ناول

امن لاءِ اتحاد

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”امن لاءِ اتحاد“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هن سائنسي افساني جو ليکڪ ناميارو ليکڪ ڪليم ٻُٽ آهي.
  • 4.5/5.0
  • 1547
  • 708
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڪليم ٻُٽ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book امن لاءِ اتحاد

4

اسان زمين کان ڏهن مهينن جا فاصلي تي هئاسين جو هڪ ڀيرو ٻيهر اسڪرين تي ميڊم اڇبا اعلان ڪيو:
”ڊاڪٽر يارڪ ۽ سندس ٽيم ٽامي ۽ فائبر آپٽڪس منجهان ڌاتو ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪا آهن ۽ تمام جلد خلا ۾ ڌرتيءَ جي سرحدن جي حفاظت لاءَ اها چادر وڇائي ويندي، جنهن کانپوءِ ڪڏهن به ڪا بربادي جي ٻاهرين قوت ڌرتي کي ختم نه ڪري سگهندي.“ اسان جي شٽل جون اندريون لائٽون بند ٿي ويون، اسان سمهڻ جي تيارين ۾ هئاسين جو هڪدم هڪ وڏي ٽڪاءُ سان اسان جي شٽل لڏي وئي، اسان ڪنهن ڇپ سان ٽڪرايا هئاسين. هر طرف ڀڄ ڊڪ شروع ٿي وئي، شٽل تي رڙين جا آواز پڻ ٿي ويا، سڀني کي اهو ئي هو ته هاڻي اسان به موت جي منهن ۾ اچي ويا آهيون، هاڻي زمين تي زندهه سلامت نه پهچي سگهنداسين، شٽل کي جهٽڪا آيا ته سڀ ڪرسين تان لوهي فرش تي اچي ڪريا. اسان جي شٽل جو ڪمانڊر ميجر راڪيش پڻ پريشان ٿي ويو، ڌڪ لڳڻ ڪارڻ شٽل جو هڪ پاسو مڪمل چٻو ٿي ويو. اسان سڀني کي سهي پاسي ۾ ويهاريو ويو، جنهن سان شٽل جو توازن بگڙي ويو ۽ هر هر جهٽڪا لڪڻ لڳا. جيسمين کي حڪم ڏنو ويو ته هوءَ مٿاميٽڪل فارمولا جوڙي. ٻي پاسي ميجر راڪيش فزڪس جي نظرين موجب توانائي بچائڻ ۾ لڳي ويو. شٽل جو فيول تيزي سان ختم ٿيڻ لڳو. اسان وٽ باقي ڇهن مهينن جو فيول بچل ڏيکاريو ويو، جنهن کانپوءِ شٽل پاڻمرادو تباهه ٿي ويندي. زمين اسان کان اڃا به ڏهه مهينا ڏور هئي. توانائي بچائڻ لاءِ هاڻي شٽل تي هر وقت اونداهي رهڻ لڳي. جيسمين بنا اک ڇڀڻ جي فارمولا جوڙيندي ۽ ڊاهيندي رهي، اسان سڀ همت هاري ويٺاسين. هوءَ هڪدم سندس جاءَ تان اٿي ۽ ڀڄندي ڏاڪڻون چڙهي ڪنٽرول روم ۾ وئي. اسان حيرت سان هن کي ۽ ڪمانڊر راڪيش کي بحث ڪندو ڏسندا رهياسين. نيٺ هو ٻئي ان ڳالهه تي راضي ٿيا ته شٽل جي رفتار روشني جي رفتار کان ٻيڻي ڪئي وڃي. ٻئي پاسي اها خبر ملي ته اسان جي شٽل خلا ۾ امن فورس جي آخري شٽل آهي، باقي شٽلون خيرت سان زمين تي پهچي ويون آهن. شٽل تي هر وقت خطري جا سائرن وڄندا ٿي رهيا. جئين ئي شٽل جي رفتار تيزي ڪئي وئي ته فيول پڻ تيزي سان ختم ٿيڻ لڳو ، جنهن جي ڪري سٽل جي ڇت ۾ ڏار پوڻ لڳا، ميجر راڪيش به پريشان رهڻ لڳو، پر ڪمانڊ برقرار رکيائين. فيول جي گهٽتائي سبب خطري جا سائرن تيزي سان وڄڻ لڳا.
