مُهاڳ : غلام حيدر گبول ۽ ادب سنڌ
هتي اها ڳالھ به ٻڌائيندو هلان ته ڪنهن ڪتاب ۾ مون، غلام حيدر گبول جي باري ۾ اهو به پڙهيو هو ته هو آخر ۾ عيسائي ٿي ويو هو. هتان (شايد) حيدرآباد هليو ويو هو، افسوس جو هن وقت اُن ڪتاب جو نالو ذهن ۾ نٿو اچي.
هڪ ڏينهن ڪنهن ناواقف ماڻهو موبائل فون تي ڳالهايو ۽ مونکي چيائين سائين منهنجو نالو شاھ محمد ”دوست“ سومرو آهي، مان گهوٽڪي جي تاريخ تي لکي رهيو آهيان، انهي سلسلي ۾ اوهان سان ملڻ چاهيان ٿو، انهي لاءِ اوهان ٽائيم ڏيو، مون کيس جواب ۾ چيو ته ادا فلحال مان فارغ ناهيان، انشاالله جلد فارغ ٿي ڪري اوهان سان ملندس، اهڙي طرح ان دوست ٻه ٽي دفعا موبائيل فون تي ملڻ لاءِ وقت گهريو. هڪ ڀيري موبائيل فون تي اهو ٻڌايائين ته مان پنهنجي علائقي جي هڪ اديب ”غلام حيدر گبول“ جو لکيل ۽ آڳاٽو ڇپايل ڪتاب ٻيهر ڇپائڻ چاهيان ٿو، تنهنڪري اوهان اهو ڪتاب پڙهي ڪري، انهي ڪتاب متعلق ٻه اکر لکي ڏيو ته جيئن مان اهو ڪتاب جلد ڇپائي سگهان وغيره، مون هن جي واتان اهي لفظ ٻڌي ڪري ڏاڍي خوشي محسوس ڪئي ۽ هن دوست کي ملڻ جو پروگرام ڏنم. ان بعد اهو دوست پنهنجي هڪ ٻئي دوست سان گڏجي ڪري مون سان ملڻ لاءِ منهنجي گهر آيو. هن جي مون سان اها روبرو پهرين ملاقات هئي، تنهنڪري هن مونسان پنهنجو تفصيلي تعارف ڪرايو ۽ مون سان ملڻ لاءِ پنهنجي مقصد کي دهرايائين ۽ ڪتاب ”ادب سنڌ“ جي هڪ فوٽو ڪاپي ۽ هڪ سندس لکيل نوٽ بڪ به ڏنائين، جنهن تي سندس هٿ اکرن اهو ڪتاب اتاري ڪري لکيل هو. ڪجھ وقت راقم سان ڪچهري ڪرڻ ۽ چانھ پيئڻ بعد اهو دوست موڪلائيندي وقت مون کي تاڪيد ڪندي، اهو چئي ڪري هليو ويو ته سائين اهو ڪم جلد ڪري ڏجو، ڇاڪاڻ ته اسان کي اِهو ڪتاب ڇپائي لاءِ جلد ڏيڻو آهي. ڪجھ وقت کان پوءِ مون انهي دوست سان موبائيل فون تي پاڻ رابطو ڪيو ۽ انهي ڪتاب جي مصنف جي سوانح حيات جي باري ۾ معلومات گهري، انهي سلسلي ۾ مان هڪ دفعو انهي دوست سان ملڻ لاءِ ميرپور ماٿيلو به ويس. اهڙي طرح وقت بوقت اِهو دوست موبائيل فون تي راقم کي مصنف جي سوانح حيات متعلق سندس وارثن وٽان مليل معلومات نوٽ ڪرائيندو رهيو،
ياد رکڻ گهرجي ته انهي دوست جو ڳوٺ جروار، انهي ڪتاب جي مصنف غلام حيدر گبول جي ڳوٺ جي بلڪل ويجهو آهي، انهي ڪتاب جي باري ۾ لکڻ کان اڳ ضروري سمجهيو ويو ته هتي ڪتاب جي مصنف غلام حيدر گبول جي سوانح حيات تي روشني وجهجي. تنهنڪري اسان کي انهي دوست وٽان انهي ڪتاب جي مصنف جي باري ۾ جيڪا معلومات حاصل ٿي ۽ انهي سان گڏ انهي ڪتاب جي مطالعي مان به مصنف متعلق جيڪا ڄاڻ ملي سا سڀ هيٺ پيش ڪجي ٿي ته جيئن ڪتاب جي ايندڙ نئين ايڊيشن جي مطالعي دوران پڙهندڙ مصنف جي سوانح حيات کان به واقف ٿي وڃن.
