لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ادبِ سنڌ

ڪتاب ”ادبِ سنڌ“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب جروار سان تعلق رکندڙ تاريخدان ۽ ليکڪ غلام حيدر گبول جو لکيل آهي..
هيءُ ڪتاب صرف ۽ صرف ملڪ جي سياسي تاريخ لاءِ هڪ مصنف کي ڪيئن هئڻ گهرجي ۽ اها تاريخ کيس ڪهڙي طريقي لکڻ گهرجي بابت لکيو آهي. ڪتاب ۾ مصنف زياده تر زور انهي ڳالهه تي ڏنو آهي ته سياسي تاريخ لکڻ لاءِ مصنف کي متعصب ۽ غير جانبدار، خوشامدڙيو، جانبدار نه هئڻ گهرجي، جڏهن ڪوبه مصنف سياسي تاريخي ڪتاب جانبدار يعني هڪ طرفو متعصب ۽ خوشامدڙيو ٿي لکي ٿو ته لکيل اهو تاريخي ڪتاب جانبدار يعني هڪ طرفو لکيل سمجهو ويندو آهي ۽ ان ڪتاب جي حيثيت نه رهندي آهي ۽ سندس مصنف واري اهميت به گهٽجي ويندي آهي ۽ مشڪوڪ ٿي ويندي آهي.
Title Cover of book ادبِ سنڌ

ڀاڱو پهريون

سنڌي ادب جي پراڻي تاريخ ۽ عظمت تي هڪ نظر

دنيا جي هر ملڪ کي پنهنجي ادبي تاريخ آهي ادبي تاريخ سان گڏ سڀ ڪنهن ملڪ کي پنهنجي تاريخ به هوندي آهي ان جي ابتدا ڪيئن ٿئي ٿي؟ تنهن تي اڄ روشني وجهڻ لاءِ قلم کي هٿ ۾ کنيو اٿئون. سنڌي ادب جي حقيقي ابتدا انگريزي جي دور حڪومت کان شروع ٿئي ٿي ڇاڪاڻ ته انهي کان اڳ اسان جي مٺڙي پاڪيزه زبان کي سرڪاري دفتري زبان جي حيثيت حاصل ڪانه هئي. راءِ گهراڻي ۽ برهمڻ جي ڪشمڪش، تڪڙن انقلابن، سنڌين جي عظمت ۽ قوت کي متنزل ڪري ڇڏيو هو. انهي متنزل قوت کي هڪ جڳهه گڏ ڪري، پنهنجي قوت اڃا راجا ڏاهر مس ٺاهي هُئي ته عربي سيلابن اچي منهن ڪڍيو. عرب جيتوڻيڪ تهذيب يافته اسرائيلين جا برادر، پراڻي بابلي عظمت کي قائم رکندڙن جا فرزند هئا. پر گهڻو وقت صحرائي زندگي گذارڻ ڪري ۽ زندگي جي بنيادي ضروريات لاءِ انتهائي ڪشمڪش هن قوم کي تلوار باز وحشي ۽ سخت بڻائي ڇڏيو. فرزندان اسماعيل پنهنجي سخت طبعيتن جي ڪري ڪڏهن به هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪونه ڏٺا ويا، انهي ڪري سندن قوت هيشه منتشر رهي پر گاهي گاهي ٻين ملڪن سخت حملا ضرور ڪندا هئا. تاريخ داني جو علم هونئن آهي ته نهايت ضروري پر دنيا ۾ تمام ٿورا ماڻهو صحيح تاريخي مهارت ۽ تاريخ تي ڪُلي عبور رکن ٿا. اسان جي سنڌ ۾ ته موجوده دور ۾ ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هسٽورين مس ملي سگهندا.
ڪي ٿورا ماڻهو اسلامي تاريخ جي هڪ رخ مان واقفيت رکن ٿا. تاريخ ۾ جنهن هڪ رخ تي نظر ڄمائي، اهو ڪنهن به صورت صحيح تاريخي حقائق کان آگاهه ٿي ڪونه سگهندو. تاريخ نويسن لاءِ نهايت ضروري آهي ته هو پنهنجو دل، دماغ تعصب جي تاثرات کان خالي رکن انهي کان پوءِ تحقيق ۽ مطالعي جو ڪم شروع ڪن.
جيڪي سخت مذهب پرست، رجعتي آهن يا جيڪي ڪٽر قسم جا نيشلسٽ آهن. اهڙن ماڻهن جي تاريخ، تحقيق ۽ جستجو ڪنهن به صورت ۾ مڪمل سمجهڻ نه کپي. اهڙا ماڻهو تاريخ جي هڪ رخ تي جهڪي مطالعي جو سلسلو جاري رکندا آهن. نتيجو اهو ٿو نڪري جو روشن پهلو نظر کان اوجهل ٿيو وڃي. انقلاب زمانه تاريخ جا نوان ورق نوع انسان جي مطالعي واسطي پيدا ڪري ٿو. اهڙي طرح اسان جي پياري مادر وطن انقلابن جا رنگين، پرفريب، سخت دور ڏٺا. هر دور سنڌ جي لاءِ هڪ نئين تاريخ جو ورق، هڪ نئين تمدن ۽ هڪ نئين تهذيب سان آيو. سنڌ انهن سمورين ڳالهين مان ڪيترو اثر ورتو، ان جو ذڪر اسين اڳتي هلي ڪنداسون، عربن جي منتشر قوت کي هڪ زيرڪ فهيم تاجر محمد صلي الله عليه و آله وسلم کان اڳ به تاريخ زمانه پنهنجن مخصوص انقلابن ۽ طوفانن ڪري ڪيترا نوان باب کوليا. پر هن عربي مفڪر هڪ نئين انقلاب سان بيابان ۾ رهندڙ عربن جي قسمت جو ورق پلٽيو.
ابن عبدالله کان اڳ ۾ به عرب پنهنجي شجاعت جو سڪو زندگي جي ضروريات کان تنگ ٿي، ٻين ملڪن تي حملن جي صورت ۾ ڏيکاريندا هئا. اهي حملا گهڻو ڪري ڦر مار تائين محدود هوندا هئا. بياباني پکيئڙا پنهنجو دامن زر، جواهر، سوني، چاندي، اناج ۽ مال سان ڀري موٽندا هئا. شمشير عرب جو رت ڪنهن به زماني ۾ خشڪ ڪونه ٿيو. اها تلوار پنهنجي پياس وقت بوقت، مصر فلسطين ۽ ايران تي حملا ڪري وسائيندي رهي، مون اڳ ۾ به عرض ڪيو آهي ته تاريخ تي قلم کڻڻ وقت اسان کي هسٽري جا سڀ پاسا ڏسڻا ۽ جاچڻا پوندا. ٻي صورت ۾ نه صرف اسان جي تحقيق غير مڪمل، اڌوري رهجي ويندي پر صحيح حالات به منظر عام تي آڻڻ کانسواءِ رهجي ويندا. آئون پاڻ اسماعيل بن ابراهيم جي نسل مان امير حمزه جي جري رت سان تعلق رکان ٿو، پر تاريخ لکڻ وقت مصنف کي مُنصف ٿي ڪم ڪرڻ گهرجي. ايئن ڪرڻ سان اسان انسانيت ۽ تاريخ تي وڏو احسان ڪنداسون. اسان جا ايندڙ نسل اسان جي انهن صيح تحريرن مان وڏو فائدو حاصل ڪندا، اسان کي هرگز خبر ڪانهي ته اچڻ وارن زمانن ۾ ڪهڙي قسم جا انقلاب اٿندا پر موجوده سائنٽيفڪ ترقي، معده پرستي، حقير، فلسفانه نقطه نگاهه طرح طرح جون بداخلاقيون ۽ خودغرضيون نوع انسان ۾ هڪ عظيم ڀنڀٽ ٻرڻ جو پيش خيمو آهن. اهڙي صورت ۾ تاريخ ۽ تمدن تي صحيح راءِ ۾ حقيقتن جو نه هجڻ آئنده نسلن تي هڪ عظيم ظلم ٿيندو. جاهليت جي يلغارن ۽ قرنائن جي زوردار شوروغل کان پنهنجن ڪنن تي هٿ رکڻا پوندا. ٻي صورت ۾ جا خدمت اسين ڪرڻ گهرون ٿا، اها نه ڪري سگهنداسون پر ايندڙ نسلن جي لاءِ وبال پيدا ڪرڻ واسطي جوابداري به اسان جي سرن تي رهندي.
