لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ادبِ سنڌ

ڪتاب ”ادبِ سنڌ“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب جروار سان تعلق رکندڙ تاريخدان ۽ ليکڪ غلام حيدر گبول جو لکيل آهي..
هيءُ ڪتاب صرف ۽ صرف ملڪ جي سياسي تاريخ لاءِ هڪ مصنف کي ڪيئن هئڻ گهرجي ۽ اها تاريخ کيس ڪهڙي طريقي لکڻ گهرجي بابت لکيو آهي. ڪتاب ۾ مصنف زياده تر زور انهي ڳالهه تي ڏنو آهي ته سياسي تاريخ لکڻ لاءِ مصنف کي متعصب ۽ غير جانبدار، خوشامدڙيو، جانبدار نه هئڻ گهرجي، جڏهن ڪوبه مصنف سياسي تاريخي ڪتاب جانبدار يعني هڪ طرفو متعصب ۽ خوشامدڙيو ٿي لکي ٿو ته لکيل اهو تاريخي ڪتاب جانبدار يعني هڪ طرفو لکيل سمجهو ويندو آهي ۽ ان ڪتاب جي حيثيت نه رهندي آهي ۽ سندس مصنف واري اهميت به گهٽجي ويندي آهي ۽ مشڪوڪ ٿي ويندي آهي.
Title Cover of book ادبِ سنڌ

