(4) يوناني سڀيتا
يوناني، جنهن دنيا ۾ گهمندي ڦرندي پهتا، ان تي سڌريل واپارين جي نسل جو راڄ هو، جنهن کي دولت پيدا ڪرڻ ۽ پوءِ آسائش سان وڏن ۽ محفوظ شهرن ۾ زندگي گذارڻ جو ڍنگ هو. جن مال ۽ مسافرن کي آڻڻ ۽ نيڻ جي لاءِ وڏا ۽ مضبوط جهاز جوڙيا هئا. صنعت کي ترقي ڏني هئي. زمين جي اندر ڌاتن جي دفن ٿيل خزاني جي ڪنجي حاصل ڪري ورتي هئي. علم سان انهن کي اها ئي لاتعلقي هئي، جيڪا واپارين کي هوندي آهي. پر هنن پنهنجي ڪاروبار جي لاءِ لکڻ جو اهڙو طريقو ڪڍي ورتو هو، جو علم ۽ تعليم جي وڌڻ جي به صورت پيدا ڪري ڇڏي هئي. انهن ۾ واپارين جو حوصلو ته هو، پر سپاهين واري همت نه هئي. انهن جي بادشاهن وٽ حفاظت جي لاءِ جيڪي فوجون هيون، انهن ۾ گهڻا تڻا غلام يا غير قومن مان ڀرتي ڪيل سپاهي هئا ۽ هو جن مختلف قسمن جي شين جو واپار ڪندا هئا، انهن ۾ هڪ قسم جو مال ‘شيدي’ نسلن جا نوجوان به هوندا هئا، جيڪي سوداگر هِتان هُتان جلهي اچي منڊين ۾ وڪڻندا هئا. شايد ان ئي سبب جي ڪري يونانين جي ان قديم نسل جي ماڻهن سان جنگيون ٿيون، پهرين ته هو انهن مالدار ڌارين جو ظلم سهندا رهيا، پوءِ جڏهن انهن جا پير ملڪ ۾ ڄمي ويا ۽ انهن جي سگهه وڌي ته انهن ٺاهي ٺوڪي بدلو ورتو. ٽراءِ جو شهر، جيڪو هڪ قديم ۽ نهايت شاندار سڀيتا ۽ واپار جو مرڪز هو، اهو ڇهه ڀيرا ساڙي خاڪ ڪيو ويو، جو نيٺ اهو ويران ٿي ويو. ڪريٽ جو مشهور شهر ”ڪنوسوس“ به لڳ ڀڳ ايئن ئي 1000قبل مسيح ۾ اهڙو ته ويران ڪيو ويو، جو وري ڪڏهن به آباد ٿي نه سگهيو.
هاڻي يوناني دنيا ۾ اڪيلا رهجي ويا هئا. هنن پنهنجي ملڪ جي ننڍين ننڍين ماٿرين ۾ شهر وسايا. هنن جي گذر سفر جو سڀ کان وڏو ذريعو پوکي راهي هئي، پر هنن واپار ۾ به ٽنگ ڊگهيڙي ۽ پراڻين وستين کي ويران ڪرڻ سان جيڪو تهذيبي نقصان ٿيو هو، اهو پورو ڪرڻ لڳا هئا. انهن جا خاص مرڪز ”اٿينس“ ۽ ”اسپارٽا“ جا شهر هئا. پر انهن کان سواءِ يونانين جا ٻيا به ڪيترائي شهر هئا. هنن ڪيترن ئي ٻيٽن کي آباد ڪيو هو ۽ ايشيا ۽ ڪوچڪ جي اولهائين ڪنڌي تي انهن جا ٽي چار وڏا تهذيبي مرڪز هئا. الائجي ڪيئن هنن جي دل ۾ اها ڳالهه ويهي رهي هئي ته هر شهر کي هڪ ڌار رياست هئڻ گهرجي. هو ڪڏهن به متحد ٿي نه سگهيا ۽ جڏهن ڇهين صدي قبل مسيح ۾ ايراني سلطنت، ايشيا ۽ ڪوچڪ جي اولهندي ڇيڙي تائين وڌي آئي ته شهري رياستون ان جي سامهون ڪنڌ جهڪائڻ تي مجبور ٿي پيون. پوءِ به ايرانين سمنڊ پار ڪري ”اٿينس“ تي حملو ڪيو ته يونانين، کين چئن پنجن جنگين ۾ تاريخي شڪست ڏني ۽ سندن آزاداڻي زندگي ان ڪٺن آزمائش تي پوري لٿي. ان وقت کان پوءِ يوناني سڀيتا جي بهار جو زمانو شروع ٿئي ٿو.
