تاريخ، فلسفو ۽ سياست

دنيا جي تاريخ

دنيا جي تاريخ (تهذيبن، مذهبن ۽ قومن جي ارتقاء جو عالماڻو تذڪرو ) محمد مجيب جي تقريرن جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن جو سنڌيڪار يوسف سنڌي آهي.
هن ڪتاب ۾ شامل مضمون دراصل محمد مجيب جون ڪجهه تقريرون آهن، جيڪي هن آل انڊيا ريڊيو جي فرمائش تي تيار ڪيون هيون. محمد مجيب اهي تقريرون 1938ع ۾ تيار ڪيون هيون. ان وقت پاڪستان، هندستان جو حصو هو ۽ روس ۾ اشتراڪي حڪومت قائم هئي. هنن مضمونن کي ان وقت جي تناظر ۾ پڙهڻ گهرجي.
  • 4.5/5.0
  • 4852
  • 2855
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محمد مجيب
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book دنيا جي تاريخ

(1) دنيا جي ڪهاڻي

دنيا جي ڪهاڻي هڪ عجيب داستان آهي. جيڪو جنهن جي واتان بيان ٿيو، انهيءَ جي مطلب جوئي ٿي ويو. اها ڏاڍي ڊگهي به آهي ته بنهه ساڌي سوڌي ۽ منجهيل پڻ. اها اسان کي دلاسو به ڏي ٿي ته اُداس به ڪري ٿي. اسان جي دل به وندرائي ٿي ته ڊيڄاري به ٿي. اها انهن ڪهاڻين وانگر آهي، جيڪي ضدي ٻار رات جو سمهڻ مهل ٻڌن به ٿا ۽ ٻڌندي ئي ننڊ جي پور ۾ هليا وڃن. اها ڪٿان کان به شروع نٿي ٿئي ۽ ڪٿي به ختم نٿي ٿئي. ان ۾ جيڪي سچيون ڳالهيون آهن، سي ڪهاڻي ٿيون لڳن ۽ ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون آهن، جيڪي آهن ته دل وندرائڻ جا قصا، پر اسين انهن کي سچ ٿا سمجهون، اها اسان مان هر ڪنهن جي جيون ڪهاڻي به ٿي سگهي ٿي ته هڪ تماشو به آهي، جنهن ۾ ماڻهوءَ جي شڪل بس هڪ جهلڪ جهڙي نظر اچي ٿي. ايئن اسين اهو چئي نٿا سگهون ته اسان ان کي ڏٺو به آهي يا نه.
ته، آئون اها ڪهاڻي ڪٿان شروع ڪريان، جنهن جو ڪو به مُنڍ نٿو ملي؟ ان وقت کان جڏهن دنيا پيدا ٿي؟ يعني ته ڪڏهن کان؟ ٻارن کي ته اسين اهو سمجهائي ٿا ڇڏيون ته هن دنيا کي خدا جوڙيو آهي. پر ڪڏهن ۽ ڪيئن جوڙيو؟ اسين اهو نٿا ٻڌايون، جو اسان کي پاڻ به ان جي خبر ڪونهي. پر هر زماني ۾ عقلمند ماڻهن، پنهنجي اڻ ڄاڻائي لڪائڻ ۽ گهٽ سمجهه رکندڙن جي تسڪين جي لاءِ اسين ڪا نه ڪا ڪهاڻي گهڙي ٻڌائي ڇڏيندا آهيون ۽ سنسار جي ڳجهن تي ڪو سهڻو پردو چاڙهي ٿا ڇڏيون ۽ اسين پردي کي ڏسندا ٿا رهون، جيئن پڇندڙ اهو وساري ويهن ته ان جي پويان ڪجهه آهي به يا نه. اڄڪلهه جا عقلمند ماڻهو چون ٿا ته اسان جي دنيا باهه جو هڪ ٻرندڙ گولو هئي، اهڙي باهه جو نه، جيڪا اسين گهرن جي چلهين ۾ ٻاريندا آهيون؛ ان باهه جو به نه جيڪا دلين کي گرم ٿي رکي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ساڙي رک ڪري ڇڏيندي آهي. اها هڪ ٻي باهه هئي، جيڪا بنا ٻارڻ جي ٻري ۽ بنا وسائڻ جي وسامي ويئي. شايد اها اُها شيءِ هئي، جنهن کي اسين وڄ ٿا چئون، پر شايد اها به نه هئي. پر ڪڏهن نه ڪڏهن دنيا باهه جو گولو ضرور هئي، ڇو ته اهڙا لکين ڪروڙين باهه جا گولا آسمان ۾ ڦرندا نظر اچن ٿا ۽ اسان جي زمين تي اڃا تائين ٻرندڙ جبل، جڏهن به وڻين باهه اوڳاري ٻاهر ڪڍندا آهن، يا وري زمين جي اندر ان ٽهڪندڙ پاڻي جا چشما ڦٽي نڪرندا آهن. ٻيا باهه جا گولا، جيڪي دنيا کان به وڏا ۽ وڌيڪ پراڻا آهن، اهي اڃا سوڌي ‘باهه’ ئي آهن. دنيا ۾ اها باهه، پاڻي ۽ زمين ڇو بنجي ويئي؟ ان جي ڪا به خبر ڪونهي. بس، شايد اهو اسان جي ڀاڳ ۾ لکيل هو.