دنيا ۾ سڀ کان وڏو جرم آهي انسانن جي طرف يعني نوع انسان جي طرف غير جوابدارانه روش اختيار ڪرڻ ائين ڪرڻ سان نه صرف اسين وطني ۽ قومي غدار ٿا ثابت ٿيون پر ايندڙ نسلن جي لاءِ بغير فڪرن جي جيڪو عذاب پيدا ٿيندو، تنهن جي جوابداري ۽ گناهه به اسان جي سرن تي لڳندا. انهي ڪري اسان جو فرض آهي ته اسان پنهنجن ايندڙن نسلن کي صحيح حالات کان آگاهه ڪريون. انهي کان وڌيڪ دنيا ۾ ٻيو ڪوبه اهم فريضو ڪونهي. هيءُ فرض حق الله ۾ داخل آهي. عربن جي لاءِ مون اڳ ۾ به تحرير ڪيو آهي ته بياباني پرندا ضرورتن کان مجبور ٿي پاڙيسري ملڪن تي حملا ڪري، خود نوش جو سامان هٿ ڪري وري اچي رڻ واهي ٿيندا هئا. عربن کي نظم نسق پابندين ۽ شهري بداخلاق زندگي کان نفرت هئي. اهو ئي سبب هو جو انهن آسپاس جي بوقلموني سبز ملڪن ۾ اسلام کان اڳ ۾ بودباش ڪرڻ جي زحمت گوارا نه ڪئي. تاريخ جا غير معتبر شاهد ڪجهه وقت لاءِ ڪن عربي قبيلن جو تسلسل متمدن مصر تي تسليم ڪن ٿا. پر اهو تحقيق ۽ صحيح تاريخ جي بلڪل خلاف پيو نظر اچي. انهي ۾ به ڪو شڪ ڪونهي جو عربي چرواهن جي حملن ڪري مصرين کي ڪجهه نقصان پهتو ۽ مصر جي ترقي جي راهه ۾ ڪي رڪاوٽون پيدا ضرور ٿيون پر اهي ايتري اهميت جي لائق نه آهن. جيتري اهميت تاريخدان پنهنجي توهم پرستي جي ڪري ڏين ٿا. جيڪو وقت عرب چرواهن مصر تي حڪومت ڪئي. تاريخدانن جي مختلف بيانن جي روشني ۾ گهڻو مشڪوڪ آهي. بيانن ۾ نه صرف تضاد آهي. پر وقت به گهڻو غلط آهي. انگريزي ۾ مغربي محقق تاريخدانن جي صاف گوئي جو حد کان زياده قائل آهيان جنهن بيباڪي سان هنن تاريخ جي ورقن تي سچائي جون لڪيرون فنڪار جي حيثيت سان ڪڍيون آهن. اهي ناقابل فراموش حقيقت آهن. جيڪڏهن اوهان مغرب جي فلسطين کان وٺي مصر سوڌو ويندي سڄي يورپ جي تاريخ جو مطالعو ڪندو ته اوهان جا عقل حيران، ششدر ٿي ويندا. مون گذشته ٻن هزار سالن جي تاريخ جو باريڪ بيني سان مطالعو ڪيو آهي. ليڪن شاباس آهي مغرب تاريخدانن تي جن ڪڏهن به پش و پيش کان سواءِ صحيح تاريخ پنهنجن نسلن اڳيان رکي، انهي جو نتيجو اهو نڪتو جو اڄ مغرب ترقي جي ڪمال تي پرواز ڪري رهيو آهي.
آئون نه ڪنهن مسجد جو ملو آهيان نه ڪنهن گرجا گهر جو پادري نه ڪنهن مندر جو پوڄاري نه ئي بيراهه ڪميونيسٽ، نه ڪنهن اوتاري جو موالي، چرسي، ڀنگي هان جيڪڏهن ڪجهه آهيان ته انصاف پسند محقق مون پنهنجي زندگي جا 37 سال مطالعي ۾ صرف ڪيا آهن انهي ڪري مون ۾ هن وقت تعصب جو مادو بلڪ مفقود آهي.
انهي ڪري منهنجون سڀ قلمي خدمتون انهي بي لغام، بي باڪ، سچائي پسند محقق جي مرهون منت آهن. مطالعي جي لاءِ قدرت مون کي پنهنجي گهر ۾ ابي ۽ ڏاڏي جي ڪتابن جي هڪ ننڍڙي لائبريري عطا ڪئي هئي. انهي کانسواءِ منهنجي استادن جا ڪتاب ۽ اسڪول جا ڪتاب، اخبارون، رسالا جيڪي والد بزرگوار گهرائيندا هئا. سڀ منهنجي مطالعي جو اهم مرڪز هئا. بغض ڏکيا مسئلا آئون پنهنجي بابا جي کان پچندو هوس جو بغير ڌمڪائڻ جي سنجيدگي سان مون کي سمجهائي ڇڏيندو هو. تاريخ جي سچائي ۽ تحقيق جو سبق به پهريون مون پنهنجي والد بزرگوار کان سکيو. منهنجي سنڌي زبان کي شائسته بنائڻ ۽ انهي کي مڪمل ضابطي هيٺ آڻڻ لاءِ مون کي محترم آغا صاحب عالي جناب تاج محمد صاحب جي گرامر مان بيحد مدد ملي. اهڙي طرح مون پنهنجو وقت مطالعي ۽ تحقيق ۾خرچ ڪرڻ بهتر سمجهيو، مون اڳ ۾ به عرض ڪيو آهي ته تاريخدانن لاءِ بيحد ضروري آهي ته هو تاريخ جو گهڻ رخو مطالعو ڪري. ڇاڪاڻ ته هڪڙي دور ۾ ڪيترا محقق پنهنجا نسخا ڇڏي دنيا مان هليا وڃن ٿا. انهن مان ڪيترن ۾ وڏا تضاد موجود هوندا آهن. اهڙي حالت ۾ تاريخ جي صحيح نچوڙ کي معلوم ڪرڻ ڪو سولو ڪم ڪونهي. انهي مهم کي سَر ڪرڻ لاءِ بيحد مطالعي ۽ تحقيق جي ضرورت پوي ٿي. ڪيترن ڪتابن جي ورقن کي الٽ پلٽ ڪرڻو پوي ٿو. انهي کانپوءِ به تحقيق ڪندڙ کي پنهنجي قوت فهم کان ڪنهن حد تائين روشني حاصل ڪرڻ جي ضرورت پوي ٿي.
گذشته ٻن هزارن سالن جي انساني تاريخ جا ورق فلسطين، مصر کان وٺي اسپين تائين مغربي عالمن جي هٿان اسان کي سلامت پهتا آهن. انهن جي سچائي ۾ شڪ ڪرڻ پنهنجي وجود ۾ شڪ ڪرڻ جي برابر آهي. اوهان صاحبن مان ڪن کي شايد، جن جو علم بيضه مور وانگر محدود ۽ هڪ طرفو آهي مون تي مغربي تاريخ نوازي جو الزام آڻين پر ائين هرگز نه آهي. گذشته ٻن هزارن سالن جي سياسي، سماجي ۽ مذهبي تاريخ جي خونين، خطرناڪ، رجعت پسند، حالات بداخلاقي تي قوميت ۽ ملڪيت، مذهبيت، ملڪ پرستيت جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ جيڪا روشني مغرب جي عالمن وڌي آهي، اها قابل داد آهي. مغرب پنهنجي اصلاح ڪندڙن شاعرن، آرٽسٽن جي صحيح رهنمائي جا ترانا ضرور ڳائي ٿو. مگر بادشاهن، مذهبي فخر، بد اخلاقين تي فخر جو هڪ به راڳ ڪنهن اعلي مغربي عالم جي تاريخ ۾ موجود نه آهي، مغرب پنهنجي مذهبي جنون ۽ خون خرابي کي جنهن منظر سان عوام اڳيان پيش ڪيو آهي. اهو قابل داد آهي مغرب جي تاريخ لکندڙن عالمن کي انهي تاريخ تي ذرا به فخر ڪونهي، نڪي هنن کي هيءُ خيال آهي ته دنيا جا ماڻهو مٿن انگشت نمائي ڪندا. ٺلهي آڪڙ کان ۽ جنوني بڪواس کان مغرب جي تاريخ يڪسر خالي آهي. اهو ئي سبب آهي جو مغرب پنهنجي اندران رجعتي ۽ جاهلانه رجحانن کي تڙي ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي، پنهنجين اوڻاين کي پري ڪري سگهي. جيڪي ماڻهو اڄ ڏينهن تائين مغربي تاريخدانن کي لعنت ملامت ڪندي اوهان کي نظر ايندا، سي تاريخ جي علم کان يڪسر خالي آهن.
تاريخ جي لاءِ باريڪ مطالعو ضروري آهي. انهي کان پوءِ مصنفن جو منصف مزاج به هجڻ کپي، مشرق جي تاريخ نويسن ۾ جيڪا سڀ کان وڏي اوڻائي آهي سا اها ته پهريون ته هنن جو مطالعو هڪ طرفو هوندو آهي، ٻيو مذهبي غير ضروري رجحان ٽيون غير ضروري ملڪي رجعت پسندي چوٿون بي، قومي سرپاءَ فخر پنجون مصنف مزاجي کان خالي، ڇهون ڪم همت، ملوڪيت پرست، مفلس، محتاج، سست، ايترين سخت اوڻاين جي حالت ۾ اوهين انهن کان ڪهڙي حقيقي تاريخي جستجو جي اميد رکي سگهو ٿا؟ مسلمان تاريخ نويسن ۾ سڀ کان وڏي خامي هيءَ آهي. جو هو پنهنجي تاريخ جي هيرو کي حد درجي کان زيادهه پيار ڪن ٿا. پوءِ کڻي اهڙي انسان جي زندگي ۾ خوفناڪ ڪارا ڌٻا ڇو نه هجن، هو پنهنجو پورو زور اهڙي انسان جي شخصيت کي نمايان ڪرڻ ۾ لڳائيندا. پوءِ کڻي اهو سڀ ڪجهه تاريخي واقعن ۽ انصاف کان بغير ڇو نه هجي. مثلاَ هڪ دفعي مون هڪ چوٽي جي زبردست عالم کان جو زبردست عهدي تي فائز آهي (تيمورلنگ) يعني (امير تيمور) بقول علامه صاحب، صاحب القرآن وغيره جا الفاظ ٻڌا. سندس شخصيت کي هڪ زبردست هيرو جي اهميت ڏنائين.