علم جو چرچو سڀ کان پهرين انهن يونانين ۾ ٿيو، جيڪي ايشيا ۽ ڪوچڪ جي شهرن ۾ رهندا هئا يا جن کي مصر، شام ۽ بابل جي ماڻهن جي معلومات مان فائدو وٺڻ جو موقعو مليو. پر ايرانين سان جيڪي جنگيون ٿيون، انهن کان پوءِ ”اٿينس“ جو شهر هر قسم جي علم ۽ فن جو مرڪز بنجي ويو. يونان جي ”عزت“ اهو ئي شهر هو ۽ ان جي نمايان سياسي، علمي ۽ ادبي شخصيتن تي اسين هڪ سرسري نظر وجهنداسين ته سمجهو، يونان ۾ جيڪو ڪجهه ڏسڻ جي لائق هو، سو اسان ڏسي وٺنداسين.
جيئن مٿي بيان ٿي چڪو آهي ته، يوناني سڄي محنت ۽ سمورو ڪم انهن غلامن کان وٺندا هئا ۽ پاڻ گهمڻ ڦرڻ، بحث مباحثي يا حڪومتي ڪمن ۾ رڌل رهندا هئا. خود يونانين ۾ به امير ۽ غريب جو فرق هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته اهو فرق ايترو ته وڌي ويندو هو، جو گهرو لڙايون به شروع ٿي وينديون هيون ۽ زندگي انتشار جو شڪار ٿي ويندي هئي. ”اٿينس“ وارا ان مامري ۾ گهڻا خوشنصيب هئا، جو کين شروع ۾ ئي ”سولن“ جهڙو تجربيڪار ۽ موقعي شناس مدبر ملي ويو، جنهن اٿينس کي ٿورن اميرن ۽ ڪيترن ئي غريب ماڻهن جي حقن ۽ اختيارن کي اهڙي نموني ورهايو، جو امير عزت ۽ شهرت حاصل ڪري سگهن، پر غريبن تي به ظلم نه ٿئي ۽ هو روزگار جي ذريعن کان محروم ڪري نه سگهجن ۽ کين به حڪومت ۾ حصو وٺڻ جو موقعو ملندو رهي. يونان جي ٻين شهرن ۾ ايئن نه ڪيو ويو، اتي اميرن ۽ غريبن کي ڪڏهن به هڪ ٻئي تي اعتبار نه ٿيو، تنهن ڪري اسان کي انهن ۾ اها آزادي ۽ شگفتگي نظر نٿي اچي، جيڪا ”اٿينس“ ۾ نظر اچي ٿي.
