آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڌرتيءَ ڌيءُ

پاڪستان جي پھرين چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽي جي نياڻي شھيد بينظير ڀٽو جي انگريزيءَ ۾ لکيل آتم ڪٿا Daughter of the East جو سنڌيڪار حسين بادشاھ آھي. ھي آتم ڪٿا آھي جبر، ڏاڍ ۽ مارشلا اڳيان جدوجھد ۽ ثابت قدميءِ جي، ھڪ نياڻيءَ جي آتم ڪٿا جنھن کان سنگينن ۽ بندوقن وارا ڊڄندا ھئا، اھا نياڻي پوءِ پاڪستان جي پھرين عورت وزيراعظم بڻي.
  • 4.5/5.0
  • 4993
  • 1507
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بينظير ڀٽو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڌرتيءَ ڌيءُ

اڪيلائي جا ٻيا ٻه ورهيه ننڍي جيل ۾

سُڃاڻپ. سُڪون. گهر. اُن سچائيءَ کي هڪ طرف رکندي ته ڪمپائونڊ اندر هڪ ڀيرو وري فرنٽيئر فورسز جا سپاهي چؤڪسي لاءِ مقرر ڪيل هئا ۽ منهنجي نظربنديءَ جي چوڪسيءَ لاءِ جيل جو ٿورو عملو روزانو المرتضيٰ ۾ ايندو هو، مونکي پنهنجي ظاهري سڀاڳائيءَ تي ڏاڍو سُڪون ٿيو. مارشل لا اختياريءَ وارن مونکي ٻڌايو هو، ته ڪجهه گهريلو ملازمن کي ڏينهن جو المرتضيٰ ۾ اچڻ جي اجازت ڏني ويندي. آئون ٽيليفون ڪَتب آڻي سگهنديس ۽ وڏي ڳالهه ته هر ٻن هفتن ۾ ٽي ماڻهو مون سان ملاقات ڪري سگهندا. اڪيلائپ جي قيد ۾ اٽڪل ڏهه مهينا رهڻ کان پوءِ اهي رعايتون ڪنهن شاندار هوٽل ۾ رهڻ جهڙيون هيون. مون گهر ۾ اُها پهرينءَ رات، گرم پاڻيءَ سان گهڻو وقت وهنجندي ۽ هٿن پيرن جا نُنهن لاهيندي ملهائي.
پر مون اُن ۾ ٿوري تَڪڙ ڪئي هئي. مونکي ٽيليفون تي رڳو پنهنجن مائٽن سان ڳالهائڻ جي اجازت ملي هئي ۽ سياسي مامرن تي ڳالهائڻ جي اجازت نه هئي. فون اڪثر بند هوندو هو. منهنجو فون اڪثر ڪٽيو ويندو هو يا اهو مورڳو بند ٿي ويندو هو. مونکي پوءِ ڄاڻ پئي ته ائين ڇو ٿيندو هو: فون جون تارون چؤديواريءَ کان ٻاهر ٺاهيل فوجي چؤنڪي سان ڳنڍيل هونديون هيون.
هر ٻن هفتن ۾ ٽن مهمانن سان ملاقات واري ڳالهه به ڪُوڙ هئي. اجازت واريءَ فهرست ۾ رُڳو امان، چاچي مانا ۽ صنم جا نالا هئا. اُهي سڀيئي ڪراچي ۾ رهنديون هيون، جتان هوائي سفر ۾ ڪلاڪ کان به وڌيڪ وقت لڳندو هو ۽ سنڌ اندر هوائي سفر جي مناسب سهوليتن نه هجڻ سبب اُهو سفر ويتر وڌيڪ ڏکيو ٿي پوندو هو. صنم جنهن کي هاڻي پنهنجي مُڙس جي خدمت ۽ گهر جي سنڀال ڪرڻي هئي، رُڳو هڪ يا ٻه ڀيرا آئي هئي. بيمار امان به ورلي ملاقات لاءِ آئي هئي. لاڙڪاڻي ۾ ڪجهه سياسي ڄاڻو سڃاڻو هئا، جيڪي سولائيءَ سان مون سان ملاقات ڪري پئي سگهيا، پر جيل اختياريءَ وارن کي اها ڳالهه پسند نه هئي. حقيقت ۾ آئون وري اڪيلائپ جي قيد ۾ موٽي آئي هيس. جيل جي عملي مان ته ڪير ايندو ئي ڪونه هو، پر جڏهن ڪو ملاقات بعد هليو ويندو هو، تڏهن ڳالهائڻ سبب مونکي ڄاڙين ۾ سُور ٿي پندو هو. اُن اَپار ماٺار ۾ ڪنهن ٻئي سبب نه، تڏهن به رڳو انساني آواز ٻُڌڻ لاءِ مونکي پنهنجي پاڻ سان ڳالهائڻ کپندو هو، پر منهنجو اوڏانهن ڌيان ئي ڪونه ويو هو.
هر ٽن مهينن کان پوءِ نظربنديءَ جا نوان حڪمناما باقاعدگيءَ سان ايندا هئا. هاڻي ته مونکي اُهي لفظ ياد ٿي ويا آهن: ”جيئن ته ڊپٽي مارشل لا ائڊمنسٽريٽر جي خيال ۾ مس بينظير ڀٽي کي اُن مقصد جي هاڃو رسائيندڙ قدم کڻڻ کان روڪڻ لاءِ. جنهن لاءِ مارشل لا لاڳو ڪيو ويو آهي، يا پاڪستان جي سلامتي، عوام جي امن يا مفاد يا مارشل لا جي اثرائتي انتظام کي ڪو جوکو ٿئي، تنهنڪري اهو ضروري آهي ته ڄاڻايل مس بينظير ڀٽو کي نظربند رکيو وڃي…“
وقت اڳي کان به وڌيڪ ڳؤرو ٿي ويو هو. اُتي پڙهڻ لاءِ صبح جو ڇپيل اخبارون نه هيون، ۽ نه ئي ’انٽرنيشنل هيرالڊ ٽريبيون‘ هئي. عربي ٻولي سِکڻ وارن پروگرامن، سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻوليءَ ۾ ضياءَ جي خبرن، حڪومت جي سياسي سرگرمين بابت ذهن کي اجايو متاثر ڪندڙ دستاويزي پروگرامن ۽ ڪجهه اڌ ڪلاڪ جي ناٽڪن کانسواءِ ٽيليويزن تي ٻيا ڪي پروگرام ئي ڪونه هوندا هئا. تنهنڪري مونکي پڇتاءُ ٿيندو هو ۽ پوءِ آئون ڪيتري وقت تائين پاڻ کي جَک کائيندي رهندي هيس. تون الله جي ناشڪري نه ڪر، آئون وري پاڻ کي چِتائيندي هيس، تو وٽ تنهنجو گهر آهي. تو وٽ کاڌو ۽ ڪپڙو آهي. تون انهن سڀني لاءِ سوچ، جيڪي انهن نعمتن کان وانجهيل آهن. منهنجون چاهنائون، گهڙيال جي لُڏڻي جيان پئي لُڏيون.
وقت گذارڻ لاءِ آئون کاڌو رڌڻ سِکيس ۽ امان رڌ پچاءَ جا جيڪي پُراڻا ڪتاب رڌڻي ۾ ڇڏي وئي هئي، تن ۾ لکيل ترڪيبن مطابق آئون کاڌو رڌيندي هيس. چلها پوريءَ طرح سان ڪم نه ڪندا هئا ۽ ٿانوَ به ٿورا هئا. بيدن کي ڦيهڻ لاءِ ڪو ٿانوَ ڪونه هو. آئون کاڌي ۾ ڪَڙهي، ڀت، دال يعني جيڪو به رڌيندي هيس، سا ڄڻ ننڍڙي سوڀُ هوندي هئي. ڀينڊين ۽ مرچن وانگر جيڪي ٽي ورهيه اڳ المرتضيٰ ۾ نظربنديءَ وقت امان پوکي اپايون هيون، آئون جيڪو کاڌو ٺاهيندي هيس سا اُن جي خاص اهميت ٿيندي وئي. آئون پنهنجي رڌيل ڀَت جي پيالي ڏانهن ڏسندي هيس ۽ مونکي اُن ۾ ثبوت نظر ايندو هو ته آئون موجود هيس. مون اهو کائڻ جوڳو رَڌيو هو. آئون کاڌو رڌيان ٿي، تنهنڪري آئون آهيان.
مونکي امان جي لاڳيتي ڳڻتي هوندي هئي. چار مهينا ٿي ويا هئا جو هن ڪراچي سينٽرل جيل ۾ مون سان ملاقات ڪندي مونکي ٻڌايو هو ته، سنديس ڊاڪٽر کي شڪ هو، ته کيس ڦڦڙن جو ڪينسر آهي. جيڪڏهن کيس سچ پچ ڪينسر هو، ته پوءِ وقت هن جي هٿان نِڪرندو پئي ويو. ڦڦڙن جي ڪينسر جي ڪَچيءَ ۾ سڃاڻپ ۽ علاج سبب اُن کي روڪي سگهجي ٿو. جيڪڏهن اُن جو علاج نه ڪجي، ته مريض جلدي مري وڃي ٿو. وڌيڪ تشخيصي آزمائشن لاءِ ڊاڪٽر هن کي غذائون کارائڻ لڳو، ته جيئن سندس جسم طاقتور ٿئي. آخري آزمائشون وڌيڪ قطعي هيون. ڊاڪٽرن جي راءِ هئي ته سنديس کاٻي ڦڦڙ وارو داغ وڌيڪ جوکائتو هو. هنن حڪومت کي رپورٽ ڏني، ته هن جو پاڪستان ۾ علاج ٿي ڪونه سگهندو. پوءِ به امان جي اُن درخواست تي ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنو ويو. جنهن ۾ هن پاسپورٽ واپس ڏيڻ لاءِ لکيو هو ته جيئن هوءَ علاج ڪرائڻ لاءِ پرڏيهه وڃي سگهي. فواهه اهو هو ته وزارت داخلا لاچار هئي، ڇو ته امان جو فائيل ضياءَ پاڻ سان گڏ بيجنگ کڻي ويو هو.
هڪ مهينو گذري ويو، پر حڪومت امان کي پاڪستان مان ٻاهر وڃڻ جي اجازت نه ڏني. پوءِ هڪ ٻيو مهينو به لنگهي ويو. ڪابه اميد نه ڏسي امان جي ڊاڪٽرن ڪراچيءَ ۾ هن جو ڪيميائي علاج شروع ڪيو. جڏهن امان مونکي فون تي پهريون ڀيرو اها ڄاڻ ٻڌائي ته پوءِ ڪيترائي فون ڪيا ته منهنجي مايوسي ڪاوڙ ۾ بدلجي وئي. هن اقرار ڪيو ته سنديس وار ڇڻيا پئي۽ وزن گهٽ ٿيندو پئي ويو ۽ مون سان ملاقات نه ڪرڻ لاءِ هن افسوس ڏيکاريو. هن وٽ نه رهڻ ۽ سندس ڪا مدد نه ڪرڻ سبب مون پاڻ کي ڏاڍو لاچار ڀانئيو هو.
اخبارن تي بندش هوندي به سنديس اُن ڏکائتي حالت جون خبرون ملڪ ۾ پکڙجي ويون هيون. ”امان کي عوام ڪونه وساريو آهي.“ صنم مونکي ٽيليفون تي خاطري ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. ”هن جي صحت لاءِ ماڻهو لاڳيتو پڇندا رهن ٿا. لڳي ٿو ته سفارتخانن جي دعوتن ۽ ڪافي پارٽين ۾، بس اسٽاپن تي ۽ سينيمائن ۾ ڪچهريءَ جو اهو مُک موضوع آهي.“
”ضياءَ هن کي نيٺ ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏيندو.“ مون ڀروسي سان چيو ۽ پاڻ کي پڪ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر جڏهن ضياءَ تي زور وڌي ويو، تڏهن به هن امان کي اجازت نه ڏني. اُن بدران ٽي مهينا اڳ ڊاڪٽرن جي رپورٽ ڏيڻ کان پوءِ به ضياءَ فيڊرل ميڊيڪل بورڊ جوڙيو ته جيئن ڄاڻ پئجي سگهي ته هوءَ واقعي ايتري بيمار آهي، جو هن جو ملڪ کان ٻاهر علاج ٿئي.
فيڊرل ميڊيڪل بورڊ. هڪ ننڍڙو فرق. ايوب خان جي زماني کان جڏهن ملڪ مان ٻاهر وڃڻ تي بندش پيل هئي، پاڪستان جي شهرين کي پاسپورٽ وٺڻ لاءِ ڪنهن به ميڊيڪل بورڊ جي سفارش جي گهرُج نه هوندي هئي. بابا جي حڪومت ۾ پاسپورٽ جو حق هر پاڪستانيءَ جو بنيادي حق ٿيو هو، ۽ کيس آزادي سان سفر جي اجازت هوندي هئي. ضياءَ حڪومت جا ڪم ڪندڙ ماڻهو ته ننڍڙين بيمارين جي علاج لاءِ، جيڪو پاڪستان ۾ ممڪن هوندو هو، سرڪاري خرچ تي ٻاهر ويندا هئا. پر ضياءَ پنهنجن سياسي مخالفن لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙيو هو. هاڻي هن اهو اُن ڪري ڪيو، ته جيئن امان کي علاج لاءِ ٻاهر وڃڻ ۾ دير ٿئي.
نيٺ جڏهن بورڊ جي گڏجاڻي ٿي، ته اُن ۾ رڳو ضياءَ جا ماڻهو هئا. بابا جي موت جي سزا کي برقرار رکڻ لاءِ جيئن سپريم ڪورٽ جي ججن جو تعداد گهٽايو ويو هو، تيئن ٽن ڊاڪٽرن بدران ميڊيڪل بورڊ ۾ سَت ڊاڪٽر رکيا ويا ته جيئن ضياءَ جي مطلب واري فيصلي ٿيڻ جي خاطري ٿي سگهي. اهي ست ئي ڊاڪٽر سرڪاري ملازم هئا. بورڊ جو اڳواڻ هڪ ميجر جنرل هو.
