2
”مهرباني ڪري روبوٽ جي اک واري حصي ۾ پنهنجي پين وجهو، مون چورس منهن ڏانهن ڏٺو اکين بدران ٻه ڳڙکا ڏسڻ ۾ آيا، هڪدم منهنجي پينٽ کي کيسي منجهان ٽين.... ٽين....ٽين.... جو آواز آيو. مون پين ڪڍي ورتي، جنهن ۾ نيري روشني پيدا ٿي چڪي هئي. پين روبوٽ جي ساڄي اک ۾ وڌم، ان منجهان هڪ اڻوڻندڙ آواز نڪتو، ٻئي هٿ ڪنن تي رکيم، ٻئي لمحي عمارت جي هر ڪنڊ منجهان آواز اچڻ لڳو:
”ڪمانڊر يوسف...... ڪمانڊر يوسف....... ڪمانڊر يوسف......“ شيشي جا سمورا اٺ ڪنڊا در هڪ ئي جهٽڪي سان کلي ويا، آئون ڦاٽل وات سان هي سمورو منظر ڏسندو رهيس. فرسٽ فلور جي گيلري ڏانهن نظر وئي، ان ۾ 12 مرد ۽ 8 عورتون ٻيٺل ڏسڻ ۾ آيا. کاٻي پاسي کان ٽئين عورت امي هئي. مون حيرت منجهان امي کي ڏٺو.
”افنان....“ امي پريشاني منجهان منهنجو نالو کنيو. مرد ۽ عورتون تڪڙن قدمن سان لسن ڏاڪن تان هيٺ لهي آيا. 65 سالن جي هڪ سانورو مرد، جنهن جي مٿي ۽ ڏاڙهيءَ جا وار ڪپهه جيان اڇا ۽ نرم هئا، اڳيان وڌيو ۽ پوڙهو ڏڪندڙ هٿ مون ڏانهن وڌائيندي مرڪي چيائين:
”يقين نٿو اچي ته 17 سالن کانپوءِ ڪمانڊر يوسف جو پٽ اسان جي سامهون بيٺو آهي، ائين پيو لڳي ڄڻ پاڻ ڪمانڊر يوسف واپس اچي ويو هجي، اهي ئي نقش، اهي ئي وار.....“ ان کانپوءِ امي کي ڇڏي سڀ مرد توڙي عورتون مونسان هٿ ملائڻ لڳا، سندن چهرن تي پرسڪون مرڪ هئي،. جنهن بعد هو مونکي پاڻ سان گڏ ڪري فرسٽ فلور تي ميٽنگ هال ۾ وٺي آيا. هي هڪ وڏو بند هال هو، جنهن ۾ شيشي جي وڏي ميز ۽ ڪرسيون پيل، روشني گهٽ، شيشي جي بت تي وڏي اسڪرين لڳل، ان تي برباديءَ جي طاقتن جون سازشون فلمي صورت ۾ ٿي هليون، پرئين ڪنڊ ۾ هڪ ليپ ٽاپ رکيل جيڪو پاڻمرادو آپريٽ ٿي ٿيو.