ڀاڱو ٽيون

ادب ملڪ جو روح جان ۽ قلب آهي ڪنهن ملڪ يا قوم جي زندگي ادب کان سواءِ انهي وڍيل سڪل بنڊ جيان آهي جنهن کي صرف باهه ۾ ساڙڻ جي ڪم لاءِ استعمال ڪري سگهجي. خشڪ بوسيده بنڊ نه ته ڪنهن درخت سان پيوند ڪري سگهجي ٿو نڪي هن مان بهتر ڪارج نڪري سگهي ٿو. ادب انساني زندگي جو نه صرف سرمايه حيات آهي پر بهتري يادگار به آهي. انهي قوم جي ترقي تنزل جو سڄو بار ادب جي مرحون منت آهي. ادبي زندگي شوگل کان گهڻو مٿي انسان جي بهترين بدترين حالات حاضران ئي گذشته جو زنده آئينو آهي. ادب انسان جي عزمت ۽ رهبري جا ڪارنامه صفحه عرض تي احسن طريقي سرانجام ڪيا آهن. دنيا جي ڪل ايجادن جستجو، تحقيق، اخلاق شعر ادب جي سرتي آهي ادب هڪ بهترين چمڪدار جواهرات جو جڙيل تاج آهي جنهن جا هيرا اعلي مفڪرن جي بلند روحي ۽ تخيل جو ايجاد آهن ادبي زيست کان جا قوم کالي آهي انهي کي زندگي جي سڀني نعمتن کان خالي سمجهڻ گهرجي سنڌ ادب جي تحرير بابت اسان کي ديرپا خبر پوي ٿي قديم مونهن جي دڙي جي کوٽائي مان اسان جي ادب تي ڪا خاص روشني پئجي نه سگهي آهي. البته اهو تاريخي شهر، جو هن وقت جي سياحن جي نظرن جو مرڪز آهي، سنڌ جي گذشته عزمت قديميت ۽ آزادي تي روشن دليل آهي.
سنڌ جي تاريخ جي مطالعي مان پتو پوي ٿو ته رائي گهراڻي جي زماني ۾ سنڌ جو انتظام باقاعده هڪ زبردست دفتري زبان جي وسيلي هلايو ويندو هو. سنڌ جي وڏن شهرن ۽ ننڍن شهرن ۾ علم جا باقائده مدرسه هئا هاڻي هت سوال ٿو اٿي ته اهي مدرسه ڪهڙي قسم جا هئا؟ ڪهڙي زبان ۾ هئا؟ اسان صرف هڪڙو جواب ڏينداسون ته اهي مدرسه سنڌي زبان ۾ هئا. سٺو ڪاروبار سنڌي ۾ هلندو. هاڻي وري ٻيو سوال ٿو اٿي ته سنڌي ڪهڙي لپي ۾ لکي ويندي هئي. انهي جي لاءِ به اسان وٽ ڪجهه ثابتيون موجود آهن. اها لپي مروج واڻڪن اکرن وانگر هئي جنهن جا حرف عبراني زبان سان ملندا هئا عبراني لپي اکرن ۾ سڄي دنيا ۾ قديم لپي آهي. علم اڳ ۾ موجود هو اکر به هئا پر اهي اکر محض تصويرن سان تعلق رکندا هئا لحاظا انهن جو پڙهڻ پاڙهڻ ٻئي بيحد مشڪل هئا، عبراني لپي انساني دنيا جي ڪل ٺهيل لپين جي رهبري ڪئي. جيڪڏهن ڪو منصف مزاج مفڪر دنيا جي قديم لپين جي ابتدا ۽ ارتقا تي روشني وجهندو ته معلومات جي دنيا ۾ هڪ اهم ورق جو اضافو ٿيندو گهڻن هندن دوستن جي هي دعوي به ڪجهه توجه جي لائق ٿي سگهي ٿي ته سنسڪرتي پوراڻي زبان آهي. هت سوال زبان جو ڪونهي پر حرفن جي وصيلي ادب جو منظر عام تي اچڻ آهي.
هاڻي سڀ کان اهم مسئلو جو ڪو اسان جي اڳيان سر کنيو بيٺو آهي ته انهي زماني جو تحريرون آخر ڪهِڙي جڳا ۾ مدفون ٿي ويون. جنهن زماني ۾ اسان کي علم جي رواني جي خبر ملي ٿي انهي وقت ڀارت جي سر زمين تي سنسڪرت جو سڪو ڄميل هو شايد ڪن زبانن ۾ ڪي به تحريرون قديم مدفون خزانن مان ڪنهن زماني دستياب ٿي سگهن سنڌي زبان جا دفتر، شاعري، نظم، نثر، سڀ ناپيد آهن. رائي گهراڻي ۽ برهمڻن جو آرٽ ڪٿي پر ڪري اڏامي وڃي آرامي ٿيو اهي ڳالهيون موجوده وقت جي عالمن لاءِ هڪ مشڪل مسئلو بڻيل آهن پهريون عرب فاتحن پنهنجي دستور موجب شايد انهي عالمي خزاني کي نذر آتش ڪري، سنڌ جي آزادي سان گڏ ادب جو چراغ به گل ڪيو ٿو ڏسجي، ابتدائي اسلامي جوش شايد انهن کي ائين ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو هجي. شايد اهو ئي سبب هجي جنهن لاءِ محمد بن قاسم کي آزاد اميه خليفن پنهنجي دربار ۾ جواب طلبي لاءِ گهرايو. هوڏانهن زوداعتقاد مسلم علماءُ انهي شڪ کي هر گز قبول ڪرڻ لاءِ تيار ڪئين آهن. مسلم عالمن جو خيال آهي ته اهو محض الزام آهي، موجده دور جي پاڪ هند جي انقلاب جي ڪري ادب ضايع ٿي ويو. ڪافي ادب هندو دوست پاڻ سان کڻي رمندا رهيا جيتوڻيڪ انهي ادب ۾ ايترو روح ۽ جان نه هئي ته به معلومات جو وڏو زخيرو موجود هو هي ڳالهه ياد رکڻ جي قابل ته معلومات ايجاد جو ڪم پاڻ ڪندي آهي جيڪڏهن اسان جو ادب هتان هليو نه وڃ ها ته اسان هن ميدان ۾ ڪن نوجوانن کي آڻي سگهون ها پنهنجي بهتر ذهني ڪيفيت جي بدولت بهتر خدمات جو ڪم انجام ڏئي سگهون ها. موجوده سنڌي اديبن جي ذهني پستي جو بيان ڪري نٿو سگهجي،
انهي جو سبب اهو ئي آهي جو گهڻو ڪري هن ميدان ۾ فڪال ڪم ڪن ٿا جي اعلي تخيل ۽ اخلاق ٻنهي کان غير واقف ۽ خالي آهن ٻين جي تخيل کي پنهنجو خيال ڪري ڏيکارڻ نه صرف اخلاقي جرم آهي پر سخت فني غلطي به آهي، سمجهو هڪ ماڻهو ڊرائيور ڪونهي اوهين هرو ڀرو هن کي موٽر هلائڻ لاءِ ڏيو ٿا، اهڙي حالت ۾ هو ضرور حادثو ڪندو ڇاڪاڻ ته هو انهي فن کان بلڪل غير واقف آهي ادب جو ميدان وسيع آهي هت تمام گهڻا انسان ڪم ڪري سگهن ٿا پر تخيل جي پستي ۽ ٻين جي مال تي زنده رهڻ کان بهتر آهي ته ٻيو ڌنڌو اختيار ڪري گذارو ڪن.
سنڌ جي وادي ڄڻ هينئر ادب کان خالي پئي واڪا ڪري سنڌ جي ٺڙڪ اديبن قلم کي هلائي ڪجهه ٻوهر سوهر گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ نه جان آهي نه روح گهڻا ته ٻين جي ادب تي گذر سفر ڪن ٿا گهڻو جو گذارو اردو اديبن جي محنت تي آهي. طرز ۾ مردگي، غلام گدي، ڪج فهمي، جاهليت رجعت پسندي پاراڻا ٺرا آهن ٻيو سڀ خير پرائي فلسفي کي وڍي پاڻ کي دم لڳايو وڃي ٿو انهي جو نتيجو اهو ٿو نڪري جو ڪنهن زيرڪ ۽ فهم عالم لاءِ ادب نفرت جو مرڪز بڻيو پوي ڪنهن به تحرير کي پڙهڻ لاءِ دل نٿي وري اهڙي حالت ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ اها ڳالهه به اسان جي پڙهيلن لاءِ قابل غور آهي ادب جي مٽي پليت ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي اسان جي سنڌ ۾ محض چند عالم آهن پر جڏهن انهن جي تحريرن کي پڙهجي ٿو ته اندر کاميو وڃي. ٻي طرف اردو ادب جي نقالن ٻين جي فلاسفي کي پاڻ سان وابستا ڪري جيڪي مضحڪه خيز دعوائون ڪيون آهن سي ڪنهن مسخري جي ناٽڪ کان گهٽ ڪئين آهن ادب جو ٻيو دور جيڪو اسان اڳيان آهي سو ديرپا آهي انهي ۾ سنڌ ڪي زبردست الهامي شاعر پيدا ڪيا جي پنهنجي نظير پاڻ هئا، انهي کان اڳ ۾ ڪن مسلم سنڌي عالمن جون تحريرون عربي فارسي ۾ موجود آهن انهي کي سنڌي ادب چوڻ بي انصافي آهي اهِڙي طرح سنڌي ادب جو راڳ به مايوسي ۽ ڳوڙهن سان ختم ٿيو.