آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڌرتيءَ ڌيءُ

پاڪستان جي پھرين چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽي جي نياڻي شھيد بينظير ڀٽو جي انگريزيءَ ۾ لکيل آتم ڪٿا Daughter of the East جو سنڌيڪار حسين بادشاھ آھي. ھي آتم ڪٿا آھي جبر، ڏاڍ ۽ مارشلا اڳيان جدوجھد ۽ ثابت قدميءِ جي، ھڪ نياڻيءَ جي آتم ڪٿا جنھن کان سنگينن ۽ بندوقن وارا ڊڄندا ھئا، اھا نياڻي پوءِ پاڪستان جي پھرين عورت وزيراعظم بڻي.
  • 4.5/5.0
  • 4993
  • 1507
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بينظير ڀٽو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڌرتيءَ ڌيءُ

آمر سان مقابلو 1984ع کان 1988ع تائين : جلاوطنيءَ جا سال

”امان!“
”پِنڪي!“ اڙي تون آزاد آهين. مون ته هن ڏينهن جا سَپنا ٿي ڏٺا!“ جنيوا جي هوائي اڏي مان اسين ٻاهر اچون ٿيون، ته آئون اُفق جي اَٿاهه پولار ڏانهن نهاريان ٿي. ٽي ورهيه ساندهه ديوارن اندر قيد رهڻ کانپوءِ ان نظاري کي ڏسڻ لاءِ منهنجي اکين کي وسرام ملي ٿو. مونکي ويساهه ئي نٿو اچي ته آئون ڪو آزاد آهيان.
اسين جڏهن امان جي فليٽ تي پهچون ٿيون، ته اتي فون جي گهنڊڻي وڳي پئي. ”ها، ها، هوءَ واقعي هتي آهي.“ امان فون تي مير ۽ شاهه کي ٻڌائي ٿي. ”اوهان بي بي سيءَ تان هن جي آزاديءَ بابت جيڪي ٻُڌو سو صحيح آهي.“
منهنجن ڀائرن مير ۽ شاهنواز جا آواز ۽ منهنجو آواز اُتاولائيءَ سبب هڪ ٻئي سان گڏجي سڏجي وڃن ٿا. ”تنهنجو ڇا حال آهي؟“ آئون فون جو رسيور پنهنجي صحتمند ڪَنُ تي رکي زور سان رڙ ڪريان ٿي. ”الله جو شڪر جو تون سلامت آهين؟“ مير رڙ ڪري جواب ڏئي ٿو. ”سڀاڻي تو سان ملڻ لاءِ اچان پيو. اتي هڪ هفتو کن ترس ته جيئن آئون به اچي سگهان.“ شاهه چوي ٿو: ”نه شاهه، اهو ٿي نٿو سگهي.“ آئون کيس ٻڌايان ٿي. ”ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ لاءِ مونکي لنڊن وڃڻو آهي.“ تُرت ملاقات لاءِ آئون ساڻن وچن ۽ اُهي مون سان واعدو ڪَنُ ٿا.
لاس اينجلس، لنڊن ۽ پيرس مان فون لاڳيتا پيا اچن. امان جون ساهيڙيون ۽ مائٽ منهنجي آزاد ٿيڻ تي هن کي فون ڪري واڌايون پيا ڏين. آئون ڪنهن سان به ڳالهائڻ لاءِ اڃا پاڻ کي تيار نه ٿي سمجهان. مون رڳو لنڊن ۾ ياسمين ۽ ڊاڪٽر نيازيءَ سان ڳالهايو. والدين جو هڪ دوست ۽ گڏيل قومن جي اداري ۾ ايران جو اڳوڻو سفير اردشير زاهدي مَڇين جون لوڻاٺيل آنيون کڻي آيو. رات جو امان، صني ۽ آئون گهڻيءَ دير تائين ڪچهري ڪنديون رهيونسين. لڳو ٿي ته ڪابه ڳالهه ويساهه جوڳي نه هئي. ڪالهه تائين آئون قيدياڻي هئس ۽ اڄ آئون امان ۽ ڀيڻ سان گڏ آزاد هئس. اسين گڏ هيونسين. اسين سڀ سلامت هيونسين.
مير! ڳاڙهن وارن واري ننڍڙي ڇوڪريءَ منهنجي ڪوٽ کان ڇڪيو! ”پنهنجي ڀائٽي فتحي سان مل.“ مير مونکي چيو. هو منهنجي آزاديءَ جي ٻئي ڏينهن امان جي فليٽ ۾ مون سان ملڻ آيو. ڇا منهنجو ڀاءُ سچ پچ منهنجي اڳيان بيٺو هو؟ مون هن جا چپ چُرندي ڏٺا، ۽ کيس جواب ڏيندي پنهنجو آواز ٻُڌو. اسان جي اُن ملاقات ۾ ايترو ته گوڙ هو، جو اسان جا ڪَنُ ٿي ڦاٽا، پر مونکي ڪجهه به ياد ڪونهي ته مون ڇا چيو. اڻٽيهن ورهين جي ڄمار ۾ مير ڪيترو نه سُهڻو ٿي ڏسڻ ۾ آيو. هن پنهنجي ارڙهن مهينن جي ڌيءَ کي کڻي جڏهن مونکي چُمي ڏني، ته سندس ڪاريون اکيون ڪڏهن چمڪيون ٿي، ته ڪڏهن وري منجهن حيا جي لهر ڊوڙي ٿي وئي. ”شاهه جي اچڻ تائين ترسي پئو،“ مير ٽهڪ ڏيندي چيو. مون آخري ڀيرو شاهه کي تڏهن ڏٺو هو، جڏهن هن جي ڄمار ارڙهن ورهيه هئي. هو تنهن وقت ڇوڪرو ٿي لڳو. هاڻي هو پنجويهن ورهين جو هو، جنهن کي مُڇون ڏاڍيون پسند هيون.
مون آلپس جبلن مٿان سج کي چمڪندي ڏٺو ۽ ٿڌي شفاف هوا کي منهنجو مُنهن ڌوئيندي ڀانئيو. جيتوڻيڪ منهنجو ڪَنُ بند ۽ نِستو هو، پر اهي سڀ شيون اچرج ۾ وجهندڙ پئي ڏسڻ ۾ آيون. رستي تي ماڻهن ۽ گاڏين جي اچ وڃ شروع ٿي وئي هئي ۽ مون هيٺ گهٽيءَ ۾ ڌيان سان چتايو. اُن عمارت ڀرسان مونکي جاسوسن جون ڪي به گاڏين بيٺل ڏسڻ ۾ ڪونه آيون، ۽ جاسوس به دروازن پٺيان لڪندي ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي آيا. ڇا اهو سڀ سچ هو؟ ڇا آئون سچ پچ آزاد هيس؟ مون پنهنجو ڳَل مهٽيو. منهنجي بيچينيءَ مونکي ياد ڏياريو، ته آئون پرڏيهه ۾ ڇو آئي هيس.
انهيءَ وچ ۾ منهنجي آزاديءَ جي خبر انهن جلاوطن پاڪستانين ۾ پکڙجي وئي، جيڪي يورپ ۾ ٽڙيل پکڙيل هئا ۽ جن جو انگلينڊ ۾ رهندڙ ٽي لک اٺهتر هزار پاڪستانين ۾ وڏو تعداد هو. ان ڏينهن ٽپهريءَ جو جڏهن آئون ۽ صني هوائي جهاز ۾ لنڊن ويونسين، ته پاڪستانين جو وڏو تعداد منهنجي آڌرڀاءُ لاءِ هيٿرو هوائي اڏي تي اچي گڏ ٿيو هو. فضا ۾ اُڀرندڙ سياسي نعرن کي ٻُڌي مونکي لڳو ڄڻ آئون واپس ڪراچي پهچي وئي هيس.
ياسمين نيازي، هيٿرو هوائي اڏو:
هوائي اڏي تي برطانوي اخبارن جي صحافين سميت ايترا ته ماڻهو موجود هئا، جن جو ڪاٿو ئي نٿو ڪري سگهجي. هنن بينظير کي ڏسڻ لاءِ هڪ ٻئي کي ڌِڪا پئي ڏنا. ائين ٿي لڳو ڄڻ هوءَ قبر مان اُٿي آيل هجي. هنن مان ڪنهن به ڪونه ٿي ڄاتو، ته اُهي کيس وري به ڏسي سگهندا يا نه. ”هوءَ ڪير آهي، فلمي هيروئن يا ٻي ڪير؟ هڪ انگريز پوليس واري هڪ ٻئي پوليس واري جي مدد سان ماڻهن جي ميڙ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندي مون کان پڇيو: ”هوءَ اسان جي سياسي اڳواڻ آهي.“ مون هن کي ٻڌايو. ”سياسي اڳواڻ؟“ هن اچرج وچان وراڻيو. ”ڇا تو جلاوطني اختيار ڪئي آهي؟“ بينظير جڏهن دروازي مان ٻاهر آئي تڏهن صحافين کانئس پڇيو. سندس جواب ٻُڌي نه رڳو انهن پاڪستانين، جيڪي هوائي اڏي تي اچي گڏ ٿيا هئا، پر انهن لکين ماڻهن پڻ سُک جو ساهه کنيو، جن اهو ريڊيي تان ٻُڌو هو ۽ اخبارن ۾ پڙهيو هو. ”جلاوطني؟ آئون جلاوطن ڇو ٿيان؟“ هن وراڻيو. ”آئون انگليند ۾ رُڳو علاج لاءِ آئي آهيان. آئون پاڪستان ۾ ڄائي آهيان ۽ آئون مرنديس به پاڪستان ۾. بابا اتي دفن ٿيل آهي. آئون ڪڏهن به پنهنجو ملڪ ڪونه ڇڏي وينديس.“
انهن لفظن هن جي سڀني هم وطن خاص ڪري غريبن جون اُميدون وڌائي ڇڏيون. ”آئون اوهان کي ڇڏي ڪونه ڏينديس.“ هن پنهنجي نياپي ۾ چيو. ”آئون ساهه جي پڇاڙڪي هِڏڪيءَ تائين اوهان سان گڏ رهنديس. ڀٽو خاندان پنهنجو وچن نڀائي ٿو.“

لنڊن جي نائٽسبرچ علائقي ۾ ماسي بهجت جي ننڍڙي فليٽ ۾ گلن ۽ ميون جي ٽوڪرين جا ڍير گڏ ٿي ويا، جتي مهمانن جي ڪمري ۾ آئون ۽ صني رهيل هيونسين. صحافين ۽ آڪسفورڊ جي ساهيڙين ۽ دوستن ٽيليفون ڪري ملڻ جي خواهش ڏيکاري، پارٽيءَ جي اڳواڻن ۽ حامين به ملاقات لاءِ چيو. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي جلاوطن ڪارڪنن لاءِ لنڊن سياسي سرگرمين جو مرڪز هو. منهنجا ڀائر هتي رهيا هئا ۽ فوجي بغاوت کان پوءِ پاڪستان مان جيڪي پيپلز پارٽيءَ جا ڪيترائي اڳواڻ ڀڄي نڪتا هئا، سي پڻ اتي اچي رهيا هئا. هنن ملاقات لاءِ لاڳيتا فون پئي ڪيا. ”آئون اوهان جو رُڳو ڏهه منٽ وقت وٺنديس.“ هنن فليٽ ۾ اچڻ وقت چيو. پاڪستانين جي انگليند ۾ جيڪا وڏي آبادي رهي ٿي، تنهن مان ڪيترائي ماڻهو رڳو ٻاهرئين دروازي تائين ٿي آيا ۽ گهنڊڻي وڄائي ٻاهر گهٽيءَ ۾ ئي ميڙو ڪري ٿي بيٺا.
ماسي بهجت ۽ چاچا ڪريم ڏاڍا مهربان هئا، پر صورتحال سَهپ جوڳي نه هئي. اها تنهن وقت ته ويتر خراب ٿي وئي، جڏهن چاچي بهجت پاڪستانين سان ڀريل اُن ڪار کي ڏسي ورتو، جيڪا سڄو ڏينهن عمارت ٻاهران بيٺي هئي. ”هيءُ آزاد ملڪ آهي ۽ توکي ان سچائيءَ کان بيپرواهه رهڻ نه گهرجي.“ ماسي بهجت مونکي ان وقت چيو جڏهن اها ڪار هر هنڌ اسان جي پويان پئي آئي. هن اسڪاٽلينڊ يارڊ ٽيليفون ڪيو ۽ هڪدم پوءِ اها ڪار الوپ ٿي وئي. اسان کي اُن ننڍڙي سوڀُ تي سرهائي ڀانئي، ته اسان ضياءَ جي گماشتن کي مجبور ڪيو هو، ته مونکي اڪيلو رهڻ ڏين. پر منهنجي ڳڻتي اڃا نه لٿي هئي.
جيتوڻيڪ آئون آزاد هيس، پر فليٽ مان ٻاهر ويندي مونکي ڊَپُ ٿيندو هو. آئون جڏهن به دروازي مان ٻاهر نڪرندي هيس، ته پيٽ، ڳچي ۽ ڪُلهن جون رَڳون سِيٽجي وينديون هيون. آئون ٻه قدم کڻڻ کان پوءِ مُنهن ورائي ڏسندي هيس، ته متان ڪير منهنجي پٺيان ته نه پيو اچي. قيد جي چؤديوارين اندر ڪيترائي ورهيه اڪيلي رهڻ کان پوءِ لنڊن جي ماڻهن سان ڀريل گهٽين کان به مونکي ڊَپ ٿيندو هو. آئون ماڻهن، آوازن ۽ گوڙ جي هيراڪ ڪونه هيس. ڊاڪٽر وٽ وڃڻ وقت زمين هيٺان هلندڙ ريل ۾ چڙهڻ بدران مونکي جيڪا به پهرئين ٽئڪسي ڏسڻ ۾ ايندي هئي، تنهن ۾ ٽِپ ڏيئي چڙهي پوندي هيس، ۽ جڏهن پنهنجي منزل تي پهچندي هيس ۽ گهٽيءَ ۾ لهڻ لاءِ مجبور ٿيندي هيس، تڏهن ٿوري مفاصلي تي به منهنجي دل ڏَڪڻ شروع ڪندي هئي ۽ آئون پورو ساهه به کڻي ڪونه سگهندي هيس. منهنجي لاءِ حقيقي زندگيءَ سان سرچاءُ به ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو هو.
آئون خود اعتماديءَ جو ڏيک ڏيندي هيس ۽ پنهنجين ڳڻتين کي سڀني کان لڪائيندي هيس. مونکي اهو ڪرڻو پوندو هو. ڪيترائي ورهيه نظربنديءَ ۾ رهڻ سبب ۽ منهنجي خاندان سان فوجي حڪومت جي ورتاءُ سبب ڪيترن ئي پاڪستانين موجب منهنجي حيثيت هڪ انسان کان به مٿاهين ٿي پئي هئي. آزاد ٿي انگلينڊ اچڻ سبب اخبارن وغيره ذريعي منهنجيون جيڪي خبرون پکڙيون هيون، تن مونکي اتي قومي اڳواڻ جو درجو ڏنو هو: اهڙو فرد جنهن مارشل لا سان مقابلو ڪيو هو. هائيڊ پارڪ جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ ڳڻتيءَ جي اوچتي حملي کان گهٻرائجي ڪِري پوڻ مناسب ڪونه هو. آئون جڏهن به ٻاهر وڃڻ تي مجبور ٿيندي هيس، ته پاڻ کي اهوئي چوندي هيس ته، اونهون ساهه کڻ، مضبوطيءَ سان هل، ڊَپ کي ويجهو اچڻ نه ڏي.
لنڊن ۾ اچڻ کان ٿورا ڏينهن پوءِ هڪ ملاقاتي اهڙو آيو، جنهن جي ڪا اُميد ئي نه هئي. پيٽر گئلبريٿ تازو ڪراچيءَ مان آيو هو ۽ ماسي بهجت مونکي ٻڌايو ته، هو ٻنپهرن جي ماني مون سان گڏ کائڻ گهري ٿو. منهنجي آزادي لاءِ هن جيڪا ڪوشش ڪئي هئي، تنهن جي مونکي ڪابه ڄاڻ نه هئي. مونکي ته رڳو اها خوشي هئي، ته آئون پراڻي دوست سان ملاقات ڪنديس. آئون همت ڪري پنهنجي فليٽ مان نڪري، ٽئڪسي ۾ چڙهي رٽز هوٽل ڏانهن ويس.
پيٽر گئلبريٿ:
مون هن کي گهرايو ته هو، پر آئون ڏاڍي اُڻتڻ ۾ هوس. اها اهڙي عجب جهڙي صورتحال هئي، جنهن ۾ اوهان ستن ورهين جي عرصي ۾ ڪنهن سان ملاقات ئي نه ڪئي هجي. مونکي ٿيندڙ تجربي کان هن جو گهڻو مختلف تجربو هو. رٽز هوٽل جي ڏيڍيءَ ۾، جتي ماڻهو چانهه پيئڻ لاءِ گڏجن ٿا، مون ٿورو ڏڪندي هن جو اوسيئڙو ڪيو.
جڏهن هوءَ آئي ته ايتري ته تندرست ٿي ڏٺي، جو آئون اچرج ۾ وٺجي ويو هوس ۽ اسين کاڌو کائڻ ويٺاسين. مونکي ڪنهن خاص ڳالهه جي ڪابه اميد نه هئي. پر هوءَ بيشڪ مختلف ٿي ڏسڻ ۾ آئي. هن ۾ هڪ نئين قسم جي خوداعتمادي هئي، هڪ اهڙي ڀرپور ۽ سانت خوداعتمادي، جيڪا 1977ع ۾ آڪسفورڊ ۾ پڙهڻ وقت هن ۾ مونکي ڏسڻ ۾ نه آئي هئي.