هوڏانهن هندو، مسلم، ايراني، ترڪي، انگريزي سڀ تاريخ نويس امير تيمور کي انسانيت جو خطرناڪ قاتل سمجهن ٿا. هن جو ڪجهه به پنهنجي ايام ۾ ڪيو محض ملڪي حوس گيري جي حالت ۾ ٻين جي آزادي کسي لکن ڪروڙين آزاد انسانن جي گردنن ۾ غلامي جا طوق وجهڻ ، هزارين گل صفت ٻارن، زالن کي چنگيزين جي نفس پروري لاءِ هندستان افغانستان، ايران مان ڪاهي وڃڻ، اهو تيمور جي شايان شان هو؟ ڪي اڌ اکر مُلا، جاهل سنڌي ۽ پاڪستاني مون تي سيخ پاءُ ضرور ٿيندا، پر انهن کي هڪ جواب ڏيندس. ڪنهن جي قهر غضب ڪري، انصاف موقوف ڪونه ٿي ويندو، نڪي سڄِي دنيا جي تاريخ بدلجي ويندي، نه اهي زخم يا ڌٻا ميٽي سگهبا، جي تاريخ اهڙن انسانن جي سرن تي لڳايا آهن. اهڙي ساڳي حالت هندي تاريخ نويسن جي آهي، منهنجو مطلب هندو دوستن کان آهي. جنهن بيدردي سان تاريخ جو نالو خراب هنن صاحبن ڪيو، اهو قابل ماتم آهي، مذهبي ملڪي جنون هنن جي تحقيق جي معدي کي بلڪل صلب ڪري ڇڏيو، ايترو ته دورغه گوئي ۽ بي سروپا ڪهاڻين کان ڪم ورتائون، جنهن جو نشان به صفحه ارِض تي موجود ڪونهي. اچو آئون توهان کي مغربي محققن جي صاف بياني جو ذڪر ٻڌايان. هڪ محقق ڪرو سينڊس جو ذڪر ڪندي چوي ٿو، جڏهن مغرب جي بداخلاق بادشاهن جا لشڪر قسطنطنيه پهتا. اتي هنن ناچ رنگ جون محفلون ڄمائي خوب زناڪاريون ڪيون. هو صاحب لکي ٿو، شراب ۾ هو ايتري قدر ته متوالا ٿيا جو هڪ رنڊي کي سوني تخت تي ويهاري خوب فَحش راڳ ڪرائي داد ڏنائون ٻيو مصنف لکي ٿو. 4،5 صدي ۾ اغلام بازي ۽ رنڊي بازي مغرب ۾ ايتري قدر ته وڌي وئي جو عوام ۽ حاڪم ته مذهب جي نالي تي پادرين، بادشاهن جاهليت جي هٿ وس تي لکن بي گناهه انسانن جو رت وهايو. مصنف سڀني بادشاهن مذهبي رهنمائن جو وقت ڏٺو. آئون طوالت جي خوف کان سڀ ڪجهه نظر انداز ڪريان ٿو.
مغرب جي 3000هزارن صفحن جي جيڪا تاريخ مون مطالعو ڪئي تنهن منهنجا ڏند چپن تي آڻي ڇڏيا. هي بي باڪ سچي تاريخ، هاڻي اوهان مقابلو ڪريو انهن جاهلن سان جيڪي مغربي عالمن جي سچائي واري تاريخ کان بي خبر آهن. انهن تي فخر ڪرڻ جي بجاءِ تاريخ نويسن بي باڪي سان ماتم ڪيو. مغرب انهي تاريخ جو هڪ ورق به ضايح نه ڪيو بلڪه عبرت ۽ صحيح حقايت لاءِ سڀ ڪجهه ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ رکيو. هوڏانهن اسان جا تاريخدان جن جي هٿ ۾ پنڻ جي گودڙي کانسواءِ ڪجهه به ڪونهي. اهِڙن عالمن جي سمجهه تي ڪيترو ماتم ڪجي ۽ مقابلو ڪجي؟ هي بي پناهه تاريڪي جا بادل جن کي قيام ڪونهي. هر هوا جي لوڏي تي هيڏانهن هوڏانهن اڇلندا وتن پيا. جڏهن کين شڪست جو يقين ٿئي ٿو. تڏهن هڪدم هڪ عدد فتويٰ سندن ڳوٿري مان نڪري نروار ٿئي ٿي. هي انگريزي خوانده مغرب زده آهن. هنن جي ذهنن تي مغربي تهذيب ۽ تمدن جو اثر آهي. قربان وڃجي مشرقي علمائن جي انهي ناز ادائن تي تحقيق، جستجو، سچائي محض مغرب جي عالمن ۽ محققن جي ورثي ۾ نه آئي آهي، پر مشرق جا ماڻهو يڪسر ضمير، فهم ۽ علم کان خالي نه آهن. مشرق هر زمانه باوجود قتال، جدال جي به انساني تمدن ۽ سچائي جو مرڪز پئي رهيو آهي. صداقت ۽ جستجو جو سهرو اولين مشرق جي سِر تي آهي. انسانيت ابتدائي منازل به مشرق ۾ عبور ڪيون. انهي لاءِ مذهبي، تهذيبي ۽ تاريخي حقيقتون گواهه آهن. انسان جي ابتدا مشرق مان ٿي ، پر افسوس آهي وقت گذرڻ بعد قوت وهم جو بوت مشرق تي زور سان مسلط ٿي ويو، جنهن ڪُل خوبصورتين تي پاڻي ڦيري ڇڏيو. اسان کي مغرب جي اڳيان کلڻ هاب ڪيو آهي. اسان جيڪڏهن حقائق کي اڳيان رکون ته اسان جي قدرتي صورت اسان کي پنهنجي دل جي آئيني ۾ چڱي طرح ڏسڻ ۾ ايندي.
آئون وري به اهي الفاظ دهرائڻ کان رهي نٿو سگهان ته ابتدائي صداقت جو مرڪز مشرق هو، جنهن جو اڄ به مغرب جي چوٽي جي عالمن کي ڪليا اعتراف آهي. مشرق جو مايا ناز فرزند ڪرائسٽ، جنهن جو مغرب اڄ به صرف دلداده آهي، پر پرستار به آهي. سو مشرق جي سر زمين ناحرت جي هڪڙي ڳوٺڙي ۾ پيدا ٿيو. هو زندگي جو فيلسفوف محض هڪ واڍو هو. مڃجي کڻي ته حضرت دائود جهڙي دائود بادشاهه جي نسل مان هو. آئون وري به بغير ڪنهن خوف جي چوڻ کان رهي ڪونه سگهندس ته دائود محض هڪ ريڍار هو. اڄ مشرق جي سپوت جي خوف کان ترانن سان لبريز زبور جو آواز مشرق کان برفاني يخ وادين جاين تائين هر خاص عام جي زبان تي آهي. مغرب ۽ مشرق جي ڪيترن راڳن. راڳڻين جو موجد هي عبراني بادشاهه هو. هي عظيم انسان خدا تعاليٰ ۾ اٽل وشواس رکندڙ هو. انهي محبت ۾ هن جيڪي ترانا چيا آهن، سي نه صرف قابل تعريف آهن پر روح کي راحت ڏيندڙ ۽ مصيبت ۾ اعليٰ دلداري ۽ تسڪين جو سبب ٿين ٿا. علي ابن ابي طالب رضه جي سچائي، سخاوت کان ڪير واقف ڪونهي؟ حاتم طائي جي انسانيت جو آواز ڪنهن نه ٻڌو آهي؟ ڇا اشوڪ، ناصرالدين بلبن جهڙا درويش شهنشاهه مشرق پيدا نه ڪيا؟ پوءِ هروڀرو پنهنجي لاعلمي جي ڪري، اعليٰ محققن ۽ تاريخدانن روشن فهم انسانن تي مغرب جي طرفداري جو الزام رکڻ وقت ذرا چشم بينا سان تاريخ جو مطالعو ضروري آهي.
تاريخ لکندڙن کي سياسي ۽ مذهبي ماحول کان تاريخ لکڻ وقت هرگز متاثر نه ٿيڻ گهرجي. اسان جي خان بهادر مولانا محمد حسين ايم اي جنهن هندوستان جي تاريخ جا جلد باريڪ بيني ۽ حقيقت آموز خبرن سان جمع ڪيا. تنهن هڪ دفعي سڄي مغرب جي عالمن جوخيال پاڻ ڏانهن ڇڪايو. اهو هڪڙو فريب ٿيندو ته تاريخ نويس ماحول ۽ حڪومت جي اشارن تي تاريخ لکن. جيڪڏهن اسين ائين ڪريون ته حقيقتن تي هڪ تاريخي خوفناڪ پردو تاڻي چاڙهي ڇڏيندا سون. اسان جا ايندڙ نسل پنهنجين خوبين، خامين ۽ واقعات جي حقيقت کان ڪيئن واقف ٿي سگهندا؟.
هڪ جڳهه هڪ مغربي تاريخ نويس لکي ٿو ته يورپ جي سرزمين تي توهم پرستي جي هيءَ حالت هئي، جوهر خاص شخص جي قبر زيارت گاهه ۽ هر خاص انسان پرستش جي لائق سمجهيو ويندو هو. وڏا ميلا لڳندا هئا، جتي هر طرح جا ڪم آزادي سان ڪيا ويندا هئا. هو عالم جڏهن ان جو ذڪر ڪري ٿو ته هن جي سچائي ۾ ذرا به شڪ ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. باوجود انهي حالت جي مغرب جي ماڻهن ڪڏهن پنهنجو منهن اهڙين بيچين، خبرن لکندڙن جي خلاف ڪونه پٽيو، نه ڪنهن کي تخته دار تي لٽڪايو نه ڪنهن تاريخ نويس کي جيل جي تنگ تاريڪ ڪوٺڙين ۾ بند ڪيو ويو، نه ماڻهن جي نظرن ۾ اهي مظلوم ٺهرايا ويا پر هت اسان وٽ ڇا آهي، اڄ آئون پنهنجن دوست عالمن کي دعوت فڪر ڏيان ٿو. کين عرض ڪندس ته تاريخ جي صداقت تي يڪ پيا ٿيو. ائين ڪرڻ سان اسين صداقت ڪش ثابت ٿيون ٿا. ميان نور محمد، ميان غلام شاهه، جي سنڌ جي آزاد حڪومت جا بادشاهه هئا، پنهنجن شڪن جو شڪار ٿي، شاهه لطيف خلاف جو سندن مِرشد هو ڪي غلط قدم، کنيا. آزاد تحقيق ڪندڙن ڪلهوڙن جي غلطين تي ڪو پردو نه وڌو.