ايرانين سان جيڪا ٻي جنگ ٿي، تنهن ۾ اٿينس جو شهر ساڙيو ويو ۽ جڏهن ايرانين جي بلا ٽري ته اهو نيئن سري کان آباد ڪيو ويو، ان وقت اٿينس جي حڪومت تي ”پرڪليس“ جو پاڇو هو، جيڪو سياست جي فن ۾ ڀڙ هو. کيس ”فنون لطيفه“ جو به وڏو ذوق هو. هنر سڃاڻڻ ۽ ماڻهن کي پرکڻ ۾ به وڏو ماهر هو ۽ زندگي جي باغ کي سرسبز ۽ شاداب رکڻ جي ڳجهه کان به واقف هو. هن اٿينس ۾ عاليشان عمارتون جوڙايون، شهر کي سهڻين مورتين سان سجايو، عالمن ۽ اديبن جي سرپرستي ڪري سڀيتا جي اعليٰ دلچسپين جو چرچو ڪيو ۽ اعتدال پسندي ۽ وچٿرائپ جي نازڪ لڙيءَ ۾ آزادي ۽ استحڪام ۽ مردانگي، واندڪائي ۽ ڪم ڪار، کل ڀوڳ ۽ سنجيدگيءَ کي موتين جيان پوئي ڇڏيو. جيئن هڪ ناليواري عالم چيو آهي ته، ”ٽيهن سالن تائين اٿينس جي شڪل پرڪليس جي شڪل هئي ۽ ان جي طبعيت جو حسن، اٿينس جي زندگي ۾ سمايل رهيو.“ پر اٿينس وارن دل سان هن جي احسان کي مڃتا نه ڏني. هن جي ٽيهن سالن جي حڪومت مان، جنهن ۾ هر ڳالهه سندن رضامندي سان ٿيندي هئي، هو هن جي جادو ڀريل زبان ۽ سندس مصلحت انديشي مان تنگ ٿي پيا هئا. هنن جي فطرت اهڙي هئي جو هنن روزانو ڪو نه ڪو نئون هل بکيڙو ٿي چاهيو. هنن جي اکين روزانو هڪ نئون تماشو ڏسڻ ۽ انهن جون زبانون ڪنهن نه ڪنهن نئين مسئلي تي ڳالهين ٻولهين جو مزو چکڻ چاهينديون هيون. اهي سڀ لڇڻ اهڙا هئا، جيڪي کين ڪنهن ڍنگ سان هلڻ کان روڪيندا هئا ۽ انهن سڀني کان وڌيڪ اها ڳالهه هئي ته يونانين جو ڪو به مذهب يا ڌرم نه هو. هو پنهنجن ابن ۽ ڏاڏن جي ايتري ته عزت ڪندا هئا، جو اسين انهيءَ کي پوڄڻ جي حدتائين چئي سگهون ٿا. هر قبيلي ۽ هر شهر جو هڪ محافظ ديوتا يا ديوي هوندي هئي. جيئن اٿينس جي ”پالاس اٿيني“ هئي. پر اهي انهن ديوتائن کي ماڻهوءَ کان ٿورو وڌيڪ سٺو ۽ وڌيڪ سگهارو مڃيندا هئا ۽ اهي ديوتا به وري اهڙا هئا، جن جي زبانن مان ڪڏهن هڪ لفظ به هدايت يا نصيحت جو نه نڪتو هو. اٿينس وارن کي جيڪا اخلاقي تعليم ڏني ويئي، اها ڊيلفي جي مشهور مندر جي پوڄارين، انهن جي پنهنجي رشي ”رسولن“ يا شروع جي ڪجهه فلاسافرن ڏني هئي ۽ ٽنهي اهو سيکاريو هو ته اعتدال ۽ وچٿرائپ زندگي جو سڀني کان سٺو اصول آهي، انهيءَ ۾ سلامتي به آهي ته ڪاميابيءَ جو راز به سمايل آهي. سڀئي يونانين نه، ته به اٿينس وارا گهڻي حد تائين انهن طرف مائل ضرور هئا ۽ انهن سڀني اثرن جو نتيجو اهو نڪتو، جو اعتدال ۽ وچٿرائپ انهن جي زندگي جو معيار بنجي ويو. انهيءَ جو هڪ دلچسپ مثال هي آهي ته هڪ ورزشي مقابلي ۾ ڪو شخص آيو، جنهن ڪيترو ئي وقت هڪ پير تي بيهڻ جي مشق ڪئي. اٿينس وارن انهيءَ تي تمام گهڻي ٺٺول ڪئي ۽ چيو ته ان فن ۾ ته هتان جي هڪ بدڪ توکي مات ڏيئي ڇڏيندي، وڃ، اهو ڪرتب ڪنهن ٻي هنڌ وڃي ڏيکار.