هوءَ هونئن سدائين موهيندڙ هوندي هئي، پر هاڻي هوءَ وڌيڪ نمايان ٿي لڳي. هوءَ هر ڪنهن جي نگاهه جو مرڪز ٿي پئي هئي. مون هن کي واشنگٽن جي نئين سياسي صورتحال بابت تفصيل سان ٻڌايو ۽ سينيٽر پيل ۽ ٻين هن لاءِ جيڪي ڪوشسون ڪيون هيون، تن جو احوال ڏنو. مون هن سان اسان ٻنهي ڄڻن جي ڪجهه دوستن بابت ڳالهايو ۽ هن کي پنهنجي پُٽ جو تصويرون ڏيکاريون.
ٻنپهرن جي ماني کائڻ کان پوءِ اسين جڏهن هن جي ماسيءَ جي فليٽ ڏانهن وياسين، ته مون هڪ دوست طور کيس سياست جي جوکائتي زندگي تان هٿُ کڻڻ جي صلاح ڏني. ”پاڪستان ۾ تنهنجي گرفتاري ۽ قتل جو جوکو آهي.“ مون هن کي ٻڌايو. ”تون ڇو نٿي آمريڪا اچين ۽ زندگي ۾ ترقيءَ ڪرين؟ شايد هارورڊ جي عالمي معاملن واري مرڪز ۾ توکي تحقيق جو ڪم ملي وڃي.“
”مون کي اها ڳالهه وڌيڪ وڻي ٿي، ته آئون ڀٽو دؤر ۾ مارشل لا دؤر تي ڪتاب پڙهان ۽ ڄاڻان، ته ان بابت ٻين ماڻهن جا ڪهڙا ويچار آهن.“ هن مونکي ٻڌايو. ”پر مون تي پهرين ذميداري پارٽيءَ جي آهي. سياست پٽاندر منهنجي لاءِ اها وڌيڪ عقلي ڳالهه آهي ته آئون هتي آهيان. جتي پاڪستاني گهڻا ئي ۾ آهن ۽ گهٽ ڇڙوڇڙ آهن.“
پوءِ به هُن منهنجي اُن تجويز ۾ وڌيڪ چاهه ڏيکاريو، ته هوءَ ڪنهن ڪم سانگي آمريڪا ۾ اچي. هن کي خبر هئي ته پرڏيهي ملڪن جي سفارش ۽ سُڌ سماءُ جا ذريعا اڃا تائين پاڪستان ۾ قيد سياسي قيدين کي آزاد ڪرائڻ جي سلسلي ۾ گهڻي اهميت وارا ٿي سگهن ٿا. پنڌ وقت ۽ ڳالهائڻ وقت اسان جو واحد مسئلو هن جو ڪَنُ هو. مونکان وسري ٿي ويو ته هن جو ڪهڙو ڪَنُ ٻوڙو آهي. آئون هن جي ٻوڙي ڪَنُ ۾ ڳالهائيندو رهيس.“
جنوريءَ جي آخري هفتي ۾ منهنجي نازڪ ۽ باريڪ جراحي ٿي، جنهن ۾ پنج ڪلاڪ لڳي ويا. يونيورسٽي هاسپيٽل ۾ آئون جڏهن هوش ۾ آيس، ته مون پنهنجي سرجن مسٽر گرهام کي ڏٺو. ”مُرڪينس.“ هن مونکي چيو. مون سمجهيو ته هو مونکي وندرائڻ چاهي ٿو ۽ مون اڌ بيهوشيءَ جي حالت ۾ سندس حُڪم جي پوئواري ڪئي پوءِ هن مونکي جُوس جو ڍُڪ پياريو. ”ان جو ذائقو ڪهڙو آهي؟“ هن پڇيو. ”ڏاڍو سوادي،“ مون وراڻيو. هن منهنجي چارٽ تي ڪجهه نشان ڪيا. ”تنهنجي آپريشن ڏاڍي سٺي ٿي آهي،“ هن ٻڌايو. ”تنهنجي مُنهن جي کاٻي پاسي واري نس کي هاڃو ڪونه پهتو آهي، تنهنڪري تنهنجي ذائقي جي حس ٺيڪ آهي.“
آئون امان جي اُن عارضي فليٽ ۾ آهستي تندرست ٿيڻ لڳيس، جيڪو هن ڪالنگهام گارڊنس جي سُندر ۽ وڻڪار سان ڀريل رستن واري علائقي ۾ ورتو هو. آئون ڪيترن ئي هفتن تائين هنڌ ۾ سنئين ٿي پئي هيس. جيڪڏهن ڏهن منٽن کان وڌيڪ وقت ويهندي هيس، ته مٿي ۾ ڌمچر مچي ويندو هو، چڪر ايندا هئا ۽ دل ڪَچي ٿيندي هئي. نيٺ جڏهن اٿي ويهڻ جهڙي ٿيس. تڏهن ڪنڌ جُهڪائي ڪتاب پڙهڻ وقت يا لکڻ وقت ڏاڍي ڏُکيائي ٿيندي هئي ۽ مٿي ۾ ڌان ڌان ٿيڻ لڳندي هئي. آئون اڪثر ڀانئيندي هيس ته منهنجو مٿو ڦاٽڻ وارو آهي. آئون پنهنجي ڪَنُ ۽ ٻُڌڻ جي تپاس لاءِ ڊاڪٽر وٽ وقت تي ويندي هيس. مون هن سان اُن بابت ڳالهايو. ”تنهنجو ردعمل انوکو ڪونهي.“ مسٽر گرهام مونکي خاطري ڏني.
هن ڇهين هفتي منهنجي تپاسڻ کان پوءِ جيڪا خبر ٻڌائي، تنهن مون کي ڇرڪائي ڇڏيو هو. ”شايد نون مهينن کان پوءِ تنهنجي وري هڪ ٻي آپريشن ٿئي.“ نون مهينن کان پوءِ؟ لنڊن ۾ ايترو عرصو رهڻ لاءِ منهنجو ڪوبه ارادو ڪونه هو. منهنجي ذهن ۾ ته اڳواٽ ئي پاڪستان وڃڻ جو ويچار آيو هو، جيتوڻيڪ امان، ماسي بهجت، صني ۽ ياسمين، انهن سڀني مون تي زور رکيو هو ته آئون يورپ ۾ ترسي پوان.
”ٿوري وقت لاءِ سياست کي ڇڏي مون سان گڏ رهه. هن وقت تون واپس ويندينءِ ته ضياءَ توکي قيد ڪندو ۽ پوءِ اتان تنهنجو جيئرو ٻاهر اچڻ ممڪن نه ٿي سگهندو.“ امان مون سان بحث ڪيو.
”آئون قيدخاني مان به حڪومت خلاف جدوجهد ڪنديس،“ مون وراڻيو.
”ته پوءِ حڪومت خلاف اها جدوجهد هتان ڇو نه شروع ڪجي؟“ ٻين به مون تي زور رکيو. هنن جي ذهن تي ڊاڪٽر جي لفطن جو اثر هو. پر آئون اڃا راضي ڪونه هيس، نَو ڊگها مهينا، آئون پنهنجو وقت سَجايو ڪيئن ڪنديس؟
منهنجي صحت ٺيڪ ٿيڻ تي مون فيصلو ڪيو، ته آئون انهن چاليهه هزار سياسي قيدين سان حڪومت جي بدسلوڪيءَ خلاف عالمي مهم شروع ڪنديس، جيڪي اڃا تائين پاڪستان جي جيلن ۾ قيد آهن. جيتوڻيڪ آمريڪا ۽ اولهه يورپي ملڪن وٽان پاڪستان کي مالي مدد ملي پئي، پر ضياءَ انساني حقن جي جيڪا ڀڃڪڙي پئي ڪئي، تنهن ڏانهن انهن جمهوري ملڪن ٿورو يا وري ڪو ڌيان ئي ڪونه ٿي ڏنو. مشهور ۽ تازو آزاد ٿيل سياسي قيدياڻي هجڻ سبب جلاوطنيءَ ۾ منهنجي اهڙي حيثيت هئي، جو پاڪستان ۾ جيڪو به ٿيو پئي، تنهن جو سمورو تفصيل پڌرو ڪريان. شايد پوءِ جمهوري ملڪ پنهنجي سفارش تي عمل ڪندي، ضياءَ کي مجبور ڪري ٿي سگهيا، ته ڏاڍ وسيلي گرفتاري، ڪنهن تُهمت ۽ شنوائيءَ کان سواءِ سياسي قيدين کي قيد ۾ رکڻ ۽ گهڻن بيگناهه ماڻهن کي رڳو سندن سياسي مخالفت سبب موت جي سزا ڏيڻ کان پاسو ڪري.
راولپنڊيءَ ۾ ارڙهن سياسي قيدين تي فوجي عدالت ۾ مقدمو هلڻ وارو هو. هنن تي حڪومت خلاف سازش جو الزام هو. ٻيا چوونجاهه قيدي لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ بند هئا، جن تي پڻ بغاوت ۽ الذوالفقار سان لاڳاپي ۾ هجڻ جهڙيون تُهمتون هيون. ڪراچي اسٽيل مل ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي مزدور اڳواڻ ۽ ساڻس گڏ ٻين چئن جوابدارن تي ڪراچيءَ ۾ اُن ڪُوڙي تُهمت هيٺ مقدمو هليو پئي، ته هوائي جهاز جي اغوا ۾ سندن به هٿ هو. اهو اهڙو الزام هو، جنهن جي سزا موت ٿي سگهي پئي. ضياءَ جي ”فوجي انصاف“ جي اها خاصيت هئي، ته پاڪستان اندر يا پاڪستان کان ٻاهر ٿورڙن ماڻهن کي به پتو نه هوندو هو، ته ڪو ڪيس هلي به پيو يا وري جوابدارن خلاف جيڪڏهن ڪو ثبوت هو به ته، اهو ڪهڙو هو.
مون کي ناصر بلوچ جي گرفتاريءَ جي خبر 1981ع ۾ سکر جيل ۾ اُتي جي سپرنٽينڊنٽ ٻڌائي هئي. ناصر بلوچ ۽ سندس ساٿي جوابدارن کي فوجي عدالت ۾ آڻڻ ۾ ٻه ورهيه لڳي ويا هئا. صدارتي حڪم نمبر 4 مطابق، نه رڳو ڪو شخص اوستائين ڏوهاري هو، جيستائين اهو بيڏوهي ثابت نه ٿيو هو، پر سرڪاري ڳُجهي قانون هيٺ عدالت جي ڪارروائيءَ ظاهر ڪرڻ جي پڻ منع هئي. مونکي هنن جي مقدمي جي رُڳو تڏهن خبر پئي، جڏهن ڪراچي سينٽرل جيل ۾ مون وٽ ناصر بلوچ وٽان هڪ چِٺي آئي هئي، جيڪا جيل جي هڪ همدرد پهريدار لِڪائي مون تائين پهچائي هئي.
”فوجي عدالت جو اسان سان ايترو ته ساڙ آهي، جو اڳواٽ ئي ٻڌايو ويو آهي ته اسين جيئري ئي قبر ۾ دفنائجي ويا آهيون.“ هن مون ڏانهن مئي 1983ع ۾ لکيو هو. ”اٺن ڪلاڪن تائين ڪارروائي هلندي، اسان کي خاص ڳالهين کي لکڻ جي اجازت نه آهي، ۽ نه پاڻي پيئڻ جي. گڏوگڏ ڪاڪُوس ۾ وڃڻ ۽ نماز پڙهڻ جي به موڪل نه آهي. اسان جي هٿن ۾ هٿڪڙيون ۽ پيرن ۾ ٻيڙيون پيون آهن. جڏهن اسان جي بچاءَ جو وڪيل عدالت ۾ حاضر ٿي نٿو سگهي، ته ڪارروائي اهو چئي هلائي وڃي ٿي، ته اسان کي رُڳو جوابدار ۽ فريادي گهرجن،“ هن جو مقدمو فيبروري 1984ع تائين به پورو ڪونه ٿيو هو.
مون کي هڪ ٻئي مزدور اڳواڻ اياز سمون جي پڻ ڳڻتي هئي، جنهن کي ڊسمبر 1983ع ۾ صدر ضياءَ جي سياسي حمايتيءَ جي قتل جي ڪُوڙي تهمت هيٺ جهليو ويو هو. هن جو مقدمو فوجي عدالت ۾ هلڻو هو. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي راءِ مطابق ناصر بلوچ وانگر اياز سمون کي به ان ڪري جهليو ويو هو، ته جيئن ڪراچيءَ جي صنعتي شهر ۾ مزدورن جي هلچل کي چيڀاٽي سگهجي. ناصر بلوچ جي مقدمي وانگر اياز سمون تي لڳل الزام جي سزا به موت هئي. اسان کي ڪجهه ڪرڻو هو ۽ تڪڙو.
جڏهن آئون هنڌ ۾ اٿي ويهڻ جهڙي ٿيس، تڏهن جيل ۾ ورتل پنهنجن يادداشتن ۽ پاڪستان مان اسان جي همدردن جي موڪليل بيانن پٽاندر، مون ٻين سياسي سختين جي فهرست جوڙڻ شروع ڪئي. ايمنسٽي انٽرنيشنل کي ڄاڻ پهچائڻ جي اهميت جي خبر مونکي پوءِ پئي هئي، جڏهن انساني حقن جي ان اداري جڳ مشهور پاڪستاني وڪيل رضا ڪاظم لاءِ عالمي عوامي راءِ کي سجاڳ ڪيو هو. رضا ڪاظم کي سندس اباڻي شهر لاهور مان جهليو ويو هو ۽ وٽانئس پوءِ ڪوبه اطلاع ڪونه مليو هو. ايمنسٽي ان سلسلي ۾ ”تڪڙي ڪارروائي“ جو سڏ ڏنو، جنهن تي مغربي ملڪن جي سڀني اخبارن لکيو هو.
”پاڪستان ۾ لاهور شهر جي رضا ڪاظم جو تازو وڃائجڻ ڀوائتو مثال آهي،“ مارچ ۾ ’نيشن‘ اخبار جي مضمون ذريعي سڄي دنيا ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙيءَ جو ڏڪائيندڙ تفصيل ڏيندي ٻڌايو ويو هو. ”… آمريڪا هر ورهيه پاڪستان کي 525 ملين ڊالرن جي فوجي ۽ اقتصادي امداد ڏئي ٿو، پر ان ملڪ بابت ڏاڍي اَڍنگي لاپرواهي ڏيکاري آهي… شايد سيڪريٽري آف اسٽيٽس آمريڪا جي ان قانون کي وساري ڇڏيو آهي، جيڪو ٻاهرئين امداد بابت آهي ۽ جنهن جو هڪ حصو هن ريت آهي ته ”ڪنهن به ملڪ جي اُن حڪومت کي امداد نه ڏني وڃي… جيڪا لاڳيتو عالمي طرح منظور ٿيل اهڙن انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪندي رهي ٿي: جهڙوڪ: اذيت ڏيڻ … تهمت کانسواءِ ڊگهي نظربنديءَ ۾ رکڻ ۽ ڪنهن فرد جي زندگي، آزادي ۽ سلامتيءَ جي حقن جي ضمانت ڏيڻ کان انڪار.“
اهو مضمون بلڪل صحيح وقت تي ڇپيو هو ۽ مونکي مارچ ۾ واشنگٽن جي ”عالمي امن لاءِ ڪارنيگي ٽرسٽ“ ۾ تقرير جي دعوت ڏني وئي. مون پاڻ سان سياسي قيدين بابت ڪاغذن جا ڍير ۽ پنهنجو ايڊريسن جو پراڻو ڪتاب کنيو ۽ ياسمين سان گڏجي آمريڪا رواني ٿي ويس.

هڪڙي ڏينهن صبح جو آئون ڪانگريس جي عمارت ۾ ڪمرن اڳيان پئي ويس. هارورڊ جي شاگرديءَ وارن ڏينهن ۾ آمريڪا جي جمهوريت جو فائدو وٺندي آئون واشنگٽن وئي هيس، جتي مون ويٽنام جي جنگ ۾ آمريڪا جي ڪردار خلاف احتجاج واريءَ مهم ۾ حصو ورتو هو. هينئر وري آئون پنهنجي ئي ملڪ ۾ جمهوريت جي موت خلاف احتجاج ڪرڻ آئي هيس. پهرئين ڀيري مون ڪونه ڳالهايو هو، جو ڊپ هو ته متان پرڏيهي شاگردياڻي هجڻ سبب سياسي سرگرمين ۾ حصي وٺڻ تي مونکي ملڪ نيڪالي ملي. هاڻي مون ڀانئيو ته آئون گهڻو ڪونه ڳالهائي سگهي هيس.
آئون هڪ هفتي تائين انساني حقن جي ڀڃڪڙيءَ جي خاتمي ۽ پاڪستان ۾ جمهوريت جي بحاليءَ واريءَ گهُرج تي لاڳيتو ڳالهائيندي رهيس- جن ۾ سينيٽر ايڊورڊ ڪئنڊيءَ ۽ سينيٽر ڪليبورن پيل به شامل هو، جنهن جا مون ٿورا مڃيا، جو هن منهنجي آزاديءَ لاءِ ڪوشش ڪئي هئي، ۽ هر ان سان به ڳالهائيندي رهيس، جيڪو منهنجي ڳالهه ٻُڌڻ لاءِ مونکي مليو ٿي. ڪئپيٽل هل تي ٻين سان ملاقت لاءِ پيٽر گئلبريٿ منهنجي مدد ڪئي. ڪئليفورنيا جي سينيٽر ايلن ڪرينسٽن، نيويارڪ جي ڪانگريس مئن اسٽيفن سولارز، اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ميمبرن، نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي صلاحڪارن سان مون گڏجاڻيون ڪيون. مون اڳوڻي اٽارني جنرل رامسي ڪلارڪ سان به ڳالهايو، جيڪو بابا جي مقدمي جي ڪارروائي ٻُڌڻ لاءِ پاڪستان آيو هو. مون سينيٽر مڪگورن سان به ڳالهايو، جنهن جي مون هارورڊ ۾ پڙهڻ وقت مدد ڪئي هئي. هاڻي مونکي اميد هئي، ته پاڪستان ۾ انساني حقن جي بحاليءَ لاءِ هو منهنجيءَ ڪوشش جي پٺڀرائي ڪندو.