ان پوڙهي، جنهن جو نالو ڊاڪٽر شيام هو ۽ جيڪو امن جي لڪل سماج جو جنرل پڻ هو، مونکي پنهنجي پاسي کان ويهاريو ۽ پوءِ حڪم ڏيندي چيائين:
”ڊاڪٽر يارڪ اوهان پنهنجي ڳالهه جاري رکو.“ ساڄي پاسي کان 40 يا 45 سالن جو هڪ گنجو شخص، جنهنجي ٽڪڻ چمڪي ٿي، رنگ جو اڇو، ويڪرو سينو ۽ ڀريل ڏورا هوس، اٿي بيٺو، کيس ڪاري رنگ جو ٽو پيس سوٽ پهريل، ساڄي هٿ جي وچئين آڱر ۾ سوني جو ڇولو، تيز ڳاڙهي رنگ جي ٽاءِ کي سڌو ڪري کنگهي انگريزي ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيائين ته هر ڪنهن ڪنن تي ڪاري هيڊفون پاتي، جئين سندس ڳالهه هنن جي مادري زبانن ۾ ترجمو ٿي سگهي، هن چيو:
”امن جي رکوالي ڪندڙ منهنجا عظيم ساٿيو، هن گڏجاڻي ۾ اوهان سڀني کي ڀليڪار،“ سڀني هاڪاري ۾ ڪنڌ لوڏيو، هن وري ڳالهايو:
”ڪجهه عرصي کان بربادي جي طاقتن وري هن ڌرتي جي امن خلاف سازشون ڪرڻ شروع ڪيون آهن ۽ اڄ اسان کي اهڙا اشارا مليا آهن جن منجهان پتو پئي ٿو ته بگنان نالي مخلوق، جيڪا اڄ کان پهرئين، پنهنجي ايجنٽن وسيلي هن ڌرتيءَ جو امن تباهه ڪندي آئي آهي، هاڻي ڪالاباب جي سربراهي ۾ اهو فيصلو ڪيو آهي ته زمين تي حملو ڪري وڏي پيماني تي تباهي مچائي، هتي ياد ڏياريندو هلان ته،“ هن وڏي اسڪرين ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته سڀني اسڪرين ڏانهن ڏٺو، مون پڻ اسڪرين ڏانهن ڏٺو، ان تي ڊائناسور جي دور جا ڏيک هلڻ لڳا، وڏا جانور پاڻ ۾ ئي ٿي وڙهيا. ڊاڪٽر يارڪ ڳالهايو:
”هزارين سال اڳ جڏهن هن ڌرتيءَ تي ڊئناسور رهندا هئا، ڪالاباب فوج سميت هنن تي حملو ڪري سندن نسل ختم ڪري ڇڏيو، هاڻي هو انساني نسل ختم ڪرڻ جا خواب ڏسي رهيا آهن. اڄ منجهند 3:00 ۽ 4:00 لڳي جي وچ آسمان مڪمل ڪارو ٿي ويو ۽ ڪالاباب جي فوج ڌرتيءَ کان هاڻي رڳو خلا ۾ 56 لک ڪلوميٽر پري آهي. جنهن جو مطلب ايندڙ پنجن سالن اندر هو ڌرتيءَ ۾ داخل ٿي حملو ڪري وٺندا.“ هڪ لمحي لاءِ خاموشي ٿي وئي، اسڪرين تي پاڻمرادو تصوير مٽجي وئي، هن ڀيري وڏين اکين ۽ وڏين ڪنن واري ڪنهن شخص جي تصوير هئي، اهو شخص زنجيرن ۾ جڪڙيل هو. سندس بت تي هڪ به وار نه هو، منهنجي لاءِ وڌيڪ حيرت جي ڳالهه اها هئي ته کيس ڀرون ۽ پنبليون به نه هيون.
”ٻه سال اڳ؛“ ڊاڪٽر يارڪ ليزر لائيٽ سان تصوير ڏانهن اشارو ڪندي چيو: ”جڏهن اسان امن جي لڪل سماج وارن گڏجاڻي ڪئي هئي ته ان ۾ اسان ڪالاباب جي ايجنٽ زمرو جي گرفتاري جو ذڪر ڪيو هو، جنهن اهو انڪشاف ڪيو ته ڪالاباب ڌرتيءَ تي حملو ڪرڻ لاءِ فوج گڏ ڪري رهيو آهي. ان گڏجاڻي ۾ اسان اهو فيصلو ڪيو هو ته ڌرتيءَ جي حفاظت لاءِ خلا ۾ هڪ اهڙي چادر وڇائي وڃي، جنهنجي ڪري ڪابه ٻاهرين مخلوق ڌرتي ۾ داخل نه ٿي سگهي، ان ڪم جي ذميواري مون مٿان رکي وئي هئي، مون سموري دنيا جي سائنسدانن سان هنگامي بنيادن تي گڏجاڻيون ڪيون، جنهن کانپوءِ اهو نيجو مليو ته اسان ٽامي ۽ فائبر آپٽڪس کي ملائي هڪ اهڙو ڌاتو ٺاهي ڌرتي جي گولائي ۾ خلا اندر حفاظتي چادر وڇائي سگهون ٿا جنهن جي ڪري ڪا به ڌرتي کان ٻاهر جي مخلوق هن گولي ۾ داخل نه ٿي سگهندي، ان گڏجاڻي جي ڇهن مهينن اندر مون لڪل سماج آڏو ان رٿا جي فزيبلٽي رپورٽ پڻ پيش ڪئي. جڏهن ته ڊاڪٽر شيام مشورو ڏنو هو ته جينٽڪس جي مدد سان اهڙا جيت تيار ڪيا وڃن، جيڪي انساني جسم تي ويهن ته انسانن منجهان ويڙهه ۽ تباهڪاري وارا جذبا ختم ٿي وڃن، جئين حفاظتي چادر کانپوءِ انسان پاڻ ويڙهي تباهه نه ٿين، اها رٿا پڻ منهنجي حوالي ڪئي وئي. هنن ٻنهي رٿائن تي تيزي سان ڪم هلي رهيو آهي ۽ انهن کي پورو ٿيڻ ۾ اڃا به ڏهه سالن جو وقت لڳي ويندو، يعنيٰ ڪالاباب جي فوجن جي ڌرتيءَ ۾ داخل ٿيڻ کان ٻيڻو عرصو. جيڪڏهن هڪ ڀيرو ڪالاباب جي فوج ڌرتي ۾ داخل ٿي وئي ته ان کي روڪڻ ناممڪن ٿي ويندو.“ ڊاڪٽر يارڪ ڳالهائڻ بس ڪري سيٽ تي ويهي رهيو، هال ۾ سس ڦس شروع ٿي وئي.