غلام حيدر گبول جي والد جو نالو پهلوان هو، جيڪو ذات جو گبول هو، غلام حيدر سن 1911ع ۾ ڳوٺ مير خان گبول ۾ ڄائو، جيڪو جروار شهر کان ڏکڻ طرف تقريباَ هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي، غلام حيدر وارا پاڻ ۾ پنج ڀائر هئا، پاڻ انهن ۾ چوٿين نمبر تي هو. هن 1931ع ڌاري پنهنجي مائٽن مان شادي ڪئي. هن کي ڪيترو اولاد ٿيو، ان متعلق اسان کي باوجود ڪوشش جي ڪا ڄاڻ حاصل نه ٿي سگهي هن سنڌي فائنل تائين حاصل ڪئي ليڪن اها خبر نه پئجي سگهي ته هِن اِها تعليم ڪٿي يعني ڪهڙن اسڪولن مان حاصل ڪئي، انهي متعلق ايترو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته هن اها تعليم ضرور پنهنجي ڳوٺ يا ڀرپاسي وارن ڳوٺن جي اسڪولن مان حاصل ڪئي هوندي، هن جي لکيل ڪتاب ”ادب سنڌ“ جي مطالعي مان معلوم ٿي ٿو ته هن کي مطالعي جو گهڻو شوق هوندو، انهي متعلق پاڻ پنهنجي انهي ڪتاب جي پهرين ڀاڱي ۾ صفحي 9 ۽ 10 تي لکي ٿو ته:
”مون پنهنجي زندگي جا 37 سال مطالعي ۾ صرف ڪيا، مطالعي لاءِ قدرت مونکي پنهنجي گهر ۾ ابي ۽ ڏاڏي جي ڪتابن جي هڪ ننڍي لائبريري عطا ڪئي، انهي کان سواءِ منهنجي استادن جا ڪتاب ۽ اسڪول جا ڪتاب، اخبارون، رسالا، جي والد بزرگوار گهرائيندو هو، سڀ منهنجي لاءِ مطالعي جو اهم مرڪز هئا، بعض ڏکيا مسئلا آئون پنهنجي بابو جي کان پڇندو هوس، جو بغير ڌمڪائڻ جي سنجيدگي سان مون کي سمجهائي ڇڏيندو هو، تاريخ جي سچائي ۽ تحقيق جو سبق به پهريون مون پنهنجي والد بزرگوار کان سکيو، پنهنجي سنڌي زبان کي شائسته بڻائڻ ۽ انهي کي مڪمل ضابطي هيٺ آڻڻ لاءِ مونکي صاحب عالي جناب تاج محمد صاحب جي گرامر مان بيحد مدد ملي، اهڙي طرح مون پنهنجو وقت مطالعي ۽ تحقيق ۾ خرچ ڪرڻ بهتر سمجهو“.
