قسط 5
“ڇا آءٌ توهانجي ڪا مدد ڪري سگھان ٿو؟” ڳِڻکيءَ مان هڪ ماڻهو پڇيو.
“ گھڻو ڪري سڀاڻي.” نِينگَرَ اڳتي وڌندي وراڻيو. اهو خيال ڪندي هو گھٻرائي رهيو هو ته جيڪڏهن هو هڪ رڍ کپائيندو ته صرف هڪ ڪناري کان ٻئي ڪناري تائين ئي پهچي سگھي ٿو.
“هڪ ٻيو خواب لهڻ وارو،” ٽڪيٽ کپائڻ واري نِينگَرَ کي ويندو ڏسي پنهنجي منشيء کي چيو. “وٽس سفر ڪرڻ لاء پئسا پورا ناهن.”
ٽڪيٽ واري ڳِڻکيء کان گذرڻ دوران نِينگَرَ کي پنهنجو ڌڻ ياد آيو، هن فيصلو ڪيو ته هاڻ واپس ٿي پنهنجو ريڍارڪو ڪم ئي سنڀالجي. ٻن ورهين ۾ رڍون ڏاسڻ، ڳورهاري رڍن جي پرگھور لهڻ ۽ رڍن کي لومڙن جي حملي کان محفوظ رکڻ تائين هو ريڍارڪي ڪم بابت هر شئ سِکي چڪو هو. کيس اندلس جي ميدانن ۽ چراگاهن کان پڻ واقف ٿي چڪو هو ۽ کيس پنهنجي هر رڍ جي مُلُهه جو به صحيح ڪاٿو معلوم هو.
هن پنهنجي دوست جي واڙي ڏانهن ويندڙ ڊگھي رستي جو انتخاب ڪيو. گھمندو ڦرندو هو شهر جي ڪوٽ کان اڳتي نڪري ويو، پر ٿورو پوئتي موٽي پٿرن جي ٺهيل چاڙهيء تي چڙهيو جيڪا اتي موجود ڀِت جي چوٽيء تي وڃي رهي هئي. اتان کيس ڳچ فاصلي تي آفريڪا نظر اچي رهيو هو. هڪ دفعي ڪنهن کيس ٻڌايو هو ته ڪنهن وقت ۾ ماريتانيا جا ويڙهاڪ اسپين تي قبضي لاء آيا هئا.
ڀِت تي ويٺي هو سمورو شهر ڏسي پئي سگھيو، اها عمارت جتي هو پوڙهي بزرگ سان ڪچهري ڪري رهيو هو. “اها گھڙي منحوس گھڙي هئي جڏهن آءٌ پوڙهي بزرگ سان مليس،” هن سوچيو. هو شهر ۾ صرف ٻڍڙي عورت کان پنهنجي خواب جي تعبير پڇڻ لاء آيو هو. نه ئي اها ٻڍڙي عورت، نه ئي پوڙهو بزرگ هن جي ريڍار هجڻ تي متاثر ٿيا هئا. هو ٻئي خِلوَتُن ۾ رهڻ وارا هئا، جن کي ڪنهن شئ تي ويساهه نه هو، ۽ هو اها ڳالهه به نه پئي سمجھي سگھيا ته ڪيئن هڪ ريڍار پنهنجي رڍن سان لڳاء رکي ٿو. کيس پنهنجي ڌڻ جي هڪ هڪ جانور بابت ڄاڻ هئي.کيس خبر هئي ته ڪهڙي رڍ ڪمزور آهي، ڪهڙي رڍ جو ٻن مهينن جي اندر ويم ٿيڻ وارو آهي ۽ ڪهڙي رڍ بلڪل سست آهي. کيس اها به خبر هئي ته رڍون ڪيئن ڏاسبيون، کين ڪيئن ذبح ڪبو. جيڪڏهن هن رڍن کي ڇڏڻ جو سوچيو ته کين هاڃو به رَسي سگھي ٿو.
واء لڳڻ شروع ٿي چڪي هئي. کيس ان واء بابت خبر هئي _ انکي ماڻهو ليوانٽر يا اوڀر جو واء جي نالي سان سڏيندا هئا، ڇاڪاڻ جو انهي واء جي طرف تي ماريتانيا جا ويڙهاڪ يورپ ۽ آفريڪا جي وچ واري سمنڊ جي اوڀر کان آيا هئا.