اڄ اسان جي نئين نسل جي دماغن کي حقيقتن کان ايترو پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، جنهن جو بيان ڪري نٿو سگهجي، جيڪڏهن اهو حال رهيو ته اسان جا ايندڙ نسل اونداهي جي غار ۾ ٿاڦوڙا هڻي مري ويندا. اسان جا صاحب علم ۽ عالم هڪ وڏي گناهه جو بار سر تي کڻي، هن دنيا مان ٻي دنيا جو سفر ڪندا. مون اڳ ۾ عرض ڪيو آهي ته اسلام کان اڳ ۾ به عرب قبائلي فن تلواربازي جا نه صرف ماهر هئا پر شيدائي به هئا. تڏهن به ضرورتن کانسواءِ وڙهڻ تي ڪمر ڪشيون ڪونه ڪندا هئا. سندن چوطرف فرزندان ابراهيم وسندڙ هئا. انهي ڪري پنهنجن ڀائرن تي حملو ڪري، انهن کي نقصان پهچائڻ، نسلي نقطه نگاهه کان ڏاڍو ڏکيو ڪم هو. انهي زماني ۾ انسان کي پنهنجي نسلي امتياز تي ڪافي فخر هوندو هو. تنهن جو اندازو اوهان امير خليفه ۽ امام زين العابدين رضه جي خط و ڪتابت مان ڪري سگهو ٿا. سيد عابدين رضه ڪنهن عجمي کي سڱ ڏنو، جو مسلمان هو، تنهن تي خليفه کيس سخت طعنه ڏنا. چيائين ته اي فاطمي فرزند! قريشن جو اهو هر گز دستور نه آهي جو غير کي سڱ ڏين، اهي ٻه اکر تاريخي حوالي طور ڪافي آهن، حالانڪ اسلام نسليت جو ايترو قائل نه آهي، انهي هوندي به قريشن کي هر گز ڪين پئي وڻيو ته هو ٻين سان سڱابندي ڪن. هاڻي اوهين قياس ڪري ڏسو امير ۽ فاطمي پاڻ ۾ چانڊيه مگسي هئا. پر پر غيرت جي معامله ۾ جذباتي طور ڀڙڪو کائي انهي جڳهه تي آيا، جتي عرب ۽ عبراني اسرائيلي مڃيندڙ هئا.
خير هتي ڏيکارڻ جو مقصد هيءُ آهي ته جڏهن عرب ابرباران جي رحمت کان محروم ٿيندا هئا، تڏهن مجبور ٿي ٻين ملڪن تي حملي ڪرڻ کان هرگز ڪونه گسندا هئا. آزاد طبعيت ۽ آزادي پسند هجڻ سبب عربن کي هرگز گوارا ڪين هو ته ٻين ملڪن تي حڪومت ڪن. عرب جو هر هڪ قبيلو خودمختيارانه زندگي بسر ڪندو هو، عربن کي نه ڪنهن حاڪم جي پرواهه هئي نه ئي هو چاهيندا هئا ته ڪو مٿن حڪومت ڪري ۽ سندن مٿان جدا جدا قسمن جا محصول وجهي. اڃا تائين به صحرائي عربن جا ڪيترا قبيلا آهن، جي ڪنهن جي حڪومت جا قائل نه آهن. هي ماڻهو سينا جي پهاڙن ۾ پنهنجا ڌڻ وٺيو گهمندا وتن ٿا. حڪومت مصر، اردن وغيره انهي ڪوشش ۾ آهن ته انهن ماڻهن کي اهل بيت بڻائي، انهي آورا گردي کان هنن جي جند آزاد ڪرائجي. بين الاقوامي قوتون به هينئر انهن خانه بدوش عربن جي مدد ڪرڻ لاءِ ڪنهن حد تائين آماده آهن. منهنجي خيال ۾ هو سُکيا ته ضرور ٿيندا پر انساني پنجي ۾ ڦاسڻ کان پوءِ اها آزادي جا کين هزارها سالن کان نصيب آهي، سا ضرور وڃائي ويهي رهندا، سينا جي خشڪ ۽ خوبصورت وادين ۾ جي خوشين جا ترانا آلاپين ٿا، سي وري نه آلاپي سگهندا.
خودغرض سياستدانن کي ٻين جي آزادي جي ڪهڙي پرواهه، اها حالت ڪجهه وقت لاءِ آمريڪا جي هئي، جڏهن آمريڪا جي آزادي پسند عنصر برطانيه عظميٰ کان پنهنجو پاڻ کي آزاد ڪرايو هو. هڪ آمريڪن تاريخدان لکي ٿو آزاد ٿيڻ کانپوءِ دراصل آمريڪا جي ماڻهن کي نه ڪنهن حاڪم جي ضرورت هئي نه ڪنهن نظام جي، آمريڪا جي تاريخ ۾ جنگ آزادي جا ورق نهايت پر لطف آهن، اُميد ته ڪنهن وقت سنڌ جي تعليم يافته طبقي لاءِ اهو ڪم به سرتي هموار ڪندس.
اسين هاڻ اچون ٿا سنڌ جي تاريخ تي تاريخي نقطه نگاهه کان اوائل ۾ جيڪو ذڪر سنڌ جو اسان کي ملي ٿو. مهاڀارت جي عظيم تاريخ مهاڀارت قوت واهم ۽ توهمات سان ڀريل آهي. ساڳي جڳهه مثلاَ ڪورون، پانڊون جي تاريخ، شري ڪرشن مهراج جو ذڪر، خير اسان جو تعليم يافته طبقو ٿورو گهڻو مهاڀارت جي تاريخ بابت ضرور ڄاڻي ٿو. مون هڪ آزاد محقق وانگر ڪيترا دفعا مهاڀارت ۽ رامائڻ جي عظيم تاريخي حقيقتن جو مطالعو نهايت باريڪي سان ڪيو. رامائڻ جو اسان جي سنڌ جي تاريخ سان ڪوبه وسطو ڪونهي، جڏهن ڪورون ۽ پانڊون جي وچ ۾ هندستان جي حڪومت لاءِ ڪرو ڪشمير جي تاريخي ميدان ۾ لڙائي لڳي، انهي لڙائي ۾ آزاد سنڌ جو لشڪر به شامل هو انهي زماني جي سنڌ ۾ ڪڇ ڪاٺياواڙ جا ڪي حصا ملتان ڊويزن جو الهندو ڀاڱو شامل هئا، سنڌ جو حاڪم جئٿرت ڪشمير جي وادي تائين ٽيڪسلا، پشاور ۽ پنجاب جي اترين ڀاڱي تي پنهنجي فرمان روائي جي شان سان حڪومت ڪندو هو.
مهاڀارت جي عظيم لڙائي پورا ارڙهن ڏينهن هلي، جنهن ۾ آتشي تير، زبردست مگڌر وغيره هٿيار طور استعمال ڪيا ويا. ناقابل تسخير سنڌي لشڪر پنهنجي حريف ڪورون لاءِ ميدان جنگ ۾ ڏاڍي زور سان وڙهيو. جڏهن ڪرشنا مهاراجا ۽ پانڊون ڏٺو ته ڪورون جو لشڪر هارڻ جي بجاءِ مورڳو فاتح ٿو ٿئي، تڏهن هنن شري ڪرشن گجرات جي بادشاهه جي جنگي چالن کان ڪم وٺڻ بهتر سمجهيو، پانڊون جا پنج ئي ڀائر بهادر هئا. جهنگن ۽ پهاڙن جي رهائش هنن جي دلين کي وڌيڪ بهادر ۽ سخت بنائي ڇڏيو هو. انهن سخت مقابلو ڪيو، ارجن جو پٽ اڀينمو انهي خوفناڪ لڙائي ۾ ڪورون جي هٿان مارجي ويو، جنهن وقتي طور ارجن جي همت کي پست ڪري وڌو پر ساڳي جڳهه سندس چاچن ۾ انتقام جي باهه کي تيز ڪيو، لڙائي سخت لڳي، ٻنهي طرفن بهادرن جا سينا تيرن سان پروڻ ٿي ويا، آخر شري ڪرشن سمجهي ورتو ته سنڌي لشڪر ۽ سندس مهندار جئٿرت جي قوت ناقابل تسخير آهي. تڏهن هن ڀيم کي ڪن ۾ چيو تون ميدان ۾ وڃي جئٿرت جي قوت کي چئلنج ڪر. پوءِ ساڻس اڪيلو مقابلو ڪر، ايتري تائين مقابلو ڪندو رهه، جيتري تائين سج لهي انڌارو ٿئي، ڪرو ڪشتر جي ٻيلي جي وڻن جي سايي ۾ انڌاري وقت هن گوڏن جي هيٺيان جن تي زرهه پيل ڪانهي ڌڪ هڻ ياد رکڻ گهرجي ته انهي زماني جي بين الاقوامي جنگي قانون مطابق ڪنهن به بهادر کي گوڏن جي هيٺيان ڌڪ هڻڻ روا ڪين هو. اها صلاح پهريان ته ڀيم کي نه وڻي پر شري ڪرشن مهراج جي چوڻ تي لڙائي جي خاتمي آڻڻ لاءِ تيار ٿيو. ڇاڪاڻ ته جئٿرت بهادر جي موت کان پوءِ ئي لڙائي جو خاتمو ٿي سگهيو ٿي، ڌڪ هڻڻ جو وقت شام مقرر ڪيو ويو. جئين ٻنهي طرفن جا ماڻهو انهي خلاف قانون کي ڏسي نه سگهن، لڙائي وڏي گهمسان جي شروع ٿي، ڀيم سنڌ جي راجا کي للڪار ڪئي مئٿرت، جو سڀني بهادرن ۾ جري مرد هو، تنهن للڪار کي قبول ڪيو. ايتري ۾ رات به اچي ٿي. ڀيم پنهنجي مگڌر جا خطرناڪ وار هن مرد جي کليل پيرن تي ڪيا هو زخمي ٿي پيو، جئٿرت ضرور ڀيم کي ملامت ڪئي هوندي، پر پنهنجي لشڪر کي سڏڻ ۽ دغابازي جو مزو پانڊون کي چکائڻ هن بهادر پنهنجي شان جي خلاف سمجهيو، گوڏن ڀڄڻ کان پوءِ اهو ائين وڙهڻ لڳو، مٿان اچي وڻن جي سايي جي اونداهي ٿي، هاڻي هو لڙائي جا داو پيچ پنهنجي دشمن سان ڪري نٿي سگهيو. نتيجو آتشي فولادي تيرن هن مرد جو ڪم تمام ڪري ڇڏيو، ڪرشن تماشو بيٺي ڏٺو. ڀيم فاتحانه نعرو بلند ڪيو. هوڏانهن ڪرشن سرو ٺاهي، سنڌي لشڪر اڳواڻ جي مرڻ تي پٺتي قدم ورايا، راتورات ڪوچ ڪري سنڌ جو رستو ورتائون.