هائو، ته پوءِ هڪ وقت اهڙو به آيو، جڏهن دنيا ٿڌي ٿي ويئي، ٻاڦ ۽ گئسون پاڻي ٿي ويون. جيڪو وڌيڪ ٺوس حصو هو، اهو جبل بنجي ويو. پر اهو به ڪيئن ٿيو؟ اڄڪلهه جا ڏاها، زمين جي ساخت سان جبلن، پهاڙن ۽ ڌاتن سان ڪجهه حساب لڳائي سگهن ٿا، پر اهو حساب لکين سالن کان به اڳتي نڪري ٿو وڃي ۽ اسين ته وري اهڙا آهيون، جو ٻه ٽي ڏينهن پراڻي ڳالهه به ايئن ئي ياد ٿا رکون. ويچاري انسان جي کوپڙيءَ ۾ اهو حساب سمائجي نٿو سگهي ۽ جڏهن سمائجي نٿو سگهي ته کيس اهو حساب ٻڌائڻ مان ڪهڙو فائدو؟ پر ڏاهپ به ڪا شيءِ آهي ۽ شايد اهو به هڪ علم آهي، جنهن ۾ ماڻهو اهو چئي سگهي ٿو ته آئون ڄاڻان ٿو، پر سمجهان نٿو، ڇاڪاڻ ته منهنجي سمجهه ننڍي آهي ۽ علم وڏو آهي. آئون پنهنجي ٻُڪ ۾ سمنڊ کي ماپي ته نٿو سگهان، پر مون کي خبر آهي ته ان ۾ ڪيترائي ٻُڪ پاڻي آهي ۽ ڪو منهنجي حساب کي غلط ثابت نٿو ڪري سگهي. سائنس جو حساب بلڪل ڦڙت آهي، فرق نڪري به ٿو ته ڪروڙ، ڏهن ڪروڙن جو هوندو ۽ اها ڪا ڳالهه ڪونهي. پر چوڻ وارو چئي سگهي ٿو ته اهڙو حساب ڪتاب ڪندڙن کان اهي ماڻهو وڌيڪ سمجهن ٿا ۽ وڌيڪ خبر اٿن، جن جو اهو ايمان آهي ته هن کي خدا جوڙيو آهي ۽ ان جو هر ذرو پرزو قدرت جو ڪرشمو آهي ۽ هاڻ ته سائنسدان به پنهنجي علم کي هڪ مذاق بنائڻ نٿا چاهين. هو چون ٿا ته اسان جي حساب جو طريقو هڪ خاص حد کان اڳتي ڪم نٿو ڪري. اسين پنهنجي علم سان نه اهو ثابت ڪري سگهون ٿا ته سج، چنڊ، تارا ۽ اسان جي هيءَ دنيا پاڻمرادو پيدا ٿي ويا آهن ۽ نه ئي وري اهو ته ان کي ڪنهن جوڙيو آهي.