”ان جو مطلب اهو آهي؛“ ڊاڪٽر شيام بنا اٿئي ئي ڳالهايو، سس ڦس ختم ٿي وئي ۽ سڀ کيس غور سان ٻڌڻ لڳا: ”ڪالاباب جي فوج کي خلا ۾ ختم ڪرڻ لاءِ اسان به امن لاءِ اتحاد ڪري پنهنجي فورس جوڙيون.“ هال ۾ هڪ پل لاءِ خاموشي اچي وئي. ڊاڪٽر شيام وري ڳالهايو:
”جئين ته ڪمانڊر يوسف اسان کي فوج ٺاهڻ جو هڪ بهترين فارمولو ڏنو هو، جنهن ۾ 16 سالن کان 20 سالن تائين جا نوجوان سپاهي ڀرتي ڪرڻ جو ذڪر آهي، جئين خلا جي ٽائيم ۽ ڌرتيءَ جي ٽائيم واري فرق ۾ اسان جي فوج جي همت ۽ ويڙهه جي سگهه ڇڏائجي نه وڃي، پر افسوس جو امن لاءِ وڙهندڙ اهڙي ڪابه فورس اسان نه جوڙي سگهيا آهيون، اسان اڳ به ڪيترائي ڀيرا ڪوشش ڪري چڪا آهيون، پر هر ڀيري ڪالاباب جا ايجنٽ ڪنهن نه ڪنهن نموني ان فوج ۾ ڀرتي ٿي اسان کي نقصان رسائيندا رهيا آهن. جنهن کانپوءِ اسان اهو فيصلو ڪيو هو ته امن فورس ٺاهڻ بدران اسان ڪالاباب کي پنهنجي ذهن، علم، ڏاهپ ۽ سائنسي ايجادن سان شڪست ڏينداسين، عدم تشدت کان بهترين هٿيار ٻيو ڪوبه نه آهي. پر چالاڪ ڪالاباب زبردستي اسان تي جنگ مڙهي رهيو آهي ۽ اها پڻ حقيقت آهي ته امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن وڙهڻو پوندو آهي. اسان وٽ اڍائي سالن جو وقت آهي ته هڪ اهڙي امن فورس تيار ڪريون جيڪا خلا ۾ وڃي ڌرتيءَ جي سرحدن جي حفاظت ڪري.“ ڊاڪٽر شيام ڳالهائڻ بس ڪيو.