مهاڀارت جي لکندڙ مهارشٽي ويدوياس نهايت ترهم ۽ لغر کان ڪم وٺي، هن قصي کي لئي مٽي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جو ذڪر شداد جي فرضي بهشت واري قصي سان ملي ٿو. اهو قصو حقيقت ۾ هندن جي مهاڀارت سان تعلق رکندڙ آهي، انهي قصي کي معجزو قرار ڏنو ويو. اهو ثابت ڪري ٿو ته سنڌي سورمن جي اڳيان سڄي هند جو لشڪر ۽ اڳواڻ بي مغنيٰ هئا. انهي کان پوءِ لشڪر اچي سنڌ ۾ نڪتو پانڊون ۽ شري ڪرشن کي اها جرئت نه ٿي جو هو سنڌ تي حملو ڪن انهي کان پوءِ اسان جي عظيم مادر وطن جي تاريخ تي تاريڪي جو پردو پيل آهي.
آئون هاڻي هتي جنگ جي تاريخ جي چند اهم نقطن تي طويل بحث ڪرڻ گهران ٿو، مهاڀارت جي مطالعي مان نه صرف توهمات جي بوءِ ٿي اچي پر توهم صاف ۽ عيان آهن. مهارشٽي ويدوياس تاريخ لکندڙ شري ڪرشن مهراج جي مداحن مان هڪ شخص هو کلي طرح سندس عقيدت جو اظهار پانڊون ڪيو هو، انهي کانسواءِ عظيم تاريخ جو آرٽسٽ خود ڀارتي هو. هن کي ڪورون کان نفرت هئي. سنڌين سان سندس خاص عناد هو. لڙائي محض سياست جي ڪري ٿي هئي جنهن کي مهارشٽي هروڀرو مذهبي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ڪورون پانڊون ۽ شري ڪرشن مهراج جو مذهب ساڳيو هو. سنڌ جي مهاراجا ۽ ماڻهن جا عقيدا به گهڻوڪري ساڳيا هئا. زمانه قديم جي رسم رواج موجب لڙائي جو آخري حصو نهايت غلط هو شري ڪرشن مهاراج کي انهي غلطي جي سزا هڪ بهادر ڀارتي تير سان ڏني. انهي زهريلي تير لڳڻ ڪري شري ڪرشن مهراج جان بر نه ٿي سگهيو. جنهن جي لاءِ رشي ويدوياس کي هڪ فرضي ڪهاڻي گهڙڻي پيئي سنڌي لشڪر ۽ سندس اڳواڻ نهايت بهادر مرد ۽ سچار هئا. هن کي وهم ۾ به اهو ڪونه هو ته شري ڪرشن جهڙو بهادر بااصول انسان هروڀرو لڙائي کان ٿڪجي غير اصولي طريقن تي لهي ويندو. انهي کانسواءِ گهڻا شبهه هي به ٿي سگهن ٿا ته ڪنهن سنڌي پنهنجي اڳواڻ جي انتقام لاءِ ڪرشن محراج کي شڪار تي اڪيلو ڏسي قتل ڪري ڇڏيو انهي کان سواءِ خبر پوڻ کان پوءِ بهادر پانڊون کان شايد سنڌي لشڪر سخت انتقام وٺي ها. پر اهو راڄ وغيره ڇڏي هماليه پهاڙن ۾ هليا ويا. گمان غالب آهي هنن خودڪشيون ڪيون هي تاريخي سانحو نهايت دردناڪ آهي انهي لڙائي جا سڀ هيرو سياسي غلطين جي ڪري هولناڪ طرح زمين تان ميٽجي ويا اسان جي آئنده نسلن لاءِ مهاڀارت ۾ وڏو سبق موجود آهي. لڙائي جي لاءِ هٿيار کڻڻ کان اڳ ۾ اسان کي ڏهه دفعا نتيجن تي سوچڻ کپي. گهڻا ماڻهو انهي فلسفي تي ايمان ڪونه ٿا رکن، انهن جو خيال آهي ته بهادرن کي نتيجي جي ڪا به پرواهه نه هجڻ کپي بهادري پاڻهي نتيجا پيدا ڪندي هي سوال چند انسانن جي شخصي بهادري جو نه آهي پر مجموعي طور قومون ۽ ملڪ قتال جدال جي نتيجن ۾ شريڪ هونديون آهن اسان کي شري ڪرشن لاءِ ذاتي طرح عزت آهي، پر سندس غلط سياست سان ڪوبه لاڳاپو ڪونهي شري ڪرشن مهراج هند جو هيرو هڪ عظيم مرتبت انسان هو. سندس مڃيندڙن سان پوري همدردي اٿئون اسان کي سندس عظمت جو انڪار هر گز نه آهي پر تاريخدان جي حيثيت ۾ پنهنجو فرض پورو ڪرڻ به اسان جي جوابداري ۾ شامل آهي کلي آزاد دل سان تاريخ جي ورقن کي چٽڻ جو ڪم ڪري اسان پنهنجي تحقيق ۽ آزاد دلي جو پورو ثبوت ڏنو آهي.اميد ته ڪو به صاحب رنج ڪونه ٿيندو.
انهي کانپوءِ اسان جي عظيم ملڪ جي تاريخ اونداهي جي به حساب پردن هيٺ لڪل آهي. وري عظيم مرتبت سڪندر مقدوني جي زماني ۾ اسان تاريخن ۾ صرف ايترو ڏسون ٿا ته هو هتان لنگهيو. هاڻي سوال ٿو اٿي ته ڇا مرد مقدوني، هن ملڪ مان هڪ مهمان جي حيثيت ۾ لنگهيو يا فاتح جي صورت ۾؟ اسان کي ويهمي تاريخ سان ڪوبه واسطو ڪونهي، جيڪڏهن سڪندر هن ملڪ مان فاتح جي صورت ۾ لنگهي ها ته ضرور انهي جوذڪر اچي ها. انهي کان سواءِ ڪيٽي بندر وٽ وير چڙهڻ لهڻ جو جيڪو واقعو ٿيو، سو ثابت ڪري ٿو ته سڪندر ضرور هن ملڪ مان مهمان جي حالت ۾ لنگهيو. سڪندر سان گڏ انهي سفر ۾ ڪي هندي ضرور هوندا پر سنڌي هڪ به ڪين هو، ورنا سنڌ جي ساحل جا ماڻهو انهن ويرن جي اسرارن کان چڱي طرح واقف هئا. اهي مقدوني لشڪر جي واويلا ماتم ڏسي ضرور انهن کي سمجهائن ها. ساحل آباد هئا. ڇاڪاڻ ته سنڌ جو واپار ٻين ملڪن سان هلندو هو سنڌ جا آباد شهر درياه جي ڪناري ته هيا. انهي مان صاف ثابت آهي ته اسان جي ملڪ مان هيءُ عظيم نوجوان آزاد خيال، بهادر، شريف فاتح محض مهمان جي حالت ۾ لنگهيو. سڪندر مقدوني نهايت آزاد شريف حاڪم هو. انهي زماني ۾ جيتوڻيڪ سنڌ ڪئنال سسٽم تي ماڻهو آباديون عام جام ڪندا هئا. تڏهن به خاص آبادي جو دارومدار درياهي ٻوڏن ۽ بارشن ته هو. اندروني حصو گهاٽن ٻيلن جي ڪري، سفر جي لائيڪ ڪين هو. ماڻهو ڏوراهين ملڪن ڏانهن گهڻو ڪري درياهي سفر پسند ڪندا هئا. درياهي مسافرن جو رواج تمام ڪثرت سان هو.