دنيا جڏهن ٿڌي ٿي ويئي ته ڪٿان سمنڊ جي تري ۾ زندگيءَ جو ٻج پهچي ويو، جتي اهو وڌيو ويجهيو ۽ لکين ڪروڙين سال ان ڀانت ڀانت جا ويس بدلايا. پوءِ هوريان هوريان، يعني انهن لکين ڪروڙين سالن ۾ ان ٻوٽن ۽ جيتن جي صورت ۾ خشڪيءَ طرف وک وڌائي يا پاڻيءَ کان سواءِ ساهه کڻي جيئري رهڻ جي صلاحيت پيدا ڪئي. ٻوٽا وڏا ٿيڻ لڳا ۽ وڌي وڻ ٿيا. جيڪي جيت جڻيا هئا، اهي مڇي بنجي ترڻ ۽ وهندڙ پاڻيءَ ۾ پيرن جي سهاري هلڻ لڳا ۽ ڪن وري خشڪ زمين تي سُرڻ شروع ڪيو. هوا ۾ پکي بنجي اڏامڻ لڳا. چوپاين جي شڪل اختيار ڪري ڊوڙڻ لڳا. چون ٿا ته پاڻي ۽ خشڪيءَ ۾ زندگيءَ جيڪا شروعاتي شڪل اختيار ڪئي، اها ڏاڍي ڊيڄاريندڙ هئي. وڏا وڏا چاليهه ۽ پنجاهه فوٽن جا واڳون، ويهه ويهه هٿ اوچا هاٿي، ڪنهن جانور جي ڳچي وري ايتري ته ڊگهي جو هوا ۾ اڏامندڙ پکين کي جلهي وٺي، ۽ ڪنهن جو ته وري وات ايترو وڏو جو اڄڪلهه جي ڍڳن ۽ مينهن کي ڳيهي وڃي پر اوڳرائي به نه ڏي! هڪ اهڙي جانور جون هڏيون به مليون آهن، جيڪو پيرن کان وٺي مٿي تائين هڪ سؤ فوٽ ته ڊگهو هوندو.!! انهن جانورن کي وري جيڪي نالا ڏنا ويا، اهي به اهڙا ئي ڀوائتا آهن. جهڙوڪ: برنٽو سورس (Bronto Saurus) اٿو سورس (Iohthyo saurus) ميگليو سورس (Megalo saurus) وغيره. پر دنيا کي شايد پنهنجو اهو اولاد پسند نه هو، يا وري اهي جانور وڌنڌي وڌنڌي اهڙا ته بي ڍولائتا ٿي ويا، جو انهن جو جيئرو رهڻ ڏکيو ٿي پيو. بهرحال هو غائب ٿي ويا ۽ جيستائين سائنسدانن کي انهن جون هڏيون نه مليون، تيستائين ڪنهن کي به اها خبر نه هئي ته ڪو ايڏا وڏا راڪاس برڙباڪاس جيڏا جانور به اسان جي دنيا ۾ آباد هئا.
خشڪيءَ تي انهن وڏن جانورن کان پوءِ، جانورن جا جيڪي نوان نمونا نظر آيا، اهي هئا ته اهڙائي ڊيڄاريندڙ، پر انهن ۾ اڄڪلهه جي جانورن جيان اهو گُڻ هو ته اهي پنهنجي ٻچن کي کير پياريندا هئا. اهڙا جانور شايد ان ڪري به ڌڻن جي شڪل ۾ رهندا هئا، جو ماءُ ۽ پيءُ کي پنهنجن اولاد سان محبت هئي ۽ هو پنهنجن ٻچن جي حفاظت ڪندا هئا. جيتوڻيڪ اهي پهرينءَ قسم جي جانورن کان وڌيڪ سخت جان نڪتا ۽ دنيا جي مصيبتن کي منهن ڏيئي ويا، پر پوءِ به انهن مان ڪافي مري کپي ويا ۽ جيڪي باقي بچيا، تن جي جسمن ۾ اهڙيون تبديليون ٿينديون رهيون، جيڪي موسم جي سختين کي سهي ويا ۽ ٻين جانورن کان پنهنجون جانيون به بچائي ويا. اهڙي طرح ترقي ڪندي ڪندي جانورن جي هڪ اهڙي شڪل پيدا ٿي ويئي، جيڪا ماڻهن جي شڪل ۽ شبيهه سان ملندڙ جلندڙ هئي. جانورن جي اهڙي شڪل کي اسين سولائيءَ سان ‘بن مانس’ چئي سگهون ٿا. انهن بن مانسن، چئن پيرن جي جاءِ تي ٻن پيرن سان هلڻ سکيو ۽ اڳين ٻن پيرن سان جهلڻ، کڻڻ ۽ اڇلائڻ جو ڪم وٺڻ لڳا. قدرت انهن جي مدد ڪئي ۽ انهن جا اڳيان ٻه پير چنبي جي شڪل جا ٿي ويا. انهن جي ٿوري زبان به کلي ويئي ۽ ٻين جانورن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هوشيار ٿي ويا.