يوناني، آزادي جي به دل ۽ جان سان قدر ڪندا هئا. هو هر انهيءَ شيءِ کان، جيڪا کين پابند ڪندي هئي، دولت، ٺٺ ٺانگر، گهرو زندگي، آرام جي عادت، کائڻ ۽ پيئڻ جو شوق، انهن سڀني پابندين کان بچڻ ٿي چاهيو. انهن جي غذا ۾، رهڻي ڪهڻي ۾، ڪپڙي لٽي ۾ سدائين اها سادگي رهي، جيڪا سندن مزاج ۾ هئي ۽ هنن جي علم ۽ فن جيان اها به سندن قيمتي يادگار آهي. پر زندگي جو سڄو بار کڻڻ جي لاءِ وچٿرائپ ۽ سادگي جا ٻه اصول ڪافي ڪونهن ۽ جيتوڻيڪ اٿينس وارا انهن ٻنهي اصولن کي پنهنجو مذهب مڃيندا هئا ۽ انهن جو روزمره جو ڪاروهنوار اهڙو هو، جو ڀٽڪي وڃڻ مشڪل هو.
يونانين کي ميل ملاقاتن ۽ بحث مباحثي جو گهڻو شوق هو. گهر جي ڪمن ڪارين ۾ جيڪو وقت لڳندو هئن، اهو ڇڏي باقي سڄو وقت اهو شوق پورو ڪرڻ ۾ لڳندو هئن ۽ ان سلسلي ۾ هو پنهنجون سياسي خدمتون به سرانجام ڏيندا هئا. اٿينس جي قانون ساز مجلس ۾ حڪومت جي ڪميٽيءَ ۾ ۽ عدالتن ۾ لڳ ڀڳ هڪ هزار ماڻهو هڪ ئي وقت ڪوڪندا هئا ۽ انهن سڀني کي ڪم ڪرڻ جو اجورو ملندو هو، ته جيئن جيڪي غريب آهن اهي نقصان جي خيال سبب سياسي ڪاروهنوار کان ڌار نه رهن. مجلس، ڪميٽي ۽ عدالتن جا اجلاس کلئي عام ٿيندا هئا ۽ جيڪي ماڻهو پاڻ ڪم نه ڪندا هئا، سي تماشائي بنجي ويهي ٿي سگهيا. تنهن کان سواءِ مختلف ڏڻ ملهايا ويندا هئا ۽ ڊراما ڏيکاريا ويندا هئا، جن جي حيثيت به ڏڻن کان گهٽ نه هوندي هئي. تنهن ڪري سڀ شهري اهي وڃي ڏسي سگهندا هئا. اهڙي فضا ۾ اهو ڪيئن ممڪن هو ته يونانين جهڙي ذهين ۽ نواڻ پسند قوم هڪ ئي ڍنگ ۾ هلندي رهي. جڏهن علم جو ٿورو چرچو ٿيو ته هر قسم جي خيالن تي بحث مباحثو ٿيڻ لڳو. ڪنهن جو عقيدو اهو هو ته اصل شيءِ ڪاميابي آهي، جيڪو ڪامياب ٿئي ٿو، تنهن جي حرڪتن جي جانچ پڙتال نٿي ڪئي وڃي. ڪو اهو چوندو هو ته انصاف هڪ ڍنگ آهي، جيڪو ڏاڍو سو گابو. ڏاڍي جي مرضي ئي انصاف ۽ قانون آهي، ڪو اهو سمجهندو هو ته زندگي جو مزو اهو ئي ماڻي سگهي ٿو، جيڪو بنا روڪ ٽوڪ جي من ماني ڪري سگهي. اهي ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي خيال اڪثر ڳالهه ٻولهه ۾ چاشني پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪم ايندا هئا، پر انهن جو چرچو ٿيڻ ئي ان ڳالهه جي علامت هئي ته يوناني هروڀرو ڪنهن ڳالهه کي نه مڃيندا هئا.
