3
”پنهنجي مٿي تي هيلمٽ پايو،“ مون سامهون پيل چاندي جو هيلمٽ کڻي مٿي تي رکيو، وري ٻيو آواز آيو:
”اسان اڏام ڀرڻ لاءِ تيار آهيون، 5....4....3....2.......1....“ ۽ پوءِ هڪ جهٽڪو آيو، جنهن بعد اسپيس شپ اڏام ڀري. جئين اسان زمين جي حد ٿوري ٻاهر نڪتاسين ته ننڍڙين درين منجهان وڏن ڪارن ۽ ناسي پٿرن، لوهه، تارن وغيره کي هوا ۾ اڏامندي ڏٺو.
لڳ ڀڳ ڇهه مهينن جي اڏام کانپوءِ اسان کي ٻڌايو ويو ته ايندڙ ڇهن يا اٺن مهينن ۾ موهن جو دڙو امن ريجمنٽ ٽارگيٽ جي رينج ۾ هوندي ۽ ڪنهن به وقت جنگ شروع ٿي ويندي.
اسپيس شپ تي مونسان گڏ واري سيٽ تي ميڊم اڇبا جي 19 سالن جي وڏين نيرين اکين واري ڌيءَ ويٺل هئي، پهريان ڪجهه ڏينهن هوءَ نخرا ڏيکاريندي رهي، پر پوءِ اسان دوست ٿي وياسين، گڏ مستي مذاق ۽ کل ڀوڳ ڪرڻ لڳاسين. سندس نالو جيسمين آهي ۽ چيلهه جيڏن ڳاڙهن وارن کي جهٽڪي سان پٺيان ڪرڻ جي عادت اٿس. هوءَ جيومينٽري، فزڪس ۽ ڪيمسٽري ۾ ماهر آهي ۽ اڪثر اسان کي ڪاڊريٽڪ ايڪويشن ۾ موجهائيندي رهندي آهي.
اسپيس شپ جي وڏي حصي مٿان هڪ اسڪرين لڳل آهي، اوچتو اسڪرين جهٽڪي سان روشن ٿي ۽ ان منجهان اميءَ جو مرڪندڙ چهرو ظاهر ٿيڻ لڳو، مون غور سان اسڪرين ڏانهن ڏٺو، سڀني جو ڌيان اسڪرين ڏانهن ڇڪجي ويو. امي نرم لهجي ۾ ڳالهايو:
”اسان دشمن جي تمام ويجهو پهچي چڪا آهيون ۽ جلد ئي حملو ڪري ڏينداسين، امن فورس جي هر سپاهي کي هاڻي کان ڏکين حالتن لاءِ تيار رهڻو پوندو، موهن جو دڙو امن ريجمنٽ جلدي اوهان سڀني کي خوشخبري ٻڌائيندي، ايتري ۾ ٻاهران کان هڪ وڏو ٽڪاءُ ٿيو ۽ اسڪرين بند ٿي وئي. رني ڪوٽ امن ريجمنٽن جي سڀني اسپيس شپن تي سائرن وڄڻ لڳا، جيڪو ان ڳالهه جي اطلاع هو ته ڪالاباب ۽ سندس فوج سان باقائدا جنگ شروع ٿي چڪي آهي. خلا ۾ هر طرف سائيون ۽ ڳاڙهيون ليزر بيمون هلڻ لڳيون، ٻنهي ريجمنٽن وٽ ڪاسمڪ اينرجي منجهان ٺهيل اڇي روشني جي ليزر بيم هئي، جنهنجي هڪ بيم دشمن جي چار شيٽلن کي اک ڇنڀ ۾ تباهه ٿي ڪري سگهي، پر ٻنهي ريجمنٽن وٽ هي توانائي رڳو هڪ ڪنستر جيتري هئي. ان ڪري پهريان سائين ليزر بيمن سان حملو ڪيو ويو، جڏهن ته دشمن موهن جو دڙو امن ريجمنٽ تي ڳاڙهيون ليزر بيمون وسائيندو رهيو. ليزر هلڻ سبب خلا ۾ گرمي وڌڻ لڳي، جنهن جو اثر ڌرتي تي پڻ پيو.
هڪ ڏينهن وري اسڪرين جهٽڪي سان کلي ۽ اميءَ جو چهرو ظاهر ٿيو، پر هن ڀيري سندس چهري تي مرڪ بدران پريشانيءَ جا اثار نظر آيا. اميءَ هوريان ڳالهايو:
”امن فورس جا سپاهيو، موهن جو دڙو امن ريجمنٽ دشمن جي وڏي نفريءَ کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي، ان کي تباهه ڪرڻ لاءِ اسان ليزرن سان گڏ ڪاسمڪ اينرجي جو پڻ استعمال ڪيو، جنهن جي ڪري هاڻي اسان وٽ ڪاسمڪ اينرجي جو ذخيرو ختم ٿي چڪو آهي، اسان جي اطلاعن موجب دشمن جون باقي ڪجهه ئي اسپيس شٽلون بچيون آهن، جن کي به جلد ئي تباهه ڪري اسان ڌرتيءَ ڏانهن ورنداسين.“ اهو ٻڌي اسان سڀني ڪوڪون ڪيون ۽ سيٽيون وڄايون.