واشنگٽن ۾ قانون ٺاهيندڙ مجلس جي ميمبرن اڳيان پاڪستان جو مسئلو اڳواٽ ئي موجود هو. 1981ع ۾ پاڪستان لاءِ 2. 3 بلين ڊالرن جي آمريڪي امداد منظور ٿي هئي، جنهن کي گهٽائڻ جو اُلڪو هو، ڇو ته پاڪستان جي ائٽمي پروگرام جي تصديق ڪانه ٿي هئي. ماضيءَ ۾ ان مسئلي تي سينيٽ ۾ بحث ٿيو هو، ته پاڪستان کي اها امداد ڏيڻ لاءِ اهو نه ڏٺو وڃي ته وٽس ”ايٽم بم“ آهي، بلڪ اها ڳالهه سامهون رکي وڃي، ته اُن بم جي آزمائش به ڪئي وئي آهي يا نه. 1984ع ۾ منهنجي اتي پهچڻ وقت سينيٽر جان گلن ۽ سينيٽر ايلن ڪرينسٽن هڪ ترميم ذريعي اهو شرط ختم ڪرايو ۽ فيصلو ٿيو ته پاڪستان کي اها امداد اُن وقت ڏني ويندي، جڏهن آمريڪا جو صدر پاڻ لکيت ۾ تصديق ڪندو، ته پاڪستان وٽ ”ائٽمي هٿيار“ نه آهي، ۽ نه وري ان کي ٺاهڻ ۽ سندس تجربي لاءِ اهڙو سامان ماڻيو آهي. 28 مارچ تي فارين ريليشنس ڪميٽي اها ترميم يڪراءِ منظور ڪئي.
آئون ائٽمي معاملي تي بحث لاءِ واشنگٽن وئي هيس. فارين ريليشنس ڪميٽيءَ جي اڳواڻ سينيٽر چارلس پرسيءَ سان ملاقات وقت آئون ان اوچتي حملي لاءِ بلڪل تيار ڪونه هيس، جڏهن هن مون کان پڇيو هو ته، ڇا آئون ائٽمي معاملي سبب امداد کي گهٽائڻ جي حق ۾ هيس. ”سينيٽر، امداد کي گهٽائڻ سبب اسان جي ٻن ملڪن وچ ۾ رڳو غلط فهميون ٿينديون،“ پل کن جي هٻڪ کان پوءِ مون کيس چيو. ”اسان جي ٻنهي ملڪن جي ڀلائي اُن ۾ آهي ته امداد ڏيڻ لاءِ اهو شرط وڌو وڃي، ته پاڪستان ۾ انساني حق ۽ جمهوريت کي بحال ڪيو ويندو.“ اهو ٻُڌي سينيٽر پرسي، جيڪو بابا کي سڃاڻيندو هو، مُرڪي ڏنو ۽ اُن راءِ تي هن منهنجا ٿورا مڃيا. آئون هڪ ٻيءَ گڏجاڻي ۾ وڃڻ لاءِ رواني ٿيس.
انهن ملاقاتن وچ ۾ آئون فارين رليشنس ڪميٽيءَ ۾ پيٽر گلئلبريٿ جي آفيس ۾ ويس. ”تون ڏاڍو تڪڙو ڳالهائين ٿي.“ پيٽر مونکي سيکاريندي چيو. ”تون آهستي ڳالهاءِ. هڪڙي ڳالهه تي زور ڏي.“ مون هن جي هدايت تي پُورو لهڻ جي ڪوشش ڪئي. جيتوڻيڪ اڪيلائيءَ جي ڪيترن ئي ورهين کان پوءِ ماٺ جي انهن ورهين ۾، جتي لفظن کي گهٽي روڪيو ويو هو. اُهي ڇلڪي ٻاهر نڪري آيا هئا. ”بينظير ڀٽو ايئن ڳالهائي ٿي، ڄڻ کيس وري وجهه نه ملندو … هن جي آڻچٽي برطانوي لهجي ۾ جملا تيزي سان ٻاهر نڪرن ٿا، جن جي ڏاڍي سٺي سهيڙ هجي ٿي، پر اهي هُن جي واتان هڪ ٻئي پٺيان ڊوڙندا نڪرن ٿا، جن سان گڏ سنديس هٿ ڏڪن ٿا، جيڪي شفاف پيشانيءَ کي ڇهندا وارن کي ٺاهين ٿا.“
ڪارلا هال بلڪل صحيح لکيو هو. مون ايئن ٿي ڳالهايو ڄڻ مونکي وري وجهه نه ملندو. ۽ آئون هڪدم گهٻرائجي به ويندي هيس. منهنجو حافظو نظربنديءَ جي ورهين کان اڳ تيز هوندو هو. سو هاڻي ڪمزور ٿي ويو هو. آئون اڪثر تاريخن ۽ نالن ۾ مُنجهي پوندي هيس. ڪڏهن اهي مونکي ياد هوندا هئا، ته ڪڏهن مون کان وسري ويندا هئا. آئون اڃا تائين پاڻ کي ماڻهن وچ ۾ بي آرام ڀانئيندي هيس. جيتوڻيڪ آئون ڪوشش ڪندي هيس، ته گهڻي ۾ گهڻن سرڪاري عملدارن ۽ صحافين سان ملان، پر مونکي لڳو ته صحافين سان ملاقات وقت مونکي ڊپ ٿيندو هو. هڪڙي ڏينهن سينيٽر ڪرينسٽن سان ڳالهائيندي مون اوچتو ڀانئيو، ته منهنجا ٻئي ڳل ڳاڙها ٿي ويا آهن. انهن جي گرمائش منهنجي سڄي مُنهن تي پکڙجي وئي، جو منهنجي پيشانيءَ تي پگهر جا قطرا نڪري آيا. ”تنهنجي طبيعت ته ٺيڪ آهي نه.“ هن ڳڻتيءَ وچان پڇيو. ”ها، ها آئون بلڪل ٺيڪ آهيان.“ مون کيس اطمينان سان چيو.
ڪارنيگي ٽرسٽ ۾ تقرير واريءَ رات آئون خاص گهٻرايل هيس. مونکي ٻُڌڻ لاءِ اتي رياست ۽ بچاءَ کاتي جا عملدار، ڪانگريس جا ميمبر، اڳوڻا سفير ۽ صحافي موجود هئا. اُن وقت مغرب جي اخبارن ضياءَ کي لاڳيتو ”سڄڻ آمر“ ۽ هڪ اهڙو شخص پئي ڄاڻايو، جنهن پاڪستان ۾ ”استحڪام“ آندو هو. هاڻي اُهو ذمو منهنجو هو، ته آئون ضياءَ جي انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي پڌرو ڪريان ۽ مرڪزي فوجي راڄ سبب پاڪستان جي استحاڪم کي اڳتي هلي جيڪي جوکا رَسڻا هئا، تن تي ڳالهايان. اهڙيءَ ريت اتي موجود اثرائتا ميمبر ضياءَ تي زور آڻي ٿي سگهيا، ته اسان جي سياسي قيدين کي آزاد ڪري، آزاد چونڊون ڪرائي ۽ پاڪستان ۾ جمهوريت بحال ڪري. هنن جي اُها مدد وڏي اهميت واري هئي.
”ڌيرج ڌر“ مون پاڻ کي تنهن وقت هدايت ڪئي، جڏهن آئون تقرير واري ٿَلهي ڏانهن وڌيس. ”کڻي سمجهه ته تون آڪسفورڊ يونين ۾ آهين.“ پر آئون سانت ۾ رهي نه سگهيس. آڪسفورڊ يونين ۾ جيڪي تقريري مقابلا ٿيندا هئا، سي ذهانت جون جنگيون هونديون هيون. هاڻي مون پنهنجي ذهن تي هزارن سياسي قيدين جي زندگيءَ جو ۽ پنهنجي ملڪ جي سياسي آئيندي جو بار ڀانئيو، ”جنرل ضياءَ جي ناجائز حڪومت کي جيڪا هٿي ڏني وئي آهي، تنهن سبب پاڪستان ۾ اسين ڏاڍا پريشان ۽ ناراض آهيون.“ مون اُن معزز ايوان کي ٻڌايو. ”جنگي معاملن بابت اوهان جي ڳڻتي جو اسين قدر ڪريون ٿا، پر اسين اوهان کي اهوئي چونداسين، ته پاڪستاني عوام کان مُنهن نه موڙيو.“
تقرير ڪندي وچ ۾ مون ايوان ۾ ويٺل ماڻهن ڏانهن ڏٺو ۽ ڀُلجي پيس. سڄي ايوان ۾ ماٺار هئي ۽ آئون مايوسيءَ وچان پنهنجن ڪاغذن کي اُٿلائڻ لڳيس. اهو مون ڪيئن ڪيو؟ دل چيو ته زمين ڦاٽي پوي ته جيڪر آئون منجهس سَمائجي وڃان. مون هر ممڪن ڪوشش ڪري پاڻ ۾ خود اعتماديءَ آندي ۽ تقرير ٻيهر شروع ڪئي. اتي حڪومت جا جيڪي وڏا عملدار ويٺا هئا، تن کي مون چيو ته، آمريڪي امداد انساني حقن جي بنياد تي ڏيو. سوال جواب واري اجلاس ۾ مون اطمينان سان ڳالهايو. ۽ تقرير کان پوءِ تاڙين جي آواز ۾ آئون پنهنجي جاءِ تي وڃي ويٺيس. هاڻي منهنجو وجود اهو اڳوڻو ڪونه هو، پر اُن لاءِ مونکي سخت ڪوشش ڪرڻي پئي هئي.
واشنگٽن مان آئون ۽ ياسمين نيويارڪ ويونسين. پاڪستاني سفارتخاني کي اچرج ۽ ڊَپ ٿيو، جڏهن ’ٽائيم‘ رسالي جي ايڊيٽرن نيويارڪ ۾ ٽائم- لائف عمارت ۾ مونکي ملاقات جي دعوت ڏني. پاڪستان جي مخالف ڌر جي آئون پهرين اڳواڻ هئس، جنهن کي پهريون ڀيرو اهڙي دعوت ڏني وئي هئي. پر ٻيو ته منهنجي حيثيت بهتر هئي. هارورڊ ۾ والٽر اساڪسن به مون سان گڏ پڙهندو هو، جيڪو هينئر ’ٽائيم‘ جو ايڊيٽر هو. مون هن کي واشنگٽن مان فون تي چيو هو، ته هو اهڙي گڏجاڻي جو انتظام ڪري، آئون جڏهن ياسمين سان گڏ ’ٽائيم لائف‘ عمارت ۾ پهتيس، ته اُتي ٿوري ڦڙڦوٽ پئجي وئي.
اسان جي لفٽ جڏهن ستيتاليهين طبق تي پهتي ۽ اسين ماني کائڻ واري خانگي ڪمري ۾ ويونسين، ته اتي جيڪي ايڊيٽر ويٺل هئا، سي اسان کي ڏسي وائڙا ٿي ويا. مونکي سمجهه ۾ ئي ڪونه ٿي آيو ته ڇا ڪجي ۽ مون سمجهيو هو ته اسين ڪنهن غلط جاءِ تي پهتيون هيونسين.
”ٻاهر اوهان سان والٽر ڪونه مليو؟“ ماٺ جي اُن ماحول ۾ ڪنهن چيو. ”هو هيٺ اوهان جو اوسيئڙو پيو ڪري.“
”مون هن کي ڪونه ڏٺو.“ مون وراڻيو.
”پر اوهان چوڪيدار کان نطر بچائي هتي ڪيئن پهتيون آهيو؟“
”ضياءَ جي پاڪستان ۾ اوهان کي اهڙي سِکيا ملي ويندي.“ مون مُرڪندي چيو.
ٻنپهرن جي مانيءَ تي انهن ايڊيٽرن مون کان ايترا ته سوال پڇيا، جو مونکي انهن جي لذيذ کاڌن کائڻ جو وجهه ئي ڪونه مليو، جيڪي هارورڊ ۾ پڙهڻ واري زماني کان منهنجا وڻندڙ کاڌا هوندا هئا. ”پاڪستان کي جيڪا آمريڪي امداد ڏني وڃي ٿي، تنهن لاءِ ڪيترائي پاڪستان سمجهن ٿا ته اها ضياءَ لاءِ آهي.“ مون هنن کي ٻڌايو، ”اوهين سڀيئي صحافي اوڏانهن ڌيان ڇڪائي اُن غلط فهميءَ جي خاتمي ۾ مدد ڪري سگهو ٿا. پاڪستان ۾ جيڪي سياسي قيدي آهن، تن لاءِ اوهان جا بيان سندن زندگي بچائي سگهندا.“
آمريڪا ۾ اسان جي ٻن هفتن جي رهائش ۽ لنڊن ڏانهن واپسيءَ جي وقت تائين مونکي اتي جيڪا شهرت ملي، تنهن جي مونکي اميد ئي نه هئي. 3 اپريل تي سينيٽ فارين رليشنس ڪميٽي آمريڪي امداد بابت پنهنجي اڳوڻي يڪراءِ فيصلي کي ڦيرائيندي، ائٽمي گهُرجن خلاف سخت موقف اختيار ڪيو، ۽ هنن هڪ نئين ترميم منظور ڪئي، جنهن مطابق پاڪستان کي ان شرط تي امداد جاري رکي وئي، ته صدر اهڙي تصديق ڪندو ته پاڪستان وٽ ڪوبه ايٽم بم ڪونهي ۽ ٻيو ته آمريڪي امداد سبب، ”اهو جوکو به گهٽجي ويندو ته پاڪستان مستقبل ۾ ايٽم بم جي صلاحيت ماڻيندو.“ جيتوڻيڪ مونکي ان جي اصل سبب تي شڪ هو، ڇو ته اها تبديلي ريگن انتظاميا طرفان سخت دٻاءَ برابر هئي. پر سينيٽر پرسي منهنجي سبب پنهنجي راءِ بدلائي هئي، جنهن جو هن مهرباني ڪري کلي عام مڃيو به هو.

آئون جڏهن لنڊن موٽي آيس تڏهن مون باربيڪن ۾ هڪ فليٽ ورتو، جيڪو سينيٽ پال ڪيٿڊرل لڳ هڪ قلعي جهڙي عمارت ۾ هو. اتي مون پاڻ کي محفوط سمجهيو. هيٺ ورانڊي ۾ سلامتيءَ جو اهڙو انتظام هو، جو اتي هر ايندڙ ملاقاتي جو اڳواٽ ئي اعلان ٿيندو هو ۽ منهنجو ڏهين طبق وارو فليٽ پاڪستاني جاسوسن جي پُهچ کان گهڻو پري هو. اُن عمارت ۾ ڊاڪٽر نيازي ۽ ياسمين جو به گهر هو ۽ سڄو ڏينهن اسين هڪ ٻئي جي گهر ۾ پيا ايندا ويندا هئاسين.
تُرت انگلينڊ ۽ ٻاهرين ملڪن جي ٻين حصن لاءِ باربيڪن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو حقيقي مرڪز بڻجي ويو، جتان حُڪم نڪرڻ لڳا. فليٽ ۾ تُرت پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي شاخن جي فائيلن جا انبار گڏ ٿي ويا، جيڪي آمريڪا، فرانس، ڪينيڊا، جرمني، سئٽزرلينڊ، ڊينمارڪ، سوئيڊن، آسٽريا، آسٽريليا، سعودي عرب، بحرين ۽ ابوظهبي ۾ هيون. اتي پاڪستاني رضاڪارن جو سچار ۽ ايماندار عملو ڦُڙتيءَ سان ڪم ڪرڻ لڳو. انگلينڊ ۾ رهندڙ هڪ نوجوان ڇوڪريءَ سمبلينا ٽائپ جو ڪم ڪندي هئي. جلاوطن سرگرم رڪن شاگردياڻي ناهيد ٽيليفون جا جواب ڏيندي هئي ۽ صفدر عباسيءَ جي مدد ڪندي هئي، جيڪو قانون جو شاگرد هو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جي ميمبر ڊاڪٽر اشرف عباسيءَ جو پُٽ هو. هو پاڪستان مان آيل خطن جا جواب ڏيندو هو. بشير رياض جنهن بابا جي حياتي بچائڻ جي مهم هلائڻ ۾ منهنجن ڀائرن جي مدد ڪئي هئي، اسان جو اخباري عيوضي هو ۽ اخبارن ۾ اسان جا بيانَ ۽ انٽرويو ڇپائڻ جو بندوبست ڪندو هو. اُن گروهه ۾ ڊاڪٽر نيازي به شامل ٿي ويو، ۽ هن هڪ ٻئي جلاوطن صفدر همداني ۽ سُڌسماءَ کاتي جي اڳوڻي وزير مسٽر نسيم احمد سان گڏجي اهو انتظام ڪيو، ته جيئن اسان بابت ڄاڻُ برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن تائين پهچي. ياسمين سدائين جيان هر ڪم ڪيو ۽ مدد ڪئي. اسان فليٽ جي هڪ سُمهڻ واري ڪمري ۾ دفتر ٺاهيو، جتان اسان پاڪستان ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي مسئلي تي خط لکڻ ۽ رپورٽون ڪڍڻ لڳاسين.