”مونکي لڳي ٿو ته بيگم صاحبه چڱي ڀلي آهي.“ بورڊ جي پهرئين گڏجاڻي کان پوءِ اُن جنرل لاپرواهيءَ سان چيو. اُن بورڊ جي ٻين ميمبرن گهُر ڪئي، ته امان جي ڦڦڙن جا ٻيا چوڏهن ايڪسري ٿيڻ گهرجن ۽ رَتُ جي ٻيهر تپاس ٿئي. اهو ڪم ايڏو ته ٿڪائيندڙ هو، جو هن کي بخار ٿي پيو. بلغم ۾ رَتُ اچڻ لڳو ۽ پڇاڙيءَ ۾ هوءَ بيهوش ٿي وئي. جيتوڻيڪ انهن آزمائشن مان ڄاڻ پئي، ته هن جي ڦڦڙ جو داغ وڌي ويو هو ۽ هيموگلوبن گهٽجي ويو هو. بورڊ جي اڳواڻ صلاح ڏني ته هن جي ساهه کڻڻ وارين نلين جي ٻيهر تپاس ٿئي. اها نه رڳو اجائي هئي پر خطرناڪ پڻ. ڪراچيءَ ۾ امان جو ڊاڪٽر، ڊاڪٽر سعيد، جيڪو بورڊ جو ميمبر هو، سخت ڪاوڙجي پيو ۽ هن بورڊ جي فيصلي جي تصديق کان انڪار ڪيو. هن جي پٺڀرائي بيهوش ڪرڻ واري ڊاڪٽر ڪئي، جنهن اُن ڳالهه تي زور ڏنو، ته هن جي ڦڦڙ ۾ نليءَ جي داخلا کان پهرين کيس بيهوشيءَ جي جيڪا ضروري دوا ڏبي، سا هوءَ سَهي نه سگهندي.
مون المرتضيٰ ۾ امان لاءِ دعائون گهريون. آئون ٻيو ڇا ٿي ڪري سگهيس؟ پر ملڪ ۾ اُن ڳڻتي عوام کي ڪنهن قدم کڻڻ لاءِ اڀارڻ شروع ڪيو، ته حقيقت ۾ ضياءَ امان کي مارڻ ٿي گهريو. ”اسين ڀٽي صاحب کي بچائي نه سگهياسين.“ عوام پاڻ ۾ ڳالهيون ڪيون، ”پر جڏهن بيگم صاحبا جهُرندي پئي وڃي، تڏهن اسان کي هرگز موڳو ٿي ويهڻ نه گهرجي.“ حڪومت طرفان امان سان اهڙي سختي ٿيندي ڏسي، نه رڳو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ پر فوجين جي خاندانن ۽ ضياءَ جي نوڪر شاهيءَ جي مٿئين طبقي ۾ به ڪِروڌ جي لهر ڊوڙي وئي هئي.
”خيال ته ڪر ڇا ٿيو آهي! سنڌ جي مارشل لا ائڊمنسٽريٽر جي زال ۽ ڀيڻن، عورتن جي اُن احتجاجي جلوس ۾ حصو ورتو آهي، جيڪو چاچيءَ جي زندگي بچائڻ لاءِ ڪڍيو ويو هو. ”فخري ڏاڍي جوش سان ٽيليفون تي چيو.
”ڇا پوليس هنن کي گرفتار ڪيو؟“ مون کان بلڪل رڙ نڪري وئي، ڇو ته مونکي ويساهه ڪونه پئي آيو. جنرل ضياءَ کان پوءِ چار صوبائي مارشل لا ائڊمنسٽريٽر ملڪ جا سڀني کان وڌيڪ طاقتور هئا.
”پوليس کي همت ئي ڪانه ٿي. هنن جي اچڻ تي سڀيئي احتجاجي عورتون مارشل لا ائڊمنسٽريٽر جي گهر ۾ گهڙي ويون ۽ اُن جا دروازا بند ڪري ڇڏيا،“ فخري ٻڌايو.
مونکي پوءِ ڄاڻ ملي هئي ته امان جي اُن سخت تڪليف سبب ملڪ کان ٻاهر به احتجاج ٿيو هو. انگلينڊ ۾ منهنجن آڪسفورڊ جي پراڻن ساٿين ڊاڪٽر نيازي، امينا پراچا ۽ انساني حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ ٻين ماڻهن سان گڏجي ”ڀٽو عورتن کي بچايو“ نالي سان هڪ مهم ۾ حصو ورتو هو. هنن پهرين امان کي آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش تي ڌيان ڏنو ۽ هائوس آف لارڊ جي هڪ ميمبر لارڊ ايوبري جي مدد سان پارليامينٽ ۾ اهو سوال اٿاريو. اُن سبب پارليامينٽ جي ٻن ميمبرن جون ليسٽر ۽ جوناٿن ايٽڪن هڪدم هائوس آف ڪامنس ۾ هڪ تڪڙي رٿ پيش ڪئي. ”بيگم ڀٽو جو طبي علاج: هيءُ ايوان پاڪستان جي حڪومت تي زور رکي ٿو ته بيگم ڀٽو کي اجازت ڏني وڃي، ته هوءَ پرڏيهه ۾ وڃي ڪينسر جو علاج ڪرائي، جنهن جي هوءَ مريض آهي.“ 4 نومبر تي لارڊ ايويوري هائوس آف لارڊس ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ڪئي، جنهن ۾ هڪ برطانوي ڊاڪٽر امان جي نازڪ حالت تي روشني وڌي.
آمريڪي حڪومت جي ميمبرن پڻ امان جي حق ۾ آواز اٿاريو هو. ٻاهرين ملڪن سان لاڳاپن جي سينيٽ ڪميٽي جي ميمبر سينيٽر جان گلن، واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفير اعجاز عظيم کي 8 نومبر تي لکيو: ”پيارا محترم سفير، ٻه مهينا اڳ اڳوڻي وزيراعظم جي بيواهه بيگم نصرت ڀٽو ڦڦڙ جي تڪليف جي علاج لاءِ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت گهري هئي … آئون انساني بنيادن تي اوهان جي حڪومت تي زور رکندس، ته بيگم ڀٽو جي درخواست کي مڃڻ ۾ دير نه ڪئي وڃي. اهڙي تڪڙي منظوريءَ کي هتي رحمدليءَ جو عمل ليکيو ويندو ۽ اُن سبب اسان جن ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.“
پر مغربي ملڪن جي حڪومتن طرفان رحمدليءَ جي اٿاريل حجتن کان لنوائڻ جي ڄڻ ضياءَ ۾ عادت پئجي وئي هئي. ڏکڻ اوڀر ايشيا جي دؤري تي هوندي، کيس پورو ڀروسو هو ته بورڊ سندس مرضيءَ مطابق ئي فيصلو ڏيندو. ”بيگم ڀٽو کي ڪابه تڪليف ڪانهي.“ اخبارن ۾ ضياءَ جي اُن بيان جو حوالو ڇپيو، جيڪو هن ڪئالالمپور ۾ 11 نومبر تي ڏنو هو. اُن ڏينهن بورڊ جي آخري گڏجاڻي ٿيڻي هئي. ”جيڪڏهن هوءَ گهمڻ ڦرڻ ۽ سير لاءِ ٻاهر وڃڻ گهري ٿي، ته پوءِ هوءَ اُن لاءِ درخواست ڏئي سگهي ٿي ۽ آئون اُن بابت ويچاريندس.“
پر جنرل ضياءَ امان جي معالج ڊاڪٽر سعيد بابت ڪونه سوچيو هو. ”آئون تنهنجي رپورٽ تي صَحي ڪونه ڪندس.“ اُن ڏينهن پوءِ جڏهن ميڊيڪل بورڊ جي گڏجاڻي ٿي، ته اُن جي اڳواڻ ميجر جنرل کي ڊاڪٽر سعيد چيو. ”هڪ ڊاڪٽر طور منهنجو ضمير مونکي اجازت نٿو ڏئي، ته آئون پنهنجي مريض جي زندگي جوکي ۾ وجهان.“
”۽ آئون به ڪونه ڪندس.“ بورڊ جي هڪ ٻئي ڊاڪٽر اُن قاعدي جي ڀڃڪڙي ڪندي اوچتو اعلان ڪيو، جنهن مطابق فيڊرل بورڊ جا سڀيئي ميمبر پنهنجي اڳواڻ جي راءِ سان سُهمت ٿين ٿا.
”نه، منهنجو ضمير به مونکي اجازت نٿو ڏئي.“ هڪ ٻئي چيو. پوءِ ٽيون ڊاڪٽر به هنن سان شامل ٿيو. ڊاڪٽرن جون وڌندڙ ڌمڪيون ٻُڌي ميجر جنرل اچرج ۾ پئجي ويو. هڪ ٻئي پٺيان سڀني اُن بيان تي صحيحون ڪيون، جيڪو ڊاڪٽر سعيد پيش ڪيو ۽ جنهن ۾ گهُر ڪئي وئي هئي، ته امان کي هڪدم پاڪستان مان وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي. ”توکي پڻ هن تي صَحي ڪرڻ گهرجي.“ ڊاڪٽر سعيد خوش ٿيندي ميجر جنرل کي چيو. ”جڏهن سڀني عملدارن جي راءِ اها آهي، ته پوءِ جنرل ڪيئن انڪار ڪندو؟“ ميجر جنرل جي حيرت ويتر وڌي وئي هئي، پر پوءِ تُرت هن به ان بيان تي پنهنجي صَحي ڪئي. ضياءَ هڪدم هن کي فوجي ۽ غير فوجي عهدن تان هٽائي ڇڏيو.
بورڊ جي اُن اچرج ۾ وجهندڙ اعلان جي ٻئي ڏينهن حڪومت امان کي ملڪ مان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني. مون اها خبر اخبار۾ پڙهي ته مونکي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ مون هڪدم اختياري وارن کي درخواست ڏني، ته هن جي وڃڻ کان اڳ مونکي ساڻس ملاقات جي اجازت ڏني وڃي. المرتضيٰ ۾ اٽڪل هڪ ورهيه قيد رهڻ کان پوءِ مونکي اوچتو پنهنجي سامان ٻَڌڻ لاءِ چيو ويو. پوليس جي ٻارهن ڪارن، ٽرڪن ۽ جيپن جو قافلو مونکي موئن جي دڙي هوائي اڏي ڏانهن وٺي هليو. اتي پوليس انهن فوٽوگرافرن جون ڪئميرائون ضبط ڪيون، جن منهنجا فوٽو پئي ڪڍيا، جيڪي يارهن مهينن کانپوءِ عوام پهريون ڀيرو ڏسن ها. پوليس وارا اسٽين گنون جهليو منهنجي پٺيان جهاز تائين آيا. جڏهن آئون ڪراچي پهتيس، ته هڪ ٻئي قافلي سان 70 ڪلفٽن ڏانهن وڃڻ وقت، هڪ هيلي ڪاپٽر منهنجي ڪار مٿان پئي اڏاڻو. اُهو سڀ ڪجهه اُن ڌيءَ لاءِ هو، جيڪا پنهنجي ماءُ کي الله حافظ چوڻ آئي هئي.
امان پنهنجي هنڌ تي ليٽي پئي هئي. هوءَ هئڊي ۽ هِيڻي هئي، امان، جيڪا پنهنجي ڄمار کان وڏي ٿي لڳي. هڪ ڀيرو وري آئو ذاتي ڇڪتاڻ سبب ٽُڪرا ٽُڪرا ٿيڻ لڳس. سڀ کان اهم ڳالهه منهنجي اها مرضي هئي ته هوءَ ٻاهر وڃي علاج ڪرائي، جنهن جي کيس تڪڙي گهُرج هئي پوءِ به مون نظربنديءَ جي سکڻائيءَ ۾ اڪيلو رهندي ڊَپ ڀانئيو ٿي. مون پاڻ سان جهيڙو پئي ڪيو، ته آئون اڪيلائپ جي انهن سوچن بابت ڪونه سوچينديس، جيڪي سب جيل ۾ ٿيندا، ته ايتري ۾ فخري سمهڻ واري ڪمري ۾ تڪڙي تڪڙي آخري نياپو کڻي آئي ۽ وري تڪڙو اُن جو جواب به کڻي وئي. اهي نياپا ايم آر ڊيءَ جي سيڪريٽري جنرل ۽ پارٽيءَ جي ٻين ماڻهن جا هئا. ”بيگم ڀٽو جيڪڏهن هلي وئي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟“ پر امان لاءِ ٻيءَ ڪا واٽ ئي نه هئي.
”وڏي ڏک ۽ سخت طبي گهُرجن هيٺ آئون پنهنجي ملڪ ۽ عوام کان ٿوري وقت لاءِ ٻاهر وڃڻ جي اجازت گهران ٿي.“ امان پنهنجي موڪلاڻيءَ واري بيان ۾ لکيو. ”منهنجا خيال لاڳيتو اوهان سان، جدوجهد ڪندڙ عوام، بکين ۽ مظلومن، ڌتڙيلن توڙي ستايلن ۽ انهن سڀني سان هوندا، جن جي ذهن ۾ سُڌريل ۽ خوشحال پاڪستان جي سوچ آهي…“
حڪومت امان جي روانگيءَ جي تاريخن جو اخبارن ۾ غلط اعلان ڪندي رهي، ته جيئن ماڻهو اُن وقت گڏ نه ٿي سگهن. پر حڪومت جي اٽڪلن مان واقف سياڻو عوام، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا سڄڻ لاڳيتو 70 ڪلفٽن جا چڪر هڻندا رهيا ۽ امان جي روانگيءَ جي اهڃاڻن جي ڄاڻ لهندا رهيا. اسين هنن جي نعرن جا آواز چِٽا ٻُڌي پئي سگهياسين. ”جيئي ڀٽو“ ”بيگم ڀٽو زنده باد.“
20 نومبر 1982ع جي رات مون امان کي ڳراٺڙي پائي چُمي ڏني ۽ کانئس موڪلايو. مون هن کي پنهنجن ڀائرن لاءِ لاڪيٽ ڏنا، جن ۾ بابا جي قبر جي خاڪ رکيل هئي، ۽ پنهنجين ڀائٽين لاءِ جُهومڪ ڏنا، جن تي قرآني آيتون اڪريل هيون. اسين ٻئي رنيونسين، ڇو ته اسان کي ڪا ڄاڻ ئي نه هئي، ته الاءِ اڳتي اسان کي ڪهڙا ڏينهن ڏسڻا پون. ”تون پنهنجو خيال رک،“ امان مونکي چيو. اسين ٻئي 70 ڪلفٽن جي اُڪريل ڪاٺ جي اُن دروازي مان ٻاهر ويونسين، جتي تيرهن ورهيه اڳ جڏهن آئون هارورڊ پئي ويس، ته هن منهنجي مٿي تي قرآن شريف جو آڌر ڪيو هو. پوءِ هوءَ دروازي کان ٻاهر نڪتي، جتي عوام سندس اوسيئڙي ۾ بيٺو هو.