انهن سڀني ڳالهين کي مدِ نظر رکندي اسين بغير ڪنهن خوف ۽ توهم، خوشفهمي جي چئي سگهون ٿا ته عظيم سڪندر هتان محض مسافرانه طريقي سان لنگهي ويو. هڪ راهه ويندڙ حاڪم سان جنهن سنڌين جو ڪوبه نقصان ڪونه ٿي ڪيو، هنن هرگز هٿ نه ڳنڍيا نڪي تاريخ ۾ سڪندر کي مدد ڏئيڻ جو ڪو ذڪر موجود آهي. اسان کي نهايت افسوس سان هي لفظ سپرد قلم ڪرڻا پون ٿا. هر زباني انقلابن جي ڪري ملڪن کي سخت گهاءُ پئي رسيا آهن. اهڙن زخمن کان سنڌ آجي ڪانه آهي. ملڪي ۽ وطني درد جا گهاءُ ڏاڍا اونها هوندا آهن سنڌ جي مروج تاريخ ۾ سڪندر بابت غلط بيان ڏنل آهن ته سڪندر جو لشڪر گرمي ڪري اڳتي وڌي نه سگهيو، ٻه هزار ٻيڙيون جهلم ۾ ٺهرايائون ، سنڌ ۾ 9 مهينا رهيو، ڪي شهر ٻڌائون، سڀ من گهڙت افسانه آهن، جن کي ڪابه تاريخي اهميت ڪانهي. جيڪڏهن سڪندر سنڌ ۾ رهيو ۽ وڙهيو ته ڪهڙن حاڪمن سان وڙهيو؟ ڪهڙي گهراڻي جي سنڌ تي حڪومت هئي؟ سکر ۽ روهڙي جي گرمي پنجاب جي گرمي کان گهٽ ڪين هئي. ٿڌين هوائن جا رهاڪو يوناني اها قيامت خيز گرمي ڪين برداشت ڪري سگهيا. سيوهڻ جي گرمي کان ڪير واقف ڪونهي؟ اتي وري ماهوٽا جو شهر ٻڌڻ هڪ يوناني حاڪم لاءِ عجيب فعل ناهي ته باقي ڇا آهي؟ جڏهن يونانين مان ڪنهن به سنڌ، هند کي پنهنجو وطن نه بڻايو. پنجاب ۾ انهي زماني ۾ گهاٽا ٻيلا هئا، جنهن جي ڪري منهن پوندا هئا. منهن جي ڪري گرمي ختم ٿي ويندي هئي، پوءِ اها گرمي ڪٿان نازل ٿي؟ دهلي جي ڀروارا پرڳڻا، مون سون جي ڌارا هيٺ آهن اتي گرمي ڪٿان آئي؟ ڇو نه سڪندر اوڏانهن ويو ٽيڪسلا، ايبٽ آباد ٿڌيون جڳهيون آهن ڀر ۾ جنت نظير ڪشمير آهي. سڪندر اتان ڀڄي سنڌ جي سخت گرمي ۾ لشڪر سماعت 9 مهينا ڪئين گذاريا؟ اهي سڀ بيان هڪ اعليٰ محقق جي واسطي لغو ۽ من گھڙت افسانه آهن ۽ ٻيو بس. حقيقت جي خالي افساني کي ڪهڙي حثيت حاصل آهي.
انساني تاريخ شاهد آهي ته وطنيت جي پويان انسان صفح ارض تان محدود وقتن ۾ ميٽجي ويا. انهن جي ياد جا ترانا جيتري تائين انساني دنيا قائم آهي. انسان ڳائيندا رهندا. جهڙي طرح هندوستان ٻاهرين حمله آورن جي هٿان گهڻو سٺو، اهڙي طرح سنڌ کي ڪيترن حمله آورن سان يڪي سر مقابلو ڪرڻو پيو. يونانين کان پوءِ اسان کي تاريخ ۾ راءِ گهراڻي جو ذڪر ملي ٿو. هي حاڪم رحمدل، شريف آزاد خيال ٻڌ ڌرم کي مڃڻ جي ڪري گهڻن وهمن کان آزاد هئا. انهي کان سواءِ ٻوڌي بنسبت مڪار، چالاڪ برهمڻ کان گهڻو سادا هئا. چچ نالي برهمڻ انهن جي سادا دلي جو فائدو وٺي، سنڌ جي حڪومت پنهنجي هٿ ۾ ڪئي. انهي ردوبدل ۾چالاڪ براهمڻ سخت ظالمانه روش اختيار ڪئي. رائي جي ڀاءُ کي به جنگ جي ميدان ۾ دغابازي سان ماري وڌائين. سنڌ ۾ ٻڌ اقتدار ختم ٿيئڻ کان پوءِ برهمڻ اقتدار جو ڏونڪو وڄڻ لڳو. سنڌ جي ماڻهن جي آزادي کي برهمڻ گهراڻي وڏو جهٽڪو ڏنو، عين انهي زماني ۾ عربن سنڌ تي ڪاهه ڪئي. پهرين ڪاهن ۾ عربن کي شڪستون نصيب ٿيون پر محمد بن قاسم واري ڪاهه ۾ عربن جي سرتي فتح جو سهرو رهيو. برهمڻ جي شڪست جا سبب سنڌ جي ماڻهن کان اڃان راءِ گهراڻي جو قتل عام ڪونه وسريو هو. انهي ڪري لڙائي وقت سنڌ جا سورما بي دل ٿي، عربن سان وڙهيا رعايا راءِ جي راڄ ۾ نه صرف خوش هئي پر کين هر طرح جي آزادي به هئي برهامڻ جي حڪومت سنڌ ۾ وري ذات پات، ورثن جو مرض پيدا ڪيو. جنهن جي راءِ گهراڻي ٻڌ ڌرم جو پيروڪار هجڻ ڪري صفا جڙ کان اکيڙي ڇڏيو هو. ذات پات جي مرض جي ڪري، سنڌي لشڪر ۾ صرف اعليٰ ذات هندو هئا، جن جو تعداد ڪافي نه هو. اڇوت قومون جي راءِ جي راڄ ۾ برابري جا حقوق رکندڙ هيون، تن کي ريٽيو ويو. انهن جي جنگي فن ۽ تلوار بازي جي هنر کي نابود ڪري کين ادنيٰ زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو ويو. جنهن ڪري برهمڻن جي راڄ ۾ اهي بنسبت ٻي رعايا جي زياده ناراض ها. انهي سببن جي ڪري هنن برهمڻ جي مشڪل وقت ۾ ڪا خاص مدد نه ڪئي برهمڻن کي ته هنن جي وجود کان نفرت هئي. اڳي راجائن جي ڏينهن ۾ ائين نه هو سڀ سنڌي برابري جي درجي تي زندگي گذاريندا هئا. کين پوري مذهبي آزادي هئي. انهي کان سواءِ ٻڌ ڌرم موجب اعليٰ ۽ ادنيٰ ۾ ڪوبه فرق ڪون ٿي رکيو ويو. هينئر برهمڻن وري پنهنجو پراڻو برهمڻ رواج جاري ڪيو. ماڻهو هڪ ٻي کي نفرت جي نگاهه سان ڏسڻ لڳا. اعليٰ ذات وارا ادنيٰ ذاتين کان نفرت ڪندا هئا. هوڏانهن ادنيٰ ذات وارن جي اندر ۾ هندن جي لاءِ سخت نفرت جي باهه ڀڙڪي اٿي. ڇاڪاڻ ته هنن جي صدين جي آزادي ۽ برادري جو خاتمو ڪيو ويو هو. انهن سببن سنڌ جي برهمڻن جي قوت کي وڌيڪ ڌڪ هنيو. جڏهن کين عربن جو مقابلو ڪرڻو پيو ته ڌڪ جهلي نه سگهيا. ملڪ جي اندروني جهيڙن، اندر ئي اندر عربن کي براهمڻن جي ڪمزوري کان واقف ڪيو. ايتري تائين جو مندرن ۾ پوڄاري به يڪا يڪ تبديلي جي ڪري پنهنجي برادري وارن براهمڻن کان ناراض هئا. جن ڪي اهم جنگي راز محمد بن قاسم کي ٻڌايا هن امر ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته بهادر برهمڻ راجا ڏاڍي بهادري سان وڙهيو پر افسوس جو ناراض ۽ مايوس بي دل سنڌي لشڪر راجا سان دلي ساٿ نه ڏنو. آخري وقت ۾ مرحوم مهاراجا اڪيلي سر بهادر عربن سان وڙهندي جان ڏني. مهاراجا ڏاهر جي بهادري جي تعريف جيتري ڪجي، اوتري ٿوري آهي، پر ذات پات جي مرض سندس سياست طاقت کي کوکلو ڪري، هن جي گهراڻي جو هميشه لاءِ خاتمو آڻي ڇڏيو ۽ سنڌ جي شما آزادي کي گل ڪيو، جا هزارها سالن کان شان، مان، عزت سان ٿي ٻري، عربن لاءِ سنڌ جي قديم ۽ قوت ور سرسبز وادي جي فتح، هندوستان جي فتح لاءِ اميدن جو دروازو کوليو. ڏاهر جي موت کان پوءِ به هندن عربن جو مقابلو ڪيو پر ساڻن پڄي به سگهيا. ادنيٰ ذات جي هندن جا ليڊر خوش هئا، هنن سمجهو ته ٿي هاڻي سڀ هڪجهڙا ٿي قلندر جي گودڙي ۾ آهيون، عرب جي ريگستان مان هت پهتا، تن جو هي خوبصورت ۽ سرسبز وادي ڏٺي، تن مان ڪيترا ئي گهر ڪري ويهي رهيا، ايتري تائين جو منجهانئن عربي تهذيب ۽ تمدن جو نالو نشان به ميٽجي ويو. اڳتي هلي آئون اهو ذڪر ڪندس.
