ڀاڱو ٻيون
گهڻن ماڻهن جو خيال آهي ته انسان سدائين جهنگلي مِرُن وانگر پاڻ ۾ وڙهندا رهن. اهڙا انسان نه ته تاريخ زمانه جا واقف آهن نه انهن ڪنهن بدنصيب ملڪ جو انفرادي مطالعو ڪيو آهي نه ئي هنن جون نگاهون انساني بربادين جي منظرن کي ڏسي سگهيون آهن، نه ئي اهڙن ماڻهن پنهنجو پاڻ کي انسانيت جي دائري ۾ شمار ڪيو آهي، ٻين جي آزادي کسي، انهن مظلومن جي کنڊرن تي پنهنجا محل بڻائڻ ڪٿان جو انصاف آهي؟ ٻين جي آزادي کسڻ ۾ ڪير به شامل ڇو نه هجي اهڙا ملڪ اهڙا انسان ڪنهن به داد جا مستحق ٿي نٿا سگهن، اسان جي قلمن کي ان وقت ڪيترو درد محسوس ٿو ٿئي جڏهن اسان هڪڙن جي تباهي ۽ ٻين جي آبادي جا چِٽ تاريخ جي ورقن تي چٽون ٿا، تاريخ لکڻ وقت آئون ماڻهن جي جذبات کي اُڀاري، خون ريزي ڪرائڻ ڪونه ٿو گهران پر صحيح حب الوطني جو روح پيدا ڪرڻ هڪ تاريخ نويس جو فرض آهي، انهي فرض جي پورائي وقت انصاف جو دامن اسانکي هرگز نه ڇڏڻ گهرجي، هيءُ فريضو به نهايت اهميت وارو آهي، اسانکي گهرجي ته آئنده نسلن لاءِ صحيه دلچسپ ۽ حقيقت آموز مواد ڇڏيون مونکي سخت افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته هر ڪس و ناڪس قلم کڻي تاريخ جي ورقن لکڻ جي جرئت نه ڪري. تاريخ تي روشني وجهڻ جو ڪم اديبن جو ڪونهي پر هسٽورين جو آهي. جن انساني تاريخ جا سڀ راڳ ٻڌا آهن.
عربن سنڌ کي تدريج بتدريج فتح ڪيو. محمد بن قاسم اڃا هندستان تي حملو ڪرڻ جو تارين ۾ هو ته کيس خليفي جي درٻار مان سڏ آيو. ڪيترن مختلف اختلافن کان پوء هن نتيجي تي ٿو پهچجي ته هو هن دارالفنا مان راهي ٿي ويو. نوجوان سپه سالار جي غير وقتي موت حجاج بن يوسف کي، جو سندس سهرو ۽ چاچو هو، سخت صدمو پهچايو. محمد بن قاسم جي تلوار عمر رسيده ڏاهر جو سر تن کان جدا ڪيو پر کيس به وڌيڪ جيئڻ جي مهلت نه ملي.
راجا ڏاهر جي ڌيئرن جيڪو الزام محمد بن قاسم تي رکيو، انهي لاء ڪا ٺوس ثابتي موجود ڪانهي ۽ راجا ڏاهر جي عمر رسيد راڻيءَ سان محمد بن قاسم جي شادي جو افسانو سراپا اختراءِ آهي. راڻي مائي لاڏي کي، جا انهي وقت عزت دار سنڌي خاتون هئي. تنهن کي جوان پٽ، نياڻيون ۽ پٽن کي به اولاد هو. البته محمد بن قاسم جي سياست ۽ سنڌ جي واقعات لاءِ ضرور کيس خليفي دمشق گهرايو.