اهو سڀ ڪجهه هزارن سالن جي عرصي ۾ ٿيو ۽ پوءِ چون ٿا ته دنيا جي آبهوا به بدلجي ويئي ۽ اهڙي ته ٿڌي ٿي ويئي، جو ان جو ڏو حصو برف سان ڍڪجي ويو ۽ برف جي گسڪندڙ ۽ ترڪندڙ پهاڙن، ڇپن سڀ ڪجهه ڀيلي ڇڏيو. پوءِ هوريان هوريان گرمي وڌڻ ۽ برف ڳرڻ لڳي ۽ سمنڊ ٺهي ويا ۽ زندگيءَ ٻيهر ڪر کنيو ۽ پکڙي. ايئن چار ڀيرا ٿيو ۽ هاڻي زمين جي هيٺان ڪيترائي گز اسان کي جيڪو ڪجهه ملي ٿو، اهو انهن گرمين ۽ سردين جو داستان ٻڌائي ٿو. اوهين سمجهي سگهو ٿا ته ان زماني ۾ بن مانسن جي ڪهڙي نه خراب حالت ٿي هوندي. انهن مان ڪن جون هڏيون برف جي هيٺان، ٻين جانورن جي هڏين سان گڏ دفن ٿي ويون ۽ هاڻ اهي زمين جي تمام گهڻو هيٺ مليون آهن، جنهن مان اسان اندازو لڳائي سگهون ٿا ته هو ڪيترا لک يا ڪروڙ سال اڳ آباد هئا ۽ ان زماني ۾ سندن شڪليون ڪهڙيون هيون. پر ان عرصي دوران هنن ٻه ٽي ڳالهيون ڏاڍيون ڪمائتيون سکي ورتيون هيون، ڪٿي ٻيلن ۾ ٻرندڙ باهه کي ڏسي هنن اهو معلوم ڪري ورتو ته باهه ڪيئن ٿي ٻاري وڃي ۽ پوءِ هو پنهنجن کوهن يا غارن کي باهه ٻاري، انهن کي گرم رکندا هئا ۽ انهيءَ سان هو جانورن جو گوشت پچائي ۽ وڻن جون پاڙون سيڪي کائڻ لڳا ۽ ايئن زندگي ڪجهه اڃا به سولي ٿي ويئي. اڄڪلهه جو علم اسان کي ٻڌائي ٿو ته اسين انهن بن مانسن جو اولاد آهيون. جيئن جانور ترقي ڪندا بن مانس بنجي ويا هئا، تيئن بن مانس انسان بنجي ويا.
پر اڄڪلهه جو علم انهن بن مانسن مان ڪنهن هڪ سان اسان جو رشتو نٿو ڳنڍي. آهيون ته اسين هڪ ئي ٿيلهيءَ مان نڪتل، پر اسين جنهن خاص نموني تي ٺهيل آهيون، ان جو مثال اڃا تائين نٿو ملي. جاوا ۾ هڪ هنڌ هڪ کوپڙيءَ جو مٿيون حصو، ڪجهه ڏند ۽ ڄاڙي لڌي وئي آهي. اهي هڪ اهڙي جانور جون هڏيون ٿيون لڳن، جن جو مغز، باندر جي مغز کان ٿورو وڏو يعني ان جو عقل باندرن کان ڪجهه وڌيڪ هو، جيڪو ٻن پيرن تي بيهي سگهيو ٿي ۽ ڊوڙي به سگهيو ٿي. هو پنهنجن هٿن کان ڪم به وٺي سگهيو ٿي. جرمني جي هڪ شهر ‘هائڊل برگ’ جي ڀرسان اسي فوٽ اونهائيءَ ۾ هڪ ڄاڙيءَ جي هڏي ملي آهي ۽ ٺاهيندڙن ان تي ويچاريندي هڪ جانور ٺاهيو آهي، جيڪو ان جانور سان وڌيڪ ملي ٿو، جنهن جون هڏيون جاوا ۾ مليون آهن. اهو انسان جهڙو آهي. پر نه، اهو به ماڻهو ڪونهي. بس ان جا ڏند اهڙا آهن، جن جو مثال ٻين جانورن ۾ نٿو ملي. هو به ڪنهن قسم جو ماڻهو ئي ٿي سگهي ٿو. تنهن کان سواءِ انگلنڊ جي ضلع ‘سسڪس’ ۾ هڪ کوپڙيءَ جا ڪجهه هڏا اتفاق سان لڌا ويا آهن، تن جي مدد سان پڻ هڪ شڪل ٺاهي ويئي آهي. اهو ته نٿو چئي سگهجي ته اها ماڻهوءَ جي آهي يا باندر جي، ڇاڪاڻ ته اها شڪل ٺاهيندڙ پاڻ به اهو فيصلو ڪري نه سگهيا آهن. بهرحال اها هڪ لحاظ کان بن مانس جي ئي شڪل آهي. ماڻهوءَ جو ان سان ڪيترو ويجهو ياپري جو رشتو هو، اسين ان جو صحيح نموني اندازو لڳائي نٿا سگهون.