سنڌ جي وادي ۾ زندگي جي ضروريات جي ڪثرت عرب جي مختلف حصن جي ماڻهن کي لالچايو ته هو سنڌ ۾ وڃي بود باش ڪن. انهي کان سواءِ ڪيترن عربي سپاهين به هن ملڪ کي پنهنجو مستقل گهر بڻائي، بودباش اختيار ڪئي. ڪيترا سنڌي اسلام ۾ داخل ٿيا. انهي ڪري ايندڙ عربن ئي سنڌ ۾ رهندڙ عربي سپاهين کي سوسائٽي ملڻ ۾ ڪا گهڻي مشڪل ڪانه ٿي پر سنڌ جي ماڻهن جو اثر، رنگ عربي ماڻهن تي ايتري قدر ته غالب پئجي ويو جو هو سنڌين ۾ بلڪل گڏجي ملي ويا. نه صرف ايترو پر پٺاڻ، ترڪ، ارغون ۽ ٻيا گروهه به سنڌين جي پاڪيزه جا تهذيب جا دلداده ٿي، هن ملڪ ۾ سنڌي بڻجي ويا عباسي، بلوچ سنڌين ۾ مدغم ٿي ويا. پر بلوچن پنهنجي روائتي زندگي کي قائم رکيو ۽ گهڻا قبيلا اڄ ڏينهن تائين انهي تي قائم آهن سنڌين جو اهو روح برطانيه عظميٰ جي دور حڪومت ۾ بلڪل فنا ٿي ويو. انهي ڪري سنڌي آهستي آهستي روايتي زندگي کان پري ٿيندا پيا وڃن.
جيڪڏهن راءِ گهراڻي جي وقت عرب سنڌ تي حملو ڪن ها ته شايد کين مايوسي جو منهن ڏسڻو پوي ها، ڇاڪاڻ ته سنڌين ۾ نه صرف ٻڌي هئي پر اندروني اختلاف، ذاتيات جي مرض کان مٿيرا هئا، ٻڌ ڌرم جي مڃيندڙن پنهنجي ابتدائي دور ۾ ذات پات، انساني تقسيم جي خلاف نه صرف آواز بلند ڪيو پر سخت ۽ خونريز تصادم به ذات مڃيندڙن سان ڪيا. انهي جي لاءِ هندوستان جي تاريخ انهن مذهبي خوني جهادن جي زنده گواهي پنهنجي اندر رکي ٿي. برهمڻ، جنهن جو مقصد هو پنهنجي اثر اقتدار کي قائم رکڻ، تن ڪنهن به صورت ۾ اهڙي ڪنهن اصلاح کي هندوستان ۾ پکيڙڻ برداشت ڪونه ٿي ڪيو. جن مان انهن جي فوقيت ديوتا پڻ کي نقصان پهچڻ جو انديشو ٿي ٿيو، هوڏانهن هندوستان جا ماڻهو مغربي فلسطيه جي فلاسافي مان انهن گمنام مبشرن جي وسيلي متاثر هئا. جي هئنر انسانيت جي تذليل برداشت ڪرڻ لاءِ هرگز تيار نه هئا. ذاتياتي مرض سوسائيٽي جي معاشرتي ۽ تهذيبي زندگي جي لاءِ خطرناڪ قاتل زهر مثل هو. ڇاڪاڻ ته ماڻهو پنهنجي وهم پرستي جي ڪري هڪ ٻي جي سائي کان به ڪو کائيندا هئا، حقيقت ڪري چند چالاڪ برهمڻ کان سواءِ باقي ماڻهن اهو سڀ ڪجهه لاشعوري ماتحت ٿي ڪيو. برهمڻن پنهنجي اثر سان اعليٰ ذات جي هندن جي ذهن تي ڪي اهڙا اثرات ويهاريا. جن جي ڪري هو ادنيٰ ذات وارن سان ڪو معاشرتي وهنوار رکي نٿي سگهيا. هنن سمجهو ٿي ائين ڪرڻ سان هو خدا وٽان سخت عذاب ۾ مبتلا ٿي ويندا. تقدير جي بي سري، بي سروپاءَ راڳ ماڻهن کي هي سمجهڻ تي مجبور ڪيو ته اڇوت پڻ انسانن جي بد اعمالن جي زليل سزا آهي، جي ديوتا يا خدا برهم انسان کي ڏئي ٿو.
هوڏانهن فلسطي فلاسفرن جي مخفي تعليم تقدير جي مخالفت ۾ هندوستان جي زمين تي ڪم ٿي ڪيو. انهي کي قوت وري مهاتما ٻڌ وٽان پهتي، جو مخلوط فلسفي جو قائل هو. ٻوڌي فلسفو به چون چون جو مربو آهي انهي مربي جا مزا سواد صرف وڏا عالم سمجهي سگهن ٿا. هتي عوامي عالمن جي جڳا نه آهي، ٻوڌي فلسفي ۾ ويدانت، اسرائيلي ۽ پراڻو رومين يوناني فلسفو موجو آهي، هوڏانهن محدود مطالعي وارا ٻڌ جي تعليم تي تعجب جو اظهار ڪن ٿا. اها ڳالهه مڃڻ جي قابل آهي. هن مشرقي فلاسافر شخصيت پرستي کي هند، سنڌ جي سرزمين، جاپان، چين، برما ۽ ديگر هنڌن تي سخت ڌڪ هنيو حقيقت ۾ شخصيت پرستي جهڙو زهر قاتل خيال، انسان لاءِ دنيا ۾ ٻيو ڪجهه به ڪونهي، ڇا ڪاڻ ته شخصيت پرستي انسان کي پنهنجن صلاحيتن کان ڪم وٺڻ کان روڪي ٿي.
سنڌ جي ماڻهن انهي تعليم کي خوشي سان قبول ڪيو انهي تعليم جو مرڪز ميرپورخاص جي ڀرسان ڪاهو جو شهر هو، هتي ٻڌ ڌرم وارن جو زبردست تبليغي سينٽر ۽ مرڪزي مندر موجود آهن، جي تاريخدانن کي تحقيق ۽ جستجو جي زنده دعوت پيا ڏين.
پرهمڻن جي راڄ شروع ٿيندي ئي ٻوڌين تي سخت وار ڪيو هيو نتيجو اهو نڪتو جو سارو سنڌ ٻوڏ مان ڦري وري ساڳي ذاتيات جي برهمڻ مرض ۾ مبتلا ٿي ويو. جيڪا اخلاقي قوت سنڌ جي ماڻهن کي ٻڌ مان حاصل هئي سا منو سمر ٿي وئي ۽ ويدانت جي تعليم به برهمڻن جو زمانو سنڌين جي لاء عيش عشرت جو زمانو هو. جا سادگي ۽ پاڪيزگي، اخلاقي جرئت هو ٻوڌين جي زماني ۾ حاصل ڪري چڪا هئا، سا برهمڻن جي زماني ۾ وڃائي وهي رهيا. انهي ڪري بهادري جو اهو رنڱ به سنڌين ۾ نه رهيو، جو ڪه صديون اڳ منجهن موجود هو. انهي ڪري محمد بن قاسم فتح سنڌ آساني سان سنڌ تي قبضو ڪري، بيشمار مال دولت، ٻانها ۽ ٻانهيون هٿ ڪري اميه خليفن جي حضور ڏانهن موڪليا. ٻڌ ڌرم وارا به آهستي آهستي ويا سست ٿيندا، موجوده دور جي اخلاقي خرابين ۾ جيترا ٻڌ ڌر مڃيندڙ مبتلا آهن شايد ٻيا گهڻا موجود نه هجن، سياسي اثر اقتدار کي قائم رکڻ لاء اخلاقي توازن کي به برقرار رکڻو پوي ٿو. بي صورت ۾ اهڙي سياست جي زوال جا آثار جلد پيدا ٿي پوندا آهن.
دنيا جي تاريخ جا ورق اسان کي وڏي واڪي اخلاقي بربادين جي باري ۾ ٻڌائين ٿا. انساني دنيا ۾ انساني تاريخ جيڪي گل ڪڍيا، انهن جو مشادو صرف تاريخ جي ورقن جي مطالعي مان ڪري سگهجي ٿو. تاريخ انساني زماني جو بهتر آئينو آهي، جنهن ۾ دنيا جي سڀني قومن ۽ ملڪن جون صورتون عالمان تاريخ چڱي طرح ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. تاريخ گذشته ڪردار، واقعات حادثات کي منظر عام تي آڻڻ لاء اهم ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي. تاريخ فڪرن جي ايجاد نا آهي پر واقيات زمانه جو کليل ۽ صاف آئينو آهي انهي ڪري سهي تاريخي واقعات لاءِ منطقي دليل بي سود ۽ بيڪار آهن تاريخ زنده حقيقتن جو مجموعو آهي. جنهن جو انڪار ڪرڻ نه ممڪن آهي. برهمڻ گهراڻي جا حاڪم جيڪڏهن اعتدال کان ڪم وٺن ها ته سندن قوت جو هرگز زوال ڪئين اچي ها. پر هنن پنهنجي محدود طبيتن کان ڪم وٺي، سنڌ جي ماڻهن جي برادري کي ٽوڙيو. جنهن جو نتيجو هڪ عظيم شڪست ۽ زبردست انقلاب جي صورت ۾ رونما ٿيو. اها عربن جي فتح هڪ غير يا ڌارئي حاڪم جي فتح ڪانه هئي. جنهن جا ٽڪڙا هر جڳا پکڙيا پيا هيا، تن کي هڪ عربي انقلاب پسند مفڪر، سياستدان محمد صلي الله عليه وآله وسلم گڏ ڪري عربن جي هٿ ۾ ڏنا. عربن جون دليون وڌيل هيون ڇاڪاڻ ته چئني طرفان کان فتحون ٿي نصيب ٿيون. قدرت هڪ اهڙي زماني ۾ عربي سيلابن کي اٿڻ ڏنو جو سياسي انتشار جو زمانو هو. دنيا ۾ وڏيون وڏيون قوتون پنهنجو اثر ئي اقتدار وڃي ويٺيون هيون، فارسي، مادي، يوناني، رومي، مصري، اسرائيلي، اسوري پنهنجو دم ٽوڙي چڪا هئا.