سميعا وحيد:
بيگم ڀٽي کي ڪار ۾ ويهاري، دوست محمد ڪار هوائي اڏي طرف هلائڻ لڳو. هن سان گڏ پُٺئين سيٽ تي صنم ۽ فخري ويٺيون هيون. 70 ڪلفٽن وٽان جيئن ڪار اڳتي وڌي، ته عوام جو هجوم وڌندو ويو. هن جي روانگيءَ کي حڪومت ڳجهو رکڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر بيگم ڀٽو اُن جي پرواهه نه ڪندي، ڪار اندر روشني ڪئي ته جيئن عوام کيس ڏسي سگهي. بيگم نيازي، امينا، منهنجي ڀيڻ سلما ۽ آئون هڪ ٻيءَ ڪار ۾ هن جي پٺيان هيونسين. هر نئين رستي وٽان وڌيڪ ڪارون اسان جي پٺيان شامل ٿينديون ويون، تان جو ساٿين جو وڏو جلوس ٺهي ويو. اسين جڏهن هوائي اڏي جي پُل جي چوٽيءَ تي پهتاسين ته مون پٺيان نهاريو. بيگم ڀٽو جي ڪار پٺيان ايندڙ ڪارون هاءِ وي جي ستن رستن تان پئي آيون. سامهون ايندڙ ڪارون لاچار هڪڙي سڙڪ تان پئي ويون.
هوائي اڏي تي ته ويتر وڌيڪ ماڻهو هئا. جيئن اسانجون ڪارون ٽرمينل ڏانهن وڌيون، ته اهي ڪارن اڳيان ڊوڙڻ لڳا. مون سامهون واري شيشي مان ڪنهن ماڻهو جا اگهاڙا پير ڏٺا، جيڪو اسانجي ڪار جي ڇِت تي پئي چڙهيو. ”الله اوهان جو نگهبان آهي،“ هن وڏي آواز بيگم ڀٽي کي چيو. جنهن کي پارٽيءَ جي ڪارڪنن ڦيٿن واري ڪُرسيءَ تي ويهاري ٽرمينل ۾ وٺي وڃڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. نيٺ هنن اها ڪُرسي مٿي کنئي ۽ هجوم مان اڳتي وڌڻ لڳا. فرانس جي هوائي ڪمپنيءَ جي ماڻهن کي پڻ اُن گوڙ مان هلڻ ۾ ڏکيائي پئي ٿي. هنن پنهنجا سفري ٿيلها هڪ ٻئي کي اڇلائي پئي ڏنا. هڪ سئو والن جي اُن فاصلي جي پيهه پيهان ۾ هنن جون ورديون نِپوڙجي ويون هيون ۽ ملازم عورتن جي وارن مان ڪانٽا نڪري ويا هئا. اهڙو الوداعي نظارو اڳ ڪڏهن به ڏسڻ ۾ ڪونه آيو هو. ماڻهن کي ڄاڻ ئي نه هئي، ته اهي پنهنجي وزيراعظم جي بيواهه ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي مقبول اڳواڻ کي ٻيهر ڏسي به سگهندا يا نه.

اولهه جرمنيءَ ۾ امان جي طبي تپاس ٿي ۽ اُن مطابق علاج ٿيو. هن پاڻ اُن جو خيال رکيو ۽ خوش قسمتيءَ سان ڪينسر گهٽجڻ لڳو. اُن وچ ۾ آئون پهريدارن جي نطرداريءَ هيٺ 70 ڪلفٽن ۾ رهيس. گهر اندر جيل جا يارهن ملازم رکيل هئا. ٻاهر گهر جي چؤڌاري هر ٻن فوٽن تي فرنٽيئر فورس جا سپاهي موجود هئا. گهر جي وڏي دروازي ۽ پٺئين دروازي اڳيان رستن جي پرئين پاسي جاسوسَ هر شيءِ کي نظر ۾ رکيو بيٺا هئا. دشمنيءَ جو اهو گهيرو چوڏهن مهينا وڌيڪ قائم رهيو.

مون ارجنٽائن جي اخبار جي هڪ ناشر بوٽمرمئن جو لکيل ڪتاب "Prisoner without a name, Cell without a number" پڙهيو هو، جنهن ۾ هن سياسي قيديءَ طور جيل ۾ گذاريل اڍائي ورهين جا واقعا لکيا آهن. ”اهو اسان جن روحن جو آئينو هو، ڏکويل اکين سان اندر جي ڳالهه اوري هئي،“ مون پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو. هن جڏهن بجليءَ جي ڪرسي جو ذڪر ٿي ڪيو، ته صفحي تي پکڙيل لفظ ٽِپ ڏئي مون ڏانهن ٿي آيا. هن لکيو آهي ته جسم ٻن حصن ۾ چيرجي ويو هو، پر پوءِ به معجزو اهو هو، ته جسم جي گوشت تي ڪوبه نشان، ڪوبه داغ ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي آيو. سياسي قيدين کي ڪرسيءَ جي اذيتن ڏيڻ کان پوءِ هڪ هنڌ اُڇلايو ويندو هو ۽ تندرست ٿيڻ کان پوءِ کين ٻيهر عذاب ڏنا ويندا هئا. ڇا هن ارجنٽائن جي ڳالهه ٿي ڪئي يا وري پاڪستان ۾ فوجي حڪومت جي اذيت گهرن جو ذڪر ٿي ڪيو؟
24 مارچ 1982ع تي نڪتل صدارتي حڪم نمبر 4: هاڻي فوجي عدالتن ۾ مقدما ڳجهي نموني ۾ هلي سگهندا. ڪنهن کي به اهو ٻڌائڻ جي گهُرج نه هوندي ته مقدمو ڪڏهن هلندو، ڏوهاري ڪير هوندا، مٿن ڪهڙيون تُهمتون هونديون يا کين ڪهڙي سزا ملندي. اُن خاطري لاءِ ته ڪابه ڳالهه ظاهر نه ٿئي، وڪيلن ۽ مقدمي سان واسطو رکندڙ ٻين ماڻهن لاءِ اهو ڏوهه هوندو، جيڪڏهن اهي اُن بابت ڪابه ڄاڻ پڌري ڪندا.
23 سيپٽمبر 1982ع تي نڪتل مارشل لا حڪم نمبر 54: جيڪو جمهوري حڪومت خلاف 5 جولائي 1977ع تي ٿيل بغاوت کان لاڳو سمجهيو ويو هو، هاڻي هر اُن ماڻهو لاءِ موت جي سزا هئي، جنهن ڪو اهڙو ڏوهه ٿي ڪيو، ”جنهن سبب ماڻهن ۾ بدامني، ڊَپ مايوسي پکڙجڻ جو انديشو هو.“ موت جي سزا ڪنهن به اُن ماڻهو لاءِ پڻ مقرر ڪئي وئي هئي، جنهن کي اهڙي ڏوهه جي ڄاڻ هئي ۽ جنهن مارشل لا اختياري وارن کي اُن جي اطلاع ڏيڻ ۾ ڪوتاهي ڪئي هئي. ٻيو ته هاڻي جوابدار کي ئي ڏوهاري سمجهيو ٿي ويو، جيستائين هو بيگناهه ثابت نٿي ٿيو. ”فوجي عدالت … فرض ڪري سگهندي ته جوابدار ئي اصل ڏوهاري آهي، جيستائين اُن خيال جي ابتڙ ڪو ثبوت نٿو ملي.“ اُن قانون ۾ چيل هو.
آڪٽوبر ۾ ڪراچيءَ جي ٻن هزار وڪيلن گهُر ڪئي، ته شهري آزاديون بحال ڪيون وڃن. اُن ڪانفرنس جي انتظاميا کي گرفتار ڪيو ويو ۽ کين هڪ ورهيه جي سخت پورهئي سان سزا ڏني وئي. ٻه هفتا پوءِ بابا جي وڪيلن مان هڪ وڪيل مسٽر لاکو کي ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري سميت گرفتار ڪيو ويو.
ڊسمبر ۾ مون اخبارن ۾ پڙهيو، ته ضياءَ، صدر ريگن ۽ ڪانگريس جي ميمبرن سان ملاقات لاءِ واشنگٽن پهچي ويو هو. رڳو اُن ڊسمبر جي مهيني اندر پاڪستان ۾ ويهن قيدين کي ڦاسيون ڏنيون ويون هيون، ڇا ڪانگريس جي ميمبرن کي پاڪستان ۾ انساني حقن جي پائمالي جي ڪا ڄاڻ هئي؟ هنن کي ڪا پرواهه به هئي؟ مونکي جواب ٻين ٽن ورهين تائين ڪونه ملڻو هو. ضياءَ کي اميد هئي ته مغرب ۾ سندس تازي پذيرائيءَ سبب واشنگٽن جي دؤري ۾ سندس ڏاڍي مشهوري ٿيندي. پر اُن بدران سينيٽ فارين رليشنز ڪميٽيءَ جي گڏجاڻيءَ ۾ هن تي زبردست تنقيد ڪئي وئي هئي. ”اتي جيڪي موجود هئا، تن جو چوڻ هو ته جنرل ڏاڍو ٿڌو ۽ پراعتماد ٿي لڳو، پر سينيٽر پيل جڏهن هن کي اهو خط ڏنو، جنهن ۾ پاڪستان جي ڪيترن ئي سياسي قيدين بابت ڪميٽيءَ جي ڳڻتي ڏيکاريل هئي، تڏهن هن جي مُنهن جو پَنو ئي لهي ويو هو.“ ’واشنگٽن پوسٽ‘ ۾ جيڪ ائنڊرسن لکيو. ”قيدين جي فهرست ۾ پهريون نالو بينظير ڀٽي جو هو.“
ان بيان مطابق سينيٽر پيل جڏهن منهنجي نظربنديءَ بابت مٿس زور رکيو، ته ضياءَ باهوڙجي پيو هو. ”سينيٽر آئون اوهان کي اهو ٻڌائي سگهان ٿو، ته هوءَ اهڙي سُٺي گهر ۾ رهي ٿي، جيڪو ڪنهن سينيٽر کي به نصيب ڪونهي.“ هن ٺهه پهه جواب ڏنو هو ۽ دعويٰ ڪئي هئي ته مون ’قانون‘ جي ڀڃڪڙي ڪئي هئي. هُن اها پڻ دعويٰ ڪئي، ته مونکي پنهنجن مائٽن ۽ دوستن سان ملڻ جي اجازت مليل هئي ۽ ”ٽيليفون ڪتب آڻڻ جي به.“
ضياءَ جون اُهي دعوائون ٻُڌي پيٽر گئلبريٿ انهن جي پرک لهڻ لاءِ 70 ڪلفٽن ٽيليفون ڪيو. هڪ مرداني آواز جواب ڏنو، جنهن کي مون سان ڳالهائڻ لاءِ چيو ويو.
”تون هن سان ڳالهائي نٿو سگهين. هوءَ جيل ۾ آهي.“ اُن شخص جواب ۾ چيو.
”آئون آمريڪا جي سينيٽ مان پيو ڳالهايان.“ پيٽر همت ڪندي چيو. ”اوهان جو صدر ٿوري دير اڳ هتي هو ۽ هن اسان کي ٻڌايو ته مس ڀٽو ٽيليفون ڪَتب آڻي سگهي ٿي.“
”تون هن سان ڳالهائي نٿو سگهين. اُن لاءِ منع ٿيل آهي.“ اُن شخص سختيءَ سان چيو ۽ ٽيليفون زور سان هيٺ رکي ڇڏيائين.

مون پاڪستان جي بانيءَ جو جنم ڏينهن 25 ڊسمبر نظربنديءَ ۾ 70 ڪلفٽن ۾ گذاريو. نئين سال جي پهرئين ڏينهن ۽ پنهنجي بابا جي جنم ڏينهن تي آئون اڪيلي هيس 1983ع شروع ٿيڻ سان مون ڀانئيو، ته 1977ع کان وٺي اُڻ ورهيه تائين رُڳو هڪڙي ورهيه جي پهرئين ڏينهن تي آئون آزاد هيس. رات جو مون پنهنجا ڏند ڪُرٽڻ شروع ڪيا. صبح جو جاڳڻ وقت مونکي اڪثر لڳندو هو، ڄڻ منهنجا دوڏا سُجي پيا هجن ۽ منهنجيون آڱريون اهڙيون ته زور سان بند هونديون هيون، جو آئون کولي به نه سگهندي هيس.
”آئون الله جي سچي دل سان ٿورائتي آهيان، جنهن مونکي پنهنجين نعمتن سان نوازيو آهي.“ مون پنهنجي روزنامچي ۾ لکيو. منهنجو نالو عزت، شهرت ۽ زندگي، ”بابا، امان، ڀائر، ڀيڻ، تعليم، ڳالهائڻ جي لياقت، ٻنهي ٻانهن ۽ ٽنگن جي سلامتي، اکين جي دِيد، ٻُڌڻ جي قوت، هر داغ ۽ چِٽيءَ کان محفوظ …“ نعمتن جي اها فهرست ايتري ته ڊگهي ٿي وئي، جو پاڻ تي ڪهل آڻڻ جي سوچ مِٽجي وئي. ٻين سياسي قيدين جي حالت سياري جي ٿڌين ڪوٺڙين ۾ منهنجي حالت کان وڌيڪ خراب هئي.
هڪڙي ڏينهن گهرو ملازمن مان هڪڙو ڄڻو نئون اوني گلوبند وٺي آيو. هن مونکي ٻڌايو ته افغان پناهگير اُهي سستا وڪڻن پيا. مون پارٽيءَ جي هڪ ڪارڪن کي ڳجهو نياپو موڪليو ته اهڙا گلوبند ٺهرايو، جن جي ٻنهي پاسن کان پيپلز پارٽيءَ جي رنگن – ڳاڙهي، سائي ۽ ڪاري جا پٽا هجن. اسان اهي هزارين گلوبند جورابن ۽ سئيٽرن سميت سڄي سنڌ جي جيلن ۾ قيدين ڏانهن موڪليا.

منهنجي ڪنُ ۾ وري سُور ٿي پيو. ۽ منهنجن ڏندن، مُهارن ۽ سَنڌن ۾ به تڪليف ٿي پئي.
”تنهنجي ڪَنُ ۾ ڪا تڪليف ڪانهي. ”سامونڊي فوج جي اسپتال ۾ حڪومت جي مقرر ڪيل ڪَنُ جي ڊاڪٽر مونکي ٻڌايو. ساڳئي ريت ڏندن جو ڊاڪٽر به بيڪار هو، جنهن مون کان پڇيو ته آئون ڪهڙي ڏند جو ايڪسري ڪرائڻ گهران ٿي. ”مونکي ڄاڻ نه آهي ته اهو ڪهڙو ڏند آهي.“ مون هن کي چيو. ”تون ڏندن جو ڊاڪٽر آهين، نه آئون، اهو هن هنڌ آهي.“
”اسين ايڪسري وڃائڻ نٿا گهرون.“ هن چيو.