سندس لکيل مٿئين اقتباس مان معلوم ٿئي ٿو ته سندس گهراڻو جنهن ۾ هن اکيون کوليون سو سٺو لکيل پڙهيل هو. خاص طور تي سندس ڏاڏو ۽ والد صاحب، سندس ڏاڏي ۽ والد صاحب کي به مطالعي لاءِ ڪتاب ۽ رسالن وغيره گڏ ڪرڻ جو شوق هو، جنهنڪري سندس گهر ۾ مطالعي لاءِ هڪ ننڍڙي لائبريري به موجود هئي. هن اقتباس مان اِهو به معلوم ٿئي ٿو ته سندس مُطالعي جي شوق، ادبي ڄاڻ ۽ سکيا ۾ سندس والد صاحب جو وڏو هٿ ۽ ڪردار هو. هن مطالعي جي شوق کي پورو ڪرڻ ۽ تاريخي ۽ ٻي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترن ٿي مشهور مذهبي ۽ تاريخي ڪتابن کي پڙهيو هو، جنهن متعلق پاڻ پنهنجي انهي ڪتاب جي پهرين ڀاڱي ۾ صفحي نمبر 22 تي لکي ٿو ته :
”مون هڪ آزاد محقق وانگر ڪيترا دفعا مهاڀارت ۽ رامائڻ جي عظيم تاريخي حقيقت جو مطالعو نهايت باريڪي سان ڪيو“
جيئن ته مان مٿي لکي آيو آهيان ته مون هن متعلق ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هُيم ته هيءُ آخر ۾ عيسائي ٿي ويو هو ۽ هتان هليو ويو هو، انهي متعلق دوست سومرو کان ڄاڻ ملي ته اهو سندس مٿان بلڪل بهتان هو، جيڪو سندس ئي مائٽن يعني ڀائرن وغيره ملڪيت ڦٻائڻ جي ڪري مٿس هنيو هو، ڇاڪاڻ ته هي آزاد خيال ضرور هو، جنهن جو اعتراف سندس انهي ڪتاب ۾ به جاءِ بجاءِ نظر اچي ٿو، ليڪن نه اسلام جو بلڪل مخالف هو ۽ نه وري سندس عيسائيت سان ڪو پڪو تعلق هو بلڪه سڀني دينن سان درميانه روي وارو رويو رکڻ ۽ مغربي مفڪرن ۽ تاريخدانن جي لکڻين کي وڌيڪ سچو سمجهڻ ۽ لکڻ ڪري ئي مٿس عيسائيت جو الزام آيو ۽ انهي الزام جو هڪ ٻيو سبب، سندس وڏڙن جي حصي مان مليل ملڪيت ڦٻائڻ هو، مائٽن جي انهن الزامن ۽ دست درازين کان تنگ ٿي ڪري هيءُ آزاد خيالي مفڪر ۽ مصنف آخر 1965ع ڌاري هي اباڻو ڪک ڇڏي ڪري، الائي ڪيڏانهن ٻئي هنڌ هليو ويو ۽ اتي ئي شايد وفات ڪيائين جنهن جي اڄ تائين سندس وارثن کي به خبر پئجي نه سگهي آهي ته پاڻ ڪيڏانهن هليو ويو، ڪٿي وڃي رهيو، ڪٿي وفات ڪيائين ۽ سندس مدفن ڪٿي ٿيو وغيره.
راقم جي خيال مطابق غلام حيدر گبول عيسائي ٿيو هو يا نه اها خبر الله تعالي کي باقي سندس لکيل انهي ڪتاب ادب سنڌ جي مطالعي مان هن جي اسلام سان به عدم دلچسپي نظر اچي ٿي، انهي متعلق سندس ئي انهي ڪتاب مان چند مثال پيش ڪري سگهجن ٿا، جيڪي اسان هتي ڏيڻ نٿا چاهيون. غلام حيدر گبول پنهنجي دور جو هڪ سٺو اديب هو. سندس تصانيف جي باري ۾ اسان کي سندس لکيل ۽ ڇپيل فقط ٽن ڪتابن جي ڄاڻ پئجي سگهي آهي. جن مان سندس پهريون ڪتاب ”ادب سنڌ“ آهي جنهن جو تفصيلي تعارف بعد ۾ هيٺ پيش ڪنداسون. هن جو ٻيون ڪتاب ”شادي“ نالي سان آهي جيڪو افسانو يا ڪهاڻي آهي. سندس ٽيون ڪتاب ”وطن جي شام“ جي نالي سان آهي، جنهن جي ڇپائي واري سال ۽ ايڊِيشنز جي خبر پئجي نه سگهي آهي، هي ڪتاب به موضوع جي لحاظ کان افسانو يا ڪهاڻي آهي اُهي ڪتاب محمد يوسف ائنڊ برادرز حيدرآباد وارن جا ڇپايل آهن. ڏسو ڪتاب ” ڇپيل سنڌي ڪتابن جي ببليو گرافي“ 1947ع کان 1973ع انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو صفحو 212 ۽ 213.