”پر اوهان کي ڏک وچان اهو ٻڌائجي ٿو؛“ امي وري ڳالهايو ته خاموشي وئي: ”موهن جو دڙو امن فورس جون پنج شٽلون مڪمل تباهه ٿي چڪيون آهن. جڏهن......“ امي اڃا اهو مس چيو جو سندس شٽل تي هڪ وڏو ڌماڪو ٿيو، جنهن جي ڪري اسڪرين ڪاري ٿي وئي.
”امي.....“ مونکان اوچي رڙ نڪري وئي، من اندر جي اڻتڻ وڌڻ لڳي، اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون، هر هر اميءَ جي ياد اچڻ لڳي، ڪنهن به شيءَ ۾ دل نٿي لڳو، من ۾ آيو ته هي سڀ ڪجهه تباهه ڪري ڇڏيان، بيلٽ ۾ لڳل ليزر راڊ ڪيترا ئي ڀيرا ڪڍي وري رکي ڇڏي.
هڪ ڀيرو ٻيهر اسڪرين جهٽڪي سان کلي، سڀني جو ڌيان ان ڏانهن ويو. ان ڀيري اسڪرين تي اميءَ بدران ميڊم اڇبا جو چهرو ظاهر ٿيو، پريشانيءَ جي ڪري سندس چهرو هيڊو نظر آيو.
”آئون؛“ هن ڳيت ڏئي پريشاني لڪائيندي ڳالهايو: ”اڇبا سين رني ڪوٽ امن فورس ريجمنٽ جي ڪمانڊر، امن فورس جي سڀني سپاهين کي افسوس سان اها ڄاڻ ٿي ڏيان ته موهن جو دڙو امن ريجمنٽ دشمن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪاسمڪ اينرجي جو استعمال ڪيو، هي تمام طاقتور توانائي آهي جنهن جو حد کان وڌيڪ استعمال شين جي توازن کي بگاڙي ڇڏيندو آهي، ان ڪري اسان کي هن توانائي کي احتحاط سان استعمال ڪرڻ جون هدايتون مليل هيون، پر دشمن جي وڏي نفري کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪاسمڪ اينرجي جو استعمال ضروري ٿي پيو، دشمن ته ختم ٿي ويو پر ان جي ڪري خلا توڙي ڌرتيءَ ۾ اڻ برابري پيدا ٿي پئي. هيڊڪائوٽر کان زمين تي شديد قسمن جي زلزلن ۽ ٻوڏن جو اطلاع پڻ ملي رهيو آهي.“ ميڊم اڇبا ڳالهائڻ بس ڪري ڳيت ڏني.
”ڪجهه عرصو اڳ؛“ هن وري ڳالهايو: ”جڏهن امن فورس جي ڪمانڊر ميڊم هيبا يوسف اوهان سان خطاب ٿي ڪيو، ان دوران هڪ ڏاڍي وڏي ۽ مظبوط ڇپ سندن شٽل سان ٽڪرائي، جنهن جي ڪري اها شٽل مڪمل تباهه ٿي وئي ۽ ڪمانڊر هيبا يوسف سندس ساٿين سان شهيد ٿي وئي.“ اهو ٻڌي منهنجي اکين منجهان پاڻمرادو ڳوڙها وهي آيا ۽ خاموش سڏڪا ڀرڻ لڳس.
”هن جنگ؛“ ميڊم اڇبا جو آواز ڪنن تي پيو: ”۾ اوهان سڀني پنهنجو ڪردار خوب نباهيو. جنگ ختم ٿي چڪي آهي، امن فورس کي فتاحيابي ملي آهي، اسان ڪالاباب جي فوج کان ڌرتيءَ کي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهيون ۽ هاڻي ڌرتيءَ ڏانهن واپس وري رهيا آهيون، پر ياد رکو سفر دوران اڃا به ڪئي اڻوڻندڙ واقعا پيش اچي سگهن ٿا. ان ڪري سڀني شٽل ڪمانڊرن کي هدايت ڪجي ٿي ته هو ڌيان سان شٽلن جو رخ ڌرتي ڏانهن موڙئين، خلا ۾ ڪيتريون ئي ڇپون اوهان جي شٽلن ڏانهن تيزي سان اينديون، انهن سان ٽڪر وڏو نقصان رسائي سگهي ٿو.“ اسڪرين بند ٿي وئي. آئون ڪرسيءَ کي ٽيڪ ڏئي، اکيون بند ڪري اميءَ کي ياد ڪرڻ لڳس.