مذهب

عُرُوس القُرآن ( ترجمو منظوم سوره الرحمٰن )

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”عروس القرآن : سوره الرحمان جو منظوم ترجمو“ اوهان اڳيان پيش آهي. منظوم ترجمو محترم سعد الله سپاهي ابڙو ۽ محمد يوسف شاڪر ابڙو جو ڪيل آهي.
پهريون دفعو هي ترجمو 1951ع ۾ ڇپيو ۽ ٻيو ڇاپو 2017ع ۾ پروفيسر برڪت علي ڪريمي ابڙو پاران مدني پبليڪيشنز – ابڙا محلا نصرپور سنڌ وٽان ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون خادم گهراڻو صاحب جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
Title Cover of book عُرُوس القُرآن ( ترجمو منظوم  سوره الرحمٰن )

ليڪکن جو تعارف

[b]حاجي سعدالله ابڙو سپاهي
[/b]
ابڙا پاڙي نصرپور ۾ 07 جنوري 1925 ع تي جنم وٺندڙ شادي خان ابڙو ، علم ۽ ادب جي افق تي حاجي سعد الله سپاهي جي نالي سان مشهوري ماڻي.
پاڻ بنيادي طرح سان پرائمري استاد هئا ۽ اهي به ان دور جا جڏهن سنڌي ورنيڪيولر پاس ڪيل شاگردن کي استاد ۽ روينيو تپيدار جون اهم ۽ بنيادي ذميواريون سونپيون وينديون هيون. مذهبي پاسو سندن نهايت ڀرپور رهيو عقيدي ۾ پختا نوحد ۽ ديوبندي مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل رهيا.
روزانو فجر نماز کان پوءِ قرآن پاڪ جي تلاوت ۽ وري ڪجھه رڪوع ترجمي سان هنڊائڻ سندن آخر تائين معمول رهيو.
مون پاڻ ناظره قرآن پاڪ کانئن ئي پڙهيو. 1962 ع ۾ جڏهن آئون نائين ڪلاس ۾ پڙهندو هوس ته اهو سنڌي ورنيڪيولر جو آخري سال هو. پاڻ مون کي ۽ ڪجھه ٻين ڪلاس فيلوز کي همت ڏياري سنڌي ورنيڪيولر وارو ڪورس پڙهائي امتحان ڏياريائون جنهن ۾ مون سوڌا اڪثر شاگرد پاس ٿيا.
ادب جي دنيا ۾ سندن ڪاوشن ۾ عروس القرآن ، گل بهار ، عرف ، ٻه معصوم مکڙيون ، ٽيپو سلطان ، ريفرينڊم مثالي شاهڪار رهيا.
شاعريءَ ۾ ته پاڻ استاد شاعر هئا. پرائمري اسڪول نصرپور جي صبح واري اسيمبليءَ ۾ سندن هي نظم
تنهنجو حمد ڪريون ٿا خدايا ،
توکان ٿا رب رحم گھرون.
فضائن ۾ معصوم ٻالڪن جي صدا ٿي گونجندو هو.
پاڻ 04 جون 1997 ع ۾ راهي عدم ٿيا. الله پاڪ جي در دعا آهي ته رب پاڪ کين ابد جي ابدي خوشين ۾ ترو تازه رکي. آمين

[b]محمد يوسف ”شاڪر“ ابڙو
[/b]
محمد يوسف ولد واليڏنو خان ابڙو ( ولادت : 1919 ع – وفات 2005 ع ) نصرپور جي ابڙا محلي ۾ ڄائو. محمد يوسف سنڌي زبان جو بهترين نثر نگار ۽ شاعر هو. شاعريءَ ۾ سندس تخلص ”شاڪر“ هو. سندس شاعري ، مضمون ۽ مقالا ماهوار ”اخابر تعليم“ ، ”نئين زندگي“ ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي مشهور اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن. سورة الرحمان جي هن منظوم ترجمي واري ڀلاري ڪم ۾ پڻ حاجي سعد الله مرحوم سان گڏ شامل هو. ماهوار ”نئين زندگي“ رسالي طرفان کيس سندس علمي ۽ ادبي خدمتن جي مڃتا ۾ ايوارڊ پڻ ڏنو ويو هو.
الله تعالى مٿين ٻنهي صاحبن کي جنت الفردوس ۾ جڳھه عطا فرمائي. آمين ثم آمين

پروفيسر برڪت ابڙو ڪريمي
مدني پبليڪيشنز ابڙا پاڙو ، نصرپور سنڌ