هاڻِي هيٺ سندس ڪتاب ”ادب سنڌ“ جو تعارف پيش ڪري رهيا آهيون. هيءُ ڪتاب منهنجي ڄاڻ مطابق ٻه دفعا ڇپيو آهي. هن جو پهريون ڇاپو 1952ع ۾ محمد يوسف ائنڊ پرادرز پبلشرز، بڪ سيلرز اسٽيشنرز شاهي بازار حيدرآباد سنڌ پاران شايع ٿيو. ڏسو ڪتاب ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون ڇاپو پهريون 2009ع“، سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد صفحو 154 انهي ڪتاب جو اهو ڇاپو ڊيمي سائز جي تقريبن 60 يا 61 تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 1959ع ۾ شايع ٿيو. اهو ڇاپو پڻ محمد يوسف ائنڊ برادرز پبلشرز، بڪ سيلرز، اسٽيشنرز شاهي بازار حيدرآباد پاران شايع ڪرايل آهي. هيءُ ڇاپو به ڊيمي سائيز جي 64 صفحن تي مشتمل آهي ۽ فردوس پرنٽنگ پريس آفندي روڊ حيدرآباد مان عبدالرسول شيخ جو ڇپايل آهي.
جئين ته مٿي لکيو آهي ته ڪتاب جي نالي ”ادب سنڌ“ ڪري مون سمجهو هو ته هيءُ ڪتاب سنڌ جي ادب تي لکيل آهي، يعني سنڌ جي ادبي تاريخ آهي ليڪن جڏهن هن ڪتاب متعلق هنن سٽن لکڻ لاءِ انهي ڪتاب جو مطالعو ڪيم ته خبر پئي ته مصنف هيءُ ڪتاب سنڌ جي ادب يا سنڌ جي ادبي تاريخ جي باري ۾ ڪو نه لکيو آهي ۽ نه وري هن ڪتاب ۾ اهڙو مواد شامل به آهي بلڪ مصنف هيءُ ڪتاب صرف ۽ صرف ملڪ جي سياسي تاريخ لاءِ هڪ مصنف کي ڪيئن هئڻ گهرجي ۽ اها تاريخ کيس ڪهڙي طريقي لکڻ گهرجي بابت لکيو آهي.
ڪتاب ۾ مصنف زياده تر زور انهي ڳالهه تي ڏنو آهي ته سياسي تاريخ لکڻ لاءِ مصنف کي متعصب ۽ غير جانبدار، خوشامدڙيو، جانبدار نه هئڻ گهرجي، جڏهن ڪوبه مصنف سياسي تاريخي ڪتاب جانبدار يعني هڪ طرفو متعصب ۽ خوشامدڙيو ٿي لکي ٿو ته لکيل اهو تاريخي ڪتاب جانبدار يعني هڪ طرفو لکيل سمجهو ويندو آهي ۽ ان ڪتاب جي حيثيت نه رهندي آهي ۽ سندس مصنف واري اهميت به گهٽجي ويندي آهي ۽ مشڪوڪ ٿي ويندي آهي. انهي کان علاوه سندس لکيل تاريخي ڪتاب کي اها اهميت به حاصل نه هوندي آهي، جيڪا هڪ غير متعصب ۽ غيرجانبدار مصنف جي لکيل سياسي تاريخ کي هوندي آهي. انهي نظريي جي بنياد تي ئي هن ڪتاب جي مصنف پنهنجي انهي ڪتاب ۾ مشرقي تاريخدانن يعني مشرقي مصنفين جي لکيل زياده تر سياسي تاريخي ڪتابن کي مشڪوڪ تعصب سان ڀريل ۽ جانبدار ڪري لکيو آهي ۽ انهي جي ڀيٽ ۾ مغربي تاريخدانن ۽ مصنفين کي