1
ڪالهه منهنجي امي، جيڪا 36 سالن جي وچولي قد واري ۽ صحتمند عورت آهي، مون تي چڙي پئي، هميشه جيان هن ڀيري به آئون تازي پوچو ڏنل ڪچن جي فرش تي هلي آيو هوس ته امي هٿ ۾ جهليل اسٽيل جو وڏو چمچو مون ڏانهن اڇلائيندي رڙ ڪئي هئي:
”توکي هزار ڀيرا منع ڪيو اٿم نه ته پوچو ڏنل فرش تي نه ايندو ڪر.“ امي جي اکين ۾ ڪاوڙ ڏسي مون تي خوف تاري ٿي ويو ۽ آئون ڏاڪڻون چڙهي اسٽور ۾ اچي لڪيس، اسٽور ۾ روشني گهٽ جڏهن ته مٽي گهڻي هئي، ان ۾ بابا جو پوراڻو سامان ۽ ڪتاب وغيره سٿيا پيا هوندا آهن، جڏهن ته ڀڳل ٿانءُ، ڪاٺ جي ٽن ٽنگن واري ڪرسي ۽ ٻيو ردي سامان پڻ پيل آهي. آئون امي سان گڏ ڪراچي جي هڪ پوش علائقي ۾ 120 گزن جي گهر ۾ رهندو آهيان، عمر 16 سال ۽ سٽي گرامر اسڪول اينڊ ڪاليج ۾ فرسٽ ائير جو شاگرد آهيان، مون بابا کي رڳو تصويرن ۾ ئي ڏٺو آهي، تصويرن ۾ سندس چهري تي آيل پرسڪون مرڪ همشيه مونکي ڇڪيندي آهي. هو ڪلين شوءِ ڪڻڪائي رنگ جو جوان مرد هو ۽ بقول امي جي هڪ روڊ حادثي ۾ سندس موت واقح ٿي، امي واتان اهو پڻ ٻڌو اٿم ته بابا سائنسدان هو. مون امي کي سدائين اڪيلو ڏٺو آهي، هوءَ هڪ سرڪاري ڪاليج ۾ ڪيمسٽري جي ليڪچرار آهي، سالن کان اسان وٽ نه ڪو مئٽ مائٽ آيو آهي، نه ئي وري اسان ڪنهن ڏانهن ويا آهيون. امي منهنجي هر مستي مذاق کي برداشت ڪري ويندي آهي، پاڙي جي ڇوڪرن سان وڙهي اچان تڏهن به امي ڪجهه نه چوندي آهي، پر خبر نه آهي ڇو هوءَ ڪالهه آپي منجهان نڪري وئي.
هٽي ڪاٺي ۾ آئون سنهڙو سپڪڙو آهيان، منهنجو رنگ به بابا جيان ڪڻڪائي آهي، آئون ايترو ته سنهڙو آهيان جو ڀلي پينٽ ڪيڏي به ٽائيٽ ڇو نه ٻڌان، پر هلڻ مهل چيلهه کان هيٺ کسڪڻ لڳندي آهي. اسان جي گهر جي بلڪل سامهون انڪل اقبال وارن جو گهر آهي، انڪل اقبال پوليس افسر آهي، کيس هڪ عدد ٿلهي متاري زال، جيڪا هر وقت ڪاوڙ ۾ رهندي آهي ۽ ٻه ڌئيرون آهن. 21 سالن جي عافيا ۽ ٻئي منهنجي هم جماعت عطيا، عافيا هوبهو ماءُ جي فوٽو ڪاپي آهي. جڏهن آئون پنهنجي ڪمري جي دري کوليندو آهيان ته عطيا وارن جو ڪمرو صاف ظاهر ٿيندو آهي، اڪثر عافيا کي بيڊ تي پلٿيون هڻندو ڏسي مونکي ويچاري بيڊ تي ڏاڍو رحم ايندو آهي. ٻه چار ڏينهن اڳ ۾ عطيا کي مرڪي اشارو ڪيم ته سندس بيڊولي ڀيڻ عافيا ڏسي ورتو ۽ شام جو هوءَ سندس وزندار ماءُ سان گڏ اچي اسان جي گهر ڪڙڪي، امي کي شڪايت ڏنائون، پر امي ان ڳالهه کي به منهنجي ٻاراڻي سمجهي نظرانداز ڪيو، ٻئي ڏينهن ڪاليج ۾ معافي طور عطيا مونکي مارس چاڪليٽ ڏنو.
