پنهنجي پاران محترم سعدالله سپاهي ابڙو نصرپور جو هڪ بهترين پرائمري استاد هو. هيءُ استاد سان گڏ هڪ بهترين شاعر ناول نويس نثر نويس هو. سندن ٻه ڇپيل ڪتاب اسان وڏن جي واتان ٻڌا هئا. هڪ ناول جنهن جو نالو هو ٻه معصوم مکڙيون جيڪو هن کان پهرين سنڌ سلامت تي اپلوڊ ٿي چڪو آهي. سندن ٻيو ڪتاب سوره الرحمٰن جو منظوم ترجمو هو. جيڪو ڪتاب هٿ ڪيو ويو پر ان جي حالت اها هئي ته ان جي جنهن به پني ۾ هٿ وڌو ويو ٿي اهو ٽٽي پيو ٿي. هن ڪتاب ۾ سندن هڪ عزيز به گڏ هو جنهن جو نالو محمد يوسف شاڪر ابڙو هو جيڪو هڪ بهترين محقق هو. سندن ڪيترائي تاريخي مضمون نئين زندگي ۽ مهراڻ رسالي ۾ شايع ٿيندا رهيا هئا. پاڻ سوره الڪافرون جو به تفسير لکيو هو. سندن ڪيترائي ڪتاب آهن مثال مصري شاهه جو چونڊ ڪلام وغيره جيڪي هن وقت اڻ لڀ آهن هجن ته ڪنهن لائبرري ۾ ملي سگھن ٿا. کين نئين زندگيءَ طرفان سندن حياتيءَ ۾ ايوارڊ مليو هو. پروفيسر برڪت علي ڪريمي ابڙو جيڪو هڪ سٺو شاعر ليکڪ مترجم آهي جنهن جا ڪيترائي ڪتاب ڇپايل آهن سندن پنهنجو ذاتي اشاعت گهر مدني پبليڪيشنز جي نالي سان آهي. پاڻ هي ناياب ڪتاب ٻيهر شايع ڪرايو جنهن جي هڪ اعزازي ڪاپي مون کي به عنايت ڪئي ويئي. پنهنجي خواهش هئي ته ان کي سنڌ سلامت تي اپلوڊ ڪجي. ان لاءِ عربي سافٽويئر ۽ فونٽس جي ڳولا ڪيم پر نه مليا. ڇاڪاڻ قرآن شريف جون آيتون به ڪمپوز ڪرڻيون هيون. ناڪامي کانپوءِ ڪتاب کي اسڪين ڪرائي پاڻ وٽ رکيم. انهن مان ئي قرآن شريف جون آيتون هتي پيسٽ ڪيم باقي منظوم حصو ڪمپوز ڪيم هاڻي هي ڪتاب جيڪو سرمايو آهي دوستن اڳيان حاضر آهي. دوستن جي راين جو انتظار رهندو. پروفيسر برڪت علي ڪريمي ابڙو جي مهرباني جنهن هيءُ ناياب ڪتاب عنايت ڪيو . خادم گهراڻو