غير متعصب ۽ غيرجانبدار ۽ سچو ڄاڻائيندي، سندن لکيل تاريخن کي بهترين ۽ هڪ سچي ماخذ طور مڃيو آهي. هن پنهنجي انهي ڪتاب به اها راءِ قديم دور کان وٺي پنهنجي دور تائين مشرق توڙي مغرب جي تاريخدانن يا مصنفين جي لکيل سڀني تاريخي ڪتابن ۽ انهن جي مصنفين لاءِ قائم ڪئي آهي. غلام حيدر گبول جو هيءُ ڪتاب ”ادب سنڌ“ ٽن ڀاڱن تي مشتمل آهي. مصنف ڪتاب ۾ صرف پهرين ڀاڱي جو عنوان ”سنڌي ادب جي پراڻي تاريخ ۽ عظمت تي هڪ نظر“ ڄاڻايو آهي. باقي ٻن ڀاڱن تي ڪوبه عنوان نه لکيو اٿس سواءِ ڀاڱو ٻيو ۽ ڀاڱو ٽيون لِکڻ جي. مصنف ڪتاب جي پهرئين ڀاڱي جي شروع ۾ هڪ مصنف جي حيثيت ۾ ڪنهن به سياسي تاريخ لکڻ جي اصولن تي بحث ڪيو آهي ۽ ان بعد مشرق ۽ مغرب جي مصنفين يعني تاريخدانن جي لکيل تاريخي ڪتابن جو تقابلو پيش ڪيو آهي ۽ آخر ۾ سنڌ جي سياسي تاريخ متعلق تاريخدانن جي لکيل ڪتابن جي باري ۾ سياسي تاريخ لکڻ جي اصولن جي روشني ۾ بحث پيش ڪيو آهي. مصنف ڪتاب جي ڀاڱي ٻئي ۾ سنڌ تي ٻاهرين يعني ڌارين حملي آورن جي حملن جي سببن ۽ سندن ڪردار تي مختصر بحث ڪيو آهي. ڪتاب جي آخري يعني ٽئين ڀاڱي ۾ مصنف سنڌي زبان ۽ اُن جي لکت واري نموني جي ارتقا تي مختصر بحث ڪري ڪتاب کي ختم ڪيو آهي ۽ آخر ۾ هڪ نوٽ جي عنوان تحت سنڌ جي انگريزي دور کي انهي ڪري ساراهيو آهي جو هن دور ۾ سنڌي زبان کي موجود لپي واري لکت جي نموني کي رائج ڪري، سرڪاري حيثيت ۾ تسليم ڪيو ويو ۽ انهي دور ۾ سنڌي شاعرن جا وڌ کان وڌ شاعري جا ڪتاب شايع ڪرايا ويا.
آخر ۾ مان پنهنجي هن نوجوان دوست جناب شاهه محمد ”دوست“ سومري کي جس ڏيان ٿو، جيڪو هن علائقي جي هڪ غير معروف اديب جي هڪ ناياب ادبي فن پاري کي ٽيون ڀيرو ڇپائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته جئين هن علائقي جي هڪ ليکڪ جو اهو ناياب ادبي تحفو وري ڇپجي ڪري ادبي ميدان ۾ ظاهر ٿئي ۽ هن علائقي جي انهي ليکڪ جي ادبي ڪارنامن کان موجود دور جو نئون نسل واقف ٿي سگهي. دعا آهي ته الله تعالي هن نوجوان کي پنهنجي انهي ڪوشش ۾ ڪامياب ڪندو ۽ اهو ڪتاب جلد ڇپجي ڪري ظاهر ٿيندو. مان به هن نوجوان جو ٿورائتو آهيان جو هن مونکان انهي ڪتاب جي ٽئين ڇاپي لاءِ هي چند سٽون لکرايون. سندس مهرباني.
پروفيسر محمد پنهل ڏهر
ڳوٺ غلام علي ڏهر ريتي روڊ ڏهرڪي، ضلع گهوٽڪي