برطانيا جي اخبارن ۾ منهنجي صحت بابت خبرون ڇپجڻ لڳيون، جن جو جواب پاڪستاني سفارتخاني جي اطلاعاتي شعبي طرفان آيو. ”هن جڏهن به ڪنهن بيماريءَ جي دانهن ڪئي آهي، تڏهن کيس ڪراچيءَ جي سُٺي اسپتال ۾ موڪليو ويو آهي.“ قطب الدين عزيز ”گارجين“ اخبارن ۾ لکيو. ”گهڻن سگريٽَ پيئڻ سبب هن جي مُهارن ۾ تڪليف ٿي هئي، جنهن لاءِ هن جي پسند جي ڊاڪٽر کان سندس علاج ڪرايو ويو هو.“ حڪومت ڪيئن نه ڪُوڙ ڳالهايو؟ ڪوبه منهنجي پسند جو ڊاڪٽر نه هو ۽ نه ئي مون ڪڏهن ڪو سگريٽ پيتو هو.
آئون ڏاڍي ماندي هيس، ته ڪنهن سان ڳالهايان، ڪنهن سان لاڳاپي ۾ اچان ۽ ڪنهن سان ڪچهري ڪريان. 70 ڪلفٽن ۾ مون وٽ ٻليون هيون، پر ساڻن ڪچهري ممڪن نه هئي. حڪومت جي خواهش ئي اها هئي، ته آئون ڪنهن سان به رابطي ۾ نه اچان. تنهنڪري مون کي ڏاڍو عجب لڳو، جڏهن مارچ 1983ع ۾ مونکي چيو ويو، ته آئون عدالت ۾ حاضر ٿي، ڄام ساقي نالي هڪ ڪميونسٽ جي مقدمي ۾ شاهدي ڏيان، جنهن تي پاڪستان جي نظريي خلاف ڪم ڪرڻ ۽ هٿياربند فوجن خلاف ناراضپو پکيڙڻ وغيره جهڙين تهمتن هيٺ مقدمو هليو پئي.
آئون اڳ ۾ ڪڏهن به ڄام ساقيءَ سان ڪونه ملي هيس. حقيقت ۾ هن بابا جي مخالفت ڪئي هئي. پر پوءِ پتو پيو ته ڄام ساقي سڀني مشهور سياستدان کي چيو هو، ته انهن معاملن جي وضاحت ڪري ٻڌائين، ته مٿس لڳل تُهمتون جائز هيون يا نه. منهنجي گهڻي خواهش هئي ته مارشل لا جي غير قانوني حيثيت تي ڳالهايان، جيتوڻيڪ مونکي حڪومت جي ارادن جي ڄاڻ نه هئي، ته اهي مونکي ذاتي طرح حاضر ٿيڻ جي اجازت به ڏيندا يا نه. شايد هنن مونکي ”ڪميونسٽن جي همدرد“ ثابت ڪرڻ گهريو ٿي. پر منهنجي لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهم معاملو اهو هو، ته هر جوابدار کي کليل ۽ آزاد مقدمي جو حق هئڻ گهرجي. گڏوگڏ عدالت مونکي اهڙو موقعو به ڏنو پئي، جنهن سان ٻن ورهين جي عرصي ۾ پهريون ڀيرو مونکي پنهنجن سياسي خيالن کي ظاهر ڪرڻ جو وجهه مليو پئي.
جڏهن خاص فوجي عدالت مان 25 مارچ تي مون وٽ عدالت ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ پهريون سَمن آيو، تڏهن مون جيل اختياريءَ وارن معرفت لکي موڪليو، ته آئون قيدي آهيان، تنهنڪري مقرر وقت تي عدالت ۾ پهچي نه سگهنديس. جيڪڏهن عدالت مون کان شاهدي وٺڻ گهري ٿي، ته پوءِ عدالت کي ئي اهڙو انتظام ڪرڻو پوندو.
هوم آفيس مان هڪدم جواب پهتو ته، آئون ٻئي ڏينهن صبح جو ستين وڳين تيار ويٺي هجان. آئون تيار ٿيس. يارهين بجي صبح جو هڪ ٻيو نياپو پهتو. منهنجي حاضريءَ لاءِ ٻئي ڏينهن تي ساڳيو وقت رکيو ويو هو. آئون وري 27 مارچ تي صبح جو ستين بجي تيار ٿي ويٺيس. مون وري چار ڪلاڪ اوسيئڙو ڪيو. هڪ ڀيرو وري هنن منهنجي حاضري ۾ چوويهن ڪلاڪن جي دير ڪئي. مون پاڻکي اهو سوچي آٿت ڏني، ته حڪومت اسان جي انهن حامين کي مُنجهائڻ ٿي گهريو، جيڪي مون کي ڏسڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا هوندا. نيٺ اهي جڏهن ٽئين ڏينهن مونکي وٺڻ لاءِ آيا، تڏهن هنن مونکي عوام کان لڪائڻ جا سڀئي جَتن ڪري ڇڏيا هئا.
عدالت ڏانهن ويندي مون ڏٺو، ته سڀيئي گهٽيون ماڻهن کان خالي هيون ۽ اهو سڄو رستو پوليس جي گهيري ۾ هو.ڪشمير روڊ سان ملندڙ سڀني رستن تي پوليس جو وڏو تعداد موجود هو ۽ اتي پيادل هلندڙ سڀني رستن تي ڪنڊيدار تارون وڇايون هيون هيون. آئون جڏهن اُن عارضي فوجي عدالت ۾ پهتيس، جيڪا اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ جوڙي وئي هئي، تڏهن مون ڏٺو ته عدالت کي به ٻين ماڻهن کان خالي ڪرايو ويو هو. ڄام ساقيءَ ۽ ٻين جي مائٽن کي رُڳو ترسڻ واري ڪمري ۾ اُن شرط تي ويهڻ جي اجازت ڏني وئي هئي، ته اهي مون سان نه ڳالهائيندا. مون اُن جي ٿوري به پرواهه نه ڪئي. اتي ڪجهه وڪيلن توڙي سميعا، سلما ۽ منهنجي سئوٽ فخري کي ڏسي مونکي ڏاڍي خوشي ٿي هئي، جيڪي خاص اجازتناما وٺي ۽ رڪاوٽون اڪري اتي آيون هيون.
عدالت جو ڪمرو ننڍو هو، جتي ميز پٺيان ڪرنل ويٺو هو ۽ سنديس ڀرسان هڪ ميجر ۽ هڪ مئجسٽريٽ ويٺا هئا. هنن اڳيان ڪرسين جي ٽن قطارن تي اسين ويٺا هئاسين. سموري ڪاروائي هلندي ڄام ساقي زنجيرن ۾ ٻَڌل هو. مونکي اهو ڏسي ڏک ٿيو هو، ته اُن ننڍڙي ڪمري ۾ به فوج ضروري سمجهيو هو، ته هن کي لوهي ٻيڙيون پيل هجن. جيئن ته فوجي عدالت، وڪيلن کي جوابدار جي بچاءَ ۾ ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏني هئي. تنهنڪري ڄام ساقي پاڻ سوال پڇيا هئا.
منهنجي شاهديءَ لاءِ هڪڙو ڏينهن مقرر هو، پر ڄام ساقي مون کان جيڪي سوال پڇيا هئا، تن جا مون ايڏا ته ڊگها جواب ڏنا، جو منهنجي شاهدي ٻه ڏينهن هلي. هن جي سوالن جا جوابن ڪي سولا يا ننڍا ڪونه هئا. ”اسان تي الزام آهي ته اسان پاڪستان جي نظريي خلاف ڪم ڪيو آهي- ڇا پاڪستان جو ڪو نظريو به آهي؟ ايراني انقلاب بابت تنهنجو ڪهڙو خيال آهي؟ اسلام ۾ مارشل لا جو به ڪو تصور آهي؟“
مونکي ڄاڻ هئي ته ڳجهي طرح ڇپيل شين جو رواج وڌي ويو هو. وڏن شهرن ۾ ِلڪ ڇپ ۾ فوٽو اسٽيٽ ٿيل مواد ۽ خراب ڇپيل ڪتابڙا پڙهيل لکيل ماڻهن تائين هٿوهٿ پئي پهتا. ڪجهه پريسن ۾ هڪ خاص رقم عيوض رات جو ٽارچ جي روشنيءَ ۾ ڇپائيءَ جو ڳُجهو ڪم ٿيندو هو. منهنجي لاءِ اهو پهريون وجهه هو ته آئون پنهنجي پارٽيءَ جي وضاحت ڪريان ۽ مارشل لا کي بُڇڙو ڪريان.
”اهو وضاحت سان فيصلي لاءِ ته اسلام ۾ مارشل لا ڪا جاءِ آهي به يا نه. سڀ کان پهرين اسان کي مارشل لا جي تصور ۽ اسلام جي تصور کي سمجهڻ جي گهُرج آهي. “ مون ٽئين سوال جي جواب ۾ چيو. اسلام الله جي رضا جي اطاعت آهي. جڏهن ته مارشل لا فوجي اڳواڻ جي اطاعت آهي. هڪ مسلمان رُڳو الله جي رضا جي اطاعت ڪري ٿو.
”جيتريقدر مونکي ياد آهي ته مارشل لا جو اصطلاح بسمارڪ ۽ پروشين سلطنت جي ڏينهن ۾ شروع ٿيو هو. بسمارڪ جيڪي علائقا فتح ڪيا هئا، تن کي گڏائي مِلائڻ لاءِ هن انهن ۾ رائج قانون رد ڪري، پنهنجي مرضيءَ جو قانون گوليءَ جي زور تي رائج ڪيو هو. ٻي عالمي جنگ کان اڳ ۾ ڪنهن به قبضو ڪندڙ فوج جي حڪومت کي پڻ مارشل لا چيو ويندو هو. قابض فوج جي اڳواڻ جي لفظن کي اتي رائج قانون کان مٿانهون سمجهيو ويندو هو.
”بيٺڪي سرشتي هيٺ ڏيهي ماڻهن کي ٻئي درجي جو شهري ليکيو ويندو هو. هنن کي پنهنجي مرضيءَ جي حڪومت جوڙڻ جو اختيار ڪونه هو. ۽ کين پنهنجين اميدن ۽ خواهشن مطابق پنهنجي تقدير ٺاهڻ ۽ اقتصادي ترقي ماڻڻ جو ڪوبه حق نه هو. ٻي عالمي جنگ کان پوءِ ۽ ڪيترين ئي بيٺڪن مان بيٺڪي راڄ جي ختم ٿيڻ سان. انهن نون آزاد ٿيل ملڪن جي عوام ٿوري وقت لاءِ آزادي ۽ خودمختياريءَ جا مزا ماڻيا. اُن زماني ۾ ئي قوميت واري نظريي جي حامي اڳواڻن جهڙوڪ ناصر، نڪروما، نهرو ۽ سوئيڪارنو پنهنجي عوام کي سماجي مساوات ۽ انصاف ڏيڻ تي زور ڏنو هو. پر اڳوڻين بيٺڪي طاقتن، جن هاڻي هڪ نئين سرشتي جو روپ ورتو هو، پنهنجي عوام کي خوش رکڻ جو ارادو ڏيکاريو ۽ فوج ۽ مُلي جي سازش جي پُٺڀرائي ڪرڻ ڇڏي ڏني. اهو فيصلو انهن ڄاڻي ٻجهي ڪيو يا نه، تنهن بابت چئي نٿو سگهجي. فوج ۽ مُلي جي اُن گڏيل سازش، عوام کي پنهنجي تقدير تي اختيار رکڻ جي حق ۽ اُن ذريعي ملندڙ فائدن کان محروم ڪيو. اها صورتحال سوويت يونين ۽ آمريڪا وچ ۾ چٽاڀيٽي ۽ ڊوڙ سبب ويتر بگڙي وئي هئي.
”آزاد ٿيل انيڪ نين رياستن ۾ فوجي سرشتي جو ڪونه ڪو نمونو قائم آهي. پوءِ به اهو سرشتو، جنهن جو بنياد اجتماعي رضامنديءَ تي نه پر جبر تي رکيل آهي، سو اسلام جي مُک اصولن سان ٺهڪجندڙ نه آهي. جن جو زور اجتماعي يا رضامنديءَ تي آهي. ٻيو ته فوجي حڪومتون سدائين بندوق جي زور يا طاقت واپرائڻ جي ڌمڪيءَ سبب اقتدار تي قبضو ڪن ٿيون، تڏهن ته اسلام ۾ اقتدار ڳڙڪائڻ يا ڦٻائڻ جو تصور ئي ڪونهي. تنهنڪري پڌرو آهي ته اسلام ۾ مارشل لا جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.“
منهنجي اُن بيان جون فوٽو ڪاپيون پوءِ اخباري دفترن، وڪيلن ۽ جيل جي ڪوٺڙين ۾ سياسي ڪارڪنن وٽ پڻ پهچي ويون هيون.
عدالت جي ڪمري ۾ صحافين کي اچڻ جي منع هئي، پر هڪ انگريز صحافي اهڙي اجازت وٺي آيو هو. هن جي اتي موجودگيءَ جي ڪنهن کي به ڪَل نه هئي، پر اوچتو هڪ ماڻهو اندر آيو ۽ هن ڪرنل جي ڪَنُ ۾ ڪجهه چيو.
”ڪٿي؟“ ڪرنل پڇيو. اُن شخص ڪمري جي پُڇڙ ڏانهن ڪَنڌ سان اشارو ڪيو.
”مونکي پڪ آهي ته تون صحافي آهين.“ ڪرنل جي آواز جو ڪَڙڪو ٿيو ”صحافين کي هتي ويهڻ جي اجازت ڪانهي. تون هڪدم هليو وڃ.“
شلوار قميص پاتل اُن شخص جي مون تڪڙي جهَلڪ ڏٺي، جنهن کي سڀني ڪڻڪائو رنگ جو پٺاڻ پئي سمجهيو ۽ جنهن کي عدالت جي ڪمري مان ٻاهر اماڻيو پئي ويو. پر گهٽ ۾ گهٽ هن کي ٿوري ڄاڻ ملي وئي هئي. ”مس ڀٽو ڏاڍي سانت ۽ صحمتنند ٿي لڳي ۽ هن ثابت ڪري ڏيکاريو، ته سندس خوش بياني ۽ حاضر جوابي سلامت آهي. ’گارجين‘ اخبار جي صحافي بعد ۾ لکيو.