”پر؛“ اميءَ اعتراض ڪندي ڳالهايو: ”هڪ ڀيرو جيڪڏهن اها تيهه اچي وئي ته امن فورس خلا منجهان ڌرتيءَ ۾ ڪئين داخل ٿيندي؟“ امي جو سوال وزنائتو هو. ڊاڪٽر شيام ڪجهه گهڙيون سوچڻ کانپوءِ چيو:
”امن فورس جو اهو ئي مشن هوندو ته هو جلد کان جلد ڪالاباب ۽ سندس فوج کي شڪست ڏئي موٽي اچن، جيڪڏهن اهو نه ٿيو ته ڌاتو جي تيهه اچڻ کانپوءِ سو سالن تائين ڪابه ٻاهرين شيءَ زمين ۾ داخل نه ٿي سگهندي، ان ڌاتو ۾ اهڙي توانائي رکي ويندي جيڪڏهن ڌرتيءَ جي ٻاهران ڪابه شيءَ ان جي ويجهي آئي ته تباهه ٿي ويندي، ها باقي سج جي روشني ان جي آر پار اچي سگهندي.“ ان کانپوءِ ڪنهن به نه ڳالهايو، ٻن منٽن کانپوءِ ڀت ۾ لڳل شيشي جا ٻه در کلي ويا ۽ هڪ ڪٻٽ ظاهر ٿيو. ڊاڪٽر شيام نرم لهجي ۾ ڳالهيو:
”اوهان سڀني کي گذارش آهي ته هن فورس لاءِ پنهنجا رايا امن ڪتاب ۾ درج ڪريو، جئين امن جو هي لڪل سماج ان تي عملي قدم کڻي سگهي.“ سڀني کان پهرئين 55 سالن جي ٿلهي متاري ڪاري چمڙيءَ واري عورت، جنهن جا گهنڊي وار مردن جيان ڪٽيل هئا اٿي ان ڪٻٽ ڏانهن وئي، جئين ئي ان ۾ بيٺي ته شيشي جا در پاڻمرادو بند ٿي ويا. 30 سڪنڊن کانپوءِ وري در کليو اها عورت ٻاهر آئي، ان جي پاسي ۾ ويٺل ڳاڙهن وارن ۽ نيرين اکين واري سنهڙي عورت اٿي ڪٻٽ ڏانهن وئي، ان کانپوءِ امي ڪٻٽ ڏانهن وئي. ائين هڪ هڪ ڪري سڀئي ڪٻٽ ۾ ويا ۽ موٽي آيا. ڊاڪٽر شيام ساڄو هٿ کاٻي تي مهٽينڊي چيو:
”اسان هي هنگامي اجلاس ختم پيا ڪريون، ڊاڪٽر يارڪ کي هيدايت ڪجي ٿي ته هو ٻئي رٿائون جلد کان جلد پورو ڪري.“ گنجي ڊاڪٽر يارڪ هاڪاري ۾ ڪنڌ لوڏيو.
”جڏهن ته هيبا يوسف تي اها ذميواري رکجي ٿي ته هوءَ امن فورس تيار ڪري،“ ڊاڪٽر شيام چيو. اهو ٻڌي مون حيرت منجهان اميءَ کي ڏٺو، هن مرڪي هاڪاري ۾ ڪنڌ لوڏيو.
”اوهان سڀني جي وڏي مهرباني،“ ڊاڪٽر شيام چيو. شيشي جي وڏي ٽيبل پاڻمرادو ٻه اڌ ٿي وئي ۽ ناسي جبها هوا ۾ اڏامڻ لڳا. هر ڪنهن پنهنجو پنهنجو جبهو پاتو ۽ هال کان ٻاهر نڪرڻ لڳو. آئون خاموشي سان اميءَ پٺيان هلندو عمارت کان ٻاهر آيس، ڊاڪٽر شيام، ڊاڪٽر يارڪ ۽ ڪجهه ٻيا گاڏين طرف وڌيا. اسان روڊ تي هلڻ لڳاسين، مون وري گاڏين کي اڏامندي ڏٺو، منهنجي دل هر هر اهو ئي خوف ٿي آيو ته گهر پهچي امي ماري ڇڏيندي، اسان وري انهيءَ مشين وٽ آياسين، اسان الڳ مشينن ۾ بيٺاسين. هن ڀيري مون مٿي ويندڙ تير دٻايو، پيلي روشني سان مشين چالو ٿي وئي ۽ تيزي سان مٿي وڃڻ لڳي، آئون وري امي جي ڪپڙن واري الماڙي ۾ اچي پهتس. اميءَ مونکي ڪجهه به نه چيو. اها سڄي رات مون امن فورس بابت سوچيندي گذاري، هر هر اهو ئي خيال ٿي آيو جيڪر آئون امن فورس جو ڪمانڊر ٿي وڃا، انهن خيالن ۾ ننڊ اچي وئي.