هاڻي ميدان صاف هو. ايرانين جي منتشر قوت شمشير اسلام جي تاب اڳيان نه بيهي سگهي. مصرين، رومين جي طاقت آخري پساهن تي هئي. انهي ڪري مشرقي ملڪ کسڻ ۾ مسلمانن کي ڪا گهڻي تڪليف ۽ زياده لشڪر جو نقصان ڪونه سهڻو پيو. يورپ جي قلب جگر تي اُميه خليفن جي ڪرڻ جي ڪا جرئت ڪانه هئي. ڇاڪاڻ ته يونان، روم، جرمني، فرانس جي قوتن کي تسخير ڪرڻ اميه خليفن جي وس جو روڳ ڪونه هو. انهي ڪري دور مشرق جي خزانن گلزار وادين تي عربن جي نگاهه ڄميل هئي. قدرت ڪي حادثا ۽ بهانا پيدا ڪيا. هي خشڪ ۽ اجڙيل ملڪن جا بهادر هڪ دم پلٽجي پيا، جنهن جو پهريون وار سنڌ جي سرسبز زمين تي ٿيو. سنڌي بهادر جيتوڻيڪ قوت ۽ بهادري ۾ عربن کان هرگز گهٽ ڪين هئا پر تڪڙن انقلابن ۽ برهمڻ خاندانن سان سندن ناراضگي جو نتيجو جيڪو نڪرڻو هو. هاڻي وادي سنڌ ۾ سنڌي ترانن بجاءِ عربي ترانا ۽ مضينين آواز اچڻ لڳا. سنڌ ساز ۽ سوز جي محفلن ۾ سرگرم بهرو وٺندڙ ملڪ هو ۽ گائن وديا سان هن ملڪ جي ماڻهن جو خاص شوق هو مندرن ۾ مهلن ۾ جهنگلن ۾ ماڻهو الحاني سرور کان حظ وٺندا هئا. سنڌ جي قسمت سٺي هئي جو اُميه خليفن جي ڏينهن ۾ قلندر جي گودڙي ۾ وڃي پئي ڇاڪاڻ ته اُميه خليفا اسلام آزاد خيال حاڪمن جا پهريان قدم هئا. هي پاڻ راڳ ناچ جا شوقين هئا. اُميه خليفن مان اهڙا قلندر خليفا ۽ آزاد خيال مفڪر پيدا ٿيا جن انتهائي آزادي جو ثبوت ڏئڻ لاءِ ڪعبي جي مٿائين ڇت تي شراب پئيڻ جا ارادا ڪيا. جن حادثن کي ڪن چڳن مڙس وچ ۾ پئي ٺهاريو. امير، ملن، مولوين جي محتاجي کان آزاد هئا. عباسين جي آزاد دور ۾ ملن کي ڪا خاص اهميت ڪانه هئي. انهي ڪري اسين سمجهڻ لاءِ مجبور آهيون ته جيڪي اسلامي سختي جا مثال سنڌي هندين لاءِ ٻڌايا ويندا آهن، سي گهڻو مبالغا آميز آهن. البته ڍلن وغيره جي سختي جو ڪم حاڪم ڪندا هئا. اهو ڪم اڄ به سڀ ڪنهن آزاد توڙي غلام ملڪ ۾ جاري آهي. اسين جيڪو اسلامي سختي اعتبار ڪيون ها پر خليفن جي مادرپدر آزاد زندگي ڏسي، اسين مجبور آهيون ته اهڙين ڳالهين تي اعتبار نه ڪيون. جي خد ريش دراز ملن جي ذات جون ايجاد ڪيل ۽ تحرير ڪيل آهن بلڪه آئون ته ايترو چوڻ کان به ڪونه هٻڪندس ته اُميه خليفن جهڙا آزاد خيال ماڻهو اڄ به دنيا ۾ ڪونه آهن. بلڪه پنڊت جواهر لال نهرو، نرومين صاحب، راڻي ايلزبيت ۾ به ايتري جرئت ڪانهي جو اهڙن مذهبي جڳهن تي مهذهب خلاف ڪو ڪم ڪرڻ جي جرئت ڪن اُموين جو اهو رويو سخت مسلمانن لاءِ عذاب، آزاد مسلمانن لاءِ جام خيام جو رنگين ۽ بلورين جام هو. جماعت اسلامي ٽائيپ ملن جي ڪوڙ جي پلندي ۾ لکيل آهي ته هندو گهوڙي تي سواري نه ڪري سگهندا هئا پير ۽ مٿا اگهاڙا ڪري هلندا هئا بلڪل ڪوڙ ۽ سفيد ڪوڙو الزام آهي اُموين جي مغربي دربار ۾ عيسائي، يهودي، ڪافر شان وا شوڪت سان ايندا هئا اهڙي طرح هندن کي به پوري آزادي هئي. البته ڍلون ڪي وڌيڪ ورتيون وينديون هيون پر اڄ جهڙي سختي ڪانه هوندي هئي
موجوده زماني جا حاڪم ايتري قدر ته ڍلن لاءِ سختي کان ڪم وٺهندا آهن جو خدا جي پناهه پر اڳيان حاڪم ائين هرگز ڪين ڪندا هئا زمينون، گهر، ٿانو، سمهڻ جا بسترا ڪڏهن به سرڪار نيلام ڪا نه ڪرائيندي هئي. نڪي پيسن جي خاطر بيلف ماڻهن جي مقامن جون پتيون ڪندا هئا البته کري ۾ پيل اناج چوپائي مال مان سختي ڪرڻ وقت سرڪار پنهنجا لوازمات وسول ڪندي هئي. سنڌ جي ماڻهن وٽ خدا جو ڏنو گهڻو ڪجهه هو. انهي ڪري اهڙا واقعا تمام ٿورا منظر عام تي ايندا هئا. ماڻهن جي ذاتي آزادي جو دارو مدار ملڪ جي ٺهيل قانون تي هو. خليفن جي زماني ۾ قانون جي مڃائڻ لاءِ هروڀرو سختي کان ڪم ڪونه ورتو ويندو هو، تڏهن به ماڻهن کي قانون کان آگاهه ڪرڻ جو حڪم سرڪاري آفيسر ڪندا رهندا هئا. فيصلن جي باري ۾ آزاد رويو خليفي جي حڪم سان اختيار ڪيو ويندو هو. ڇاڪاڻ ته اُميه خليفا سخت آزاد خيال هئا. انهن مان گهڻن خليفن تي سخت ڪفر جون فتوائون به ملن ڪڍيون پر اُميه بادشاهه پنهنجي شخصي حڪومت جي ڪري ذرا به پرواهه نه ڪندا هئا. عربن هون اڳي به آزاد خيال هئا، وري اُميه دور هنن جي طبعتن کي وڌيڪ آزادي بخشي. جيڪڏهن ڪنهن کي اعتبار نه اچي ته خليفن جي زندگين جون باريڪ بني سان تحقيق ڪندڙن ۽ سهي محققن جون تاريخون نظر مان ڪڍي ڏسي ته کيس چڳي طرح خبر پئجي ويندي.
عربي ادب جي آزاد مطالعي اسان ته اهڙا راض ۽ ڳالهيون کوليون جن جي لاءِ اسان کي واهم ۽ گمان به نه هو. اُميه خليفن تي اهل يهود، نصارن جي آزاد طبعت زندگين وڏو اثر ڪيو. عرب زمانا اسلام کان اڳ ۾ به ايترا تنگ دل ڪين هئا. جهڙي طرح بعض دوست خوشفهمي ۾ مبطلاح تي عربين جي زندگين کي ملامت جو نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا نه صرف ايترو پر دمشق جي مشرق قريب مغرب ۾ ٽين وڏن فلاسافين جو دور دورا هو. يوناني، نصراني جو ڊاازم مٿان اسلامي فلسفو به وڃي انهن سان گڏيو اُميه خليفن جون دربارون هيئنر عالمي بحث مباحثن جا مرڪز بڻيل آهن جتي عالم پنهنجي فلسفي جي تائيد ۾ تقريرون ڪندا هئا اها روش هندوستان ۾ به اڪبر اعظم مغل اختيار ڪئي هئي. جدا جدا مذهبي فلاسافين جو ٻڌڻ، اُميه خليفن جي طبعتن کي تمام گهڻو آزادي طرف مائل ڪري ڇڏيو هو.
هاڻي اسين اچون ٿا پنهنجي مقصد تي سنڌ جي ديرينه آزادي جو ڏيئو عرب بهادرن جي مٿان انقلاب زمانا جي دستور مطابق گل ٿيو. سنڌ ۾ اسلامي تمدن جي دور سان تڪڙن انقلابن، تبديلين لاءِ هڪ دروازو کلي پيو. اسلامي تهذيب تمدن ۾ به اسان جا ابا ڏاڏا شريڪ هئا ۽ اڃان تائين آهن پر جنهن ڳالهه جو رنج ٿئي ٿو اها هي ته سنڌ جي قديم اهميت واري ملڪ جي شان ۽ عزت کي سخت ڌڪ لڳو. آزادي پسند انسان هجڻ سبب اسان کي افسوس ڪرڻ به کپي. جڏهن دنيا جي تختي تي اڍائي ملڪ موجود هئا انهي وقت هي اسان جو محبوب وطن به قديم انساني سان آباد هو. يعني ميسوپوٽيميا، مصر ۽ سنڌ ساري روءِ زمين تي صرف انهن ملڪن ۾ انساني آبادي هئي ۽ ٻيا سڀ ملڪ انساني آبادي کان يڪثر خالي هئا. انهن ايامن کان وٺي محمد بن قاسم جي ڏينهن تائين اسان جي وطن جي آزادي جي شماع جلندي رهي. آخر خزان جي هڪ جهوٽي هزارها سالن کان ٻرندڙ ڏئي کي گل ڪري ڇڏيو. هت اسان جو پهريون حصو غم اَفروهه افسوس سان پورو ٿيو.