تاريخ زمانه جو ساز هاڻي گهڻو خسته ٿي چڪو آهي. هاڻي انهي جي سُرن ۾ ڪو خاص سرور ڪونهي نه سندس الحاني تانن ۾ ڪشش باقي رهي آهي. باريڪ مطالعي ۽ جستجو تجربات، جيڪا پٽي اسان جي اکين تي هزارها سالن کان ٻڌل هُئي تنهن کي کولي ڇڏيو آهي. پر ناعاقبت انديش زماني جا جاهل حاڪم اڃا تائين گهري تاريڪي ۾ ٿاڦوڙا پيا هڻن. کين اها خبر ڪانهي ته هاڻي تاريخ جي ورقن تي ڪهڙي قسم جا حرف لکيا ويندا. تاريخ زمانه جي ساز کي ڪنهن جون نازڪ آڱريون ڇهنديون؟ ڪهڙا سُريلا يا ڀيانڪ آواز نڪرندا؟ ڪهڙين قومن يا گروهن جي بدنصيبي ۾ اڃا رولڙا ۽ تبديليون لکيل آهن؟ ڪنهن جي گردن تي ڪنهن جي تلوار جا سخت وار ٿيندا؟ ڪهڙا ڪهڙا ملڪ صفحه ارض تان مٽجي ويندا؟ ڪيترا نوان تمدن ۽ تهذيبون پيدا ٿينديون؟ اهو هڪ قابل مسئلو تاريخ جي ورقن لکڻ وقت منهنجي قلم آڏو رهي ٿو. دل چوي ٿي ته انساني دنيا جي تاريخ کي هڪدم پورو ڪري ڇڏيان. پر ائين ڪري نٿو سگهجي. اهو روڳ اسان جي علاج کان ٻاهر آهي. جيستائين انساني دماغن تي جهالت جي پٽي ٻڌل آهي ۽ پٽيون چند چالاڪ سياستدان ٻڌندا رهندا، اوتري تائين زماني جي تاريخ مان سُريلن، خوش ڪن، دلپسند، پرسرور آواز ٻڌڻ جي اميد ڪرڻ نه گهرجي.
اسين چاهيون ٿا ته انساني دنيا جي آئينده تاريخ انفرادي يا اجتماعي، نهايت اعلي ۽ خوشي جي قهقهن سان ڀرپور هُجي. اسان جو خيال آهي، جن خوني ڳوڙهن سان اسان جي گذشته تاريخ لکي وئي آهي. تنهن کي هينئر خوشي جي قهقهن ۾ بدليون پر دنيا جا جاهل، حوس پرست اسان کي ائين نه ڪرڻ ڏيندا. ڇا هو پنهنجي جاهليت ۽ خود غرضي جي قبر اسان جي هٿن سان ٺهرائڻ لاءِ تيار ٿيندا؟ هرگز نه!
سنڌ جي قسمت کي برهمڻن ڌڪ هڻي، ڪيرائي وڌو، چورن مٿان مور پيدا ٿيا. عربن برهمڻن جي حڪومت جو خاتمو ڪري، هڪ نئين تهذيب جو آغاز ڪيو. زماني عربن کي به هن ملڪ ۾ چين سان رهڻ ڪونه ڏنو، غزني جي قوت عربي جنازو هن ملڪ مان کڻي، عربي اثر اقتدار جو خاتمو آندو. سنڌ جي آزادي پسند طبقو وري پنهنجي قسمت بدلڻ لاء تيار ٿيو.
تن ابن سومار جي قسمت ۾ پنهنجي واڳ ڏور ڏئي، وري هڪ دفعو اسلامي تهذيب جي سايي ۾ آزادي جو علم بلند ڪيو. سنڌ جي آزادي جي وسايل چراغ کي تمام ٿوري روشني سان جلايو، هينئر انهي شمع ۾ اها چمڪ، ڌمڪ ۽ روشني ڪانه رهي هئي پر سومرن سردارن وري پڪو ارادو ڪيو هو ته هن عظيم ملڪ جي قسمت کي وري بدليو وڃي. سومرن جي قوت کي اوچتو خلجين جي طاقت خطرناڪ ڌڪ هنيو. جنهن جي ڪري سومرا وري اسري نه سگهيا. وري سمن انڙن جي قسمت کي هن ملڪ جو انتظام آيو، جي به ملڪي حاڪم ٿي گذريا آهن. ڄام صاحب جو نينهن هڪ غريب ميربحر نينگري سان لڳو ان جا قصا ڪهاڻيون بيت اڃا به سنڌ جي ماڻهن جي وات ۾ آهن.
