مذهب

عُرُوس القُرآن ( ترجمو منظوم سوره الرحمٰن )

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”عروس القرآن : سوره الرحمان جو منظوم ترجمو“ اوهان اڳيان پيش آهي. منظوم ترجمو محترم سعد الله سپاهي ابڙو ۽ محمد يوسف شاڪر ابڙو جو ڪيل آهي.
پهريون دفعو هي ترجمو 1951ع ۾ ڇپيو ۽ ٻيو ڇاپو 2017ع ۾ پروفيسر برڪت علي ڪريمي ابڙو پاران مدني پبليڪيشنز – ابڙا محلا نصرپور سنڌ وٽان ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون خادم گهراڻو صاحب جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
Title Cover of book عُرُوس القُرآن ( ترجمو منظوم  سوره الرحمٰن )

پيش لفظ ( پهريون ڇاپو )

اهو امر تسليم شده آهي ته نظم نثر کان جلد ياد ٿي سگھي ٿو. ڇاڪاڻ ته نظم جي شيريني ۽ رنگيني دو و دماغ تي گھرو اثر ڪري ٿي. خاص ڪري ٻارڙن جو ته نظم سان گھڻو چاھ آهي. اهو خيال دل ۾ ڌري هن سورة سڳوري الرحمان جو ترجمه نظم ۾ ڇاپائي پيش ڪيو اٿئون. اميد ته اسان جو مقصد بر صواب ٿيندو.
ان کان سواءِ نظم جو سر (وزن ) خطبي وارو ( فعولن ) رکيل آهي جنهن ڪري خطبي ۾ به پڙهي سگھجي ٿو. خطبه ۾ ٻين اجاين سجاين غزلن وغيره پڙهڻ کان قرآن شريف جو ترجمو پڙهجي ته ڪيترو نه بهتر آهي. قارئين ڪرام کي عرض آهي ته هن ترجمو پڙهڻ بعد اسان جي حق ۾ دعا جي نظر فرمائين.

فقط والسلام
از سپاهي و شاڪر ابڙو نصرپوري