پوءِ به منهنجي صحت ايتري سُٺي نه هئي، جيتري ظاهري طرح ڏسڻ ۾ ٿي آئي. منهنجي اها ڪمزور حالت اُن وقت ويتر خراب ٿي وئي هئي، جڏهن اپريل 1983ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ڪجهه اڳواڻن بيوفائي ڏيکاري هئي. هڪ ڀيرو وري ضياءَ هر هنڌ پئي ويو ۽ هن پنهنجي لاءِ ڪنهن سياسي تَڪ هٿ ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. ضياءَ آگسٽ ۾ ملڪ ۾ اسلامي قانون رائج ڪرڻ جي پنهنجي نئين رِٿ جي اعلان ۽ اُن موقعي مان فائدي وٺڻ لاءِ بابا کان حڪومت کَسڻ ۽ 1973ع جو آئين دفنائڻ کانپوءِ، پهريون ڀيرو سنڌ جي گشت تي نڪتو. ڳالهه چِٽي آهي ته انهي گشت دوران عوام پنهنجي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو مظاهرو ڪيو.
بابا جي حڪومت ۾ سنڌ وڏي ترقي ڪئي هئي ۽ سنڌين کي ڪسٽمز، پوليس ۽ پي آءِ اي ۾ سرڪاري نوڪريون مليون هيون. هنن لاءِ يونيورسٽين ۾ جيڪو حصو مقرر ٿيل هو، تنهن کان وڌيڪ کين ڏنو ويو هو. هنن کي زمينن جا ٽُڪرا ڏنا ويا هئا ۽ نين ٺهيل اسپتالن، کنڊ ۽ سيمينٽ جي ڪارخانن ۾ هنن وڏو اجورو پئي ڪمايو. پر ضياءَ جي زماني ۾ اهو سمورو معاملو ابتو ٿي پيو هو. هڪ ڀيرو وري سنڌ سان ٻيائي پئي ٿي. سنڌ جي ڪجهه ڀَلين زمينن تي رياست جو قبضو هوندو هو. ضياءَ جي دؤر ۾ اهي زمينون بي زمين هارين بدران فوجي عملدارن کي ورهائي ڏنيون ويون هيون. اهي سنڌي جن صنعت جي انتظامي عهدن تائين ترقي ڪئي هئي، تن جي جاءِ تي رٽائرڊ فوجي عملدارن کي مقرر ڪيو پئي ويو. اُن سچائيءَ جي هوندي به ته ملڪي محصول جي پنجهٺ سيڪڙو اُپت سنڌ جي بندرگاهه ڪراچيءَ مان ٿيندي هئي، پر اُن جو ٿورو حصو واپس سنڌ صوبي ۾ ايندو هو. سنڌ جي اقتصادي مصيبتن، نفرت ۽ ڪروڌ جي اها باهه ڀڙڪائي ڀنڀٽ بڻائي ڇڏي، جيڪا بابا جي قتل سان شروع ٿي هئي. صوبي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جو ويچار هو ته، جيڪڏهن هُو سنڌي نه هجي ها، ته کيس ڦاسي نه ملي ها.
1979ع ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن کان پوءِ بدين ۽ حيدرآباد جي چونڊيل پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ڪائونسلرن اهڙيون رٿون منظور ڪيون. جن ۾ بابا جي سزا جي نِندا ۽ سندس واکاڻ توڙي ساراهه ڪئي وئي هئي. اُن ڳالهه جو پلاند وٺڻ لاءِ ضياءَ سڄي سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ڪائونسلرن کي نااهل ڪوٺڻ جي ڪارروائي شروع ڪئي. هاڻي پيپلز پارٽي جي باقي ٿورن ڪائونسلرن کان ضياءَ منظوري ورتي، ته صوبي جو گشت ڪرڻ وقت اهي سندس آڌر ڀاءُ ڪن. مونکي تنهن وقت اچرج ٿيو ۽ ڪاوڙ آئي، جڏهن مون اخبارن ۾ پڙهيو ته اُهي ماٺ ميٺ ۾ سندس خواهش اڳيان جهُڪي ويا هئا.
آئون ٻاهر نياپو ڪيئن ٿي موڪلي سگهيس؟ 70 ڪلفٽن ۾ ايندي يا اُتان ويندي ملازمن جي جهَڙتي ورتي ويندي هئي ۽ جڏهن اهي پنهنجي ڪم ڪار سان ڪنهن پاسي ويندا هئا، ته جاسوس موٽر سائيڪلن تي چڙهي سندن ڪَڍ لڳندا هئا. نيٺ مون هڪ ملازم کي چيو ته، تون بيماريءَ جو بهانو ڪري پهريدارن کي ٻڌاءِ ته تون موڪل تي پنهنجي گهر لاڙڪاڻي پيو وڃين.
”مونکي اميد آهي ته تنهنجو پُٽ ضياءَ جو آڌرڀاءُ نه ڪندو.“ مون پنهنجو اهو زباني نياپو سنڌ پيپلز پارٽيءَ جي سرواڻ کي موڪليو. جنهن جو پٽ ڪائونسلر هو. ”اوهان ڄاڻو ٿا ته اها ڳالهه پارٽي پاليسي خلاف آهي. مهرباني ڪري اهو نياپو ٻين تائين پهچايو.“
مون هڪڙو نياپو لاڙڪاڻي ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ڪائونسلر کي پڻ موڪليو. ”تون ۽ ٻيا وڃي اسپتال داخل ٿيو يا اوهين لاڙڪاڻي مان ٻاهر هليا وڃو ۽ ڪنهن جي هٿ نه چڙهو.“ مون هن کي چيو. ”پر اوهين ضياءَ سان ڪڏهن به ملاقات نه ڪريو.“
پوءِ مون جڏهن ٽيليويزن ڏٺي ۽ منجهانئن ڪجهه ڄڻن کي ضياءَ سان ملندي ڏٺو، ته ڪاوڙ ۾ آئون وائڙي ٿي ويس. لڳو ٿي ته هنن هڪ گڏجاڻيءَ ۾ فيصلو ڪيو هو، ته پارٽي هنن سڀني خلاف ڪارروائي ڪري نه سگهندي. مونکي گهڻو صدمو پهتو. هڪ ڀيرو وري سياستدانن پنهنجي ذاتي لالچ جي پورائيءَ لاءِ پارٽيءَ جي اتحاد کي هاڃو پئي پهچايو. شايد مون گهڻو پئي سوچيو. منهنجي اڳيان اُن ڳالهه کانسواءِ ٻيءَ ڪا راهه نه هئي، ته آئون پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي هڪ صدر کي سياسي ٽيليفون ڪريان، جنهن جي مونکي منع ٿيل هئي. ”منهنجي مرضي آهي ته تون پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي انهن ڪائونسلرن کي پارٽيءَ مان ڪڍي ڇڏ، جن ضياءَ سان ملاقات ڪئي آهي. هنن پارٽيءَ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي،“ مون تڪڙو تڪڙو چيو: ڇو ته مونکي پتو هو ته منهنجي اُن فون کي ٻُڌو پئي ويو، جنهنڪري مونکي وقت وڃائڻو ڪونه هو. منهنجو فون هڪدم بند ٿي ويو. اهو وري ڪڏهن ڪونه ٺهيو.
هاڻي مون وٽ پنهنجن مائٽن جا فون اچڻ بند ٿي ويا. جن ٿورن ملاقاتين کي ملڻ جي اجازت هئي، سا کانئن واپس ورتي وئي. گهر جي وڏي دروازي تي جهَڙتي وٺندڙن گهريلو ملازمن پٺيان باهه ٻاري ڏني. اهي جڏهن اڱڻ ۾ ايندا هئا يا اتان لنگهندا هئا، تڏهن سندن بُوٽ ۽ جوراب لهرايا ويندا هئا. هنن جي وارن جي به جهَڙتي ورتي ويندي هئي.بورچي گوشت ۽ ڀاڄين جون جيڪي بند ڳوٿريون مارڪيٽ مان آڻيندو هو، تن کي هو وڍي کوليندا هئا. مورڳو ڪِن ڪچري کي به ڦولهيو ويندو هو.
اُن مڪمل اڪيلائپ ۾ آئون پاڻ کي وڌيڪ بيمار سمجهڻ لڳيس. منهنجي ڪَنُ جو سور ويتر وڌي ويو. مون جڏهن پنهنجو کاٻو ڳل مهٽيو، تڏهن مون اُن کي ٿورو نِستو ڀانئيو ۽ آواز ۾ وري وڌيڪ کرڙاٽ ٿيندا ويا.
اپريل ۾ هڪ شام جو آئون 70 ڪلفٽن جي ملاقات واري ڪمري وٽان پئي ويس، ته مونکي لڳو ته فرش اُڀري ڇِت ڏانهن پيو اچي. مون پاڻ کي سنڀالڻ لاءِ ڪوچ جي ٻانهن کان جهليو ۽ بيهي رهيس ته مٿي جي اُها ڦيري ختم ٿئي. ان بدران منهنجي اکين اڳيان اوندهه جي ديوار وڌندي آئي. آئون ساڻِي ٿي ڪوچ تي ڪِري پيس.
سڀاڳائيءَ سان ملازمن مان هڪ ماڻهو مونکي ڪِرندي ڏسي ورتو. ”جلدي ڪريو، تڪڙ ڪريو. مس صاحبا لاءِ ڊاڪٽر گهرايو.“ هن ڊوڙي جيلر کي چيو. ۽ هڪ ڀيرو وري مونکي لڳو، ته الله منهنجي حفاظت ڪئي هئي. سدائين جيان ڪامورا شاهي جي طريقن مطابق علاج جي سلسلي ۾ اجازت وٺڻ لاءِ حڪومت ڏانهن خط لکي، پوءِ ڪيترن ئي ڏينهن تائين، ڪڏهن ٻن هفتن تائين اوسيئڙو ڪرڻ بدران، پوليس ڪجهه ڪلاڪن ۾ مڊايسٽ اسپتال جي ايمرجنسي روم مان هڪ ڊاڪٽر کي وٺي آئي. هڪ ڀيرو وري منهنجي ڪَنُ جو گند ڦاٽي اندر وڃڻ بدران ٻاهر نڪري آيو هو.
”تنهنجي حالت ڏاڍي جوکائتي آهي.“ ڊاڪٽر منهنجو ڪَنُ تپاسڻ کان پوءِ مونکي ٻڌايو. ”تون هڪدم ڪنهن ماهر ڊاڪٽر کي ڪَنُ ڏيکار.“
”جيڪڏهن اوهين منهنجي لاءِ ڪنهن ماهر ڊاڪٽر جي گهُرج جي وضاحت نه ڪندا، ته حڪومت جي اهائي دعويٰ هوندي ته، منهنجي ڪَنُ ۾ ڪابه تڪليف ڪانهي.“ مون هن کي ٻڌايو.
اُن نوجوان ڊاڪٽر ۾ ايتري همت هئي جو هن پنهنجي خط ۾ حڪومت کي نهايت واضح لفظن ۾ لکيو، ته مونکي ڪَنُ جي ڪنهن ماهر ڊاڪٽر جي علاج جي گهُرج آهي. حڪومت مون ڏانهن تپاس لاءِ ڪَن، نَڪ ۽ نڙيءَ جو اهو ماهر ڊاڪٽر موڪليو، جنهن ٽي ورهيه اڳ منهنجي نڪ جي اندرينءَ هڏيءَ جي آپريشن ڪئي هئي. اُن ڊاڪٽر جي مرضي ڪانهي ته هن ڪتاب ۾ سندس نالو پڌرو ڪجي، پر سچائي اها آهي ته هن نه رڳو مونکي تندرست ڪيو، پر منهنجي حياتي پڻ بچائي هئي.
”تنهنجي ڪَنُ ۾ گهاوَ آهي.“ ان ڊاڪٽر منهنجن انهن شڪن جي تصديق ڪندي چوي، جيڪي چار ورهيه اڳ المرتضيٰ ۾ منهنجي نظربنديءَ جي عرصي ۾ مونکي حڪومت جي موڪليل ڊاڪٽر بابت ٿيا هئا. ”گهاوَ سبب ڪَن جي وچ ۾ ۽ ان پٺيان نڍڙي گول هڏيءَ ۾ گند پيدا ٿيو آهي.“ ان گند کي پابنديءَ سا صاف ڪرڻ ضروري هو. جنهنڪري منهنجي مُنهن جي نَسن تي زور گهٽجڻ سبب اُها نستائي ختم ٿي ويندي. اهڙيءَ ريت جڏهن گند صاف ٿي ويندو، تڏهن مونکي آپريشن جي گهُرج ٿيندي. ”توکي اُن نازڪ آپريشن لاءِ پرڏيهه وڃڻو پوندو.“ هن ٻڌايو. ”اسان وٽ هتي ان جي سهوليت ڪانهي. هتي تنهنجي کوپڙيءَ کي ڪارائيءَ سان وڍڻو پوندو. جيڪو جوکائتو عمل آهي. تنهنجي پنهنجي سلامتي ۽ ڪاميابيءَ لاءِ تنهنجو پرڏيهه وڃڻ ضروري آهي.“
آئون وائڙائپ ۾ هن ڏانهن ڏسڻ لڳيس. ڇا هن جو اشارو ان طرف هو ته پاڪستان ۾ اهڙي آپريشن جي معمولي جوکي کانسواءِ به ڪي ٻيا جوکا هئا. مون کي خبر هئي ته 1980ع ۾ حڪومت منهنجن ڊاڪٽرن مان هڪ ڊاڪٽر کي چيو هو، ته مونکي ڪَنُ جي وچ ۾ نه، پر اندر تڪليف آهي ۽ مونکي نفسياتي علاج جي گهُرج آهي. ”تنهنجي تشخيص جي پٺڀرائيءَ لاءِ اسين ڏهه ميڊيڪل بورڊ ٺاهينداسين.“ هن کي چيو ويو هو. حڪومت لاءِ اُن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو سُٺو حل هو، جو مونکي نفسياتي مريض ڄاڻائي اهو قصو ئي ختم ڪري ڇڏي ها. پر اُن ڊاڪٽر انڪار ڪيو هو. هاڻي اُهو ساڳيو ڊاڪٽر اُن ڳالهه تي ضد ٻڌي بيٺو هو، ته آئون پاڪستان مان هلي وڃان.“ آئون اهو آپريشن هتي ڪري سگهان ٿو. پر مونکي اُلڪو آهي ته اُن وقت تنهنجي بيهوشيءَ کان پوءِ ڪنهن ٻئي ڪُڌي ڊاڪٽري عمل لاءِ اُهي مون تي سخت دٻاءَ وجهندا.“ هن مونکي ٻڌايو. ”جيڪڏهن مون انڪار ڪيو، ته اهي اهو ڪم ڪنهن ٻئي ڊاڪٽر کي سونپيندا. تنهنڪري تنهنجي لاءِ اهو سُٺو آهي ته تون ڪنهن پرڏيهي ملڪ هلي وڃ.“
مون پرڏيهي ملڪ ۾ علاج جي اجازت ڏيڻ لاءِ حڪومت کي درخواست موڪلي. پر اُن جو ڪو جواب ئي ڪونه آيو. مونکي به ٿوري وقت جي گهرج هئي. ”تو ۾ ايتري سگهه ئي ڪانهي، جو تون بيهوشيءَ جو اثر سَهي سگهين.“ ڊاڪٽر مونکي چيو. ”توکي پنهنجو جسماني سرشتو ٺاهڻو پوندو.“ امان جيان مونکي به کير، گوشت، ڪُڪُڙ ۽ بيدن جهڙي لحميات سان ڀرپور غذا تي رکيو ويو.