سمن سردارن سنڌ جي خاموش رومانن کي وري زندگي بخشي، جيڪي محبت جا ترانه برهمڻن جي حڪومت کان طبقه نسوان جي آزادي کسجي وڃڻ کانپوءِ بند ٿي ويا هئا. تن ۾ اسان جي سنڌ جي سهڻي تماچي نئين زندگي جو روح ڦوڪي، وري ڊرامائي آزادي واري زندگي جو سنگ بنياد هن ملڪ ۾ رکيو، سمي گندري کي سنڌ ۾ زبردست اهميت ڏني، ماڻهو محبت جا داءُ پيچ جهنگن جهرن، شهرن ۾ کيڏڻ لڳا، سما ۽ سومرا سنڌي حاڪم هئا ۽ اصلوڪا سنڌي هئا، سندن رڳن ۾ آزاد ۽ بهادر سنڌ جو رت دورو ڪري رهيو هو، انهن صرف ملڪي انتظام چڱو رکيو پر ماڻهن کي سکيو رکڻ ۽ آزادي سان ساهه کڻڻ جا به پورا وجهه ڏنا. سنڌ جي ٻيو دفعو خوش قسمتي اها هئي جو کيس پنهنجا وارث حاڪم ۽ سنڀاليندڙ مليا اگر چه اندروني اختلافات ۽ گهرو جهڳڙن کان مٿيون حڪومتون ۽ ان جا حاڪم به آزاد ڪونه هئا ته به سنڌ وري هڪ دفعو آزاد هئي، سندس تهذيب تمدن ۾ هڪ نئون روح جلوه گر هو پر هاءِ ڙي زمانا تنهنجا ستم! اهي حاڪم يڪي بعد ديگري پنهنجو دور پورو ڪري وڃي فنا جي خاڪ ۾ آرامي ٿيا. سندن تاريخي عاليشان قبرون اڃا به اسان جي ملڪ ۾ موجود آهن. ٽيون دور ارغونن ترخانن جو شروع ٿيو. اگر چه ڌاريا هئا ته به سنڌي تهذيب جي غلبه آزادي انسانيت جي جامي ۾ ملبوس ٿي وقت گذاري ويا مغلن جي زماني ۾ سنڌ ڪا گهڻي ترقي ڪانه ڪئي.
سنڌ جا آزاد فارغ البال باشندا مغلن جي اثر ۽ اقتدار کي پسند ڪونه ڪندا هئا سنڌين جي طبعيتن مان آزاد زندگي گذارڻ جو روح فنا ڪونه ٿيو هو مغلن جي طرز حڪومت سان سنڌين کي ڪا گهڻي دلچسپي ڪانه هئي، سنڌ ۾ رنڊي بازي يا عصمت فروشي جا اڏا اصل ڪونه هئا. طوائف الملوڪي جو نشان به هن ملڪ ۾ ڪونه هو. سنڌ جا ماڻهو راڳ، ناچ خوشين جا شوقين هئا، پر انهن ۾ گناهه جو نالو به ڪونه هو ڪلهوڙن حاڪمن مغلن ۽ راجپوتن جي طوائف الملوڪي جي نقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي غيور بلوچ سردارن بنيادن کان اکيڙي ڦٽو ڪيو.
وري بغداد جا عباسي جي اسان جي مٿي ۾ موڙ سِر جا سور هئا، سنڌ ۾ اچي نڪتا. ڪلهوڙن سنڌ تي ٿورو وقت دهلي طرفان باقي وقت آزادي سان حڪومت ڪئي، هنن جي وقت ۾ عظيم المرتبت دنيا جو سڀ عظيم ۽ عزت دار الهامي شاعر گهوٽ عبدالطيف اسان جي دلين جو محبوب، پاڪيزه هيرو پنهنجو ڪمال ڏيکاري اعلي بالا ٿي سعود فرمائي ويا انهي کان پوءِ اسان جا ڀائر ڀاءُ بلوچ قوت ۾ آيا، ڪلهوڙن جو دور خون رهزين ۽ پراڻي اسلامي عزمت کي جيارڻ ۾ گذريو، آزادي خيالي کان عباسين جا فرشتا به پري ڀڃندا هئا. انهي ڪري اهو زمانو هن ملڪ جي ماڻهن لاءِ درد سر رهيو. ڪلهوڙن جي زماني ۾ ٻيو به هڪ درد ناڪ واقعو شاه عنايت جهوڪ واري صوفي ڪيترن مريدن سان