پر هن ٻنهي مسافرن کي ٽي ڏينهن ڏنا. نِينگَرُ خوف وچان ڏڪي رهيو هو، پر ڪيمانگر کيس خيمي کان ٻاهر وٺي آيو.
“کين پنهنجي خوف جو احساس نه ڏيار،” ڪيمانگر نِينگَرَ کي چيو. “هي بهادر ماڻهو آهن، ۽ هو بزدلن کان نفرت ڪندا آهن.”
پر نِينگَرُ ڪجھ به نه ٿي ڪُڇي سگھيو. سندس اها حالت ڇانوڻيء جي وچان گذرڻ مهل ٿي رهي هئي. کين قيد ڪرڻ جي گُهرج ئي نه هئي، عربن بس سندن گھوڙا قبضي ۾ ڪري ڇڏيا هئا.
هڪ ڀيرو ٻيهر، دنيا سندس ڪيتريون ئي ٻوليون پڌريون ڪري رهي هئي؛ ڪجھ گھڙيون پهريان ريگستان اڻکُٽ ۽ خالي ٿي لڳو، پر هاڻ اهو ئي ريگستان هڪ بنا دروازي ۽ ڳِڻکين جي ڀِت بڻجي چڪو هو.
“ توهان هنن کي منهنجو اَلهو تَلهو ڏئي ڇڏيو! اها منهنجي سموري حياتيء جي جمع پونجي هئي!” نِينگَرَ ڪيمانگر کي چيو.
“ تنهنجي مرڻ کانپوء انهن مان ڪهڙي شيء تنهنجي ڪم جي رهي ها؟” ڪيمانگر وراڻيو. “تنهنجي جمع پونجيء اسانکي ٽن ڏينهن جي زندگي ڏني آهي، ۽ گھڻو ڪري ائين ڪڏهن نه ٿيو هوندو ته اڄ تائين ڪو پئسي ڏوڪڙ سان ڪنهن جي جان بچي هجي.”
پر نِينگَرُ ايترو ڊنل هو جو کيس اهي حڪمت واريون ڳالهيون سمجھ ۾ ئي نه ٿي آيون. کيس اها ڳالهه سمجھ ۾ نه ٿي آئي ته هو پاڻ کي ڪيئن واءَ ۾ تبديل ڪندو، ڇاڪاڻ جو هو ڪيمانگر نه هو!
ڪيمانگر هڪ سپاهيء کي چانهن جو چيو. ڪيمانگر ان مان ڪجھ چانهن نِينگَرَ جي ڪاراين تي هاري ته نِينگَرَ ڪجھ سڪون محسوس ٿيو، ان دوران ئي ڪيمانگر چپن ئي چپن ۾ ڀُڻنڪندي ڪجھ لفظ چيا جيڪي نِينگَرُ سمجھي نه سگھيو.
“ پنهنجي خوف کي پاڻ تي حاوي ٿيڻ نه ڏي،” ڪيمانگر نِينگَرَ کي تمام نرم آواز ۾ چيو. “جيڪڏهن ائين ٿيو ته تون ڪڏهن به پنهنجي دل سان ڳالهه ٻولهه نه ڪري سگھندي.”
“ پر مونکي ڪو ڪاٿو ناهي ته آءٌ پاڻ کي واءَ ۾ تبديل ڪيئن ڪندس.”
“ جيڪڏهن هڪ شخص جيڪو پنهنجي تقدير کي جي رهيو هجي، اهو هر اها شيء ڄاڻي ٿو جيڪا کيس ڄاڻڻ جي گُهرج آهي. صرف هڪ ئي شيء آهي جيڪا خوابن جو پنهنجي ساڀيان تائين پهچڻ کي نا ممڪن بڻائي ٿي؛ اها آهي ناڪاميء جو خوف.
“ آءٌ ناڪاميء کان نه ٿو ڊڄان. بس مونکي اها خبر ناهي ته آءٌ پاڻ کي واءَ ۾ تبديل ڪيئن ڪيان.”
“ اهو ته توکي سکڻو پوندو، ڇاڪاڻ جو هاڻ ان تي ئي تنهنجي زندگيء جو دارومدار آهي.”
“ پر جيڪڏهن آءٌ اهو نه ڪري سگھيس ته؟”
“ته پوء تون پنهنجي تقدير تائين پهچڻ جي وچ ۾ ئي هلاڪ ٿي ويندين، جيڪو لکين اهڙن انسانن جي موت کان ته بهتر آهي جن کي پنهنجي تقديرن جي اڃان ڄاڻ به نه هئي.”
“ پر پريشان نه ٿي،” ڪيمانگر پنهنجي ڳالهه جاري رکي. “عام طور تي موت جو خوف ماڻهن کي پنهنجي زندگين بابت وڌيڪ سُجاڳ ڪندو آهي.”