هڏين سان ماڻهو ٺاهڻ جو اهو جيڪو فن آهي، ان بابت، ان علم جا عالم چون ٿا ته اسين جهڙو اهو چاهيون ٿا، اهڙو اڃا ڳولهي نه سگهيا آهيون. اڃا ته رڳو يورپ ۽ آمريڪا ۾ ماڻهن کي ان مسئلي سان دلچسپي پيدا ٿي آهي. اهو دنيا جي اهڙي حصي ۾، جتي سردي سدائين تمام گهڻي پوندي رهي آهي ۽ شروع ۾ ماڻهوءَ کي اهڙي هنڌ تي زندگي گذارڻ ۾ ڏاڍي ڏکيائي ٿي هوندي. ڳولهڻ جا هنڌ اصل ۾ ڏکڻ ۽ ڏکڻ اولهه ايشيا، آفريقا، ڏکڻ آمريڪا، آسٽريليا وغيره آهن ۽ هتي پاڻ وٽ ته تمام گهٽ ڪم ٿيو آهي، يا ته مرڳي ٿيو ئي ڪونهي. هتي جيڪڏهن وڏي شوق ۽ محنت سان ڳولا ڪئي وڃي ته اسان کي ضرور اهڙا آثار ملندا، جن سان اسان جي علم جي کوٽ پوري ٿي ويندي ۽ ماڻهو ۽ جانور جو ڳانڍاپو ثابت ۽ سگهارو ٿي ويندو.
هاڻ هڪ ڏاڍو ڏکيو بحث هيءُ آهي ته جيڪي ماهر، انسان کي بن مانس جو بڻ ٿا ٻڌائين ۽ اهي عالم جيڪي ماڻهوءَ کي آدم جو اولاد ٿا قرار ڏين ۽ انسان جي ڪهاڻي ان وقت کان شروع ٿا ڪن، جڏهن حضرت آدم عليه السلام کي جنت مان ڪڍيو ويو، اهي ٻيئي ڌريون هڪ ئي ڳالهه پنهنجي پنهنجي طريقي سان ٿا ڪن يا اهي مختلف ڳالهيون، جن مان هڪ غلط ۽ هڪ صحيح آهي. منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن اسين اهو سمجهي وٺون ته مذهب، علم جو هڪ ٻيو ۽ اعليٰ قسم آهي ته حجت ڪرڻ جي نوبت نه ايندي، ان علم کي حاصل ڪرڻ جا ذريعا ٻيا آهن ۽ ان جو مقصد ۽ مذهب کي ان ڳالهه سان ڪو به واسطو ڪونهي ته ڪهڙي جانور جون هڏيون ڪيئن هونديون آهن ۽ جيڪڏهن اهي هيتري اونهائيءَ ۾ ۽ فلاڻي تهه ۾ مليون آهن ۽ هيتريون پراڻيون آهن ۽ ان جي مٿان مليون آهن ته هيتريون پراڻيون آهن. مذهب ۾ وقت ڪا به شيءِ ڪونهي، جيڪو ڪجهه آهي ‘حياتي’ آهي. مذهب جون نظرون زمين تي نه پر آسمان تي هونديون آهن. ماڻهوءَ جي جسم تي نه پر ان جي دل تي هونديون آهن. مذهب لاءِ مطلب جي ڳالهه اها هوندي آهي، جيڪا ماڻهوءَ کي سٺو ماڻهو بنائي. ان جي لاءِ سچ اهو ئي آهي، جيڪو سچائي جو حوصلو پيدا ڪري. اصل ۾ سچي علم ۽ سچي مذهب ۾ اختلاف نه هوندو آهي. اختلاف ته اهي ماڻهو ٿا پيدا ڪن، جيڪي علم حاصل ڪرڻ کان سواءِ مذهبي اڳواڻ بنجڻ ٿا چاهين. ٻي طرف اهي، جيڪي مذهب جي اصليت کي سمجهڻ کان سواءِ پنهنجي علم کي ان جي مقابلي ۾ بيهاري ٿا ڇڏين، اهي ٻيئي هڪ ٻئي جي ڳالهه سمجهي نٿا سگهن ۽ جي اسين انهن جي جهيڙن ۾ پياسين ته اسان جي سمجهه ۾ به ڪجهه نه ايندو.