پر منهنجي ڪَنُ جو سُور گهٽ نه ٿيو. مون سمجهڻ شروع ڪيو ته منهنجي مُنهن جو کاٻو پاسو نِستو ٿيڻ لڳو هو. منهنجي مٿي ۾ لاڳيتي ڌان ڌان پئي ٿي ۽ ڪَنُ ۾ ٽڪ ٽڪ ٿيڻ سبب، منهنجي لاءِ ڪنهن ٻئي آواز کي ٻُڌڻ بلڪل ناممڪن ٿي پيو هو. ڊاڪٽر اختياري وارن کان اجازت وٺي هر هفتي 70 ڪلفٽن ۾ ايندو هو ۽ گند جي صفائيءَ جي ڪوشش ڪندو هو. هن هڪ ڀٽي جي علاج لاءِ جيڪا ڳڻتي ڏيکاري هئي، تنهن لاءِ هن کي سزا ڀوڳڻي پئي هئي.
”تون اڪثر ڪار ۾ حيدرآباد ويندو آهين. اهو درست آهي نه؟“ هن جي پاڙيسري پوليس سپرنٽينڊنٽ کانئس ان وقت پڇيو هو، جڏهن هن هر هفتي علاج شروع ڪيو هو.. ”تون ’ڊيٿ وش‘ فلم ڏٺي آهي؟“ ٻئي ڏينهن اُن فلم جي وڊيو ٽيپ ڪنهن اَڻڄاتل ماڻهو سندس گهر پهچائي. پوءِ هن کي ڌمڪين وارا ٽيليفون اچڻ لڳا. ساڳئي وقت کيس انڪم ٽئڪس کاتي وارن وٽان به نوٽيس پهتو، ته ٽئڪس ۾ گهوٻي هڻڻ سبب سندس ٽئڪس جي ٻيهر چڪاس ٿيندي. حڪومت سندس ڌنڌي جي سچائيءَ تي پڻ شڪ ڪندي، هن کي نوٽيس موڪليو ته ڇو نه کيس اسپتال جي ملازمت تان هٽايو وڃي. انهن سڀني ڳالهين هوندي به هن همت نه هاري ۽ منهنجو علاج ڪندو رهيو، جنهن جي مون گهڻي ساراهه ڪئي. هو ٻاهرين دنيا جو اڪيلو شخص هو، جنهن سان آئون ڳالهائيندي هيس. جيتوڻيڪ جيئن پوءِ پيٽر گئلبريٿ کان مونکي پتو پيو، حڪومت جي دعويٰ ان جي ابتڙ هئي.

پيٽر گلئلبريٿ:
سينيٽر پيل ۽ ٻين سينيٽرن پاڪستان ۾ خاص سياسي قيدين لاءِ ڊسمبر ۾ ضياءَ کي جيڪو خط لکيو هو، تنهن جو نيٺ جون مهيني جي پڇاڙي ڌاري پاڪستاني حڪومت وٽان جواب آيو. ان وقت ضياءَ جيڪي چيو هو، تنهن جي حوالي سان بينظير جي نظربنديءَ بابت ان جي جواب ۾ چيل هو:
”هن وقت هوءَ ڪراچيءَ ۾ پنهنجي گهر ۾ نظربند آهي، ته جيئن هو اهڙين سياسي سرگرمين ۾ حصو نه وٺي سگهي، جن تي بندش پيل آهي. پوءِ به هن کي هر ممڪن آسائشون مليل آهن ۽ گهُرج وقت پسند جا
ڊاڪٽر سندس تپاس ۽ علاج ڪن ٿا. هن کي پنهنجن مائٽن ۽ دوستن سان ملاقات ۽ ڳالهائڻ جي اجازت آهي. هُن کي اٺن ويجهن مائٽن کي رهائڻ جي اجازت مليل آهي، جن مان هڪ ئي وقت ٽي مائٽ وٽس رهي سگهن ٿا. هن کي پنهنجي پسند جي چوويهن ملازمن رکڻ جي اجازت آهي ۽ ذاتي واهپي لاءِ وٽس هڪ ٽيليفون به آهي.“
پوءِ تُرت مونکي بينظير جي سئوٽ جو ٽيليفون آيو. مون هن کان ان خط جي مضمون جي حقيقت بابت پڇيو.
”بلڪل غلط،“ هن رڙ ڪندي چيو. ”هن جي ڪنهن به دوست کي ساڻس ملڻ جي اجازت ڪانهي. گذريل ٽن مهينن ۾ رُڳو هڪ ڀيرو هن جي ڀيڻ ساڻس ملاقات ڪري سگهي آهي. هن جي سئوٽ فخري کي به بينظير سان ملڻ ۾ ڏاڍي ڏُکيائي ٿي هئي. هوءَ ته ٻاهر باغ ۾ وڃي نه ٿي سگهي. هوءَ اڪيلي آهي ۽ بيمار آهي. مونکي هن جي ڏاڍي ڳڻتي آهي.“
مون سينيٽر پيل ڏانهن خط لکيو. ان وقت اتفاق سان پاڪستان جو پرڏيهي وزير ۽ واشنگٽن ۾ اڳوڻو سفير يعقوب خان شهر ۾ آيل هو. يعقوب خان جا واشنگٽن ۾ ڪيترائي دوست هئا ۽ هو اتي هڪ سِڌي ڳالهه چوندڙ ۽ بي رياءُ مشهور هو. مونکي پڪ هئي ته بينظير سان ٻچاپڙائيءَ واري ورتاءُ ۾ يعقوب به شريڪ هوندو. جڏهن سينيٽر پيل پرڏيهي وزير کان بينظير سان ان ورتاءُ بابت سرڪاري بيان ۽ انهن نين حقيقتن جي وچ ۾ ظاهري فرق بابت پڇا ڪئي ته يعقوب ڳنڀير ٿي ويو، لڳو ٿي ته هن کي سچ پچ ڏاڍو ڏک پهتو هو. تنهنڪري هن پاڪستان پهچي ان معاملي جي ڇنڊڇاڻ جو واعدو ڪيو.
21 جون 1983ع. سال جو ڊگهي ۾ ڊگهو ڏينهن ۽ منهنجي جنم جي ٽيهين سالگرهه. سدائين پُراميد هجڻ سبب مون هوم سيڪريٽريءَ کي خط لکيو هو ته، ڪيترن مهينن کان مون وٽ ڪوبه ملاقاتي نه آيو آهي، تنهنڪري مونکي اجازت ڏني وڃي ته آئون پنهنجي جنم ڏينهن تي اسڪول جي ساهيڙين سان ملاقات ڪريان. منهنجي خوشي ۽ حيراني جي حد ئي نه رهي، جڏهن حڪومت مون کي اهڙي اجازت ڏني.
شام جو سميعا، سنديس ڀيڻ ۽ پاري مون وٽ ڊوڙنديون آيون. هنن وٽ چاڪليٽ ڪيڪ هو، جيڪو پاري ڏاڍيءَ محنت سان ٺاهيو هو. پوليس وارين جي چؤڪس نظرن هيٺ اسان هڪ ٻئي کي ڀاڪر پاتا ۽ چُميون ڏنيون. ”الله جو شڪر جو ڪيڪ سلامت آهي.“ سميعا چيو. ”هنن سڀني شين جي ايڏي ته جهَڙتي ورتي، جو اسان کي اُلڪو ٿي پيو ته متان اُهي توکان اڳي ڪيڪ ڪاٽي ڇڏين.“
انگلينڊ ۾ منهنجن دوستن وڪٽوريا شوفيلڊ ۽ ٻين به مونکي ڪونه وساريو هو. مونکي پوءِ خبر پئي ته جيئن منهنجي سالگرهه ويجهي آئي، ته وڪٽوريا تڏهوڪي آڪسفورڊ يونين جي صدر کي خط لکي، سندس اوڏانهن ڌيان ڇڪايو هو ته نظربنديءَ ۾ منهنجي اها ٽين سالگرهه هئي. 21 جون تي آڪسفورڊ يونين ۾ هڪ منٽ لاءِ خاموشي اختيار ڪئي وئي. اها مريادا گهڻو ڪري رُڳو فوتي اڳوڻي صدر لاءِ ارپيل هوندي هئي. اُن وقت هڪ ٻيو پراڻو دوست ۽ ڪئمبرج يونين جو اڳوڻو صدر ڊيوڊ جانسن، آڪسفورڊ يونين جي تقريرن واري ڪمري ۾ موجود هو. هن پوءِ لنڊن جي ويسٽ منسٽر ايبي ۽ سينٽ پال ڪيٿيڊرل جي سڀني عبادتگاهن ۾ آچر ڏينهن جي عبادت ۾ منهنجي لاءِ دعائن گهرڻ جو انتظام ڪيو. اهي دعائون ڳڻتيءَ ۽ دوستيءَ جو ڏاڍو پيارو اظهار هيون.
منهنجي سالگرهه وقت حڪومت جي هڪ عملدار جيڪا ڳڻتي ڏيکاري، سا وڌيڪ شڪي ٿي لڳي. ”مهرباني ڪري اڄ شام جو ستين بجي تيار رهجو.“ جيل جي عملدارن مان هڪڙي مونکي چيو. ”اسين اوهان کي گورنمينٽ ريسٽ هائوس ۾ وٺي هلنداسين.“
”ڇو؟“ مون کانئس پڇيو.
”ڇو ته مارشل لا ائڊمنسٽريٽر اوهان سان ملڻ چاهي ٿو،“ هن اهو ڏاڍي خوشيءَ سان چيو.
”مارشل لا ائڊمنسٽريٽر؟ آئون جنرل سان ملاقات لاءِ ڪونه وينديس.“ مون کيس ٻڌايو.
جيل جو عملدار حيران ٿي ويو. ”پر اوهان کي هلڻو پوندو. اوهان قيدي آهيو.“ هن وراڻيو.
”مون کي پرواهه ڪانهي.“ مون چيو. ”آئون هن سان نه ملنديس. اوهين مونکي گهلي اتي وٺي هلندا، تڏهن به آئون اتي دانهون ڪنديس. رڙيون ڪنديس ۽ سڀني کي پريشان ڪنديس. جن مونکي قيد ڪيو آهي، تن وٽ آئون ڪونه هلنديس.“
اُهو ٻُڌي جيل جو عملو پوئين پيرين ڀڳو ۽ ڀڻڪندو ويو ته، ”مونکي ڪوبه عقل ڪونهي، ته جنرل عباسيءَ سان ملاقات کان انڪار منهنجي حق ۾ سٺي ڳالهه ڪانهي.“ پر مون پرواهه نه ڪئي. اسان مان جيڪي ضياءَ جا مخالف هئا، تن جو ڌڪاريل فوجي حاڪمن سان ڪنهن به قسم جو لاڳاپو رکڻ، ڄڻ وڪامي وڃڻ برابر سمجهيو ويندو. پر هنن وٽ هلي وڃڻ ته مورڳو سندن حاڪميت کي مڃڻ ۽ کيس منظوري ڏيڻ برابر سمجهيو ويندو.
ان رات مون سُوٽ ڪيس ۾ پنهنجو سامان رکيو، ڇو ته مونکي پڪ هئي ته حڪومت طرفان جوابي ڪارروائيءَ ۾ مونکي واپس جيل اماڻيو ويندو. مون جيل لاءِ گهربل شيون هٿ ڪيون. قلم، ڊائريون، جيتمار دوائون وغيره- پر مونکي جيل ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ ڪوبه ڪونه آيو. ان بدران مون کي حد کان وڌيڪ اچرج ٿيو، جڏهن مارشل لا ائڊمنسٽريٽر پاڻ مون سان ملاقات لاءِ 70 ڪلفٽن ۾ آيو.
انهن مغرور فوجي حاڪمن جي، جيڪي ٻين کي گهرائڻ ۽ کين حڪم ڏيڻ جا هيراڪ هُجن ٿا، اها ڳالهه ڪڏهن به ٻُڌڻ ۾ نه آهي ته انهن پاڻ وڃي مخالف ڌُر جي اڳواڻ سان ملاقات ڪئي هجي. مون اَويساهيءَ وچان 70 ڪلفٽن ۾ اڇن وارن واري جنرل کي خاڪي ورديءَ ۾ ويٺل پهريون ڀيرو ۽ پوءِ ڪيترائي ڀيرا ڏٺو. سندس نياپو سدائين ساڳيو هوندو هو.
”مون کي پتو آهي ته تون بيمار آهين.“ هو مونکي چوندو هو. ”اها ڳالهه ته آئون فوج ۾ آهيان، تنهن جو مطلب اهو ڪونهي ته مونکي ڳڻتي ڪانهي. ياد رک ته صدين کان اسان جي گهراڻن جا پاڻ ۾ لاڳاپا رهيا آهن. مونکي اها ڳالهه وڌيڪ اطمينان ڏيندي ته تنهنجو علاج ملڪ کان ٻاهر ٿئي. پر اسين ڪنهن به قسم جا سياسي مونجهارا ڪونه سَهنداسين.“
مون بااخلاق رهڻ جو پڪو ارادو ڪيو، ڇو ته اُن وقت پنهنجي طاقت ڏيکارڻ جو ڪوبه فائدو ڪونه هو. منهنجو ويچار هو ته جنرل عباسي منهنجن ارادن کي سمجهڻ ۽ اُهو جانچڻ لاءِ آيو هو، ته جيڪڏهن مونکي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني وئي ته آئون ڇا ڪنديس. مون هن تي اهو اثر ويهاريو، ته آئون پنهنجي علاج لاءِ ڳڻتيءَ ۾ آهيان ۽ پوءِ يڪدم واپس اينديس. ڪنهن حد تائين اها ڳالهه صحيح به هئي، ڇو ته تنهن وقت جلاوطنيءَ ۾ رهڻ جو منهنجو ڪوبه ارادو ڪونه هو.منهنجي ته خواهش ئي اها هئي ته هر ممڪن وجهه وٺي حڪومت کي سختيءَ سان چيڀاٽي ڇڏيان.