ڪالهه جڏهن امي مون تي اسٽيل جي چمچي سان وار ڪيو ۽ آئون اسٽور ۾ اچي لڪيس ته منهنجي نظر بابا جي پوراڻن ڪتابن ڏانهن وئي. مون هڪ ناسي پوش وارو ڪتاب کڻي ورتو، دز ناسن ۾ وئي ته کنگهڻ لڳس ۽ ڪتاب کوليم، حيرت ان ڳالهه جي ٿي ته ڪتاب جي پوش ۽ شروع وارن ڪجهه پنن تي هڪ اکر به نه لکيل هو، جنهن جي ڪري ويتر تجسس وڌي ويو ۽ اهو ڄاڻڻ لاءِ ته هي ڪتاب ڪهڙي موضوع تي آهي، هڪ پنو ٻيو اٿلايم. هڪدم اسٽور جي ڀت سان ڪنهن مرد جو سخت آواز ٽڪرايو:
”امن جي دنيا ۾ ڀليڪار،“ مونکان ڇرڪ نڪري ويو، آواز پڪو ۽ صاف هو، هٿن منجهان ڪتاب ڇڏائجي ويو ۽ ميري فرش تي ڪريو، هيڏانهن هوڏانهن ڏسي جي ڪوشش ڪيم ته اهو آواز ڪنهنجو آهي.....؟ پر اسٽور روم ۾ مون کانسواءِ ٻيو ڪير به نه هو. ڪجهه گهڙيون خاموش بيهي فرش تي ڪريل ڪتاب کي تڪيم ۽ پوءِ جهڪي ڪتاب کنيو، دل جو ڌڙڪو تيز ٿي ويو، وڏا وڏا ساهه کڻڻ لڳس، منهن ۽ ڳيچي وٽ پگهر اچي ويو، ڪتاب وري کوليم ته ساڳيو آواز گونجيو:
”امن جي دنيا ۾ ڀليڪار،“ آئون وري به ڏڪي ويس، خوف ڪنهن طوفاني ڇوليءَ جيان من اندر اٿل ڦٿل کائڻ لڳو، پڪ ٿي وئي ته اهو آواز ڪتاب منجهان ئي اچي رهيو آهي، انڪري ڪتاب جو پنو ورايم هي پنو به خالي هو.
”ڇا تون پنهنجو نالو ٻڌائيندين؟“ هن ڀيري به ساڳيو ئي آواز مونکي ويتر ڊيڄاري ويو.
”افنان،“ مون چيو، چپ ٿڙڪڻ لڳا ته وري ٻيو آواز آيو:
”هاڻي تون پنو ورائي سگهين ٿو.“ مون حيرائي ۽ تجسس منجهان پنو ورايو، هي پنو پڻ خالي نظر آيو، هڪ لمحي کانپوءِ اهو ئي آواز:
”هن ڪتاب ۾ ٽي ڀاڱا آهن، امن جي دنيا جي تاريخ، امن جي دنيا جي قيام لاءِ جدوجهد ۽ امن جي دنيا جي بقاءَ لاءَ جنگ.....“
”افنان جلدي اچي ماني کاءُ ۽ هٿ منهن ڌوئي اچجان،“ ٻاهران کان امي جي رڙ ٻڌم ته ڪتاب هٿ منجهان ڇڏائجي ويو ۽ فرش تي اچي ڦهڪو ڪيائين. تڪڙ ۾ ڪتاب کڻي ٽن ٽنگن واري ڪرسيءَ تي رکيم ۽ اسٽور کان ٻاهر ڀڄي ويس. مانيءَ دوران خيال آيو ته امي کي هن دلچسپ ڪتاب بابت ٻڌائجي، پر اهو سوچي ته امي هن کي به منهنجي ڪا شرارت سمجهي نظر انداز ڪري ڇڏيندي، سو چپ رهيس، پر ذهن جي پردن سان ڪتاب جا جملا ٽڪرائنجندا رهيا، ڪيترا ئي ڀيرا سوچيم ته اسٽور ۾ وڃي ڪتاب کولي ڏسان پر همت نه ٿي، جئين سج لهڻ شروع ڪيو ته ويتر خوف وڌي ويو.