اسان گڏيل قومن جي اداري جي سيڪريٽري جنرل، انساني حقن لاءِ اسسٽنٽ سيڪريٽري آف اسٽيٽس ايليٽ ابرامس، پرڏيهي ملڪن جي وزيرن، وڪيلن جي انجمنن ۽ واپارين جي عالمي ادارن ڏانهن سياسي قيدين جون تصويرون، سندن مقدمن جا تفصيل ۽ خط موڪلي ڏنا. اسان برطانيا جي پارليامينٽ جي ميمبرن سان گڏجاڻيون ڪيون. ايمنسٽي انٽرنيشنل وارن سان ملياسين ۽ عالمي اڳواڻن جي عيوضين سان سندن سفارتخانن معرفت ملاقات ڪئيسين. ناصر بلوچ جي زندگي بي يقيني ۾ ڦاٿل هئي. ساڳي طرح ڪيترن ٻين جي به اهائي حالت هئي، پر اسين ڊوڙ ۾ پٺتي رهجي ويا هئاسين.
پاڪستان ۾ هر هنڌ وڪيلن جي انجمنن جي احتجاج کانپوءِ به ٽن نوجوانن کي، جن تي هڪ پوليس واري کي قتل جي ڪُوڙي تهمت هئي، خاص عدالت ۾ ڳجهي طرح مقدمو هلائي، آگسٽ ۾ ڦاسي ڏني وئي هئي. ”جيڪڏهن يورپ ۽ اتر آمريڪا جا سياسي حلقا ۽ اخبارون انهن ٽن نؤجوانن ۽ ٻين هزارن قيدين جي قسمت ۾ چاهه ڏيکارين ها، ته هوند اهي تازا قتل نه ٿين ها.“ مون حڪومتن ۽ اخبارن جي ميمبرن کي لکيو، جن جو تعداد اسان جي فهرست ۾ وڌندو پئي ويو. ”مغربي ملڪن کي گهرجي ته اُهي پنهنجو اثر وڌائين ۽ آواز اُٿارين، ته جيئن انهن سياسي قيدين جون حياتيون بچائي سگهجن، جيڪي ڦاسيءَ جي ڇانوَ ۾ ويٺا آهن … مهرباني ڪري هن سچائيءَ جي سڏ تي تڪڙو ۽ اثرائتو قدم کڻو.“
انهيءَ تي پارليامينٽ ۾ مزدور جماعت جي هڪ ميمبر ٽوني بين لنڊن ۾ پاڪستاني سفارتخاني کي هڪ احتجاجي خط لکيو. هن مون ڏانهن اُن جو نقل ۽ حڪومت جي عيوضي انفرميشن منسٽر قطب الدين عزيز وٽان آيل جواب به موڪليو. ”مس ڀٽو جي ان الزام ۾ ڪابه سچائي ڪانهي، ته پاڪستاني جيلن ۾ چاليهه هزارن کان به وڌيڪ قيدي بند آهن ۽ جن جي حالت خراب آهي.“ قطب الدين عزيز لکيو. ”پاڪستاني جيلن ۾ قيدي برابر آهن، جيئن ڪنهن به ٻئي ملڪ جي جيلن ۾ هجن ٿا، پر اُهي قيدي سزا سبب بند آهن يا وري مٿن ڏوهي هجڻ جو شڪ آهي. اسان جي ملڪي جيلن جون حالتون ڪيئي اُسرندڙ ملڪن جي جيلن کان وڌيڪ خراب ڪونهن… جيتوڻيڪ پاڪستان جي حڪومت انهن تي سختي ڪري ٿي، جيڪي دهشتگردي ۽ قتل جا ڏوهي آهن، پر اها هر هڪ جي معاملي ۾ قانون مطابق عمل ڪري ٿي.“ حڪومت جي اُن عيوضي پاڪستان جي وڪيلَ انجمنن جي اُن لاڳيتي احتجاج جو ذڪر ڪونه ڪيو، جيڪو ضروري قانوني ڪارروائيءَ جي کوٽ سبب اُنهن ڪيو پئي.
اسان کي جڏهن شڪ ٿيو يا پڪ ٿئي پئي، ته ضياءَ جي فوجي عدالتن موت جي سزائن ڏيڻ شروع ڪيو آهي، تڏهن اسان سڀني گهڻي محنت ڪئي ٿي. اسين لفافا، ٽڪليون ۽ خطن جا ٿَها آفيس مان ڪڍي رهڻ واري ڪمري ۾ آڻي، اتي رات ڏينهن لفافن تي ائڊريسون هڻي، کيس بند ڪري ٽپال ۾ موڪليندا هئاسين. جيڪي رضاڪار اسان سان گڏ روزانو ڪم ڪندا هئا، تن ۾ ٻيا رضاڪار به شريڪ ٿيا جهڙوڪ پاڪستاني فوج جو اڳوڻو ميجر ۽ پوليس جو سپرنٽيندنٽ، جيڪي اُن وقت اتي جلاوطن هئا. ڪم تڪڙو اُڪلائڻ لاءِ چانهه ۽ ڪافيءَ جا بيشمار ڪوپ پيتا ويندا هئا. ضياءَ مشاهدو ڪندڙ ٻاهرين ماڻهن کي ملڪ ۾ اچڻ کان لاڳيتو انڪار پئي ڪيو، ته جيئن پنهنجي ظلم کي دنيا کان لڪائي سگهي. اسان هن جي انهن ڏاڍاين جي پڌرائيءَ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي ۽ قيدين طرفان دنيا جي ضمير کي جاڳائڻ جو سڏ ڏنو.
هڪ سياسي قيديءَ جي گرفتاريءَ ۽ انهن حالتن بابت، جن هيٺ کيس جهلي مٿس مقدمو هلايو پئي ويو، تنهن جي اسان وٽ خاص ڄاڻُ ۽ دستاويزي ثبوت هجڻ لازمي هو. اڪثر اهي ماڻهو جن وٽ صحيح ۽ مڪمل تفصيل هئا، سي پاڻ ئي قيدي بڻيل هئا.
ڏاڍي ڏکيائيءَ کان پوءِ اسان ماڻهن جو ڳجهو ڄار جوڙيو، جن جيلن مان اسان ڏانهن تفصيل موڪلڻ شروع ڪيا. قيدي سوالنامن جا فارم ڀري، لِڪ ڇپ ۾ اسان ڏانهن لنڊن ۾ موڪلڻ لڳا. اسان جيل جي همدرد عملي کان ڪم ورتو. محفوظ گهرن ڏانهن خط اماڻيا. پاڪستان مان ايندڙ ماڻهن سان رابطو ڪيو، جن جا مائٽ جلاوطن هئا. هوائي ڪمپنيءَ جي همدرد عملي جي مدد ورتي ۽ ڪي خط ابوظهبيءَ ۽ سعودي عرب موڪليا ويا، جتان وري اتي جي ٽپال کاتي ذريعي اهي پاڪستان ويندا هئا، ته جيئن حڪومت جي اَکُ کان بچي سگهن. پوءِ اسان وٽ ڄاڻُ اچڻ شروع ٿي. ڪراچي سينٽرل جيل مان لاڙڪاڻي جي ٽيويهن ورهيه ڄمار جي شاگرد سيف الله خالد جو هٿ اکر خط پهتو. هو ناصر بلوچ ۽ ٻين سان گڏ تُهمتي هو. ان خط جي تفصيل مطابق هن کي سندس ”سياسي ويچارن“ سبب 1981ع ۾ جهليو ويو هو ۽ پُڇا ڳاڇا وقت مٿس سخت ڏاڍ ڪندي چيو ويو هو ته، ’هوائي جهاز اغوا جي ڏوهه ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ کي به ڦاساءِ.‘ ٻين سڀني سياسي قيدين جيان هن کي پڻ هڪڙي جيل مان ڪڍي ٻئي جيل ۾ موڪليو ويو هو ۽ ڪيترن مهينن تائين بيدريافتو رکيو ويو هو.
”مون کي ٻه ڏينهن ارزولي جيل ۾ رکيو ويو هو. هڪ هفتي تائين اڻڄاڻ هنڌن تي، چار ڏينهن بالاحصار قلعي ۾، وارسڪ ڪئنٽومينٽ ۾ ڏهه ڏينهن، هڪ ڏينهن پشاور سينٽرل جيل ۾، ڇهه ڏينهن فيڊرل انويسٽگيشن ايجنسي ڪراچي ۾، هڪ مهينو سينٽرل انٽيليجينس ايجنسي سينٽر ڪراچي ۾، هڪ مهينو بلديا ايذاءُ گهر ڪراچي ۾.“ هو علم سياسيات جو شاگرد هو، جيڪو پنهنجي گرفتاريءَ کان ٽي ورهيه پوءِ به اڃا تائين جيل ۾ پيو هو. ۽ هن کي ڊپ هو ته کيس موت جي سزا ملندي. هينئر هو ڪراچي سينٽرل جيل ۾ بند هو، جتان هن لکيو هو ته، ”مون کي ڏهن ڏينهن تائين سزا جي ڪوٺڙيءَ ۾ رکيو ويو ۽ ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا مونکي مار ڏني ويندي هئي. پُڇاڻي وقت بلبن جي تيز روشني منهنجي نطر ڪمزور ڪري ڇڏي، جنهن سبب منهنجي مٿي ۽ اکين ۾ لاڳيتو سور رهڻ لڳو. مونکي ٻيڙيون ٻڌي رکيو ويو. جيل جي ڊاڪٽر تجويز ڏني هئي، ته مونکي علاج لاءِ سول اسپتال موڪليو وڃي. ٽن مهينن کانپوءِ آئون اتي هاڻي هرنيا جي آپريشن لاءِ آيو آهيان.“
ٻين ڪيترن ئي سياسي قيدين وانگر سيف الله خالد جي زندگي به حڪومت جي هٿُ ۾ هئي. ”منهنجي ۽ مون سان گڏ ٻين جوابدارن جي زندگي جوکي ۾ آهي، ڇو ته فريادي موت جي سزا جي گهُر ڪئي آهي.“ ان شاگرد جي خط جي پڇاڙيءَ ۾ وڌيڪ لکيل هو. ”آئون ايمنسٽي کان اپيل ڪريان ٿو ته، اُهي ان معاملي کي کڻي اسان جي زندگي بچائين.“
ناٽنگهام، گلاسڪو، مانچيسٽر، بريڊفورڊ. ”مون انگلينڊ ۾ چؤڌاري ڦري پاڪستانين جي جماعتن سان ڳالهايو ۽ پنهنجي مُهم کي وڌائڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ حمايت ورتي. جرمني ڊينمارڪ هر مهيني هڪ ڀيرو وري امان کي ڏسڻ لاءِ سئٽزرلينڊ ڏانهن. آئون پاڻ سان هر هنڌ قيدين جي فهرست کڻي ويندي هيس. مون ڊينمارڪ ۾ اڳوڻي وزيراعظم اينڪور جارجسين سان پڻ ملاقات ڪئي، جيڪو بابا کي سُڃاڻندو هو، مون فرانس جي سياسي اڳواڻن سان ڳالهايو، جرمني ۾ اتي جي گرين پارٽي وارن سان گڏجاڻي ڪئي. مون ڏاڍي ڏک سان انهن ٽن نؤجوانن جي نالن اڳيان ”شهيد“ لکيو، جن کي آگسٽ ۾ ڦاسي ڏني وئي هئي.
انگلينڊ ۾ هر ڀيري موٽي اچڻ سان مونکي ڊَپ وٺي ويندو هو، ته اميگريشن وار واپس موڪلي ڇڏيندا. اُن زماني ۾ برٽش اميگريشن وارا پاڪستانين کي هوائي اڏي تي ويزا ڏيندا هئا، جيڪا رڳو هڪ ڀيرو اچڻ لاءِ هوندي هئي. آئون جڏهن انگلينڊ ۾ پهريون ڀيرو پهتي هيس، ته اميگريشن جي عملدارن پنجيتاليهه منٽ مون کان سوال پڇيا، ته آئون ڪٿي رهنديس ۽ ڇا ڪنديس. ”آئون رُڳو سيلاني آهيان.“ مون هنن کي تنهن وقت ۽ پوءِ به هر ڀيري خاطري ڪرائي هئي ۽ آئون سُک جو ساهه کڻندي هيس جڏهن اهي نيٺ منهنجي پاسپورٽ تي ويزا جو ٺپو هڻي ڏيندا هئا. پر تُرت ان ۾ ايترا ته ٺپا لڳي چڪا هئا، جو منهنجي پاسپورٽ جا صفحا ئي ختم ٿيل هئا. مون کي خبر هئي ته ضياءَ مون کي نئون پاسپورٽ ڪونه ڏيندو. هر ڀيري اميگريشن جي عملدارن جي سوالن پڇڻ وقت آئون دعائون گهرندي هيس ۽ کين چتائيندي هيس، جڏهن اهي ٿلهي ڪاري ڪتاب ۾ منهنجي نالي کي ڳوليندا هئا، ته جيئن اهي منهنجي دل جو ڌڙڪو ٻُڌي نه وٺن. انهيءَ هوندي به سياسي قيدين جي بچاءَ جي اُن مهم ۾ اسان گهڻي ترقي ڪئي هئي.
”منهنجو ارادو آهي ته پارليامينٽ ذريعي ۽ هر ٻئي موقعي مان فائدو وٺندي برطانوي حڪومت تي زور رکان، ته پاڪستان جي حڪومت کي چوي، ته اها سياسي مخالفن خاص ڪري پاڪستان پيپلز پارٽيءَ طرفان سياسي مخالفت ڪندڙن خلاف پنهنجيءَ موتمار مهم کي ختم ڪري.“ هائوس آف ڪامنس جي هڪ ميمبر ميڪس ميڊن نومبر ۾ مونکي لکيو. مون وٽ اليٽ ابرام جو پڻ جواب پهتو، جيڪو آمريڪا ۾ انساني حقن لاءِ اسٽيٽ سيڪرٽريءَ هو ۽ جنهن کي مون ناصر بلوچ ۽ سيف الله خالد بابت لکيو هو. ”شهرين خلاف فوجي عدالتن جي ناانصافي وارين ڳجهين ڪارروائين بابت ۽ هن مقدمي جي سلسلي ۾ اهو پريشان ڪندڙ الزام ته جوابدارن کي سخت عذاب ڏئي، اقرارناما صَحي ڪرايا ويا هئا، آئون اوهان جي ڳڻتيءَ ۾ شريڪ آهيان.“ مسٽر ابرام لکيو ”… مهرباني ڪري خاطري رکو ته پاڪستان ۾ اسان جا سفارتڪار انهن مقدمن جو ڌيان سان اڀياس ڪندا رهندا.“

باربيڪن ۾ آئون روزانو صبح جو ستين بجي اُٿي فليٽ جي صفائي ڪندي هيس ۽ پنهنجا ڪپڙا ڌوئيندي هيس ۽ ڏينهن جو کاڌو رَڌيندي هيس. مهريءَ جي دال جا سادا ٻوڙ رَڌڻ لاءِ اسٽوو تي چاڙهي ڇڏيندي هيس. بشير رياض لنڊن جي پاڪستاني پاڙن مان اسلامي طريقي تي حلال ڪيل گوشت ۽ ڪُڪڙيون آڻيندو هو. پوءِ دفتري ڪم شروع ٿيندو هو. ٽپال تي ڏاڍو خرچ ايندو هو. آئون ڪوشش ڪري خرچ سنڀاليندي هيس. منهنجن پئسن جو ٻه ڀاڱي ٽيون حصو مسواڙ تي ويندو هو ۽ باقي ٽيليفون جي بل، ٽپال وغيره تي خرچ ٿيندو هو، فليٽ کي سينگارڻ لاءِ امان مونکي هڪ رقم ڏني هئي، جنهن مان مون هڪ پراڻو غاليچو ورتو، رڌ پچاءَ جا ٿانوَ ۽ شيڊن سميت ڪجهه ليمپ به خريد ڪيا. آفيس ۾ جيڪو سياسي ڪم پئي ٿيو، تنهن تي اها پئسا صحيح طرح خرچ ٿيا هئا.
تُرت اسان پنهنجي اردوءَ ٻوليءَ ۾ مخزن ’عمل‘ جو افتتاح ڪيو، جنهن ۾ ڪجهه صفحا انگريزيءَ ۾ هوندا هئا. اها مخزن هر مهيني عالمي ادارن پرڏيهي سفارتخانن ۽ جلاوطن ماڻهن ڏانهن اماڻبي هئي، ته جيئن اهي پاڪستان جي تازي صورتحال کان واقف ٿي سگهن. رسالي جي ڇپائيءَ تي گهٽ خرچ ايندو هو. بشير رياض اُن جو ايڊيٽر به هوندو هو، ته ان لاءِ اشتهار به وٺندو هو، ۽ ناهيد وري ان جي خريداريءَ لاءِ هر اُن ماڻهوءَ کي مجبور ڪندي هئي، جيڪو سندس هٿ چڙهندو هو. اسان اهو رسالو لِڪ ڇپ ۾ پاڪستان موڪليو، هو، جتي سرگرم ڪارڪن اُن جي ڪجهه حصن جا تصويري نقل ڪرائي، پارٽيءَ جي همدردن ۾ ورهائيندا هئا. اهي نقل جيلن ۾ به ويندا هئا، ته جيئن سياسي قيدين کي خبر پوي، ته کين وساريو نه ويو هو. هنن جي همت ۽ حوصلي وڌائڻ لاءِ ’عمل‘ اَملهه ثابت ٿيو هو. قيدي رسالي جو قدر ڪندا هئا، پر حڪومت ان جي سخت مخالف هوندي هئي.