اسان وٽ باقي 15 ڏينهن جو فيول بچيو، جڏهن ته زمين اسان کان ٽن مهينن جي ڏوري تي هئي، جيسمين جا سمورا فارمولا ناڪام ٿي ويا، هوءَ به همت هاري ويهي رهي، شٽل جو تباهه ٿيڻ يقيني ٿي پيو. سڀ خاموشي سان ويهي ايندڙ موت جو انتظار ڪرڻ لڳاسين. جيسمين منهنجي پاسي کان اچي ويٺي، اسان هڪ ٻئي سان نه ڳالهايو، هوءَ ڏنڊي کي ٽيڪ ڏئي اکيون بند ڪيو ويٺي رهي.
ميجر راڪيش ڪنٽرول روم کان نڪري ڏاڪڻن تي اچي بيٺو ۽ ڳالهايائين، سڀني جو ڌيان هن ڏانهن ويو:
”هن شٽل جي حفاظت منهنجي ذميواري آهي ۽ جيستائين منهنجي جسم ۾ جان آهي، آئون شٽل کي بچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندس، هيڊ ڪائوٽر سان اسان جو رابطو ٽٽي چڪو آهي، اهو پڻ ممڪن آهي ته هاڻي اسان هيڊ ڪائوٽر جي لسٽ ۾ زندهه نه هجون، پر اوهان سڀ همت نه هاريو.“ منهنجي نظر ميجر جي ڳيچي ۾ لڙڪندڙ نيري رنگ جي ڪيپسول ڏانهن وئي، ان ۾ ڪنهن نيري رنگ جي شيءَ جو ذرڙو پاڻياٺي مادي ۾ تري رهيو هو، اهو ذرو چمڪيلو هو ۽ ان منجهان شعائون ٿي نڪتيون. مون جيسمين کي ٺوٺ هڻندي پڇيو:
”ميجر صاحب جي ڳيچي ۾ ڇا پيو لڙڪي؟“ جيسمين ميجر ڏانهن ڏسي لاپرواهي ۾ چيو:
”اينٽي ميٽر.“
”اهو ڇا ٿيندو آهي؟“ حيرانيءَ منجهان پڇيم.
”مادي جي مخالف قوت،“ هن ٿڌو ساهه ڀريندي چيو. سائرن جي آواز تي هوءَ چپ ٿي وئي ۽ پوءِ چيائين:
”سائنسدانن جي خيال موجب اينٽي ميٽر ئي بگ بينگ (هڪ تمام وڏو ڌماڪو جنهن کانپوءِ هي ڪائنات وجود ۾ آئي) جو ڪارڻ آهي. هڪ اهڙي طاقت جيڪا ڪنهن به مادي سان ٽڪرائجندي ته هڪ تمام وڏو ڌماڪو ٿيندو، جنهن جي نتيجي ۾ سڀ ڪجهه ختم ٿي سگهي ٿو، ان جي هڪڙي ڦڙي ۾ 25 نيوڪلر بمن کان وڌيڪ طاقت آهي، اينٽي ميٽر جو ذڪر ڊين برائون سندس ڪتاب ”اينجلز اينڊ ڊيمنز“ ۾ به ڪيو آهي.“ جيسمين خاموش ٿي وئي. آئون اينٽي ميٽر جي طاقت بابت سوچڻ لڳس، اوچتو منهنجي پينٽ جي کيسي ۾ پيل ايلڪٽرانڪ پين ٽين.....ٽين....ٽين..... ڪرڻ لڳي. مون ڇرڪ ڀريو، جيسمين جي ڪنن تي به اهو آواز پيو، هن مونکي ڏسي اکيون ٻوٽي ڇڏيون. مون پينٽ جي کيسي منجهان پين ڪڍي هٿ جي تري تي هنئين، ان منجهان ڳاڙهي روشني نڪتي، هٿ جي تريءَ تي نيرو ڪيپسول ٺهي پيو. پين منجهان ٻئي شڪل نڪتي، جنهن ۾ اهو اسارو هو ته اينٽي ميٽر کي اهڙي نموني استعمال ڪجي جو اهو ڪنهن به مادي سان نه ٽڪرائي ۽ اسان کي توانائي پڻ ڏئي. پين موجب نيرو پاڻي اينٽي ميٽر جي شڪل آهي، جنهن ۾ اهو نيرو ڪيپسول ترندو ۽ ڪنهن به شيءَ سان نه ٽڪرائجندو. مون جيسمين کي ٺوٺ هنئي، هن اکيون کولي مون کي ڏٺو.