واء جي رفتار تيز ٿيندي وئي. “ هاڻ آءٌ پنهنجي ڌڻ ۽ ان خزاني جي وچ تي آهيان.” نِينگَرُ سوچي رهيو هو. کيس انهن ٻن شين، هڪ ته جنهن جو هو عادي ٿي چڪو هو ۽ ٻي جيڪا هن ماڻڻ ٿَي چاهي، مان ڪابه هڪ شيء چونڊڻي هئي. ٻئي طرف وري واپاريء جي ڌيء به هئي، پر هوءَ سندس ڌڻ کان وڌيڪ اهم نه هئي، ڇاڪاڻ جو هوءَ سندس تي نه پئي ڀاڙي. ٿي سگھي ٿو ته هي انکي ياد به نه هجي. کيس اها پڪ هئي ته واپاريء جي هن جي اوڏانهن اچڻ يا وڃڻ سان ڪو به فرق نه ٿو پوي، ڇاڪاڻ جو واپاريء جي ڌيء لاء هر ڏينهن هڪ جھڙو هو، ۽ جڏهن هر ڏينهن هڪجھڙو لڳڻ لڳي ته ان جو سبب اهو آهي ته ماڻهو هر ڏينهن هڪ نئين سج جي اُڀرڻ سان هر ان سٺي شيء کي سڃاڻڻ ۾ ناڪام ويو جيڪا سندن زندگيء ۾ اچي هلي ويئي.
“مون پنهنجا ماءُ پيءُ ۽ شهر به ڇڏي ڏنو. هاڻ هو مونکان پري رهڻ جا عادي ٿي چڪا هوندا جيئن آءٌ انهن کان پري رهڻ جو عادي ٿي چڪو آهيان. رڍون پڻ مون کان پري رهڻ جون عادي ٿي وينديون.” نِينگَرُ سوچي رهيو هو.
هي اُتي ويٺي عمارت کي ڏسي رهيو هو. ماڻهن جي نانوائيء جي هَٽَ تي اچ وڃ جاري هئي. هڪ نوجوان جوڙَي ان ساڳي بينچ تي ويٺي پيار پئي ڪيو، جنهن بينچ تي هو پوڙهي بزرگ سان ڪچهري ڪري رهيو هو.
“نانوائي..........،” پاڻ سان ڳالهائيندي هن پنهنجو جملو اڌ ۾ ڪٽي ڇڏيو. واء اڃا تيزيء سان جُهوٽڻ لڳو ۽ هو پنهنجي چهري تي واء جي شدت کي محسوس ڪري رهيو هو. ان واء جي طرف تي ماريتانيا جا ويڙهاڪ هت آيا هئا _ ها. پر ان واء سان گڏ ريگستان ۽ پردي وارين عورتن جي سڳنڌ پڻ آئي هئي. ان واء پاڻ سان گڏ انهن جانبازن جو پگھر ۽ اهي خواب به آندا هئا جن نا معلوم شين جي ڳولا، خزانن ۽ احرام مصر تائين پهچڻ ۾ پنهنجو الهه تلهه ٿُڏي ڇڏيو هو. نِينگَرَ کي واء جي اهڙي آزاديء تي حسد ٿيڻ لڳو، ۽ سوچڻ لڳو ته جيڪر! وٽس به اهڙي آزادي هجي هان.کيس پوئتي روڪڻ لاء ڪا به اهڙي شيء نه هئي سواء هن جي پنهنجي ارادي جي.صرف رڍون، واپاريء جي ڌيء، ۽ اندلس جا ميدان ئي پنهنجي قسمت تائين پهچڻ واري سندس رستي جي وچ ۾ هئا.
ٻئي ڏينهن منجھند جي وقت نِينگَرُ پنهنجون ڇهه رڍون کڻي پوڙهي بزرگ سان مليو.
“مونکي حيرت ٿي آهي، ته منهنجي دوست منهنجون باقي رڍون به خريد ڪري ورتيون آهن. هو چوي پيو ته ريڍار بڻجڻ سندس خواب هو ۽ اهو ته هڪ سٺو سوڻ آهي.” نِينگَرَ جوش وچان چيو.