اُن وقت مونکي اُن ڳالهه جي سمجهه نه هئي، ته حڪومت تي ڪهڙي پابندي آهي. منهنجي ڊاڪٽر اها ڳالهه لکي ڏني هئي ته، مونکي پرڏيهه ۾ علاج جي گهُرج آهي ۽ جيڪڏهن نظربنديءَ ۾ مونکي ڪجهه ٿي پيو، ته پوءِ اها سموري ذميداري حڪومت تي ايندي. گڏوگڏ سينيٽر پيل ۽ سينيٽ فارين رليشنس ڪميٽي ۽ شايد يعقوب خان طرفان به امڪاني زور پيو هجي. 1983ع ۾ جيئن آرهِڙ جي مُند اڳتي وڌي، ته منهنجي نظربندي نه رڳو حڪومت کي پريشان ڪيو، پر ان جا ابتا اثر به پڌرا ٿيا. البت 70 ڪلفٽن جي اڪيلائپ ۾ مونکي انهن جي ڪابه سُڌ نه هئي اُٽلندو هڪ ڀيرو وري مون سياست ۾ حصو وٺي پنهنجي ممڪن آزاديءَ کي ڏُکيو بڻائي ڇڏيو هو.

ضياءَ جي گشت وقت سنڌ ۾ جيڪي هنگاما ٿيا هئا، تن ۾ اڃا ٺاپر نه آئي هئي. وري جو پاڪستان جي آزاديءَ واري ڏينهن 14 آگسٽ ۽ اها تاريخ ويجهو آئي، جيڪا ضياءَ هڪ ڀيرو وري ٻين ڪُوڙين چونڊن ڪرائڻ لاءِ چونڊي هئي، ته ايم آر ڊي جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ پنهنجي ٻي عوامي هلچل هلائڻ جو اعلان ڪيو. ايم آر ڊيءَ جي اُن سڏ جو نتيجو جانچڻ لاءِ مون 70 ڪلفٽن ۾ ڌيان سان اخبارون پڙهيون ۽ بي بي سيءَ تان خبرون ۽ تبصرا ٻُڌا. مون وڏو جوکو کڻي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي انهن اڳواڻ سان نياپن ذريعي رابطو ڪيو، جيڪي مڊايسٽ اسپتال ڀرسان هڪ ڳجهي جاءِ ۾ ڪندا هئا. مون پنهنجي ڳوٺاڻي ضلعي لاڙڪاڻي ڏانهن به سياسي هدايتون موڪليون ۽ فنڊ جي انتظام لاءِ سندن مدد ڪئي.
اڳين هلچلن کان ايم آر ڊيءَ جي اُن هلچل نئون روپ ورتو هو. ماضيءَ ۾ ’احتجاجي تحريڪ‘ جا لفظ ٻُڌڻ سان حڪومت سياسي ڪارڪنن پٺيان هٿ ڌوئي پوندي هئي ۽ کين هزارن جي تعداد ۾ جهلي، ڪنهن دم کڻڻ کان روڪيندي هئي: جنهنڪري عوامي اڳواڻيءَ ڪندڙ ڪوبه ڪونه هوندو هو. هاڻي ايم آر ڊي اڳواڻن کي آزاد ڇڏيو ويو هو، ته اهي ڀلي پاڻ گرفتاريون ڏين- ۽ هنن پاڻ کي گرفتار به ڪرايو. ايم آر ڊيءَ جي اڳواڻن جي پُٺڀرائي لاءِ جڏهن عوام گڏ ٿيا هئا، ته پوليس کين به ڪجهه نه ٿي چيو. ان هلچل ۾ سنڌ جو زميندار طبقو به شريڪ ٿي ويو. هنن پارٽيءَ جي حامين کي گهربل جاين تي پهچائڻ لاءِ ٽريڪٽر ۽ لاريون ڏنيون ۽ بهتر رابطي لاءِ پنهنجن ڪمدارن ذريعي سهوليتون ڏنيون.
ان هلچل ۾ شامل ٿيڻ لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ڪجهه اڳواڻن پهرين ٿوري هٻڪ ڏيکاري، خيال اهو هو ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي هڪ اڳواڻ جتوئي، آمريڪي ۽ فوجي عملدارن سان ڳالهيون ڪيون آهن، جن ضياءَ جي تختو اونڌي ڪرڻ لاءِ هن جي پٺڀرائي ڪئي آهي. اهڙي ريت جتوئيءَ جو اقتدار قائم رهندو ۽ وري پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي حڪومت جي ويجهو به اچڻ ڪونه ڏنو ويندو. مون پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن کي اها ڳالهه زور ڏئي سمجهائي، ته ان هلچل ۾ شامل ٿيڻ گهرجي، ڇو ته ضياءَ خلاف هلندڙ هلچل وقت متحد رهڻ وڌيڪ اهم آهي، ۽ پوءِ جيڪڏهن ضروري ٿيو ته پاڻ ۾ جيڪو اتفاق جُڙيو آهي، تنهن تي ويچاريو ويندو.
اُن هلچل جيئن زور ورتو، ته مون پارتيءَ جي عهديدارن کي لِڪ ڇپ ۾ ڪيترائي خط موڪليا، جن ۾ مون کين سمجهايو ته پرڏيهي سفارتڪارن کي ڇا چوڻ گهرجي ۽ اخبارن ۾ ڪهڙيون خبرون ڏجن. مون هنن تي زور ڏنو، ته ان هلچل کي زور شور سان اڳتي وڌائيندا هلو ۽ حڪومت کي ڪوبه اهڙو وجهه نه ڏيو، جو اها اسان کي تباهه ڪري. مونکي پتو هو، ته جيڪڏهن انهن نياپن جي حڪومت کي سُڌ پوي ها، ته مونکي پرڏيهه ۾ موڪلڻ بدران واپس جيل ۾ موڪلي ڇڏي ها. پر منهنجي لاءِ هر ٻيءَ ڳالهه کان اُتم پاڪستاني عوام جي آزادي هئي. جيل جي عملدارن جي شڪ کان پاڻ بچائڻ لاءِ آئون وڌيڪ ڪمزور هجڻ جو بهانو ڪندي هيس. هونئن به منهنجي طبيعت ئي اهڙي آهي، جو ڪاوڙ ۽ ڪروڌ سب مون ۾ ڪنهن قدر سگهه اچي وڃي ٿي، پوءِ کڻي آئون ڪيتري بيمار ڇو نه هجان. پر 1983ع ۾ سنڌ ۾ بغاوت هلندي جڏهن جيل جو عملو هفتيوار چڪر تي ايندو هو، ته آئون ڄاڻي ٻجهي اکين هيٺ غاليچي ۾ کپائي ويهندي هيس، ته جيئن اهي منهنجي جوش ۽ ولولي کي ڏسي نه سگهن ۽ کين پڪ ٿئي ته آئون اهڙي ته اگهي آهيان، جو ٻي ڪا ڳالهه سوچي نٿي سگهان.
انهيءَ وچ ۾ جتوئي مون تي زور پئي رکيو، ته آئون عوام لاءِ امان کان ڪو نياپو گهرايان. ڏاڍي ڏکيائيءَ کان پوءِ ڪنهن امان سان فون تي ڳالهايو. ”اوهان بينظير کي چئو ته منهنجي نالي تي ڪو بيان ڏئي.“ هن چيو. پوءِ آئون بجلي واري ٽائيپ رائيٽر اڳيان ٿي ويٺيس ۽ بجليءَ جي اک ٻُوٽ هلندي اَٿاهه طاقتور فرد جيان ٽائيپ ڪرڻ لڳس. منهنجين آڱرين مان لفظ تيزيءَ سان ڊوڙندا ڪاغذن تي پکڙجڻ لڳا.

”منهنجا محب وطن ۽ بهادر هموطنو، منهنجا مانائتا ڀائرو ۽ پياريون ڀينرو، منهنجون دلير ڌيئرو ۽ نِڊر فرزندو (مون عوام لاءِ امان جو نياپو ٽائيپ ڪرڻ شروع ڪيو، جيڪو پوءِ اردو ۽ سنڌيءَ ٻولين ۾ ترجمو ٿيو هو ۽ لڪ ڇپ ۾ سڄي صوبي ۾ ورهايو ويو هو.) … اسان جي هلچل جو مقصد ملڪي قانونَ جي نافرماني آهي. ڇهن ورهين جي ڊگهي عرصي تائين اسين ظلم، ڏاڍ ۽ پيڙا کي مُنهن ڏيندا پيا اچون. جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ اسان جي مطالبي کان ڪيترائي ڀيرا لنؤايو ويو آهي. اسان جي ڪارڪنن کي جيلن ۾ واڙيو ويو آهي ۽کين موت جون سزائون ڏنيون ويون آهن. هاڻي گهڻو ئي ڪجهه ٿيو. تنهنڪري اسين بسن ۽ ريلوي جي ڊرائيورن کي گذارش ڪريون ٿا، ته اوهين بسون نه هلايو، ريلون نه هلايو. پوليس وارن کي اسان جو رُڳو ايترو چوڻ آهي، ته اوهين دادوءَ ۾ پنهنجن ڀائرن جي مثال جي پيروي ڪريو ۽ معصوم عوام تي گوليون نه هلايو. جيڪي اوهان جا ئي ڀائر آهن. اوهين هن هلچل کان بلڪل نه ڊڄو. اها هلچل اسان جي عوام، غريبن ۽ ٻارن لاءِ آهي ته جيئن اُهي مفلسي، بُک ۽ بيماريءَ جي زندگي نه گهارين. اوهين پنهنجي پارليامينٽ، حڪومت ۽ آئين لاءِ جدوجهد ڪريو، ته جيئن فيصلا غريب عوام جي حق ۾ ٿين ۽ نه فوجي حڪومت ۽ سندس ڇاڙتن جي حق ۾ …“
ضياءَ الحق خلاف نفرت ۽ ڌِڪار جي اها هلچل وڏو ٺڪاءُ ڏئي ڦاٽي پئي ۽ چؤڌاري پکڙجي وئي. ريلوي اسٽيشنن تي ڦرلٽ ٿي. ٽرڪن ۽ بسن هلڻ بند ڪيو. ٿاڻن کي ساڙيو ويو. سون ماڻهن پنهنجيون جانيون وڃايون. پاڻ ضياءَ کي ظاهري طرح آڌر ڀاءُ ڪندڙ انبوهه ذري گهٽ قتل ڪري ٿي ڇڏيو. هڪ هيليڪاپٽر جنهن ۾ ماڻهن سمجهيو هو ته ضياءَ آهي، جڏهن دادو لٿو تڏهن عوام اُن ۾ ويٺل ماڻهن تي حملو ڪري ڏنو. حقيقت ۾ ضياءَ هڪ ٻئي هيليڪاپٽر ۾ هو، جيڪو اتان رخ ڦيرائي ڪنهن ٻئي هنڌ وڃي لٿو هو. پوءِ جڏهن هن کي ريسٽ هائوس ۾ ڏٺو ويو هو، تڏهن به هو مارجي وڃڻ کان ذري گهٽ بچي ويو هو.
سنڌ جي اها بغاوت تُرت ٻين صوبن تائين به پکڙجي وئي. بلوچستان صوبي جي ڪوئيٽا ۾ ۽ سرحد صوبي جي پشاور جي وڪيلن جي انجمنن سياسي بيان بازيءَ تي پيل بندش جي ڀڃڪڙي ڪندي چونڊن ڪرائڻ جي گهُر ڪئي. لاهور ۾ پوليس هاءِ ڪورٽ جا سڀئي دروازا بند ڪري، وڪيلن کي احتجاجي جلوس ڪڍڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ پوءِ مٿن پٿر وسايا ويا. پوءِ به بابا جي وڪيلن مان هڪ وڪيلياڻي طلعت يعقوب جي اڳواڻيءَ ۾ وڪيلن جو جلوس ڪنهن نموني ٻاهر آيو. ”اوهان مان جيڪي گهر ۾ ويهڻ گهرن ٿا، تن لاءِ هيءُ چُوڙِيون آهن.“ طلعت يعقوب پنهنجيون شيشي جون چوڙيون اُڇلائيندي ۽ پاڪستاني جهنڊو جهولائيندي، لاهور ۾ وڪيل انجمن جي اڪثر مرد وڪيلن کي رڙيون ڪندي چيو. ”آئون توهان کي آزاديءَ لاءِ سڏيان ٿي.“ سوين وڪيل ساڻس وڃي مليا ۽ ڀڃڪڙي ڪندي، اهي جمهوريت جي حق ۾ نعرا هڻندا اڳتي وڌندا ويا ۽ پوليس جي گهيري ۾ ڦاسي پيا.
ان ملڪي بغاوت کي چيڀاٽڻ لاءِ آڪٽوبر جي ٻئي هفتي ۾ فوج پنهنجيون توبون ۽ ٽئنڪون ڪَتب آنديون، جنهن جي نتيجي ۾ خاص ڪري سنڌين جي دلين ۾ سخت ڪاوڙ ۽ ڪروڌ پيدا ٿي پيو. چيو ويو ته اُن ۾ اٺ سؤ ماڻهو مارجي ويا هئا. ڳوٺن جا ڳوٺ ۽ بيٺل فصل ساڙي رک ڪيا ويا. عورتن جي لڄالُٽ ڪئي وئي، جنهن سبب ٻارهن ورهيه اڳ بنگلاديش ۾ فوج جيڪي هاڃا ڪيا هئا، تن جو اگريون يادون اڀري آيون هيون. ڪاوڙ ۽ ڪِروڌ جي رَک مان سنڌي قوميت جنم ورتو. ٻين اقليتي صوبن ۾ پڻ علحدگيءَ جي هلچل اڀرڻ لڳي. ضياءَ جي ظلم ۽ ڇهن ورهين جي مارشل لا سبب پاڪستان جو ڪمزور ۽ نازڪ وفاق ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ وارو هو.