پوءِ انهن ۾ هڪ شخص پيدا ٿيو، جنهن ثابت ڪري ڇڏيو ته هنن ڪجهه به نٿي ڄاتو. اهو ”اٿينس“ جو مشهور فلسفي سقراط (99- 469 ق م) هو. هو ماڻهن کي ايترو ڏاهو بنجندو ڏسي پاڻ اڻ ڄاڻ بنجي ويو ۽ اڪثر ماڻهن سان بحث ڇيڙي اهو ثابت ڪري ڇڏيندو هو ته انهن جا سڀ خيال غلط آهن ۽ هو بنا سوچڻ ۽ سمجهڻ جي انهن تي ڳالهائين ٿا. هن پاڻ پنهنجو ڪو به عقيدو بيان نه ڪيو، پر سندس هڪ شاگرد افلاطون اها کوٽ پوري ڪئي. افلاطون سڄي تعليم، سقراط جي زباني بيان ڪئي آهي. پر اسين ڄاڻون ٿا ته هن جو فلسفو پنهنجو هو. سقراط جيان کيس به ان ڳالهه تي وڏو ڏک هو ته ”اٿينس“ وارن جي خيالن ۾ ڪا گهرائي نه هئي. هو اهو به سمجهندو هو ته سُٺن خيالن تي هروڀرو ڪنهن قوم جو ورثو به ناهي. پر سقراط جيان جاهل ۽ اڻ ڄاڻ بنجڻ جي بدران هن يونانين جي دلين ۽ دماغن کي علم، فلسفي ۽ عقيدي سان روشن ڪرڻ چاهيو. اٿينس وارن جي گمراهي ڏسي هن هڪ رياست جي تصوير ڇڪي، جنهن بابت کيس يقين هو ته اها اٿينس جي جمهوري رياست کان وڌيڪ پائيدار ۽ مضبوط ٿيندي ۽ اخلاقي پهلوئن ۾ جان وجهڻ جي لاءِ هن اها تعليم ڏني؛ جيئن اصل حقيقت جنهن تي علم، اخلاق ۽ لطيف جذبن جو دارومدار آهي، ڪامل علم ڪامل خير ۽ ڪامل حسن جو تصور آهي. اسان جي زندگي جو مقصد اهو آهي ته اسين ان قديم ۽ لازوال نموني جا مثال بنجون ۽ اسان جي فلاح ۽ ڇوٽڪارو ان ۾ آهي ته اسين اهو مقصد ماڻڻ جي لاءِ پنهنجي سڄي جسماني سگهه ۽ اخلاقي قوت کپايون. افلاطون پنهنجو هڪ اسڪول به قائم ڪيو هو، جيڪو ”اڪيڊمي“ جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ هن جيڪو نصاب جوڙيو، اهو سوين سالن تائين لاڳو رهيو. ان ئي اڪيڊمي جو هڪ شاگرد ”ارسطو“ به هو، جنهن علم کي منطق ۽ فلسفي کان هڪ حد تائين ڌار ڪري، ان جو بنياد معلومات تي رکيو ۽ عالم جو فرض تحقيق ڪرڻ ۽ معلومات گڏ ڪرڻ قرا رڏنو. يعني هن اهو طريقو اختيار ڪيو، جيڪو اڄ ڪلهه يورپي علم جو آهي. جيئن افلاطون فلسفي جو، تيئن ارسطو علم جو باني مڃيو وڃي ٿو. افلاطون اٿينس وارن جي هدايت جي لاءِ ”سياست“ تي جيڪو ڪتاب لکيو، ان ۾ هن ڳالهه تي بحث ڪيو ويو آهي ته عدل ۽ انصاف ڇا آهي ۽ هن رياست جو جيڪو تصور ڏنو آهي، اهو عدل ۽ انصاف تي ٻڌل آهي. ارسطو جو خيال هو ته سياسي مامرن تي راءِ ڏيڻ کان اڳ اسان کي اهو ڏسڻ گهرجي ته هيستائين جيڪو تجربو ٿيو آهي، اهو اسان کي ڇا ٿو سيکاري. هن پنهنجي ڪتاب ۾ ڪيترين ئي رياستن جي دستورن تي بحث ڪيو آهي. افلاطون شاعري، مصوري، ڊرامي، مطلب ته فنون لطيفو جي سڀني صنفن کي انسان لاءِ نقصانڪار سمجهي ٿو ۽ انهن کي تعليم ۽ زندگيءَ مان خارج ڪري ڇڏڻ ٿي چاهيو. پر ارسطو چيو ته، ”نه، اهو طريقو ٺيڪ ڪونهي، اسان کي ان تي ٿڌي دل سان ويچارڻ گهرجي ۽ ان سلسلي ۾ هن ادبي تنقيد تي سڀ کان پهريون ڪتاب لکيو. افلاطون جو عقيدو هو ته سڀئي علم چشما آهن ۽ جيڪي مڪمل علم جا ڳجها سرچشما نڪتا آهن، انهن جو اصل هڪ ئي آهي. ارسطو پنهنجي دور ۾ هر علم کي ٻي علم کان ڌار ڪيو، ان جي حدبندي ڪئي ۽ ان حد جي اندر ان کي بلڪل آزاد ڪري ڇڏيو.