“سدائين ائين ئي ٿيندو آهي. اهو ڀلائيء جو قائدوآهي. جڏهن پهريون ڀيرو پتي راند کيڏبي آهي تڏهن گھڻو ڪري توهانکي پنهنجي کٽڻ جو يقين هوندو آهي.جيڪو سيکڙاٽ جو ڀاڳ چورائبو.” پوڙهي وراڻيو.
“ڇا مطلب؟”
“ڇاڪاڻ جو هڪ اهڙي قوت موجود آهي جيڪا توهانکي پنهنجي تقدير کي ماڻڻ ۾ توهانجي واهَرَ ڪري ٿي؛ اها قوت توهانجي بُک کي ڪاميابي جي ترغيب ڏئي ٿي.”
پوڙهي بزرگ رڍن جو معائنو شروع ڪيو، کيس هڪ رڍ ڪمزور نظر آئي. نِينگَرَ چيو ته اهو ڪو مسئلو ناهي، اها ئي رڍ پوري ڌڻ مان ڦڙتيلي هئي ۽ ججھي اُن به ڏيندي هئي.
“خزانو ڪٿي آهي؟ نِينگَرَ پڇيو.
“اهو مصر ۾ احرامن جي ويجھو آهي.”
نِينگَرُ ڇرڪيو. ٻڍڙي خانابدوش (رَمتِي) به ساڳي ڳالهه چئي هئي. پر هن ته ڪو معاوضو به نه ورتو هو.
“خزاني جي کوجنا لاء توکي ڪجھه سَوڻَن جي پويان هلڻو پوندو. خدا تعاليٰ هر ڪنهن جي لاء هڪ پيچرو ٺاهي ڇڏيو آهي. توهانکي صرف اهي علامتن تي غور ڪري ان پيچري تي هلڻو پوندو.”
ان کان پهرين جو نِينگَرُ ڪجھ وراڻي، هڪ پوپٽ اڏامندو ٻنهي جي سامهون اچي پڌرو ٿيو. ان مهل کيس پنهنجي ڏاڏي جي ٻڌايل هڪ ڳالهه ياد آئي ته _ پوپٽ هڪ سٺي ڳالهه جو سَوڻُ آهن، جيئن تِڏيون، اُميدون، ڪِرڙيون، ۽ چئن پَنَن وارو گاههُ آهن. پوڙهي بزرگ نِينگَرَ جي ذهن ۾ جيڪا سوچ هلي رهي هئي انکي محسوس ڪندي چيو، “جيڪا ڳالهه تنهنجي ڏاڏي توکي ٻڌائي آهي، اها حقيقت آهي، اهي سڀ سٺا سوڻَ آهن. ”
پوڙهي بزرگ پنهنجو اَنگرکو لاٿو ته ان بزرگ جي ڇاتيء تي ٻڌل سون جي پَٽَي ۾ پيل اَمُلُهه پٿرن کي ڏسي نِينگَرُ اچرج وچان ڄمي ويو. نِينگَرَ کي ڪالهوڪو ڇرڪائيندڙ واقعو ياد اچي ويو.
هو واقعي بادشاهه آهي. هن ضرور چورن لٽيرن کان بچڻ لاء پنهنجو ويس مٽايو هوندو.
پوڙهي بزرگ ڇاتيء تي ٻڌل سون جي پٽي مان هڪ ڪارو ۽ هڪ اڇو پٿر ڪڍي نِينگَرَ کي ڏيندي چيو، “هي وٺ.”
“اهي پٿر يورِم ۽ ٿُومِم سڏرائجن ٿا. ڪارو پٿر “ها” ۽ اڇو پٿر “نه” کي پڌرو ڪري ٿو. جڏهن تون قدرتي سَوڻَ سمجھي نه سگھندي تڏهن اهي پٿر تنهنجي رهنمائي ڪندا. پر انهن کان سدائين معنيٰ خيز سوال ڪجان.”
“پر جيڪڏهن تون ڪو فيصلو ڪرڻ جي قابل هجين ته ڪوشش ڪري اهو فيصلو پاڻ ڪجان. اها ته توکي اڳ ۾ ئي خبر آهي ته خزانو احرامن وٽ آهي. مون توکان ڇهن رڍن جو معاوضو صرف توکي تنهنجي فيصلي ۾ واهَرَ ڪرڻ لاء ورتو آهي.”