”اڄ آئون ڪم تي ڪونه ايندس.“ اسان جي خوشنويس اوچتو بشير کي فون تي چيو. ”ڇو؟“ بشير گهٻرائجي پڇيو. خوشنويس کانسواءِ ’عمل‘ ڪيئن ٿي ڇپجي سگهيو. ان وقت تائين اردو ڇپائيءَ پراڻي نموني ۾ ٿيندي هئي. ”اوهان وٽ ڪم نه ڪرڻ لاءِ سفارتخاني مونکي وڌيڪ پئسا ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي.“ خوشنويس مڃيو. وري جڏهن پريس واري فون ڪري ٻڌايو، ته حڪومت هن تي به دٻاءَ وڌو آهي، ته اسان ويچاريو ڄڻ ’عمل‘ جو آخري ڏينهن اچي ويو هجي. پر اهو پريس وارو پارٽيءَ جو همدرد نڪتو، جنهن نه رڳو حڪومت جو دٻاءَ مڃڻ کان انڪار ڪيو، پر هو اها ڳالهه مڃڻ تي راضي ٿيو، ته رات جو پريس هلائي اسان جو ڪم ڪندو. بشير لنڊن مان نڪرندڙ پاڪستاني اخبارن ۾ ڪم ڪندڙ خوشنويسن کي مڃائڻ ۾ پڻ سوڀارو ٿيو ته اهي پنهنجي ڪم سان گڏ اسان وٽ به ڪم ڪندا. جڏهن به حڪومت انهن مان ڪنهن هڪ کي واپس وٺي ويندي هئي، ته بشير ڪنهن ٻئي کي هٿ ڪري ايندو هو ۽ ايئن ’عمل‘ ڇپجندو رهيو.
پاڪستان ۾ ضياءَ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي مارشل لا جون ٻانهون کُنجڻ لڳو ۽ عوام کي چتاءُ ڏيڻ لڳو ته اهي سندس چنبي ۾ ڦاٿل آهن. اسان اڃا ’عمل‘ ۾ ناصر بلوچ سان جُٺين ۽ ڏُکيائين بابت مضمون پئي ڇپيا، ته پاڪستان مان اسان وٽ اهي بدسؤڻ خبرون اچڻ شروع ٿيون ته هن کي ۽ سندس ساٿي جوابدارن کي موت جي سزا ڏني ويندي. انهن ڀوائتين اُلڪن جي تصديق 5 نومبر 1984ع جي ڏڪائيندڙ ۽ سرد هوا واري صبح جو ٿي، جڏهن فوجي عدالت ڪراچيءَ ۾ پنهنجي فتويٰ جو اعلان ڪيو. ناصر بلوچ ۽ ٻين کي ”ڳچيءَ ۾ رسو وجهي مرڻ تائين“ سزا ڏني وئي هئي.
باربيڪن ۾ اسين وري هنگامي حالتن هيٺ ڪم ۾ جُنبي وياسين ۽ موت جي سزا وارن انهن قيدين جي جان بچائڻ لاءِ اسان عالمي جماعتن ڏانهن اپيلن پٺيان اپيلون موڪليون. اسان جي ڪاوڙ ان وقت گهڻي وڌي وئي، جڏهن پاڪستان مان اسان جي هڪ همدرد لڪ ڇپ ۾ اسان ڏانهن ڳجها دستاويز موڪليا. جن مان پتو پيو ٿي، ته موت جي انهن سزائن ۾ سنئون سڌو ضياءَ جو هٿ هو. انهن دستاويزن مطابق فوجي عدالت پهرين رڳو ناصر بلوچ کي موت جي سزا ڏني هئي، جنهن جو اطلاع سنڌ جي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر کي ڏنو ويو هو ۽ هن ان تي ڪوبه اعتراض نه ڪيو هو. پر اوچتو هن پنهنجو ارادو ڦيرائي ڇڏيو ۽ فوجي عدالت کي حڪم ڏنو هو ته اها ”پنهنجي فيصلي تي ٻيهر سوچي.“ رُڳو ضياءَ، هن جو عملدار ئي کيس پنهنجي ارادي کي ڦيرائڻ لاءِ حُڪم ڏئي سگهيو ٿي.
ٻيو ته اسان وٽ چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر جي آفيس جو اهو ڪاغذ به هو، جنهن تي هُن پنهنجي جوڙيل عدالت جي ڏنل فتويٰ کان ”پورا ڏهه ڏينهن“ اڳ 26 آڪٽوبر تي موت جي انهن چئن سزائن جي تصديق ڪندي صَحي ڪئي هئي. موت جي سزا هيٺ انهن ماڻهن جي اڳيان رُڳو هڪ ئي راهه کليل هئي، ته اهي ضياءَ کي صدر طور رحم جي درخواست ڪن. اها ڪهڙي نه واهيات ڳالهه هئي، کين اُن ماڻهو کي عرض ڪرڻو هو، جنهن سندن موت جي سزا جي اڳواٽ ئي تصديق ڪري ڇڏي هئي.

رضاڪارن جڏهن اهي دستاويز ڏٺا، ته سندن اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا هئا، پر مونکي سخت ڪاوڙ لڳي هئي. پهريون ڀيرو اسان کي هڪ اهڙو ثبوت هٿ آيو هو، جنهن مان اسين جيڪو سدائين ٻڌندا هئاسين، تنهن جي تصديق ٿي هئي: سياسي مقدمن ۾ فوجي سزائن جا حُڪم ضياءَ وٽان ئي نڪرن ٿا. اسين هڪدم انهن دستاويزن جي سموئڻ ۽ سهيڙڻ جي ڪم ۾ لڳي وياسين، ته جيئن اهي تُرت ڇپجي سگهن. جيڪڏهن ڪا ڳالهه عالمي برادريءَ کي تحرڪ ۾ آڻي ٿي سگهي ۽ ضياءَ جي فوجي عدالتن کي رُڳو حڪومت جون آڱوٺي ڇاپ عدالتون ثابت ٿي ڪيو، ته اهو رُڳو اهي دستاويز ئي ڪري ٿي سگهيا. لارڊ ايوبري، جنهن منهنجي ۽ امان جي ڇوٽڪاري لاءِ ڏاڍي مدد ڪئي هئي، تنهن هاڻي انهن دستاويزن جي پڌرائيءَ لاءِ برطانوي پارليامينٽ ۾ اسان لاءِ هڪ پريس ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو بندوبست ڪيو ۽ اسان جي مهم ۾ تيزي اچي وئي.
انساني حقن جي ادارن کان وٺي مزدور اڳواڻن تائين سڀني باضمير ماڻهن اسان جي سڏ جو جواب ڏنو. ”جيتوڻيڪ هن ملڪ ۾ ٽريڊ يونين جي حقن کي پهچندڙ جوکن کان اسين پاڻ به سُڄاڻ ٿيندا پيا وڃون، پر ساڳئي وقت اسان کي پنهنجن انهن ڀائرن ۽ ڀينرن جي ان جدوجهد جي به واقفيت ضروري آهي. جيڪا اهي ٻين ملڪن ۾ پيا ڪن.“ ناٽنگهام جي ٽريڊ يونين آرگنائيزر لارينس پليٽ ٽريڊ يونين جي مشهور مخزن ”ٽي ائنڊ جي رڪارڊ“ جي ايڊيٽر کي لکيو. ”مزدور اڳواڻ ناصر بلوچ ۽ سندس ساٿي جوابدارن جي زندگي بچائڻ لاءِ، جيڪي پنهنجي موت جي اوسيئڙي ۾ آهن، اڃا به وقت آهي، تنهنڪري پاڪستاني حڪومت ۽ هتي موجود ان جي سفارتخاني سان احتجاج ضرور ڪرڻ گهرجي.“
اُن ڳالهه جو وڪيلن کي به ڏاڍو صدمو پهتو ۽ اهي به ڪنهن ڪارروائيءَ لاءِ تيار ٿي ويا. ”پاڪستان ۾ مارشل لا جي قاعدن هيٺ خاص فوجي عدالت جوڙي منجهس انهن چئن ماڻهن جو مقدمو هلائي، کين سزا ڏني ويئي آهي.“ مشهور انگريز وڪيلن پنهنجي بيان ۾ چيو. ”اهي عدالتون انهن فوجي عملدارن جي اڳواڻيءَ ۾ جُڙيل آهن جن کي ڪابه قانوني سِکيا مليل ڪانهي ۽ انهن مقدمن جي ڪارروائي ڳجهي رکي وڃي ٿي. ثبوت جو سمورو بار جوابدارن تي رکيو وڃي ٿو ۽ هنن کي ئي پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرڻي پوي ٿي.ٻيو ته اهي پنهنجن مقدمن لاءِ پنهنجن وڪيلن تائين به نٿا پهچي سگهن.“
”اسين پاڪستاني حڪومت کان گهُر ٿا ڪريون، ته اهي مقدما ۽ سزائون بند ڪيون وڃن. اسين خاص ڪري جنرل ضياءَ الحق کي اپيل ٿا ڪريون، ته انهن چئن ماڻهن کي موت جي سزا جي تصديق نه ڪري ۽ هنن جون جانيون بچائي. اسين برطانيا جي حڪومت کان پڻ گهر ڪريون ٿا، جيڪا ضياءَ حڪومت کي اقتصادي ۽ فوجي امداد ڏئي ٿي، ته اُها پاڪستاني حڪومت تي زور رکي، ته انهن چئن ماڻهن جي سزائن تي عمل نه ڪري ۽ آئيندي اهڙا مقدما نه هلائي.“
اسين سياسي قيدين جي زندگي بچائڻ لاءِ ڳڻتيءَ ۾ هئاسين. پر پاڪستان ۾ موت خلاف اسان جي جنگ هلندي، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ٻين جلاوطن اڳواڻن پنهنجن خاص مفادن کي اڳتي وڌائڻ ۾ وڌيڪ چاهه پئي ڏيکاريو. انهن اڳواڻن جا فون لاڳيتا باربيڪن ۾ ايندا رهيا، جن ۾ مون سان ملاقات جي درخواست ڪيل هوندي هئي. انهن مان گهڻا ته بابا جي حڪومت ۾ وزير به رهيا هئا. باربيڪن ۾ روزانو رُڳو پندرهن ملاقاتين کي اچڻ جي اجازت هوندي هئي، پر آئون ڪڏهن ڪڏهن هڪ ئي وقت پنجن يا هن جي جٿي کي گهرائي ڪيترن ئي سان ملاقات ڪندي هيس: پر اهي سوچي ته اڃا گهڻو ئي ڪم ڪرڻو آهي، مونکي ڏاڍي چِڙ ۽ بي آرامي ٿيندي هئي.
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سدائين گهڻن طبقن جي گڏيل پارٽي رهي هئي اها ڪيترن ئي سماجي ۽ اقتصادي گروهن، جهڙوڪ مارڪسين، جاگيردارن ۽ زميندارن، واپارين، مذهبي اقليتن، عورتن ۽ غريبن جو اتحاد رهي هئي. بابا جي وفات کان اڳ اُنهن ڌار ڌار طبقن وچ ۾ مفادن جا جيڪي اختلاف ٿيندا هئا، سي ختم ٿي ويندا هئا، پر لنڊن ۾ جلاوطنيءَ جي ڇڪتاڻ ۽ سياسي اڳواڻن جي ان ڊَپ سبب ته ملڪ ۾ عوام کين وساري ڇڏيندو. منجهن عوامي مقصدن بجاءِ لوڀ ۽ هٻچ اچي وئي هئي. وڏي ڳالهه ته پارٽيءَ جي اڳواڻيءَ تي اعلان کانسواءِ جنگ شروع ٿي وئي هئي. انهن پراڻن پهريدارن جو ويچار هو، ته جيڪڏهن مونکي هڪ ڀيرو مڃيو ويو ته پوءِ اهي سدائين لاءِ مونکي مڃيندا. ”ڇا منهنجي قسمت اها آهي، ته پهرين پيءُ پٺيان هلان، پوءِ ماءُ پويان ۽ هاڻي ڌيءُ پٺيان؟“ جڏهن آئون پهريون ڀيرو لنڊن پهتي هيس ته مونکي ٻڌايو ويو هو، ته ڪنهن اهو چيو هو.
”توکي فيصلو ڪرڻو پوندو، ته تون ڪنهن جي پاسي آهين“ هر ٽوليءَ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ وڌيڪ اهميت ماڻڻ ۽ نيٺ مٿس قبضي جي تياري شروع ڪئي هئي.
”آئون ڪنهن جي به پاسي ڪونه آهيان.“ مون زور ڏيندي چيو. ”جيڪڏهن پارٽيءَ ۾ مختلف ٽولين هڪ ٻئي کي ڪڍڻ بدران اتحاد ۽ ايڪي جو مظاهرو ڪيو، ته اسين گهڻو ڪجهه ڪري سگهنداسين.“ مون صبر ۽ عقل کان ڪم وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، ڇو ته مونکي ڳڻتي هئي ته متان اهي ڪُراڙا ’چاچا‘ مون کان پري نه ٿي وڃن ۽ ٻيو ته مونکي پنهنجي سياسي حيثيت جي ڪمزوريءَ جي به ڄاڻ هئي. جيتوڻيڪ آئون جڏهن انگلينڊ ۾ پهتي هيس، تڏهن پارٽيءَ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي، منهنجي نائب چيئرپرسن جي حيثيت کي ٻيهر مڃڻ جو اعلان ڪيو هو. پر اهي ماڻهو پراڻا سياستدان هئا، جڏهن ته آئون نؤجوان ۽ سندن ڌيئرن جيڏي هيس. فوجي بغاوت کان پوءِ انهن ماڻهن لنڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي هلايو هو. آئون ته پاڪستان مان اتي تازو آئي هيس. هنن کي پنهنجيءَ طاقت جا بنياد پختا ڪرڻ ۾ ورهيه لڳي ويا هئا. آئون ماضيءَ جا اختلاف ميسارڻ جي حق ۾ هيس ۽ مون پارٽيءَ جي وڌيڪ ڀلائيءَ لاءِ انفرادي طاقت جي بنيادن ۾ توازن رکڻ چاهيو ٿي. آئون جڏهن آمريڪا مان واپس آئي هيس، ته مارڪسي ٽولي جي گهڻ ڳالهائو ماڻهن مون تي حملو ڪيو هو.
”توکي آمريڪا وڃڻ نه کپندو هو.“ اُن ٽولي جي اڳواڻ مونکي دڙڪو ڏيندي چيو. جيتوڻيڪ منهنجي آمريڪا رواني ٿيڻ کان اڳ ان بابت هن هڪ لفظ به نه چيو هو. ”آمريڪي ضياءَ جا دوست آهن. هن جي خاتمي لاءِ اسان کي روسين سان شامل ٿيڻ گهرجي.“
”توکي اهو ويچار ڪيئن آيو، ته آمريڪي يا روسي ڪنهن جا دوست آهن؟“ مون به بحث ڪيو. ”آمريڪي پنهنجي جنگي حڪمت عمليءَ پٽاندڙ ضياءَ جي مدد ڪن ٿا. شايد روسي اڄ اسان جي پُٺڀرائي ڪن، پر سڀاڻي جيڪڏهن سندن حڪمت عملي بدلجي وئي، ته پوءِ اهي اسان کي اوڙاهه ۾ اڇلائي ڇڏيندا. انهن وڏين طاقتن جي ويڙهه ۾ اسان کي پوڻ نه گهرجي. اسان کي ته پنهنجن قومي حقن لاءِ وڙهڻ گهرجي. عالمي سياست جي ويڙهه ۾ اسين پُڄي نه سگهنداسين.“
اُن جهيڙي ۾ تُرت صوبائيت جا حامي به گڏجي ويا. ”تون سنڌي آهين. ٻين صوبن بدران تون سنڌ لاءِ آواز اُٿار، نه ته اهي توکي ڪڏهن به معاف نه ڪندا،“ هنن مونکي خبردار ڪيو.
”اسان مارشل لا حڪومت جي هٿن ۾ ڇو کيڏون، جيڪا ورهاڱي جي ڌمڪيءَ کي واپرائي ثابت ڪرڻ چاهيو ٿي، ته فوج جي طاقت ئي پاڪستان جي اتحاد کي قائم رکي سگهي ٿي. ”مون ڦُڙتيءَ سان جواب ڏنو، ”اسان وٽ اهڙا ماڻهو آهن جيڪي چاهين ٿا، ته چئني صوبن ۾ جمهوريت هجي. اَنياءُ آڏو صوبائي حدون نٿيون هُجن. ڇا اسين هڪ ٻئي سان وڙهڻ بدران جيڪڏهن پنهنجي دشمن سان وڙهنداسين، ته اسان جون قوتون سُٺي نموني ۾ ڦلدائڪ نه ٿينديون؟“
وطن پرستن ۽ سرڪار جي اثر هيٺ آيل پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ميمبرن، جن ضياءَ سان ٺاهه لاءِ هر جائز ناجائز طريقا واپرايا هئا، پنهنجن فائدن لاءِ آواز اٿاريا. انهن بحثن سبب منهنجي مايوسي ويتر وڌندي وئي. هڪ طرف پاسي واري ڪمري ۾ اسان جي رضاڪارن، پاڪستان ۾ اسان جي حامي ماڻهن جون حياتيون بچائڻ لاءِ هڪ ضروري ۽ ڏُکيو ڪم پئي ڪيو، ته ٻئي پاسي اُنهن مُدي خارج سياستدانن منهنجو وقت پئي وڃايو، جن کي عوام جي پريشانين، بدران پنهنجين انفرادي پريشانين جو ويچار هو.