اڄ ڪاليج ۾ هوندي به ڪاليج ۾ نه هوس، سڄو ڌيان ان عجيب ڪتاب ڏانهن هو، جنهن ٻه ڀيرا امن جي دنيا ۾ اچڻ تي ڀليڪار چيو.
امن جي دنيا..... آخري پيريڊ ۾ سوچڻ لڳس: اها وري ڇا آهي؟ ڇا ان ۾ به انسان ئي رهندا آهن؟ پر انسان ته ازل کان ئي جنگجو رهيو آهي...... انسان جي اهڙي فطرت کي ته مذهب به روڪي نه سگهيا آهن...... اهڙا ڪيترا سوال ذهن ۾ ايندا رهيا.... پڪو پيهه ڪيم ته گهر پهچي پهريون ڪم اهو ڪبو ته اه عجيب ڪتاب کولبو. جئين ئي موڪل ٿي ته ڪاليج کان نڪري سڌو گهر آيس، ٿيلهو ٽي وي لائونج ۾ رکيل صوفا تي اڇلائي، اسٽورروم ڏانهن ڀڳس، ڪاليج جي ڊريس لاهڻ به وسري وئي. اسٽورروم جو در بند ڪري ڪرسيءَ تان ڪتاب کڻي ورتم ۽ ميري فرش تي در کي ٺيڪ ڏئي ويهي رهيس. ڪتاب کولي ڪجهه پنا ورايم، هن ڀيري ڪو به آواز نه آيو.... آئون ڪتاب اٿلائڻ لڳس، اوچتو آواز آيو:
”هن ڪتاب ۾ هڪ لفظ به لکيل نه آهي، پر جئين جئين تون ورق اٿلائيندو ويندي ڪتاب تو سان ڳالهائيندو ويندو، ان دوران تو ڪنهن به قسم جي چالاڪي ڪندين ته سخت سزا ملندئي.“ منهنجي حيرت وڌي وئي ۽ سوچيم: آئون هن بيجان ڪتاب سان ڪهڙي چالاڪي ڪندس ۽ هي ڪهڙي نموني سزا ڏيندو.....!!
ڪتاب منجهان آواز آيو: ”تون ڪتاب سان ٻن قسمن جون چالاڪيون ڪري سگهين ٿو،“ مون غور سان پيلي رنگ جي پني کي ڏٺو، سم جي ڪري ان جي ڪنڊ تي نشان هئا، ڀانيم ڪو منهنجو ذهن پڙهي رهيو آهي، دل تيزي سان ڌڙڪڻ لڳو.
”هڪ چالاڪي؛“ ٻيهر آواز آيو ته غور سان ٻڌڻ لڳس: ”اها ته تون وچان وچان پنا اٿلائيندو وڃي ۽ ٻئي اها ته تون جلدبازي ۾ آخري صفحي تي هليو وڃئين، انهن ٻنهي صورتن ۾ توکي سزا ڏني ويندي، ان ڪري ڪتاب جي هر ڳالهه غور ۽ صبر سان ٻڌ. جئين ته تون ڪتاب کولي چڪو آهين، ان ڪري هاڻي تنهنجي ڪا به مرضي نه هلندي.“ اسٽور روم ۾ خاموشي ڇائنجي وئي ته آئون پريشاني منجهان هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳس، ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو، لڱ ٿڙڪڻ لڳا، ڏڪندي ڏڪندي پيلو پنو ورايم ته آواز آيو:
”ان کان اڳ جو توکي ڪا ڄاڻ ڏجي، اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته جيڪڏهن تون اهو پيو سوچين ته تو هي ڪتاب ڇو کنيو....... ته پوءِ مونکي چئڻو پوندو تون غلط پيو سوچين، ڪڏهن به پڙهندڙ ڪتاب جي چونڊ نه ڪندو آهي، هميشه ڪتاب پنهنجي پڙهندڙ جي چونڊ ڪندو آهي. انڪري آئون چوندس ته مون تنهنجي چونڊ ڪئي آهي. هاڻي تنهنجي ذهن ۾ اهو سوال ايندو ته تنهنجي ئي چونڊ ڇو ڪئي وئي آهي؟؟
ان جو سولن لفظن ۾ جواب آهي ته تون ان شهر، جنهن کي اڄ موهن جو دڙو سڏيو وڃي ٿو جي رهواسين، يعنيٰ سنڌين جو تسلسل آهن ۽ توکي ان تي فخر هجڻ گهرجي، سنڌ ڌرتي امن جي ڌرتي رهي آهي، اهڙي ريت ست هزار سالن کان سنڌي قوم امن جي پيامبر رهي آهي، شايد انهيءَ ڪري بربادي جون قوتون سڀ کان پهريان سنڌ تي حملو ڪنديون آهن، هن ڌرتيءَ جو امن سندن سينن ۾ تير جيان چڀندو آهي......“ وري خاموشي ٿي وئي ته مون پنو ورايو:
”هزارين سال اڳ جا سنڌي، علم ۽ ادب ۾ هر قوم ۽ نسل کان اڳتي هئا، هنن دنيا جي ڀلائي لاءِ ايجادون ڪيون، ٻوليءَ جي خفاظت لاءِ صورتخطي جوڙي، پر جئين ته امن ۽ برباديءَ جو جنم هڪ ئي وقت ٿيو آهي، (جنم يا ارتقا، اهو هڪ الڳ بحث آهي، جيڪو 19 صديءَ جي هڪ سائنسدان چارلس ڊارون جي ارتقائي نظريئي کانپوءِ دنيا ۾ ويتر ڏڦير وجهي ويو) ان ڪري بربادي جون قوتون سرگرم ٿي ويون آهن. ڊارون جي نظريئي برباديءَ جي قوتن کي ويتر طاقتور ڪري ڇڏيو، هنن ان جي مدد سان اهڙا وائرس ٺاهي ڇڏيا، جن سان انساني ذهنن کي قابو ڪري ٿي سگهجو. 20 صديءِ جي شروعات ۾ آمريڪا جي هڪ شهر ۾ انساني رت منجهان هڪ اهڙو جراسم پيدا ڪيو ويو، جيڪو جسم ۾ داخل ٿيڻ سان انسان کي آدمخور ڪري ڇڏيندو هو ۽ اهڙي جراسم واري شخص کي انساني رت کانسواءِ ٻئي ڪابه شيءَ نه وڻندي هئي، اهڙي انسانن کي ويمپائر سڏيو ويو، هو رات جي اونداهي ۾ شڪار ڪرڻ نڪرندا هئا. پوءِ ابراهيم لنڪن نالي هڪ شخص پيدا ٿيو، هي هاري جو پٽ هو، ڊگهو قد، چوڙو سينو، هڪ رات ٻني ۾ ڪم ٿي ڪيائين جو ٻن ويمپائرن هن تي حملو ڪيو، هن بهادري سان انهن ٻنهي ويمپائرن کي ماري مات ڪيو ۽ عزم ڪيائين ته آمريڪي ڌرتيءَ کي اهڙن وحشين کان پاڪ صاف ڪندو، پنهنجي ڪارنامن جي ڪري هو آمريڪي صدر پڻ ٿيو. پر برباديءَ جي طاقتن هار نه مڃني ۽ اهڙا جراسم پيدا ڪري ورتن جن سان هڪڙيون قومون ٻين قومن تي حملو ڪري قتل ۽ ڦرلٽ ڪرڻ لڳيون، 20 صدي دوران اهي جراسم ايترا ته طاقتور ٿي ويا، جو انسانن کي ٻن عظيم جنگن کي منهن ڏيڻو پيو.
ڇا تو هٽلر ۽ مسلوني جا نالا ٻڌا آهن..... اهي برباديءَ جي طاقتن جا ايجنٽ هئا. سندن ذهنن کي اهڙي نموني قابو ڪيو ويو جو هٽلر 60 لک يهودين کي زندهه ساڙي ڇڏيو، آمريڪا جاپان تي ايٽم بم ڪرائي ٻه شهر تباهه ڪري ڇڏيا. ان سڀ دوران امن جي طاقتن همت نه هاري ۽ اهڙا اتحاد قائم ڪيا جن اهو واعدو ڪيو ته هاڻي ڪابه قوم ڪنهن ٻئي قوم تي قبضو نه ڪندي. فوجن هٿيار اڇلايا. اها ڳالهه امن مخالف قوتن کي نه وڻي ۽ هنن وري اهڙا وائرس ٺاهڻ شروع ڪيا جن سان تباهي ۽ بربادي پکيڙي سگهجي. هن ڀيري هنن شيشي منجهان اهڙا مڇر ۽ جيت پيدا ڪري ورتا جيڪي انساني جسم ۾ داخل ٿي ان جي قوت برداشت واري نظام کي تباهه ڪرڻ لڳا، جنهن سان هڪ ئي وقت انسان کي ڪيتريون ئي بيماريون لڳي ٿي ويون ۽ اهي بيماريون ٻين انسانن ۾ پڻ منتقل ٿي ٿئي سگهيون، اهڙي وائرس کي ايڊس جو نالو ڏنو ويو، اهڙي نموني ٻيا به ڪيترا ئي وائرس ڇڏيا ويا جنهن سان دنيا ۾ بک ۽ بدحالي پکڙجي وئي.