نِينگَرَ اهي پٿر پنهنجي ڳوٿريء ۾ رکيا، ۽ اهو خيال ڪيو ته اڄ کانپوء هو پنهنجا فيصلا پاڻ ڪندو.
“ڪنهن به ڪم ڪرڻ کا اڳ اها ڳالهه ڪڏهن به نه وسارجان ته جيڪي ڪجھ آهي ته بس اهو ئي آهي، انکان علاوه ٻيو ڪجھ ناهي. ۽ انهن علامتن جي ٻولي کي به نه وسارجان. ۽ سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها ته پنهنجي تقدير کي تڪميل تائين پهچائڻ به نه وسارجان.”
“وڃڻ کان اڳ توکي هڪ ننڍڙي آکاڻي ٻڌائڻ چاهيان ٿو.”
“هڪ هَٽائيءَ پنهنجي پٽ کي سرهائيء جو ڳُجھ ڄاڻڻ لاء دنيا جي بهترين ساڃهه وند شخص ڏانهن موڪليو. نِينگَرُ رِڻ جھاڳِيندو جبل جي چوٽيء تي موجود هڪ خوبصورت محل وٽ پُڳو جتي اهو ساڃهه وند شخص رهندو هو.
محل جي پهرين ڪمري ۾ داخل ٿيندي ئي نِينگَرَ ان ساڃهه وند شخص کي ڳولڻ جي بجاء اتي ٿيندڙ ڪِرتِ (ڪاروبار،سرگرمي) کي ڏسندو رهيو؛ واپارين جي اچ وڃ لڳي پئي هئي، ڪنڊن ۾ ماڻهن جون ڪچهريون هلي رهيون هيون، گاني ڳائڻ وارن جي هڪ ٽولي مڌر ڌُنون وڄائي رهي هئي، ۽ پاسي تي هڪ ٽيبل تي دنيا جي ان حصي جي بهترين ۽ لذيذ کاڌن جا ٿالهه رکيل هئا. ايتري ۾ ساڃهه وند شخص اتي موجود ماڻهن سان ڳالهائڻ شروع ڪيو، ۽ نِينگَرَ کي پنهنجي واري اچڻ جو ٻه ڪلاڪ انتظار ڪرڻو پيو.
نِينگَرَ جي اچڻ جي مقصد جي وضاحت ساڃهه وند شخص غور سان ٻڌي کيس چيائين ته هن وقت هو ٿورو مصروف آهي ۽ نِينگَرَ کي چيائين ته محل جو سير ڪري ٻن ڪلاڪن کانپوء موٽي اچ.
“ان دوران هڪ ڪم ڪر،” نِينگَرَ جي هٿ ۾ تيل جي ٻن ڦڙن سان ڀريل هڪ چمچو ڏيندي ساڃهه وند شخص کيس چيو. “محل جي سير دوران هي چمچو پاڻ وٽ اهڙي ريت رک جو ان ۾ موجود تيل نه هارجي.”
نِينگَرُ چمچي کي سنڀاليندي محل جون ڏاڪڻون چڙهندو ۽ لهندو رهيو. ٻن ڪلاڪن کانپوء هو ساڃهه وند شخص وٽ واپس آيو.
“ڇا تو دالان ۾ لٽڪيل اَمُلُهه ۽ نفيس ايراني پڙدا ڏٺا؟ ڇا تو اهو باغيچو ڏٺو جنهنکي سنوارڻ ۾ هڪ عمده مالهيء کي ڏهه ورهيه لڳي ويا؟ ڇا تنهنجو ڌيان منهنجي ڪتب خاني ۾ موجود چمڙي جي ٺهيل خوبصورت ورقن ڏانهن ويو؟”
نِينگَرُ شرمسار ٿيو، ۽ اهو اعتراف ڪيائين ته سندس ڌيان ڪنهن شئ ڏانهن نه ويو. سندس ڌيان فقط ان چمچي ۾ پيل تيل کي هارجڻ کان بچائڻ ۾ هو جيڪو ان ساڃهه وند شخص کيس ڏنو هو.