”ڇا اسان اينٽي ميٽر کي توانائي لاءِ استعمال نٿا ڪري سگهون؟“
”تون چريو ٿي ويو آهين،“ هيڊي بيجان مرڪ مرڪي طنز ڪندي چيو. مون سندس هٿ جي تري پڪڙي پين منجهان نڪرندڙ شڪل کيس ڏيکاري. هوءَ پين مونکان وٺي ڪنٽرول روم ڏانهن ڀڳي، آئون به حيرانيءَ منجهان اٿي هن جي پٺيان ڀڳس، ايتري ۾ سائرن وڳو ۽ آواز آيو:
”فيول ختم ٿيڻ تي آهي.“
جيسمين، ميجر راڪيش سان ٻيهر ۾ بحث ۾ لڳي وئي، آئون وائڙن جيان ٻنهي کي ڏسندو رهيس، ڇت جو هڪ حصو اچي فرش تي ڪريو. اسان ٻاهران کان فورس جو رڙيون ٻڌيون.
”اسان وٽ پيو ڪو به چارو نه آهي،“ جيسمين راڪيش کي چيو.
”پر هن ۾ تر جيتري غلطي يا لاپرواهي سڀ ڪجهه تباهه ڪري ڇڏيندي.“ ميجر راڪيش احتجاج ڪندي چيو.
”ٺيڪ آهي پوءِ اسان سڪون سان ويهي موت جو انتظار ٿا ڪريون،“ جيسمين ڪاوڙ منجهان چيو. اسان ڪجهه پل خاموش بيهي هڪ ٻئي کي ويران نظرن سان ڏسندا رهياسين، وري هڪ ٻيو حصو ڇت تان ڪريو. هن ڀيري ميجر سندس ڳيچي ۾ لڙڪندڙ ڪيپسول لاهي ورتو، سندس منهن پگهر سان ڀرجي ويو، هن پگهر صاف ڪري منهنجي پين جو نيرو پاڻياٽي حصو الڳ ڪيو ۽ وڏو ساهه کڻي چيائين:
”هي سڀ اسان کي احتحاط سان ڪرڻو پوندو.“ ۽ ڪيپسول زنجيري کان الڳ ڪيو. ميجر جئين پين جي کليل حصي ڏانهن ڪيپسول وڌايو، سندس هٿ ڏڪڻ لڳا ۽ اکيون بند ڪري ٿڌو ساهه ڀريائين. مون سندس ڪلهي تي هٿ رکندي چيو:
”ميجر صاحب همت ڪريو هي ڪم رڳو اوهان ئي ڪري سگهو ٿا.“ هن اکيون کولي ويران نظرن سان اسان کي ڏٺو ۽ پوءِ هوريان چپن ۾ ڪجهه ڀڙڪيائين، هوريان نيري حصي کي ڪيپسول جي ويجهو ڪيائين، نيري مواد ڪيپسول کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو، هڪ پل لاءِ شٽل تي موجود هر شيءَ لوڏي وئي، ڪيپسول نيري رنگ ۾ ترڻ لڳو، ميجر راڪيش سک جو ساهه کنيو. اسان ٽئي شٽل جي فيول ڪِٽ ڏانهن ڀڳاسين، ان ڪِٽ ۾ ڪيترائي ساڪٽ هئا، جن منجهان هڪ ساڪٽ پين جي سائز جو