نيٺ آئون پنهنجي ڪاوڙ کي ان وقت روڪي نه سگهيس، جڏهن هڪ ڏيهه نيڪال پوڙهو ’چاچو‘ مون وٽ باربيڪن ۾ آيو. هو سانت سان صوفي تي ٿي ويٺو ۽ هن مون کان گهر ڪئي، ته آئون هن کي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ پنجاب جو صدر ڪريان ۽ کيس پنهنجي پسند جا ٻيا عهديدارَ کڻڻ جي اجازت ڏيان. ”آئون اهو ڪم نٿي ڪري سگهان.“ مون حيرانيءَ مان کيس چيو، جنهن کي پنجابي سياستدانن ۾ ڪا مشهوري به نه هئي ۽ جنهن فوجي بغاوت کان پوءِ پنهنجو سمورو وقت لنڊن ۾ سلامتيءَ سان گذاريو هو. ”ان سبب پارٽيءَ ۾ ناراضپو ٿيندو ۽ قابليت پٽاندر ۽ عام راءِ مطابق اسين جيڪي فيصلا ڪنداسين، تن تي خراب اثر پوندو.“
”تو وٽ ان کانسواءِ ٻيو چارو ئي ڪونهي.“ هن سرپرستيءَ واري انداز ۾ چيو. ”مارڪسي تو سان ڪاوڙيل آهن. صوبي پرستن پنهنجون جماعتون ٺاهيون آهن. تون مونکي پارٽيءَ مان ڪڍڻ جي همت نٿي ڪري سگهين.“
”پر اها ڳالهه پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اصولن خلاف آهي.“ هن جي انهي مطالبي تي آئون اڃا تائين ششدر هيس.
”اصول“. هن چٿر مان وراڻيو. ”اصول برابر ٺاهوڪا آهن. پر ماڻهو سياست ۾ اقتدار ماڻڻ لاءِ اچن ٿا. جيڪڏهن تون مونکي صدر مقرر نٿي ڪرين ۽ منهنجي پسند جا ماڻهو نه ٿي ڏين، ته پوءِ آئون ٻيون راهون ڳوليندس. شايد آئون پنهنجي پارٽي ٺاهيان ۽ پوءِ آئون تنهنجو وڏو مخالف ثابت ٿيندس.“
مون پنهنجيءَ ڪاوڙ کي وڌندي ڀانئيو، جو خاص مفادن وارن انهن گروهن کي ننڍين وڏين ڳالهين تي وڙهندي ٻُڌي مون پنهنجو وقت وڃايو هو. اهو پاڪستاني سياست جو پراڻو گُر هو. پنهنجي لاءِ شڪار ڦاساءِ. مٿس دٻاءُ وجهه. جيترو ٿي سگهي ته هر عهدي تي قبضو ڪر. ڊپ ۽ ڊَپ ڏئي ڪم ڪڍ. ڌمڪائينس . انهن پراڻن طريقن جي مونکي ڄاڻ هئي. ”چاچا“، مون شوڪارو ڀريندي ۽ پنهنجي ڪرسيءَ تان اڳتي جهُڪندي هن کي چيو. ”تون پاڻ ڄاڻين ٿو ته جيڪڏهن تون پارٽيءَ کي ڇڏي ويندين، ته پارليامينٽ جي هڪڙي سِيٽ کٽڻ به تنهنجي لاءِ ڏُکي ٿيندي.“
”واقعي؟ واقعي؟“ منهنجو اهو رُکو جواب ٻڌي هن اچرج وچان ڪنڌ لوڏيندي وراڻيو ۽پوءِ هو وڏيون ٻرانگهون ڀريندو ڪمري مان ٻاهر هليو ويو ۽ پڇاڙيءَ ۾ پارٽيءَ مان به. هڪ ٻيو آزار. مون پنهنجي ذهن مان اهو ٿُڏڻ کان پهرين ويچاريو. جڏهن به ڪو پارٽي ڇڏي ٿي ويو، ته موکي هرگز خوشي نٿي ٿي. پر پوءِ مون ڀانئيو هو ته سياست ۾ ڪابه ڳالهه مستقل نٿي هجي. ماڻهو هليا وڃن ٿا، ماڻهو شامل ٿين ٿا. ماڻهو وري ٺاهه ڪن ٿا. اهم ڳالهه اِها هجي ٿي ته ڪا سياسي جماعت پنهنجي نسلي مزاج جي وضاحت ڪري. لنڊن ۾ اسان جي ڪم سبب پاڪستان ۾ عوام جا حوصلا وڌيا پئي ۽ پارٽيءَ کي سگهه پئي ملي. اها ئي وڏي اهم ڳالهه هئي. خاص ڪري ڊسمبر 1984ع ڌاري، جڏهن پتو پيو هو ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي گهڻي ۾ گهڻي سگهه جي گهُرج آهي.

آمريڪا طرفان زور پوڻ تي ضياءَ مارچ 1985ع ۾ چونڊن جو فيصلو ڪيو. پر ان کان پهرين اعلان ڪيو ويو، ته هو 20 ڊسمبر تي قومي ريفرينڊم ڪرائيندو. اُن کي اسلامي ريفرينڊم جو نالو ڏنو ويو، جنهن ۾ لفظن جي چونڊ اهڙي ڪئي وئي، جو اُن ۾ چالاڪيءَ کان ڪم ورتل نه هجي ها، ته هوند کل جهڙو لڳي ها. ان ۾ چيل هو ته، ”پاڪستان جي صدر جنرل محمد ضياءَ الحق پاڪستان جي قانون کي اسلامي احڪامن پٽاندر، جيئن قرآن ڪريم ۽ رسول الله ﷺ جن جي سُنت ۾ ڄاڻايل آهن، بنائڻ لاءِ جيڪو عمل شروع ڪيو آهي، ڇا ان جي پاڪستاني عوام تصديق ڪري ٿو.“ ڇا هڪ اهڙي ملڪ ۾ جنهن جي آبادي پنجانوي سيڪڙو مسلمان هئي، ڪو ماڻهو ان خلاف راءِ ڏئي سگهيو ٿي؟ ”نه“ ووٽ جو مطلب هو اسلام خلاف راءِ ڏيڻ. پر سياست پٽاندر ”هائو“ جوکائتي راءِ ٿئي ها. ضياءَ اعلان ڪيو ته اُن چونڊ جي پڪي ۽ قطعي راءِ سبب هو پنجن ورهين تائين پاڪستان جو صدر رهندو.
سمورو نظام لڙاٽيل ڪُوڙ ۾ ويڙهجي ويو هو، ته جيئن ضياءَ کي اهو اختيار ملي، جنهن جي کيس سخت گهُرج هئي. ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾ ڪنهن به ٻئي فوجي آمر هن کانسواءِ ايترو وقت حڪومت نه ڪئي هئي ۽ ضياءَ ڪوبه موقعو هٿان ڇڏڻ نه ٿي گهريو. ضياءَ اعلان ڪيو ته ”نه“ ووٽ جي سلسلي ۾ جيڪو به مهم هلائيندو، تنهن کي ٽي ورهيه سخت پورهئي سان سزا ۽ پنجٽيهه هزار ڊالر ڏنڊ وڌو ويندو. ٻيو ته انهن ووٽن جي ڳڻپ جو ڪم ڳجهي طرح فوج ڪندي ۽ سندن نتيجن تي ڪنهن به ديواني عدالت ۾ مقدمو هلائي نه سگهبو. ڇا هن واقعي اهو سوچيو هو، ته اهو اُن ووٽ کي جائز ۽ منصفاڻو ثابت ڪري سگهندو؟
”بائيڪاٽ“ اسان ’عمل‘ ۾، اخباري ملاقاتن ۾، تقريرن ۾، بيانن ۾ تاڪيد ڪيو. ”بائيڪاٽ،“ پاڪستان ۾ ايم آر ڊيءَ جي ميمبرن اصرار ڪيو، جتي ٻن مذهبي جماعتن پڻ ريفرينڊم کي ”اسلام جي نالي تي ٺڳي“ چئي ان کي نِنديو هو. ”ووٽ ڏيو! اوهان کي ان لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ جي به گهُرج نه هوندي.“ لائوڊ اسپيڪرن تان ان جو جواب آيو، جيڪي حڪومت ڪراچيءَ جي گهٽين ۾ ڪُنڊن تي هڻي ڇڏيا هئا. حڪومت جا گماشتا بلوچستان ۾ افغان پناهگيرن کي لارين ۾ ڀري پولنگ اسٽيشنن تائين پهچائيندا رهيا ۽ ڪيترن ئي ڳوٺن جا ٻيا ماڻهو پولنگ جي ٻين جاين تائين رسائيندا رهيا.
اڳڪٿيءَ مطابق پاڪستان جي سرڪاري اخبارن ٻڌايو، ته ٻه ڪروڙ ماڻهن مان چوهٺ سيڪڙو ماڻهن ووٽ ڏنو، جن مان ڇانوي سيڪڙو ماڻهن ”هائو“ چيو. پر اسلام آباد ۾ ’گارجين‘ اخبار جي عيوضيءَ جي ڪٿ مطابق ڏهه سيڪڙي کان به گهٽ ماڻهن ووٽ ڏنو هو. ’رائيٽر نيوز سروس‘ به اهو ٻڌايو. بائيڪاٽ لاءِ اسان جيڪو سڏ ڏنو هو. تنهن ڪم ڏيکاريو. ”جيڪڏهن جنرل اسلام جي ڍال کانسواءِ ايماندار ۽ همت سان پاڻ کي آزمائش لاءِ سامهون آڻي ها، ته هوند پڪ سان هارائي وڃي ها.“ لنڊن جي اخبار ’دي ٽائيمس‘ 12 ڊسمبر تي پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ لکيو. ”جنهن سبب هُن ائين نه ڪيو.“
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا جيڪي اڳواڻ ڏيهه نيڪالي هئا، تن سان گڏجي واپس پاڪستان وڃڻ لاءِ مون کي ڪنهن اهڙي وجهه جو اوسيئڙو هو. شايد اهڙو وقت اچي ويو هو. ”هيءُ وقت آهي ته اسين ضياءَ الحق خلاف احتجاجي مهم شروع ڪريون.“ اتر لنڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي هڪ اڳوڻي وزير جي گهر ۾ سڏايل گڏجاڻيءَ ۾ پارٽيءَ جي وڏيرن اتفاق ڪندي چيو. ”ان ريفرينڊم ضياءَ جي غير مقبوليت جا وَکا سڄي دنيا ۾ پڌرا ڪري ڇڏيا اهن“ ٻين وري ان سان اتفاق نه ڪيو. ”عوام شايد اسان جي سڏ جو جواب نه ڏئي.“ بحث هلندو رهيو. ”گهڻي وقت جي سُستيءَ سبب عوام ماٺار ۾ آهي. اسان کي کليل ميدان ۾ لهڻ گهرجي.“ انهيءَ بحث هلندي ”چاچن مان هڪڙي مون ڏانهن ڏسندي چيو. ”آئون اُن جو جواب ڏيڻ چاهيان ٿو.“ هن ٻڌايو. ”مس بينظير کي واپس موڪلڻ گهرجي، جنهن سبب هرڪو ماڻهو ٻاهر نڪري ايندو.“
”ٺيڪ آهي.“ مون اتفاق ڪيو. ”سياسي طرح منهنجو اتي وڃڻ صحيح آهي، ته پوءِ اسان سڀني کي اتي وڃڻ لاءِ منصوبو ٺاهڻ گهرجي. اسين ڇو نه ڏهن ڏينهن جي عرصي ۾ روزانو هڪ جي حساب سان ڌار ڌار وقت تي اتي پهچون، ته جيئن آهستي آهستي طاقت جو ڀنڊار ٺهي؟“
سڄي ڪمري ۾ ماٺار ڇانئجي وئي. ”تون واپس وڃ! آئون واپس نٿو وڃي سگهان.“ هڪ ٻئي پٺيان سڀني احتجاج ڪيو. هنن الزامن جي فهرست، قيد جي سزائن ۽ ڦاسين تي ڳالهايو، جيڪي پاڪستان ۾ منجهانئن هر هڪ خلاف تجويز هيٺ هيون. مونکي اچرج لڳو. اهي مونکي واپس موڪلڻ لاءِ بلڪل تيار هئا، پر اڳرائيءَ جي گڏيل مهم شروع ڪرڻ لاءِ ڪنهن به صورت ۾ نيڪنيت نه هئا. ”اسين اها مهم صحيح طريقي تي هلايون يا وري بلڪل ئي نه هلايون.“ مون چيو. ماٺ. چؤڌاري ماٺار هئي.
پوءِ به ريفرينڊم ۾ ضياءَ کي جيڪو ڌَڪ لڳو هو، تنهن تي اسان سڀني کي ڏاڍو اطمينان ٿيو. 5 جنوري 1985ع تي بابا جي جنم تاريخ تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سڄيءَ دنيا ۾ سوڀُ جا جلوس ڪڍي جمهوريت جو ڏينهن ملهايو. ان موقعي تي سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ تقرير ڪندي مون لنڊن ۾ هڪ گڏجاڻيءَ جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ اسان هڪ سيمينار ۽ مشاعري جو انتظام ڪيو. ماحول ۾ ڏاڍي بيچيني هئي ۽ مسواڙ تي ورتل هال ماڻهن سان سَٿيل هو. مون پنهنجي تقرير هڪ انقلابي شاعر جي گيت تي ختم ڪئي. سڄي هال ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا جهنڊا جهولڻ لڳا ۽ اتي موجود سڀيئي ڄڻا گيت جون مصرعون وڏي آواز ۾ ورجائڻ لڳا، ”مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان، مون ڪيئي ڏوهه ڪيا آهن.“(1)
سيمينار هلندي مونکي امان جو ٽيليفون آيو. صنم کي اُن وقت ڌيءَ ڄائي هئي. شملا ۾ ’ڌيءَ ڄائي آهي،‘ خراب خبر لاءِ اشارو هو. پر مون پيپلز پارٽيءَ جي حامين اڳيان ان خوشخبريءَ جو اعلان ڪندي چيو، ”شهيد ڀٽي جي جنم ڏينهن تي اها خوشخبري آئي آهي، ته منهنجيءَ ڀيڻ صنم کي ڌيءَ ڄائي آهي. هن جو نالو آزادي رکيو ويو آهي. اُن لفظ جي معنيٰ آهي: ڇوٽڪارو.“ ان تي خوشيءَ جا هُوڪرا ٿيا. سيمينار جي فلم ٺاهي وئي، جنهن جون ڪيتريون ئي ڪاپيون لِڪ ڇپ ۾ پاڪستان موڪليون هيون.
ٽي ڏينهن پوءِ آئون، امان ۽ صنم وٽ هيس. جڏهن ضياءَ اعلان ڪيو ته قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جون چونڊون فيبروريءَ جي پڇاڙيءَ ۾ ٿينديون، ته انهن چونڊن جي بائيڪاٽ جو معاملو ريفرينڊم کان وڌيڪ شڪي هو. مارشل لا اڃا قائم هو ۽ سياسي جماعتن تي بندش پيل هئي. قومي اسميبليءَ ۾ نمائندگي ماڻڻ لاءِ اسان جا اميدوار پارٽيءَ عيوضين بدران انفرادي حيثيت ۾ چونڊن ۾ حصو وٺي ٿي سگهيا. پوءِ به اهي پهريون قومي چونڊون هيون، جيڪي 1977ع جي فوجي بغاوت کان پوءِ ضياءَ ڪرائڻ گهريون ٿي. ڇا اسين انهن ۾ حصو وٺون؟
”بائيڪاٽ“. لنڊن ۽ پاڪستان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ميمبرن ضياءَ جي اعلان تي ويچاريندي فيصلو ڏنو. پر منهنجو سُک ڦِٽي پيو هو. ”ميدان ڪڏهن به خالي نه ڇڏجي.“ بابا هر ڀيري چوندو هو. مونکي ڪابه سُڌ نه هئي ته آئون ڇا ڪريان ۽ نه وري اها ڄاڻ هئي ته پاڪستان ۾ ايم آر ڊيءَ جي ميمبرن جو ڪهڙو ارادو هو. يورپ ۾ ايئن رهندي ڏاڍي مايوسي ٿي هئي، جڏهن ته پنهنجي ملڪ ۾ ڏاڍي چرپر هئي. سدائين جيان ضياءَ پنهنجا قانون ڦيرائيندو رهيو. 12 جنوري تي هن ريڊيي تان هڪ قومي پروگرام ۾ اعلان ڪيو، ته پيپلز پارٽيءَ ۽ ايم آر ڊيءَ جي سرگرم ۽ اهم ميمبرن کي چونڊن ۾ حصي وٺڻ کان مورڳو نااهل ڪوٺيو ويندو ۽ اهڙي طرح اهي اميدوار به نه ٿي سگهندا. ٽي ڏينهن پوءِ هن وري پنهنجو اهو ارادو ڦيرايو ۽ چيو ته منجهانئن گهڻا چونڊن ۾ اميدوار طور بيهي سگهن ٿا. اها ڳالهه آئون سَهي نٿي سگهيس.