گڏ شهادت جو ٿي گذريو. عباسين جي مون اڳ ۾ لکيو آهي. سخت تنگ دل ۽ شڪ ڪندڙ حڪمران هئا. عبدالطيف، جو سندن مرشد هو، تنهن کي تڪليفن ڏئيڻ ۾ ڪئين گهٽايائون. ڪلهوڙن حاڪمن جي اها خوش قسمتي هئي جو دهلي جا مغل حاڪم کانئن راضي هئا انهي ڪري جوڌپر، جيسلمير جي راجائون سان به تعلقات چڱيرا هئا. هندو مهاراجا پنهنجي مغل آقائن جي خوشنودي کي پنهنجي سعادت سمجهندا هئا ۽ انهي ڪري ڪلهوڙن کي سنڌ ۾ ظلم ڪرڻ جا پورا موقعا هئا. ڇا ڪاڻ ته انهن تي انگشت نمائي ڪرڻ وارو ڪوبه ڪونه هو. ڪلهوڙن حاڪمن جي باهم رقابت ۽ جهيڙن جو نزلو وڃي بلوچ سردارن تي ڪريو تن پنهنجي تلوار جي قوت سان عباسين جو خاتمو آندو، چنگيزين جي هٿان برباد ٿيل عباسين جو خيال هو ته جيڪا حڪومت تشدد ۽ ڏهڪاءُ جي وسيلي قائم ڪبي، سا گهڻو وقت جٽادار ٿيندي اهو خيال اسان جي عباسي بزرگن جو بلڪل غلط هو. شڪست کان بعد ۾ ميان عبدالنبي کي مغلن جي مردا اشاري تي دهلي جي پراڻي وفاداري تي جوڌپر ۾ پناهه ملي. وري کيس سنڌ جا خوبصورت وڻ ۽ وادي ڏسڻ نصيب نه ٿيا. بلوچ زماني جا يغانا سردار هئا. هنن ملڪ جي ماڻهن کي پوري آزادي ڏئي پاڻ پتوڙيو، پر افسوس جو مغربي قوتن اسان جي قومي حڪومت ختم ڪري، برطانيا عظمه جي تاج جو سايو زبردستي اسان جي سرن تي مسلت ڪيو. هن کان پوءِ آءُ سنڌ جي ادب تي لکي هن ننڍڙي تاريخ کي ختم ڪندس.
تاريخ سنڌ جو ڳوڙهن جو پاڻي خشڪ ٿئيڻ وارو ڪونهي سنڌ جي وادي انسانن کي اڄ کان تقريبن اٺ هزار سال کن اڳي پناهه ڏني پنهنجي خوبصورت زرخيز زمين ۽ چاراگاهن جا دروازا قديم ماڻهن جي لاءِ کولي ڇڏيا هزارا سالن تائين مويشين جي ڪثرت ۽ پاڻي جي ڪثرت ڪري کير مکڻ جون نديون هن پاڪيزه سر زمين تي وهنديون هيون پنجاب جي سڀني درياهن جو پاڻي سنڌو کي ماه ساگر بڻائي ڇڏيندو هو. انهي کان سواءِ ملڪ گهاٽن ٻيلن سان ڇانيو پيو هوندو هو ۽ زبردست منهن پوندا هئا. منهنجا بزرگ، جن مير صاحب جي زماني جو آخر ڏٺو هو، اسان کي سنڌ جي بارشن بنسبت ٻڌائيندا هئا انهي کان سواءِ شديد گهاٽن ٻيلن جو ذڪر ڪندا هئا جڏهن ويجهڙائي واري زماني جي اها حالت هئي ته دور زماني جون ڪهڙيون ڳالهيون هونديون سنڌ جا قديم باشنده قداور جسم جا وڏا بهادر هئا سنڌي جي قسمت ۾ هزاره سالن تائين هار جو آکر به ڪونه ٿو ڏسڻ ۾ اچي قدرتي وسيلن زندگي جي ضروريات جون شيون قصرت سان هن وادي جي رهڻ لاءِ مهيا ڪري ڇڏيون هيون آهستي آهستي خشڪ سالي هن ملڪ گهيرو ڪندي وئي انهي خشڪ سالي سچ مچ سنڌ جي باشندن جو هڏيون به خشڪ ڪري ڇڏيون. هاڻي وري اسان جو ملڪ انقلابي دور مان لنگهي رهيو آهي، اهڃاڻ ته اهڙا پيا ڏسجن جو سڀ قلندر جي گودڙي ۾ آرام ڪندا.