هڪ ڀيرو ٻيهر برباديءَ جون ظالم قوتون گڏ ٿي رهيون آهن، هتان نڪري پنهنجي ڪمري ڏانهن وڃ ۽ دري کولي آسمان ۾ نيهار.“ آواز بند ٿي ويو، آئون ڪتاب هٿ ۾ پڪڙي اٿيس، ان خوف کان ته ڪٿي امي ڪتاب ڦري نه وٺي، ان کي ڪرسيءَ تي رکي اسٽور کان ٻاهر آيس. ڪمري ۾ اچي در بند ڪري اڀر طرف کلندڙ دري، جيڪا باٿروم جي در کان ڪجهه پرڀري آهي جو ناسي پردو هٽائي تاڪ کولي آسمان ڏانهن ڏٺم، حيرت جي ڪابه حد نه رهي، منجهند جي وقت به ڪراچي جو سمورو آسمان اونداهو نظر آيو، ڪارا ڪڪر هئا ۽ پوءِ سلٽي رنگ جي عجيب مخلوق ڏسڻ ۾ آئي جن جون اکيون سائيون ۽ بٽڻن جهڙيون هيون، نڪ جي جاءِ تي ٽڪنڊو سواخ هون، ڪنڌ جي پٺئين حصي ۾ هڪ ٿلهي تار لڳل، جيڪا سندن مٿي کي جسم جي ٻين حصن سان جوڙي رهي هئي، باقي جسم سلٽي رنگ جي پوشاڪ سان ڍڪيل، کين هٿن ۾ واڳڻائي رنگ جا ڏنڊا پڻ هئا. سندن انگ ڳيڻپ کان ٻاهر هو. هو تيزي سان ڌرتيءَ طرف وڌي رهيا هئا، مون تي خوف طاري ٿي ويو ۽ هڪدم دري بند ڪري ڇڏيم، بت ۾ رڦڻي شروع ٿي وئي، ڪجهه پل بيڊ تي ويهي پاڻ تي قابو ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم، بيڊ تان اٿي ٻاهر نڪتس ته امي جي نظر پئي، هوءَ ٽيبل تي ماني رکي رهي هئي.
”راند تي وڃڻ کان اڳ ماني کائي وٺ،“ امي چيو.
”جي امي،“ مون جواب ڏنو، ائين لڳو ڄڻ لفظ منهنجي نڙي ۾ اٽڪي پيا آهن. امي ڪرسيءَ تي ويهي ماني ڪڍڻ لڳي. اميءَ پليٽ ۾ مرغي جو ٻوڙ ۽ ماني ڪڍي ڏني ته تڪڙ تڪڙ ۾ کائڻ لڳس، امي گرهه چٻاڙيندي ڇڙٻ ڏني:
”ڪهڙي تڪڙي لڳي اٿئي، آرام سان ماني کاءَ؟“
”امي؛“ مون تجسس منجهان چيو: ”اڄ آسمان ڏٺو اٿئي؟“ امي غور سان منهنجي منهن ۾ تڪيو، ائين لڳو ڄڻ کيس منهنجي عجيب ڪتاب کولڻ واري راز جي خبر هجي.... امي ڪوبه جواب نه ڏنو ته آئون خاموشيءَ سان ماني کائڻ لڳس.