“ٺيڪ آهي،هاڻ تون وري واپس وڃ ۽ منهنجي محل جا عجائبات ڏس. تون ڪنهن ماڻهوء تي سندس گھر ڏسڻ کان بغير ويساهه نه ٿو ڪري سگھين.” ساڃهه وند شخص کيس چيو.
نِينگَرَ کي اطمينان ٿيو، ۽ چمچو کڻي محل کي ڏسڻ لاء روانو ٿيو. هن دفعي هن محل جي ڇتين ۽ ڀتين تي چٽيل ڪم، باغيچا، محل جي چوڌاري پهاڙ، گلن جي سونهن ڏسي ان دلچسپيء جو ڪاٿو به لڳايو جنهن دلچسپيء سان اهو سڀ ڪم ٿيل هو. ساڃهه وند شخص ڏانهن واپسيء تي هن اکين ڏٺو سڀ ڪجھ اچي بيان ڪيو.
“ پر تيل جا قطرا ڪٿي آهن جيڪي مون توکي ڏنا هئا؟” ساڃهه وند شخص چيو.
چمچي ڏانهن نظر ڪندي جڏهن نِينگَرَ ڏٺو ته تيل جا قطرا غائب ٿي چڪا هئا.
“چڱو، هاڻ صرف هڪ صلاح آءٌ توکي ڏئي سگھان ٿو،” ساڃهه وند شخص چيو. “ دنيا جا سڀ عجائبات ڏسڻ ۾ ئي سَرَهائيء جو ڳُجھ لڪل آهي، پر ڪڏهن به چمچي ۾ پيل تيل جي ڦڙن کي ناهي وسارڻو.”
ريڍار چپ رهيو. کيس پوڙهي بادشاه جي اها آکاڻي سمجھ ۾ اچي وئي هئي ته هڪ ريڍار سيروسفر ته ڪري سگھي ٿو پر هو پنهنجي رڍن کي ڪڏهن به نه وساري.
پوڙهي بزرگ نِينگَرَ جي هٿ ۾ هٿ ڏئي سندس نِراڙ تي عجيب و غريب اشارا ڪيا ۽ پنهنجون رڍون کڻي روانو ٿي ويو.
طريفا جي اوچائيء واري جڳهه تي هڪ قديم قلعو آهي جيڪو ماريتانيا جي ويڙهاڪن ٺاهيو هو. انجي ڀِتين جي چوٽئ کان آفريڪا جي جھلڪ نظر اچي ٿي. مالڪي زيڊڪ، سالم جو بادشاه، ان ڏينهن ان ڀت تي ويٺي اوڀر جي واء (ليوانٽر) کي پنهنجي چهري تي محسوس ڪري رهيو هو. سندس ڀر ۾ رڍون لوڇي پوڇي رهيون هيون ۽ مالڪ جي تبديليء جي ڪري آنڌ مانڌ ۾ هيون. کين صرف خوراڪ ۽ پاڻيء جي گُهرج هئي.
مالڪي زيڊڪ بندرگاه تان هڪ ٻيڙيء کي نڪرندي ڏٺو. هاڻ هو ڪڏهن به ان نِينگَرَ سان نه ملي سگھندو، جيئن هن ابراهيم کان پنهنجي معاوضي طور ڏهون حصو وٺي وري نه ڏٺو هو. اهو ئي ته سندس ڪم هو.
خدائن کي ڪابه خواهش نه هوندي آهي، ڇاڪاڻ جو سندن ڪا تقدير ئي ناهي. پر بادشاه کي نِينگَرَ جي بابت اها اميد هئي ته هو ضرور ڪامياب ٿيندو.
هن اهو سوچيو پئي ته “نِينگَرَ کان جلد منهنجو نالو به وسري ويندو. آءٌ هنکي پنهنجو نالو ورجايان هان، ته جيئن جڏهن به هو منهنجي ڪا ڳالهه ڪري هان ته مونکي مالڪي زيڊڪ، سالم جي بادشاه جي نالي سان ياد ڪري ها.”
هن ٿورو لڄي ٿيندي آسمان ڏانهن ڏٺو ۽ چيائين، “مونکي خبر آهي منهنجا خدا، تو چيو هو ته اهو هٺ ۽ وڏائي آهي، پر هڪ پوڙهي بادشاه کي ڪڏهن ڪڏهن پاڻ تي فخر ڪرڻ گھرجي.”