هن وقت اسين ڀلي ڪهڙي به علم جي تاريخ لکڻ ويهون، سڀ کان پهرين ڪنهن يونانيءَ جو ئي نالو ايندو، جنهن پنهنجي وقت جي معلومات کي گڏ ڪري ۽ خود ان ۾ گهڻو ڪجهه جوڙي اسان جي لاءِ ڇڏيو آهي. يونانين جو هڪ ايترو ئي وڏو ڪارنامو اهو به آهي ته هنن انسان کي ٻين انسانن کان ڌار ڪري ڏٺو ۽ ان جي صورت، ان جي طبيعت ۽ ان جي ڏک سک کي سنگتراشي، مصوري، شاعري ۽ ڊرامي جو موضوع بنايو. يونانين جي زماني تائين ۽ ان کان پوءِ به اڪثر فنون لطيفه تي مذهب جو راڄ رهيو. يونانين جو ڪو به مذهب/ ڌرم نه هو. ڪنهن به اهڙي عقيدي ۽ زندگي جو ڪو اهڙو تصور نه هو، جنهن ۾ ڌار ڌار انسانن جي هستي گم ٿي وڃي ۽ انهن جي دنيا ايتري ته ننڍي هئي جو هو سڀني کي ڌار ڌار ڏسي ٿي سگهيا. پر ايئن کڻي چئجي ته انهن جي دنيا ۾ انسانن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو. تنهن کان سواءِ انهن جي آزادي به غضب جي هئي، جو هو ٻين جي چيل ڳالهه کي نه مڃڻ، پنهنجو حق سمجهندا هئا. ماڻهو جيڪو ڪجهه به ڪندو هو، تنهن تي نرالي پهلو سان غور ڪري سگهندا هئا. اڏاوت جي فن، سنگتراشي ۽ مصوريءَ ۾ ته انهن مصر، ڪريٽ ۽ ٻين ملڪن جي استادن کان گهڻو ڪجهه سکيو. شاعريءَ ۾ انهن جو طور طريقو پنهنجو هو ۽ ڊرامو ته ايجاد ئي انهن جو ڪيل هو. انهن سڀني مان جنهن شيءِ تي اسان جي نظر پوي ٿي ۽ هڪ ڀيرو پوڻ کان پوءِ نٿي هٽي اهو انسان آهي. يونان جي سنگتراشن جهڙي نموني ماڻهوءَ جو حسن ڏيکاريو آهي، اهو اڄ ڏينهن سوڌي حسن جو مڪمل نمونو سمجهيو وڃي ٿو. هڪ اهڙو نمونو، جنهن کي قدرت ۽ انسان گڏجي جوڙيو ۽ پوءِ ٽوڙي ڇڏيو ته جيئن نااهل ان جو ڪو نقل نه ڪري سگهي. انسان جي طبيعت جا جيڪي ڳجهه يونانين پاتا، جيڪي ڪيفيتون هنن پنهنجن ڊرامن ۾ بيان ڪيون اسان جو تجربو ۽ نه ئي وري تخيل انهن کان اڳتي وڌي سگهيو آهي. اسان جي زندگي بدلجي ويئي آهي، اسان جي ٿئيٽر جو انتظام، منظر ڏيکارڻ جو طريقو، اداڪارن ۽ اداڪارئن جي ٺاهه ٺوهه وڌيڪ سٺي آهي، پر جيڪڏهن اسين ماڻهوءَ کي اهڙي ئي نموني صاف ڪري ڏيکاريون جيئن يوناني ڏيکاريندا هئا ته اهو هڪ ڪارنامو ٿي پوندو آهي. پر يونانين جا ڳڻ ڪيستائين ڳائبا رهبا، انهن جي ڪرشمن جي ڪهاڻي ته هڪ دنيا جي ڪهاڻي آهي.