”آئون سمجهان ٿي ته مونکي واپس وطن موٽڻ گهرجي.“ مون امان کي تنهن وقت چيو، جڏهن صنيءَ جي ڌيءُ رُنو پئي. ”چونڊن بابت آئون سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ سان ڳالهائڻ گهران ٿي. اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته سياسي سوڀ سُٺي نموني ملڪ ۾ يا ملڪ کان ٻاهر رهي ماڻي سگهجي ٿي.“
مون سمجهيو هو ته هوءَ منهنجي واپس وڃڻ جي فيصلي جي مخالفت ڪندي. الاءِ منهنجي لاءِ ضياءَ جي مَن ۾ ڇا هو. پر هن هڪ منٽ لاءِ سوچيو ۽ پوءِ هُن منهنجي ڳالهه مڃي. ”تون صحيح آهين.“ هن چيو. ”وقت آيو آهي ته پاڪستان ۾ پارٽيءَ جي اڳواڻن سان مشورو ڪجي.“ مون ۽ امان واري واري تي پارٽيءَ جي هڪ نائب سان ڳالهائڻ لاءِ ٽيليفون تي نمبر بُڪ ڪرايا، جنهن ۾ ڪيترائي ڪلاڪ لڳي ويا. اسين هن سان ته ڳالهائي ڪونه سگهيونسين، البت منهنجي سئوٽ فخري فون تي ملي وئي. ”اسان جي ملازمن کي چئو، ته 70 ڪلفٽن ۾ صفائي ڪري ڇڏين.“ مون هن کي ٻڌايو. ”آئون ٽن چئن ڏينهن ۾ اتي پهچي وينديس.“ پوءِ جڏهن آئون جهاز جي اڏام جا وقت وٺي موٽيس، تڏهن فون جي گهنڊڻي وڳي.
”70 ڪلفٽن فوج جي گهيري ۾ آهي.“ ڊاڪٽر نيازي ٻڌايو. مونکي هينئر ڪراچيءَ مان خبر ملي آهي، ته تنهنجي ۽ تنهنجي امان جي نظربنديءَ جا حڪم نڪتا آهن. سڄي ملڪ جي هوائي اڏن کي پڻ گهيرو ڪيو ويو آهي ۽ لنڊن ۽ فرانس مان جيڪا به عورت برقعي ۾ اچي ٿي، تنهن جي جهَڙتي ورتي وڃي ٿي.
جيڪڏهن مونکي هڪدم جهلي نظربند ڪيو ويو ۽ آئون ان گڏجاڻيءَ ۾ بهرو وٺي نه سگهنديس، ته چونڊن ۾ حصو وٺجي يا نه، ته پوءِ منهنجو واپس وڃڻ اجايو ٿيندو. يورپ مان آئون ٽيليفون ته ڪري ٿي سگهان. پوءِ به آئون پاڪستان ۾ ڳالهائڻ لاءِ ٽيليفون تي ڪوشش ڪندي رهيس. مونکي پڪ ٿي وئي هئي، ته چونڊن ۾ اسان کي ضياءَ جي مخالفت ڪرڻ گهرجي ۽ مون ايم آر ڊيءَ جي گڏجاڻين ۾ ان راءِ جي نمائندگيءَ ڪرڻ پئي گهُري.
”ڇا مِس ڀٽو ٿي ڳالهائي.“ نيٺ فون مليو، ته ايبٽ آباد مان اچرج ۾ ورتل هڪ آواز چيو.
”هائو، هائو“ مون بيچينيءَ وچان وراڻيو. ”ڇا ايم آر ڊي چونڊن لاءِ ڪو فيصلو ڪيو آهي؟“
”هائو.“
”ڪهڙو فيصلو؟“ مون گهُٽيل ساهه ۾ پڇيو.
”بائيڪاٽ ڪبو.“ هن وراڻيو.
جيڪڏهن پارٽيءَ ۽ مخالف ڌُر جو اهو گڏيل فيصلو هو، ته ٺيڪ هو ۽ پوءِ آئون لنڊن واپس ويس، جتي مون سنڌي ۽ اردوءَ ۾ پنهنجو نياپو رڪارڊ ڪيو، جنهن ۾ عوام کي چيو ويو ته اهي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪن. اهو نياپو به لڪ ڇپ ۾ پاڪستان موڪليو ويو، جيڪو هزارن جي تعداد ۾ سنڌ، پنجاب ۽ ملڪ جي ٻين حصن ۾ ورهايو ويو هو.
25 فيبروريءَ تي آئون لنڊن ۾ ٽيليفون ويجهو ٿي ويٺيس، ته جيئن قومي اسيمبليءَ جي چونڊن ۽ ٽي ڏينهن پوءِ صوبائي اسيمبلين جي رٿيل چونڊن جو احوال وٺان. پاڪستان ۾ چونڊن واري ڏينهن وڏو هُل هنگامو ٿئي ٿو ۽ هر پاسي جشن جهڙو ماحول هجي ٿو. رستا ۽ گهٽيون ماڻهن سان ڀريل هجن ٿيون، جتي گهورڙيا پنهنجن گاڏن تي بوتلون، مٺايون، سمبوسا، پڪوڙا ۽ کاڌي جون ٻيون شيون وڪڻندي ڏسبا آهن. ووٽ وجهڻ وارن هنڌن تي ماڻهن جا انبوهه اچي گڏ ٿين ٿا، جيڪي پنهنجو ووٽ ڏيڻ لاءِ هڪ ٻئي مٿان اچيو ڳاهٽ ٿين. پاڪستانين کي ڪڏهن به ترتيب سان قطار ٺاهي بيهڻ جي سمجهه ئي نه آهي. پر ٽيليويزن تي جيڪي ووٽ ڏيندڙ ماڻهو ڏسڻ ۾ آيا، سي شايد سرڪاري ملازم هئا، جن کي ٽيليويزن تي ڏيکارڻ لاءِ آندو ويو هو. اُهي هڪ سنهي قطار ۾ هڪٻئي پٺيان ڏاڍي آرام سان بيٺا هئا. اتي کاڌي جي شين جا ٺيلها به ڏسڻ ۾ ٿي آيا.
سچائيءَ اها آهي، ته ضياءَ جنهن عمل کي چونڊون سڏيو هو، سو نفرت جوڳو هو. ’ٽائيم‘ مخزن جي ايشيا/ پئسفڪ ڇاپي ۾ لکيو ويو: ”سياسي جماعتن جي غير موجودگيءَ ۾، چونڊ مُهم هلائڻ لاءِ نه ڪي موضوع هئا، نه ڪي جلسا جلوس ٿيا ۽ نه ئي قومي مسئلن کي بحث هيٺ آندو ويو هو. اميدوارن کي چؤديواريءَ کان ٻاهر جلسن ۽ جلوسن ڪڍڻ جي روڪَ هئي. هنن کي مائيڪرو فون، لائوڊ اسپيڪر واپرائڻ ۽ ريڊيي يا ٽي وي تان تقرير جي به اجازت نه هئي. حڪومت اميدوار کي وڌ ۾ وڌ اها اجازت ڏني هئي، ته هو هر دروازي تي وڃي ماڻهن سان ملي ۽ ايترن ماڻهن سان ملاقات ڪري جيڪي هڪڙي ڪمري ۾ آرام سان ويهي سگهن. ڪجهه پُر اميد اميدوارن ان سلسلي ۾ مسجدن کي ڪَتب آڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جن کي هڪدم نااهل ڪوٺيو ويو هو.“
حڪومت اعلان ڪيو ته ٽيونجاهه سيڪڙو ماڻهن ووٽ ڏنا هئا. جڏهن ته اسان جي ڪَٿ مطابق ڏهه کان چوويهه سيڪڙي تائين ماڻهن ووٽ ڏنا هئا. هڪ ڀيرو وري ايم آر ڊيءَ جي سڏ ڪم ڏيکاريو: جيتوڻيڪ اهو ايترو سوڀارو ڪونه ٿيو هو، جيترو ريفرينڊم ۾ ٿيو هو. هن ڀيري ڪامياب بائيڪاٽ کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ ضياءَ مارشل لا جو قانون ڪڍيو، جنهن مطابق، چونڊن ۾ بائيڪاٽ واري لاءِ سخت پورهئي سان سزا رکي وئي هئي. پڇاڙيءَ ۾ ڪوبه اهڙو اڳواڻ موجود ڪونه هو، جيڪو بائيڪاٽ جو سڏ ڏيئي ها. ’ٽائيم‘ لکيو، ”چونڊن کان اڳ آخري ڏينهن، حڪومت اٽڪل ٽي هزار سياسي مخالفن کي جهليو، جن ۾ ملڪ جي هر سياسي شخصيت شامل هئي ۽ جن کي چونڊن ٿيڻ تائين جيلن ۾ يا وري گهرن ۾ بند رکيو ويو هو.“
پوءِ به اهي چونڊون مارشل لا ۽ ملڪ ۾ اسلامي قانون رائج ڪرڻ واري ضياءَ جي نيتيءَ کي رد ڪرڻ جو زبردست پڙاڏو هيون. هن جي ڪابينا جي نَون وزيرن مان، جيڪي قومي اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ بيٺا هئا، ڇهن وزيرن هارايو. هن جي ٻين ساٿين سان به ساڳيءَ جُٺ ٿي. صوبائي اسيمبلين جي چونڊن ۾ جن بنياد پرست اميدوارن جي مدد مذهبي پارٽين ڪئي هئي، تن کي به سخت شڪست ملي هئي. جماعت اسلاميءَ جي اڪيهٺ اميدوارن مان رُڳو ڇهه اميدوار ڪامياب ٿيا. جڏهن ته اُهي اميدوار جن اسان جي بائيڪاٽ جي اعلان کانپوءِ به پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان پنهنجو ناتو ڄاڻايو هو، تن ٻاونجاهه سِيٽن مان پنجاهه نشستون کٽي زبردست سوڀ ماڻي هئي. ”پاڪستان پيپلز پارٽيءَ، جنهن جي اڳواڻ ڀُٽي جي ايڪٽيهن ورهين جي ڌيءَ بينظير ڀٽو آهي ۽ جيڪا هينئر لنڊن ۾ جلاوطن آهي، اٺن ورهين کان غير قانوني هوندي به اڃا تائين ملڪ جي مضبوط جماعت آهي.“ ’ٽائيم‘ صاف اکرن ۾ لکيو.
ضياءَ بابت اهي اميدون ته هو ملڪ ۾ سچ پچ جمهوريت آڻڻ چاهي ٿو، چونڊن ٿيڻ کان پوءِ هڪ هفتي ۾ ئي ڊَهي ويون هيون. نئين چونڊيل قومي اسيمبليءَ جي گڏجاڻيءَ کان اڳ ۾ ضياءَ آئين ۾ ڪيئي ترميمن جو اعلان ڪيو. انهن ترميمن ذريعي هن پنهنجي صدارتي عهدي جي پنجن ورهين واري عرصي جي ٻيهر تصديق ڪئي. ۽ نه رُڳو وزيراعظم، هٿياربند فوجن جي اڳواڻ ۽ چئني صوبن جا گورنر رکڻ جا پاڻ کي بيپناهه اختيار ڏنا، پر پنهنجي مرضيءَ تي قومي اسيمبليءَ کي ٽوڙڻ جو اختيار پڻ پاڻ وٽ رکيائين.
هن جي نئين حڪومت سبب ڪهڙو فرق ٿيو هو؟ ڪجهه به نه. جيتوڻيڪ مغربي حڪومتن جي دٻاءُ هيٺ ضياءَ ظاهري طرح ”شهري“ حڪومت جوڙي هئي، پر اڃا تائين مارشل لا قائم هو. جيتوڻيڪ هن پاڻ کي وڌيڪ مقبوليت جهڙو ’صدر‘ جو لقب ڏنو هو. پر هو اڃا ائين مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ۽ فوج جو چيف آف آرمي اسٽاف هو، جنهن جو مطلب اهو هو ته قومي اسيمبلي فوج جي قبضي ۾ هئي. ضياءَ صدارت جي عهدي سنڀالڻ کان ”ڪيترائي مهينا“ پوءِ مارشل لا ختم ڪندو ۽ ساڳئي وقت فوج جي چيف آف اسٽاف جي عهدي تان پڻ استعيفيٰ ڏيندو. هن ”ٽائيم“ کي انٽرويو ڏيندي چيو. ”آئون جڏهن 23 مارچ تي صدر جي عهدي جو قسم کڻندس، تڏهن آئون ڀانئيان ٿو ته منهنجو ظاهري ڏيک ڪنهن شهريءَ جهڙو هجڻ گهرجي.“ هن ايئن چيو ڄڻ لباس مٽائي هو عوام کي بيوقوف بڻائي ڇڏيندو. هو ائين نه ڪري سگهندو. ايندڙ هڪ ورهيه تائين مارشل لا ڪونه لهندو. ضياءَ اڃا تائين فوج جو چيف آف آرمي اسٽاف آهي ۽ ڪجهه موقعن تي ورديءَ بدران ڊگهي شيرواني پائڻ سبب هن جي ڪُوڙن ۾ ڪوبه فرق نٿو اچي.
چونڊن ٿيڻ کان چار ڏينهن پوءِ 1 مارچ تي اياز سمون کي موت جي سزا ڏني وئي.
5 مارچ تي ناصر بلوچ کي ڦاسي ڏني وئي.

اسان جڏهن ناصر بلوچ جي موت جي ڄاڻُ ٻُڌي، ته اسان سڀني کي گهڻو ڏک پهتو. ضياءَ ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي تازو چونڊجي آيل نون ميمبرن جي رحم وارين درخواستن ڏانهن به ڪو ڌيان نه ڏنو. ڪراچي سينٽرل جيل جي ڪيترن ئي ٻين سياسي قيدين آخريءَ گهڙيءَ ۾ به ناصر بلوچ لاءِ رحم جون درخواستون موڪليون هيون. پر ضياءَ انهن جو جواب اهو ڏنو هو، جو کين ٻين جيلن ۾ موڪلي ڇڏيو. اسان جڏهن اُن مامري بابت ڳجها دستاويز پڌرا ڪيا، تڏهن عالمي دٻاءُ هيٺ مجبور ٿي، هن ٻين ٽن جوابدارن جي موت وارين سزائن ۾ گهٽتائي ڪئي. پر ناصر بلوچ لاءِ ڦاسيءَ جو ’حڪمنامو‘ ڏنو. اسلام آباد مان ’گارجين‘ جي نمائندي لکيو ته، ”مزدور اڳواڻ فوج خلاف ۽ ’جيئي ڀٽو‘ جا نعرا هڻندو. ڦاسيءَ جي تختي تي چڙهيو.“
مون ڏاڍي ڏک ۾ خطن جو اُهو فائيل ڏسڻ شروع ڪيو، جيڪي اسان موڪليا هئا ۽ ڪجهه ناصر بلوچ وٽان اسان وٽ پهتا هئا. مون اهي خط ورجائي پڙهيا، جيڪي هن سگريٽن جي خالي پاڪيٽن تي لکي، ڪراچي سينٽرل جيل ۾ پنهنجي موت جي ڪوٺڙيءَ مان لِڪ ڇپ ۾ مون ڏانهن موڪليا هئا. ”شل الله اوهان کي ۽ بيگم صاحبا کي صحت ۽ وڏي ڄمار ڏئي، ته جيئن اوهين پاڪستان جي غريب عوام جي رهنمائي ڪري سگهو.“ هن پنهنجي خط جي شروع ۾ لکيو هو. ”اسين چيئرمين شهيد ڀٽي جيان پنهنجين ڪوٺڙين ۾، پنهنجا ڏينهن ڏاڍيءَ بهادريءَ ۽ همت سان ايئن گهاريون پيا، جيئن هن گذاريا هئا ۽ غاصب فوجي حڪومت اڳيان ڪڏهن به پنهنجو ڪَنڌُ نه جهڪايو هو. اسين ڪڏهن به فوجي حڪومت کان زندگيءَ جي خيرات ڪونه گهرنداسين. اسين پنهنجي زندگيءَ کان وڌيڪ پارٽيءَ جي عزت کي اهم سمجهون ٿا. اسين اوهان جي سوڀُ لاءِ دعاگو آهيون. شال الله اوهان جي مدد ڪري.“
آئون ڪيئي مهينن تائين ناصر بلوچ لاءِ دعائون گهُرندي رهيس. هاڻي شديد ڏُک هيٺ مون اڪيلائيءَ ۾ سندس روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ دعائون گهريون. اسان پارٽيءَ جي هڪ جلاوطن اڳواڻ جي گهر ۾ هن جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ قرآن خواني به ڪئي. مون ڀانئيو هو ڄڻ مون کان منهنجو ڀاءُ وڇڙي ويو هجي. هو ڪراچيءَ جي ڏتڙيل ۽ پٺتي پيل غريب وسندي ملير جو رهواسي هو. جتي هو پنهنجي زال ۽ ٻارن سميت پنهنجي ماءُ، پيءُ ۽ ڀاءُ سان گڏ هڪ ننڍڙي گهر ۾ رهندو هو. ناصر بلوچ کي خاص ڪري پنهنجين نياڻين تي ڏاڍو فخر هوندو هو ۽ هو اڪثر انهن بابت ڳالهائيندو هو. انهن مان هڪ جي شادي 1983ع ۾ اُن وقت ٿي هئي، جڏهن آئون 70 ڪلفٽن جي سب جيل ۾ بند هيس. مون هن جي شاديءَ جي خرچ لاءِ فخريءَ معرفت هنن ڏانهن ڪجهه رقم به موڪلي هئي. هينئر جڏهن آئون هن جي گهرڀاتين کي تعزيتي خط لکڻ ويٺيس، ته آئون سندن ڏُک پنهنجو ڏُک ڀانئڻ لڳيس. ٻين ڪيترن کي به ائين ئي ڀانئيو هو. پوءِ مون برطانيا جي اخبارن ۾ پڙهيو هو، ته اُن رات جڏهن ناصر کي ڦاسي اچڻي هئي، تڏهن ڪراچي سينٽرل جيل ٻاهران ماڻهن جا انبوهن کي روڪڻ لاءِ پوليس جا وڌيڪ جَٿا گهرايا ويا هئا ۽ جڏهن هن جا گهرڀاتي سندس ميت کي دفنائڻ لاءِ کڻي وڃڻ لڳا، تڏهن اتي ايترا ته ماڻهو اچي گڏ ٿيا هئا، جو انهن ڪانڌين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ پوليس کي ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا گولا اڇلائڻا پيا هئا. ضياءَ جي نئين شهري حڪومت جي شڙوعات رَت ۾ ٻريل هٿن سان ٿي هئي. ڇا هنن جو ٻيو شڪار اياز سمون هوندو؟
”آئون اوهان کي اياز سمون جي زندگيءَ بچائڻ ۾ مدد لاءِ هي خط لکان ٿو. هو نيا دؤر موٽرز ۾ مزدورن جو نمائندو هو، جنهن کي فوجي عدالت ڳجهي طرح مقدمو هلائي. 1 مارچ 1985ع تي موت جي سزا ڏني هئي.“ اسان وٽ جن ماڻهن جا پار پتا هئا، تن کي ڊاڪٽر نيازي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي انساني حقن واري ڪميٽيءَ طرفان لکيو. هڪ ٻيو جلاوطن صفدر همداني، جيڪو اسان جو ڪو آرڊينيٽر هو ۽ جيڪو سمنڊپار ملڪن ۾ اسانجين شاخن سان لکپڙهه ڪندو هو ۽ سينٽرل YMCA ۾ رهندو هو، تنهن پنهنجي خط ۾ لکيو: ”اياز سمون مقدمي جي اهم تفصيلن جي روشنيءَ ۾ مهرباني ڪري اوهان پنهنجيون ڪوششون هن طرح تيز ڪندا: (الف) پنهنجي تَڪ جي ميمبر پارليماينٽ / پارليامينٽ جي اهم ميمبر سان ملاقات، (ب) پارليامينٽ جي ميمبر سان ملاقات لاءِ وفدن جو انتظام، (ٻ) درخواست تي صحيحون وٺڻ، (ت) انساني حقن جي تنظيمن سان رابطو ۽ (ٿ) اخبارن سان رابطو.