امي سندس ڪمري وئي ته آئون بنا آواز ڪئي هوريان هوريان پٻن تي هلندو اسٽور ۾ آيس ۽ وري فرش تي ويهي ڪتاب کوليم، آواز آيو:
”امن جو پيخام وري سنڌ منجهان ئي اڀرندو، هي ڌرتي دنياوي امن جي حفاظت ڪندي، هتي تنهنجي لاءِ اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته تنهنجو پيءَ امن جي رکوالي جو اهم ڪمانڊر هو، جنهن کي برباديءَ جي قوتن دوکي سان قتل ڪرائي ڇڏيو، تنهنجي پيءَ ڪمانڊر يوسف هڪ اهڙي لڪل سماج جو بنياد وڌو، جنهن جو ڪم سائنسي ايجادن وسيلي دنياوي امن کي بحال ڪرڻ آهي. هن لڪل سماج جينيٽڪ انجنئرنگ تي تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. هي ڪتاب پڻ ڪمانڊر يوسف جي سائنسي ايجاد آهي، هن جو هڪ نسخو لڪل سماج جي هر ميمبر جي گهر ۾ رکيل آهي.
هنن اهڙا فارمولا ڏيڻ شروع ڪيا جن سان اناج جي اضافي پيداوار ڪري سگهجي، اهڙيون مشينون ايجاد ڪيون جيڪي هٿرادو برساتون وسائي سگهن، سنڌ جي ٿر سميت آفريڪي علائقن تائين هٿرادو برساتن لاءِ مشينون ايجاد ڪرڻ ۾ لڳي ويا ته جئين اهڙن علائقن منجهان ڏڪار ختم ٿي وڃي. ٻي طرف بربادي جون طاقتون هر 20 سالن ۾ هڪ اهڙو وائرس ايجاد ڪري وٺن ٿيون جنهن سان انساني زندگي خطري ۾ پئجيو وڃي. انهن قوتن جو رڳو هڪڙو ئي مقصد آهي ته دنيا جي گولي تي قبضو ڪري هر جيوت کي غلام بڻائن.
ڪمانڊر يوسف انسان توڙي جانورن جي واڌ ۾ تيزي سان اضافي لاءِ ڪلونگ جو پراجيڪٽ کنيو ته جئين پيداوار جنسي عمل کانسواءِ ٻئي طريقي سان به ٿي سگهي. پر ڌرتي تي هر وقت برباديءَ جي طاقتن جا ايجنٽ موجود رهيا آهن، هنن دوکي سان ڪمانڊر يوسف کي قتل ڪيو ۽ ڪلونگ وارو فارمولو پاڻ سان کڻي ويا، هو تيزي سان پنهنجو انگ وڌائي رهيا آهن. آسمان تي ڪاراڻ جو اهو مطلب آهي ته هاڻي هو گهڻائي ۾ ٿي چڪا آهن، سندن مقصد ڌرتيءَ تي لهي امن لاءِ ڪم ڪندڙن کي ڳولهي ڳولهي مارڻ آهي، جيڪڏهن هو ان ۾ ڪامياب ويا ته هي دنيا برباد ٿي ويندي. امن جي لڪل سماج جون ڪيتريون ئي گڏجاڻيون ٿي چڪيون آهن. جئين ته موهن جي دڙي کاڻ وٺي سنڌي ئي امن جون ذميواريون کڻندا پيا اچن، انڪري امن جي لڪل سماج جو هيڊ ڪائوٽر به سنڌ کي ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ مختلف قومن جا مرد، عورتون ۽ نوجوان دنياوي امن کي بحال رکڻ جون رٿائون جوڙيندا آهن، برباديءَ جي طاقتن جي ڇڏيل بيمارين تي قابو ڪرڻ لاءِ مختلف دوائون ايجاد ڪندا آهن، سندن وڌ کان وڌ ڪوشش اها رهي آهي ته هو اهڙيون ايجادون ڪن جن سان انساني زندگي پرسڪون ٿي سگهي.“ هڪ ڀيرو ٻيهر اسٽور ۾ خاموشي ڇائنجي وئي، مون پنو ورايو ته وري آواز آيو:
”ڪمانڊر يوسف هڪ ايلڪٽرو ميگنيٽڪ پين به ايجاد ڪئي، هي پين به ڪتاب جيان هر ان شخص وٽ آهي، جيڪو امن جي هن لڪل سماج جو حصو آهي.“ وري خاموشي اچي وئي، مون ڪتاب بند ڪري هيٺ رکيو ۽ ان پين جي ڳولها ۾ لڳي ويس، اسٽور روم جو سامان هيٺ مٿي ڪري ڇڏيم، هڪ ڪارو دٻو مليو، ان کي کوليم ته ان ۾ هڪ چمڪندڙ پين نظر آئي. ان ۾ اڇو، سائو، پيلو، نيرو ۽ ڳاڙهو پاڻياٽي مادو پڻ هو. مون ڍڪڻ لوڏيو ته پين منجهان هڪ ڳاڙهي ليزر بيم نڪتي، هڪدم هٿ هٽايم ته روشني گم ٿي وئي. تڪڙ ۾ گوڏن ڀر ويهي وري ڪتاب کوليم:
”هن پين جي روشني جيڪڏهن ڪنهن ڀت، در يا دري تي هڻبي ته ان ورشنيءَ منجهان شڪلون ٺهنديون، جيڪي امن جي لڪل سماج جا ڳجها پيخام آهن، شڪلن جو تسلسل به موهن جو دڙو جي دور کان هلندو اچي.