اڄ کان اٺ ڏهه هزار سال اڳ تائين، سائنس اسان کي دنيا جي جيڪا ڪهاڻي ٻڌائي ٿي، اها اسان جي ڪهاڻي ڪونهي. ڇاڪاڻ ته ان وقت تائين اسان جهڙا انسان، جن کي نيڪي ۽ بدي جي ڄاڻ هئي، پيدا نه ٿيو هو. قدرت ڪيئن ڪروڙن سالن ۾ ٺاهيندي ٺاهيندي ماڻهوءَ جي شڪل ٺاهي، ان جو به اسان جي جيون ڪهاڻي سان ڪو به واسطو ڪونهي. اسان جي جيون ڪهاڻي ته تڏهن کان شروع ٿئي ٿي، جڏهن کان اسان پنهنجو پاڻ کي سڃاتو آهي. اها اوهين پاڻ به سمجهي سگهو ٿا ته انساني برادريءَ کي هڪ قديم انسان جو اولاد ٻڌائڻ وڌيڪ صحيح آهي يا ان کي ڪيترن ئي هڪ ٻئي سان وير رکندڙ نسلن ۾ ورهائڻ، رڳو ان ضد ۾ ته ان قديمي انسان جون ڪٿي هڏيون مليون آهن ۽ نه ئي وري ڪنهن پٿر تي سندس نالو اُڪريل مليو آهي. سائنس يقين سان اهو ٻڌائي نٿي سگهي ته ماڻهوءَ جو پهريون نسل ڪهڙو ۽ ڪٿي هو، ته پوءِ سائنس کان ڇو پڇئون ته حضرت آدم ڪو بزرگ هو به يا نه؟
بهرحال، اڄ کان اٺ ڏهه هزار سال اڳ تائين اسان کي ڪجهه نه ڪجهه خبر آهي ته دنيا ۾ ڇا ٿيندو پي رهيو. هاڻ اڳتي پنهنجي ڪهاڻي پڙهو ۽ اجاين جهيڙن جهٽن ۾ نه پئو.
• Azoic: بنا حياتي وارو دؤر: ان دؤر جا ڪي به آثار نٿا ملن، اهو دور ٻن اربن کان اٺ ارب يا اسي ڪروڙ سال اڳ ۾ ٿي گذريو.
• Proterozoic: حياتيءَ کان اڳ وارو دؤر: هن زماني ۾ زندگي جي شروعات نه ٿي هئي، پاڻيءَ تي سينور هو يا شايد جيلي فش. اهو دور ٻن اربن کان 6 ارب يا سٺ ڪروڙ سال اڳ ٿي گذريو.
• Palaeozoic: حياتي جو شروعاتي زمانو: ان وقت تائين اهڙا جيت جڻيا نه هئا، جن کي ڪرنگهي جي هڏي هوندي آهي. اهو ٻن اربن کان ٽي ارب سٺ ڪروڙ يا 36 ڪروڙ سال اڳ ٿي گذريو.
• Later Palaeozoic شروعاتي حياتي جو ٻيو دور: اهو مڇين ۽ ترندڙ پکين جو زمانو هو، اهو دور ٻن اربن کان 60 ڪروڙ يا 26 ڪروڙ سال اڳ تائين ٿي گذريو.
• Mesozoic حياتي جو وچون دور: اهو وڏن وڏن چرندڙ پرندڙ جانورن جو دور هو ۽ اڄ کان هڪ ارب چاليهه ڪروڙ يا 14 ڪروڙ سال اڳ هو.
• Cainozoic حياتي جو جديد دور: اهو ٿڻن يا کير پياريندڙ جانورن جو دور آهي، جيڪو اڄ کان 40 ڪروڙ يا 4 ڪروڙ سال اڳ شروع ٿيو.