اياز سمون خلاف اُن ڪُوڙي مقدمي جا تفصيل تڏهن پڌرا ٿي ويا هئا، جڏهن پاڪستان مان اسان جي هڪ همدرد اُن مقدمي تي پوليس جي رپورٽ لِڪ ڇپ ۾ اسان ڏاهن موڪلي هئي. اياز سمون کي موت جي سزا ڏيڻ جو سبب اهو هو، جو هن تي حڪومت جي حمايتي ظهور الحسن ڀوپاليءَ کي سندسن آفيس ۾ 1984ع ۾ قتل ڪرڻ جو الزام هو. پوليس جي رپورٽن مطابق ملزم پنجويهن کان ٽيهن ورهين جي ڄمار جو، قد آور، بُت جو ڀريل ۽ ڪَڻڪائو رنگ شخص هو. شاهدن جي چوڻ مطابق هو جڏهن واردات جي جاءِ تان ڪار ۾ چڙهي ڀڳو هو، ته هُن جي هڪ ڪُلهي جي گهاءُ مان گهڻو رَت پئي وهيو.
اُن تفصيل جي ڪابه ڳالهه اياز سمون سان لاڳو ٿي نه پئي سگهي. هو رنگ جو ڪارسرو هو، بُت جو سنهو ۽ قد پنج فوٽ چار انچ ڊگهو. هن جي ڄمار ٻاويهه ورهيه هئي ۽ گرفتار ٿيڻ وقت هن کي ڪوبه گهاءُ لڳل ڪونه هو. پر اهڙي تفصيل جي حڪومت کي پرواهه نه هئي. هنن ڀوپاليءَ جي قاتلن کي سزا ڏيڻ لاءِ ايڏي ته چُستي ڏيکاري، جو هڪ نه پر ٽن ڌار ڌار فوجي عدالتن ٽن مختلف جوابدارن تي مقدمو هلايو ۽ اُنهن سڀني کي اُن ساڳيءَ ڏوهه جو ڏوهي ڪوٺيو هو!
پر اسان کي اياز سمون جي بيگناهيءَ جي ثبوت جي گهُرج هئي؛ سچي ثبوت جي. اهو ڪپڙي جي هڪ ٽُڪري تي اسان تائين پهتو، جيڪو اياز سمون جي موت جي ڪوٺڙيءَ مان لِڪ ڇپ ۾ سندس وڪيل اسان ڏانهن موڪليو هو. ان تي اياز سمون جي رَت جو نمونو هو. پاڪستان ۾ پوليس ان رَت هاڻل ڪپڙي جو گهڻُ نماءُ ڪيو هو، جيڪو اُن ڪار مان مليو هو، جيڪا قتل جي واردات کان پوءِ هٿ ڪئي وئي هئي. ڪار مان مليل رَت جي چڪاس ڊاڪٽر شيرواني ڪئي هئي، جنهن جي داخلا پوليس رپورٽ ۾ هئي. اياز سمون جي رَت جي چڪاس ڪڏهن به نه ٿي هئي، ته جيئن خبر پوري ها ته اها رپورٽ حملي ڪندڙ جي رَت سان ملي به آئي ٿي يا نه. لنڊن ۾ اسان کي هڪ پيٿالاجسٽ مليو، جنهن کي اسان اياز سمون جي رَت جي نموني جي چڪاس لاءِ چيو. اسان کي ثبوت ملي ويو هو، جيڪو اسان مختلف ماڻهن ڏانهن موڪليو: سمون جي رَت جو نمونو اهو ساڳيو ڪونه هو، جيڪو ڪار مان مليل رَت جو هو. پر موت جي سزا قائم رهي.
اياز سمون 23 مارچ تي ڪراچي سينٽرل جيل مان لکيو، ”منهنجي پياري ڀيڻ، آئون ٿورائتو آهيان جو اوهان کي خط لکڻ جو وجهه مليو آهي. اسان جو عزم پهاڙن کان وڌيڪ مضبوط ۽ هماليا جبل کان اوچو آهي. انقلابي ڪڏهن ڪنهن به رُوپ ۾ آمرن اڳيان نه جهُڪيا آهن. زندگي الله جي ڏنل آهي ۽ نه ضياءَ جي.
”ظالم جي هٿ وس رهڻ بجاءِ آئون ڦاسيءَ تي چڙهڻ وڌيڪ پسند ڪندس. آڻُ مڃڻ اسان جو اصول ڪونهي. اسين مارشل لا جي ڊَپ کان، ڪنهن گڏهه کي گهوڙو سَڏڻ ۽ نه وري ڪاري کي اَڇو چوڻ لاءِ هرگز تيار نه آهيون. منهنجي پياري ڀيڻ، اياز سمون توکي خاطري ڪرائي ٿو، ته دهشتگرد ضياءَ الحق منهنجي سِسي ته لاهي سگهي ٿو، پر هو ان کي جهُڪائي نٿو سگهي … اسين شهيد پنهنجو رَت وهائيندا رهنداسين. هڪڙي ڏينهن پرهه جون باکون. اسان جي رَت سُڳنڌ عوام تائين پهچائينديون. انشاءَ الله … اسين جيئرو رهنداسين ۽ سدائين لاءِ جيئرو رهنداسين. اوهان جو ڀاءُ اياز سمون.“
آئون اياز سمون جي مقدمي جي ڄاڻ پاڻ سان هر هنڌ کڻي ويس. اپريل ۾ واپس آمريڪا به ويس، جتي هارورڊ ۾ مونکي راما ميهتا ليڪچر ڏيڻ لاءِ دعوت ڏئي گهرايو هو. اتان نيويارڪ ۾ به ويس، جتي مونکي پرڏيهي لاڳاپن جي ڪائونسل ۾ ڳالهائڻ جي دعوت مليل هئي. پوءِ اتان جون مهيني ۾ اسٽراسبورگ ويس، جتي مون يورپي پارليامينٽ جي ميمبرن اڳيان تقرير ڪئي. ”اياز سمون، هڪ مزدور اڳواڻ ۽ پارٽي حمايتي، اڄ پنهنجي موت- ڪوٺڙيءَ ۾ سڙي ڳري پيو، هن تي اهڙي ڏوهه جو الزام آهي، جيڪو هن ڪيو ئي ڪونهي. هن کي پنهنجو مقدر ڪوهيڙي ۾ ڏسڻ ۾ اچي پيو. هن کي اها به ڄاڻُ آهي ته سندس رَت جو نمونو به اُن واقعي ۾ حملو ڪندڙ ماڻهوءَ جي رَت جي نموني سان نٿو ملي، جنهن واقعي جو کيس ملزم سڏيو ويو آهي.“ مون اسٽراسبورگ ۾ هڪ اخباري ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي چيو. ”جڏهن نسل پرستيءَ ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙيءَ خلاف دنيا جي ضمير کي ڪنهن ٻئي هنڌ انصاف مطابق جاڳايو ويو آهي، ته پوءِ اهو ضمير انهن فوجي عدالتن جي اُنهن قتلن کي ڏسي پنهنجيون اکيون نه ٻوٽي، جيڪي هڪ اهڙي ملڪ ۾ پيا ٿين، جيڪو پاڻ مغرب کان چڱي خاصي امداد وٺي ٿو.“
1985ع جي بهار مُند ۾ منهنجي آمريڪا وڃڻ کان ٿورو اڳ، الذوالفقار جي تُهمت هيٺ گرفتار ڪيل سڀني چوونجاهه قيدين کي، جيڪي لاهور ۾ بند هئا، جنم ٽيپ جون سزائون ڏنيون هيون. هنن سان گڏ ٻين چاليهن ماڻهن کي به سندن غير حاضريءَ ۾ اها سزا ڏني وئي هئي، جن ۾ منهنجا ڀائر مير ۽ شاهنواز به شامل هئا. هڪ ڀيرو وري حڪومت پنهنجن سياسي مقصدن لاءِ دهشتگرديءَ جو نعرو واپرايو هو. ”ايمنسٽي انٽرنيشنل کي ڪيترن ئي ورهين کان ان مسئلي تي ڳڻتي رهي آهي، ته پُر امن سياسي مخالفت ڪندڙ ماڻهن کي جهلڻ لاءِ مٿن الذوالفقار سان شامل هجڻ جي عام تهمت هنئي وڃي ٿي.“ 1985ع ۾ ايمنسٽي پنهنجيءَ رپورٽ ۾ الزام هنيو. ستر کان وڌيڪ قيدين کي ڦاسين تي چاڙهيو ۽ هڪ سئو کان وڌيڪ قيدين کي موت جي سزا ڏني وئي هئي.
پاڪستان پيپلز پارٽي
111 لاڊرڊيل ٽاورس، باربيڪن
لنڊن EC2
جون
اياز سمون جي زندگي بچايو
پيارا ميمبر، پاڪستان جي هن بيگناهه ٻاويهن ورهين جي پُٽ جي جان بچائڻ لاءِ مهرباني ڪري اوهان ڪو تڪڙو قدم کڻو ۽ پنهنجي وس آهر هر ممڪن ڪوشش ڪريو… اوهان پنهنجي سڃاڻپ واري ماڻهوءَ سان هڪدم رابطو ڪريو. اڄ اياز سمون جي رحم جي درخواست پيش ٿيڻ واري آهي. مهرباني ڪري تمام تڪڙو قدم کڻو، ڇو ته وقت ٿورڙو آهي.

ضياءَ ڏانهن خط موڪليا ويا . تارون. سفارتي حُجتون ٻاهريان دٻاءُ. 26 جون 1985ع تي اياز سمون کي ڦاسي ڏني وئي.

هڪ اوچتو ٺڪاءُ! رڌڻي ۾ ڇا پئي ٿيو؟ ضرور ڪنهن دريءَ کي کليل ڇڏي ڏنو هوندو، اهو سوچي آئون باربيڪن ۾ پنهنجي رڌڻي ۾ ويس، ته جيئن هوا جو زور تي هيٺ ڪِريل شين کي کڻي مٿي رکان. اتي هرڪا شيءِ پنهنجي جاءِ تي رکيل هئي.
ڇا اهو اياز سمون جو روح ٿي سگهيو ٿي؟ مون اچرج وچان سوچيو. مون پوءِ نماز پڙهي هن جي روح کي ثواب پهچايو.
ٻئي ڏينهن صبح جو ناهيد، بشير رياص، صفدر، سمبلينا، ياسمين ۽ بيگم نيازيءَ سان گڏجي مون پنهنجو ڪم شروع ڪيو. اسان انهن سڀني ماڻهن کي خط لکيا، جن اياز سمون جي مقدمي ۾ چاهه ورتو هو. اسان انهن تعزيتي خطن جا پڻ جواب لکيا، جيڪي اسان کي مختلف ذريعن، جهڙوڪ هائوس آف لارڊس جي لارڊ ايوبوري، آمريڪا مان ايليٽ ابرامس ۽ بروسيلز مان ڪارل وين ميرٽ وٽان پهتا هئا، جنهن يورپين پارليامينٽ جي سوشلسٽ گروپ سان گڏجي ان اقتصادي سهڪار جي ٺاهه کي رد ڪرڻ جي قرارداد پيش ڪئي هئي، جيڪو پاڪستان سان ٿيڻ وارو هو.
”مسٽر اياز سمون جي موت جي سزا جو ٻُڌي مونکي ڏاڍو ڏُک پهتو. جيتوڻيڪ مونکي ان تي اچرج بلڪل نه ٿيو هو.“ لارڊ ايوبوري لکيو هو. ”ان مان پڌرو ٿئي ٿو ته ضياءَ تي انساني همدردين جي اپيلن جو ڪو اثر ئي ڪونه ٿو ٿئي. ۽ مونکي افسوس آهي ته ضياءَ ڄاڻي ٿو ته پاڻ جيڪي به ڪري ٿو، تنهن جو آمريڪا وٽان ملندڙ انعامن اڪرامن ۽ ريگن انتظاميا جي اُن پختي يقين تي ڪوبه اثر ڪونه پوندو، جيڪا پاڪستان کي ’آزاد دنيا‘ جو حصو ڏسڻ گهري ٿي.“

اسان پنهنجي ڏُک ۾ ڏاڍي خاموشيءَ سان ڪم پئي ڪيو، ته اوچتو وڏي ڪمري ۾ زورائتو ڦهَڪو ٿيو، جتي اسان ڪاغذ، فائيل ۽ لفافا سَٿي رکيا هئا. اسان سڀني کان ڇِرڪ نڪري ويا ۽ هڪٻئي ڏانهن ڏسڻ لڳاسين.
”ضرور ميز تان ڪو فائيل ڪِري پيو هوندو.“ اهو چوندو بشير وڏي ڪمري ڏانهن ويو.
”ڪجهه به ڪونه ڪِريو آهي.“ مون اڳئين رات وارو واقعو ياد ڪندي چيو.
”اوهان جو چوڻ صحيح آهي.“ واپس ايندي هُن ٻڌايو.
”ڇا اوهان ڀانئيو ٿا، ته اهو اياز سمون جو روح آهي.“ مون ٻين کان پڇيو.
”شل الله جي مٿس رحمت هجي.“ بيگم نيازيءَ چيو، جيڪا سخت مذهبي ويچارن واريءِ عورت آهي.“ اسان کي فليٽ ۾ هن لاءِ قرآن خواني ڪرڻ گهرجي، جنهنڪري سندس روح کي سُڪون ملندو ۽ هو آرام سان رهي سگهندو.“

ناهيد هڪدم اُن جو انتظام ڪيو ۽ ٽپهريءَ جو اسان جي فليٽ ۾ ڪيتريون ئي پاڪستاني عورتون اچي گڏ ٿيون. اسان سڀني ڪلاڪن جا ڪلاڪ قرآن شريف جا ڪيترائي ڀيرا ورد ڪيا. اياز سمون جي روح وري ڪڏهن به آواز نه ڏنو.
1 جولاءِ تي آئون ڏکڻ فرانس ڏانهن وڃڻ واري هيس، ته جيئن امان ۽ خاندان جي ٻين ڀاتين سان گڏ موڪل ملهائي سگهان. پر ان ۾ ڪنهن نه ڪنهن ڪم سبب رنڊڪ پئي ٿي: مثال طور سياسي گڏجاڻيون، پاڪستان مان ايندڙ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن سان ملاقاتون، جيڪي پنهنجا پروگرام ڦيرائي نه ٿي سگهيا ۽ وغيره وغيره.
امان فون تي مونکي ٻڌايو، ته شاهنواز کي ڏاڍو ڏُک ٿيو هو، جو آئون سندس ان دعوت ۾ پهچي نه سگهي هيس، جنهن ۾ هن ٽانڊن تي پڪل گوشت کارائڻ جو انتظام ڪيو هو. مير کي به اُن جو ڏک ٿيو هو. منهنجي آزاد ٿيڻ کان پوءِ اسان ٻٽي ڀيرا ملاقات ڪئي هئي. هنن سڀني- مير، شاهه، سندس ننڍڙين ڌيئرن فتحي ۽ سسئي ۽ سندن افغان گهر وارين فوزيا ۽ ريحانا – سان ملاقات لاءِ منهنجي ڏاڍي خواهش هئي، پر اُن مهيني جي وچ ڌاري آئون وٽن وڃڻ جهڙي ٿي سگهي هيس.
17 جولاءِ جي صبح مون پنهنجا ڪپڙا هڪڙي سُوٽ ڪيس ۾ وڌا ۽ آئون هوائي اڏي ڏانهن رواني ٿيس. گذريل مهيني جي ذهني پريشانيءَ ۽ المين کان پوءِ منهنجي لاءِ ٻن هفتن جو گهربل سُڪون ۽ آرام ڪينس ۾ هو. آئون اوسيئڙو نه ڪري سگهيس. مون گهڻا موت ڏٺا هئا.
________________________________________
(1) سنڌ جي مشهور شاعر شيخ اياز جو گيت