نظر آيو. ميجر صاحب تڪڙ ۾ پين جو حصو ان ساڪٽ ۾ وڌو، شٽل تي عجيب آواز پيدا ٿيو ڄڻ واڇوڙو اچي ويو هجي، جنهن جي ڪري سڀ ڇرڪجي ويا. ميجر راڪيش هڪ هڪ ڪري سڀ سُچ ۽ ليور هيٺ ڪيا، وري به ساڳيو ئي آواز آيو، اسان ٽنهي هڪ ٻئي کي ويران نطرن سان ڏٺو، ان پل شٽل جون سموريون روشنيون ٻري پيون، فيول پنهنجي مقدار کان ايترو وڌيڪ جو اسان اڃا به خلا ۾ پنج سو سالن جو سفر ڪري ٿي سگهياسين. شٽل جون ڪجهه بند پيل انجنون چالو ٿي ويون. ڪمپيوٽر سسٽن هلڻ لڳا ۽ ڌرتيءَ اسان جي هيڊ ڪائوٽر سان رابطو بحال ٿي ويو. اڌ ڪلاڪ کن کانپوءِ اسڪرين جهٽڪي سان کلي ۽ ڊاڪٽر شيام جو مرڪندڙ چهرو ظاهر ٿيو.
”اوهان؛“ هن خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيو: ”سڀني کي ٻيهر ڏسي مونکي سڪون مليو آهي، اوهان زمين جي سرحد کان ڪجهه ئي فاصلي تي آهيو، اسان سڀ اوهان جي آڌرڀاءُ لاءِ تيار بيٺا آهيون.“ اسڪرين بند ٿي وئي. اسان سڀني جي چهرن تي مرڪ اچي وئي ۽ تاڙيون وڄائڻ لڳاسين.

.......20 سالن کانپوءِ.............
ڊاڪٽر يارڪ وارن ڪاميابي سان زمين ٻاهران خلا ۾ حفاظتي چادر وڇائي ڇڏي آهي ۽ ٻئي رٿا تي پڻ ڪم ڪري رهيو آهي. آئون امن سائنٽيفڪ سوسائٽي جو اهم ميمبر ٿي چڪو آهيان. اڄ ڪلهه اسان دنيا ۾ وڌ کان وڌ فصل پيدا ڪرڻ لاءِ تحقيق ڪري رهيا آهيون، جئين ڪوبه انسان بک جي ڪري نه مري. منهنجي خيال ۾ بک پڻ امن لاءِ وڏو خطرو آهي.
مون پنهنجي پاڙيسري عطيا سان شادي به ڪري ڇڏي. هوءَ حد کان وڌيڪ مذهبي آهي ۽ منهنجي سائنسي تحقيق تي هر ڀيري چوندي آهي:
”تون قدرت جي ڳجهن ۾ هٿ ٿو وجهئين، ڪٿي قدرت توکي سزا نه ڏئي.“ انهن ڳالهئين تي آئون سواءِ کلڻ جي ٻيو ڪجهه به نه ڪري سگهندو آهيان.
ها ٻئي ڳالهه منهنجو پٽ يوسف 17 سالن جو ٿي چڪو آهي، ڪالهه هن منهنجي لائبرري منجهان ڳالهائيندڙ ڪتاب کڻي کوليو. ڀانيا ٿو اهو ڪتاب سندس زندگي به تبديل ڪري ڇڏيندو.