افنان هاڻي تنهنجي ڪلهن تي قلم جي ذميواري اچي وئي آهي، اهو توکي لڪل سماج تائين پهچائڻ ۾ مدد ڪندو، جتي توکي ڪتاب جي بقيا حصن جي ڄاڻ ملندي.“ آواز بند ٿي ويو ته مون هڪ ڀيرو هٿ ۾ جهليل پين کي غور سان ڏٺو، پوءِ ڪتاب ٻين ڪتابن مٿان رکي، پين جو ڍڪڻ لوڏي ان جو اڳيون حصو اسٽور روم جي ڀت ڏانهن ڪيو، ان منجهان نڪرندڙ ڳاڙهي روشني ڀت سان ٽڪرائي ته هڪ شڪل آئي، اهو ڪو بتو هو جنهن جون ٻئي ٻانهون هوا ڦهليل، ٽنگون پڻ ائين ئي ڦهليل، جڏهن ته مٿي تي ڪا شيءَ رکيل، مون حيرت منجهان عڪس کي ڏٺو، سمجهه ۾ نه آيو ته هي ڇا آهي، ڪجهه گهڙيون ان عڪس بابت سوچيندو رهيس.
پين پينٽ جي کيسي ۾ رکي آئون اسٽور روم کان ٻاهر نڪري آيس، اوچتو اميءَ جي ڪمري ڏانهن نظر وئي، در جي هيٺان وٿي منجهان هيڊي روشني نظر آئي، هڪ پل ۾ روشني غائب ٿي وئي، منهنجو وات ڦاٽي ويو، اکيون مهٽي وري در هيٺان ڏٺم، روشني نه هئي، تجسس ۾ ڪمري جو در کولي اندر آيس، ڪمرو معمول کان وڌيڪ ٿڌو هو، جهٽ ۾ بتي ٻاريم، روشني ٿي وئي، اميءَ جي ڪاٺ واري ڪپڙن جي الماڙيءَ جا ٻئي تاڪ کليل نظر آيا، هينگرن ۾ ٽنگيل ڪجهه وڳا ساڄي ته ڪجهه کاٻي پاسي هئا، جڏهن ته اتي هڪ ٻيو در نظر آيو، ويتر حيراني وڌي وئي، اهو در مون اڳ ڪڏهن نه ڏٺو هو، الماڙي ڏانهن وڌيس ۽ ڏڪندي ڏڪندي اهو ڳجهو در کوليم. ان ۾ شيشي جي ٺهيل اها ئي مشين هئي جنهن جو عڪس مون اسٽور روم جي ڀت تي پين ذريعي ڏٺو هو، پاسي کان ٻه سلٽي بٽڻ لڳا هئا، جن تي هيٺ ۽ مٿي ويندڙ تير جو نشان هو. بنا سوچي ئي آئون ان مشين ۾ بيٺس، جسم ۾ ٿڌاڻ محسوس ٿي، هيٺ ويندڙ بٽڻ دٻائي ٻئي ٻانهون ۽ ٽنگون مشين موجب پکيڙيم. شيشي ۾ هيڊي روشني پيدا ٿي ۽ پوءِ مشين لڏڻ شروع ڪيو، منهنجي دل جو ڌڙڪو تيز ٿي ويو، خوف ۾ اکيون بند ڪري ڇڏيم.