پوءِ به ريگن انتظاميا پنهنجي خاص ماڻهوءَ جي پُٺي ٺپريندي آئي. ’نيوز ويڪ‘ لکيو آهي ته، ”واشنگٽن پنهنجي عالمي حڪمت عمليءَ ۾ ضياءَ کي پنهنجو گُڏو سمجهي ٿو.“ مون پنهنجي روزنامچي ۾ 22 آڪٽوبر تي لکيو. ”هڪ مغربي جاسوس ذريعي جي چوڻ مطابق سي آءِ اي پاڪستان ۾ پنهنجيون ’اصلي‘ سرگرميون وڌائي ڇڏيون آهن. گذريل هفتي ’نيوز ويڪ‘ لکيو هو ته ضياءَ جي ڊهندڙ حڪومت کي سي آءِ اي ٽيڪ ڏيو بيٺي آهي. اهي خاطري چاهين ٿا ته ضياءَ جو حشر ايران جي شاهه جهڙو نه ٿئي. گذريل ڏيڍ ورهيه ۾ مصر ۾ جاسوسي ڪندڙ ’آمريڪي ڀُوتن‘ جو وڏو تعداد قاهرا مان نڪري اسلام آباد ۾ پهچي ويو آهي. اُن رپورٽ جي پڇاڙيءَ ۾ ڄاڻايل آهي ته ’اُن مان پڌرو ٿئي ٿو ته ضياءُ رُڳو تڏهن اقتدار ڇڏيندو، جڏهن کيس ان لاءِ مجبور ڪيو ويندو.“
۽ آئون 70 ڪلفٽن ۾ ئي نظربند رهيس. منهنجي نظربنديءَ جو اُهو پنجون ورهيه هو.
اوندهه. منهنجي ذهن ۾ ڌَڌڪا ۽ دانهون. انڌڪار جون هڪ ٻئي پٺيان لهرون. سنڌ بغاوت کان تُرت پوءِ، هڪڙي ڏينهن بستري ۾ جڏهن منهنجي اک کلي ته مون پنهنجيءَ نبض تي ڊاڪٽر جو هٿ ڏٺو ۽ هن جي مُنهن تي مُرڪ. هن مونکي ٻڌايو ته منهنجي ڪَنُ جي صفائي لاءِ بيهوشيءَ جي جيڪا دوا ڪَتب آندي وئي هئي، تنهن جو مون تي خراب اثر ٿيو هو. پر اُن اوچتي صورتحال ۾ امداد وٺڻ لاءِ ٻي ڪا راهه به نه هئي، ڇو ته 70 ڪلفٽن ۾ ٽيليفون ڪَٽيل هو. وري هڪ مهينو پوءِ مون تي مٿي جي ڦيريءَ جو سخت حملو ٿيو، جنهن سبب مونکي ڀنواٽيون پئي آيون ۽ منهنجيءَ دل سخت ڪچي ٿي پئي هئي. وري ڊاڪٽر کان طبي امداد وٺڻ لاءِ ڪا راهه ئي نه هئي.
منهنجي ڪَنُ جي علاج کان پوءِ آئون ڪيترن ڏينهن تائين بُخار ۾ ورتل هيس.ان حالت ۾ مونکي کنگهه هئي ۽ پگهر پئي نڪتا. ڊاڪٽر منهنجو ڪَنُ تپاسيندي فيصلو ڪيو ته منهنجي ٻُڌڻ جي اٽڪل اڌ جيتري قوت ضايع ٿي وئي آهي. ”جيڪڏهن مون هن جو علاج نظربنديءَ ۾ ڪيو، ته پوءِ آئون مريض جي صحت جو ذمو کڻي ڪونه سگهندس.“ ڊاڪٽر نومبر ۾ هوم سيڪريٽريءَ کي اطلاع ڏنو ۽ درخواست ڪئي ته کيس وڌيڪ علاج اسپتال ۾ ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. ”سياري جي مُند جي اوچتي شروع ٿيڻ سان جيڪڏهن نَڪ يا نڙيءَ ۾ ٿوري به تڪليف ٿي ، ته سندس ٻُڌڻ جي حِس کي وڌيڪ هاڃو رَسندو. جراحيءَ لاءِ ڪي اپاءُ نه وٺڻ تائين ڪيترن ئي مونجهارن جو جوکو موجود آهي، جن ۾ مُنهن جي نَسن جو نِستو ٿيڻ به ممڪن آهي.“ نيٺ اسپتال ۾ علاج ڪرائڻ جي اجازت ملي ۽ باقي علاج وڌيڪ سُٺي نموني ڪرائڻ لاءِ مونکي جسماني ۽ نفسياتي طرح پاڻ کي سهيڙڻو هو.
آئون نظربنديءَ ۾ ايترو ته گهڻو عرصو رهي هيس، جو آئون هر ڪنهن ۽ هر شيءِ تي شڪ ڪندي هيس. پنهنجي حياتي ڪنهن اوپري شخص کي سونپڻ جي ويچار کان ئي مونکي ڊَپ وَڪوڙي ٿي ويو، پوءِ ڀلي اهو شخص انگريز سرجن ڇو نه هجي. تنهنڪري ٻيڻي خاطريءَ لاءِ ته مونکي آپريشن جي گهُرج به هئي يا نه. مون پنهنجو طبي رڪارڊ لِڪ ڇپ ۾ ڊاڪٽر نيازيءَ ڏانهن لنڊن موڪلي ڏنو. هن منهنجي طبي پرک جي تصديق ڪئي. پوءِ به آئون اڃا به وڌيڪ مونجهاري ۾ ڦاٿل هيس. سڄي پاڪستان ۾ هزارين سياسي قيدي جيلن ۾ اهڙين حالتن هيٺ بند هئا، جن جو ذڪر به نٿو ڪري سگهجي، منجهانئن ڪيترن کي ته موت جي سزا مليل هئي. جيتوڻيڪ آئون پڻ قيد ۾ هيس، پر مون ڀانئيو ته آئون ئي سندن همت ۽ سُڪون جو وسيلو آهيان. مون ڏکن ۽ ڏُکيائين ۾ هنن جو ساٿ ڏنو آهي، اهي منهنجي ڪارڻ ئي اُتي آهن ۽ آئون هنن سبب هتي آهيان. جيڪڏهن آئون کين ڇڏي وينديس، ته ڇا اهي پاڻ کي بيوس ۽ لانجهو ڪونه ڀانئيندا؟ ڇا اهي پاڻ کي هيڪلو نه سمجهندا؟
ڊسمبر جو مهينو جيئن ئي پورو ٿيو ته مونکي پوري پڪ ٿي، ته حڪومت تُرت مونکي آزاد ڪندي. سنڌ ۾ بغاوت هلندي مونکي اختياريءَ وارن وٽان ڪابه ڄاڻ نه پهتي هئي. مونکي سُڌ هئي ته حڪومت اُن سخت مصيبت ۽ پريشانيءَ وقت اهو ڄاڻندي مونکي آزاد نه ڪندي، ته متان آئون اهي خبرون پرڏيهي ملڪن تائين پهچايان. پر هاڻي اهي فساد گهٽجي ويا هئا، تنهنڪري هنن وٽ هينئر ڪوبه بهانو ڪونه هو.
آئون پاڻ به هاڻي سفر لائق ٿي وئي هيس. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر جو پهرين ويچار هو ته هوائي جهاز ۾ چڙهڻ کان اڳ هو منهنجي ڪَنُ ۾ نالي وجهي ڇڏيندو. پر هاڻي هن جو چوڻ هو ته جهاز جي اڏامڻ ۽ لهڻ وقت مون کي رُڳو ٻن گورين کائڻ جي گهُرج ٿيندي. اوائل ۾ ڪَنُ جي علاج ڪرائڻ وقت منهنجي تڪليف ۽ ڳڻتيءَ سبب مون تي جيڪو خراب اثر ٿيو هو، سو حڪومت جي اُن فيصلي سبب گهڻو گهٽجي ويو هو ته، صنم روزانو مون سان ملاقات ڪري سگهندي. ڊاڪٽر حڪومت تي زور وڌو، ته جيڪڏهن مونکي ڪنهن سان ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏني وئي، ته منهنجي صحت جي بحالي ناممڪن بڻجي ويندي.
ڊسمبر جي پڇاڙيءَ ۾ اختياري وارن صنم ۽ مون کان اسان جي پاسپورٽن، ويزا فارمن ۽ فارين ايڪسچينج فارمن جو پڇيو. هنن اسان کي تيار رهڻ لاءِ چيو. پر جنهن ڏينهن اسان کي وڃڻو هو، تنهن ڏينهن ڪوبه اسان کي وٺڻ ڪونه آيو. مون اُهو وقت ذاتي معاملا نبيرڻ ۾ گذاريو. مون پنهنجي غير حاضريءَ ۾ گهرن جي سارسنڀال جو بندوبست ڪيو ۽ ٽئڪسن جو حساب ڪتاب ٺيڪ ڪيو. هڪ ٻئي هوائي جهاز جو وقت آيو ۽ اهو به نڪري ويو.
اسان جي جهاز جي ٻي اڏام 10 جنوري 1984ع تي فجر وقت رٿيل هئي. اڳ ۾ اطلاع ڏيڻ کان سواءِ اختياري وارا رات جو ساڍي يارهين بجي 70 ڪلفٽن تي آيا. ”اوهان کي اڄ رات روانو ٿيڻو آهي.“ هنن ٻڌايو. ”اوهان وٽ سامان ٻَڌڻ لاءِ ٻه ٽي ڪلاڪ اڃا آهن.“ مون سندن اهي لفظ لاپرواهيءَ سان ٻُڌا. مون تڙ تڪڙ ۾ عوام لاءِ آخري نياپو ٽائيپ ڪيو. ”پارٽي جا بهادر ڪارڪنو ۽ پيارا هم وطنو.“ مون انهن لفظن سان شروعات ڪئي، ”بيماريءَ جي سلسلي ۾ هن سفر تي رواني ٿيڻ کان اڳ آئون اوهان جي دعائن سان وڃڻ جي اجازت گهران ٿي…“ پنهنجي سامان کي سهيڙيندي آئون ساڻِي ٿي پيس. ۽ مون پنهنجي ٻلي هڪ سفري ٿيلهي ۾ کنئي. گذريل ستن ورهين ۾ مون سان اهو ئي ڪجهه ٿيندو رهيو هو، جو ڪي چڱيون شيون به رُڃ ٿي لڳيون.
ٻاهر آڳنڌ ۾ صنم هڪ بي نشان ڪار ۾ منهنجو اوسيئڙو پئي ڪيو. هوائي اڏي ڏانهن ويندي اسان کي رستن تي ڪوبه ماڻهو ڏسڻ ۾ ڪونه آيو. اتي اسان کي هڪ پاسيري ڪمري ۾ ويهاريو ويو. مون پاڻ کي ٿوري به اُتاولائي ڏيکارڻ جي اجازت نه ڏني. مون تازو اوريانا فيلاچيءَ جو لکيل ڪتاب ”انسان“ (The Man) پڙهي پورو ڪيو هو. ان جي هيري جو جهاز جيئن اڏامي ٿو، ته ان پٺيان هوائي فوج جا جهاز اماڻي، کيس هوائي اڏي تي واپس موٽايو وڃي ٿو.
اسان کي سوئيز هوائي جهاز ۾ ويهارڻ لاءِ پوليس وٺي وئي. مسافرن واري ڏاڪڻ تي چڙهندي مونکي هوائي جهاز ۾ آڌرڀاءُ ڪندڙ عورت جي مُنهن تي مُرڪ ڏسڻ ۾ آئي. آئون اها مُرڪ ڪڏهن به نه وساري سگهنديس. اها مُرڪ ڪنهن پوليس يا مارشل لا يا جيل جي عملدار جي نه هئي. اها مُرڪ هڪ شهري، هڪ ٻئي انسان جي هئي. هوائي جهاز جو دروازو بند ٿي ويو. رات جو اڍائي بجين صنم ۽ آئون سئٽزرلينڊ ڏانهن روانيون ٿيونسين. اسان پويان ڪي به جهاز ڪونه آيا. مونکي ڪابه سُڌ نه هئي ته مارشل لا جي ستن ورهين واري عرصي کان پوءِ ضياءَ مونکي آزاد ڪرڻ لاءِ اُهو وقت ڇو چونڊيو هو پوءِ پيٽر گلئلبريٿ مونکي ٻڌايو:
ڊسمبر جي پڇاڙيءَ ڌاري فارين رليشنس ڪميٽي مونکي چيو ته، آئون ڏکڻ ايشيا جو سفر ڪري علائقائي سلامتيءَ جي معاملن بابت ڪميٽيءَ جي ورتل جائزي تي هڪ رپورٽ ٺاهيان. مون پاڻ سان يعقوب خان لاءِ هڪ خط پڻ کنيو. جنهن تي ڪميٽيءَ جي چيئرمين چارلس پرسي ۽ سينيٽر پيل جو صَحيون ٿيل هيون، جنهن ۾ کيس ياد ڏياريو ويو هو ته، سندس حڪومت جي چوڻ مطابق بينظير کي سندس دوستن سان ملاقات جي اجازت هئي. ’مسٽر گئلبريٿ، مس بينظير ڀٽي جو ذاتي دوست آهي ۽ اهي ٻئي هارورڊ يونيورسٽيءَ ۾ ساڳئي ڪلاس ۾ پڙهيا آهن،‘ هنن جي خط ۾ ڄاڻايل هو. انهن سينيٽرن لکيو هو ته مونکي هن سان ملاقات جي اجازت ڏني وڃي.
مون پاڪستان اچڻ جو اهڙو پروگرام رٿيو هو، ته جيئن آخري منزل ڪراچي ۾ ٿئي. هن ڀيري آمريڪي سفارتخاني منهنجي ڏاڍي مدد ڪئي. مونکي ٻڌايو ويو هو ته بينظير سان مون کي ملاقات جي اجازت ڏيڻ لاءِ جنرل ضياءَ پاڻ فيصلو ڪيو هو.
آئون 9 جنوري تي رات جو دير سان ڪراچي پهتس. بينظير سان ملاقات لاءِ منهنجي درخواست جو ڪوبه جواب نه ملڻ سبب مون ٻئي ڏينهن صنم سان ملاقات جو بندوبست ڪيو. آئون ڏاڍو مايوس هوس ۽ هڪ ڀيرو وري مون بينظير کي هڪ ڊگهو خط لکيو.
ٻئي ڏينهن صبح سوير مونکي آمريڪي قونسليٽ مان فون پهتو ته هڪدم هليو اچ. آئون جڏهن اتي پهتس ته ڊپٽي ڪائونسل جنرل مونکي ٻڌايو ته، آڌيءَ رات کان ٿورو پوءِ بينظير کي هوائي اڏي ڏانهن وٺي ويا ۽ کيس سوئيز هوائي جهاز ۾ چاڙهيو ويو هو. صنم به ساڻس گڏ هئي.
مون کي ويساهه ئي ڪونه ٿي آيو. قونسليٽ جي ڪار مونکي 70 ڪلفٽن ڏانهن کڻي وئي. اتي سدائين موجود پوليس جا پهريدار غائب هئا. سڄو گهر بند پيو هو. بينظير آزاد هئي.