مختلف موضوع

توکي ڪير وساري سائين

ڪتاب ”توکي ڪير وساري سائين“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب نوجوانيءَ ۾ وڇڙي ويل ڪمپيئر سرفراز علي جتوئيءَ تي دوستن جي تعزيتي پيغامن، مضمونن، تاثرن ۽ سرفراز علي جي لکيل ريڊيو اسڪرپٽ ۽ ريڊيو انٽرويوز تي مشتمل آهي جنهن جي سهيڙ ۽ ترتيب ڪامل امداد جتوئيءَ ڪئي آهي.
Title Cover of book توکي ڪير وساري سائين

پنهنجي پاران اندر جا احساس

پنهنجي پاران
اندر جا احساس

ان ڳالهه جو مون کي تڏهن احساس ٿيو جڏهن سرفراز علي جي امڙ ڪجهه لکيل پنا مون کي روئيندي ڏئي چيو هنن پنن تي سرفراز علي جا اکر لکيل آهن. سرفراز علي جي هٿن جي خوشبو ٿي اچي. ائين چئي مون کي به روئاري ڇڏيائين، بلڪل اهي سرفراز علي جا هٿ اکر هئا. جڏهن ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي پروگرام لا ويندو هو ته مون کي ضرور به ضرور آگاهه ڪندو هو ته بابا سائين پروگرام ڪرڻ لا وڃان پيو، دعا ڪجو ۽ پروگرام ٻڌي اصلاح ڪجو. آئون ۽ سندس امڙ سرفراز علي جو پروگرام شوق مان ٻڌندا هئاسين. سرفراز علي جو آواز ٻڌي آئون ڏاڍو خوش ٿيندو هئس. سرفراز علي جي ماءُ ته پئي ٺرندي هئي ۽ مون کان ڪيئي حصا گهڻو خوش ٿيندي هئي.
ها اُهي سڀ پنا ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي مختلف پروگرامن جا اسڪرپٽ هئا، جيڪي سانڍي رکيا هئائين. ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو سرفراز علي کي سٺي شهريت رسائي. جنهن ۾ ٻولي، ڳالهائڻ جو انداز، لفظن جي ادائگي، صحيح تلفض وغيره. سڀني پروڊيوسر صاحبان سان اخلاق ۽ ادب سان پيش پوڻ ڪري سندس سڀ پروڊيوسر صاحبان پيار ڪندا هئا ۽ مختلف مختلف پروڊيوسر صاحبان جا پروگرام ڪندو هو ۽ ان کان علاوه تقريبن لاڙڪاڻي جي سرڪاري غير سرڪاري اسڪولن جي شاگردن جا پروگرام رڪارڊ ڪري ۽ پاڻ پيسٽنگ ڪري نشر ڪرائيندو هيو. تعليم کاتي جي سڀني آفيسر صاحبان کان معياري تعليم متعلق ڪيئي انٽرويو ڪيائين. ”نئين ٽهي“ پروگرام ۾ ڪافي نوجوان فنڪارن کي متعارف ڪرايائين. پروگرام ”روشن راهون“ ۾ لاڙڪاڻي جي ڪمشنر صاحب، اسسٽنٽ ڪمشنر صاحبان ۽ مختلف اهم شخصيتن کان انٽرويو ڪيائين. مطلب ته ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جو سڀني ڪمپيئرن کان ننڍي عمر وارو دادلو ڪمپيئر هيو. ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪهڙو به نئون اسٽيشن ڊائريڪٽر صاحب ايندو هيو ته سڀن کان اول سرفراز علي سلام ڪرڻ ويندو هو. مطلب ته سرفراز علي سان سڀ پيار ڪندا هئا.
مون کي اهو به ياد هيو ته ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي پروگرام ڪرڻ کانپو پڙهيل اسڪرپٽ، ڊيوٽي آفيسر وٽ جمع ڪرائيندا هئاسين. اهڙي طرح ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي ڊيوٽي آفيسر محمد ايوب شيخ کان پڇيم ته سرفراز علي جا جمع ڪرايل اسڪرپٽ ڏي ته فوٽو ڪاپي ڪرائي توکي واپس ڏيندس. محمد ايوب وراڻيو ته اهي اسڪرپٽ ڇا ڪندين! چيم ته ادا انهن کي ڪتابي صورت ڏياريندس. يادگار رهندا. چيائين ڀائو اهي مٿين منزل تي ڪٻاڙي ۾ اڇليا آهن، جتي وڇون، نانگ، ٻليون ۽ مئل ڪبوتر پيا آهن. مونسان گڏ ڪمپيئر دوست فقير محمّد سنڌي به گڏ هيو، ڪچري سان ڪمرو ڀريل هيو، ڀاءُ فقير محمّد سنڌي جون مهربانيون جنهن منهنجي هيلپ ڪئي ۽ اتان ته سرفراز علي جا لکيل ڪافي اسڪرپٽ لڌاسين جن کي ڇنڊي ڦوڪي صاف ڪري ڪتاب جي مواد طور گڏ ڪري رکيا ۽ اهڙي طرح ڪتاب ڇپرائڻ جو شوق ٿيو ته هڪ استاد، اديب، صحافي، فنڪار، نعت خوان، ريڊيوڪمپيئر، ريڊيو نيوز ڪاسٽر، سوشل ورڪر، سچي انسان، سچي مسلمان جون لکڻيون ۽ سارون ڇو نه سانڍي هڪ ڪتاب جي صورت ۾ آڻي ڇو نه تاريخ ٺاهجي جيڪا صدين تائين لائبريرين ۽ ساڃاهه وندن جي دلين ۾ سانڍيل يادگار رهندي. سڀ کان اول آئون ٿورائتو آهيان سڀني مهربانن جو خاص ڪري ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي سموري سٿ جو ان وقت جي اسٽيشن ڊائريڪٽر محترم سائين ”خليل ڪاڪيپوٽو“ جو سمورن پروڊيوسرز، اڪائونٽس شعبي نيوز شعبي، انجنيئرنگ شعبي سيڪيورٽي وارن ساٿي ڪمپيئرن، انائونسرن جو جن وقت به وقت مون وٽ اچي مون کي آٿت پئي ڏني.
ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي نيوز شعبي جي انچارج ظفر علي سهتو ۽ صحافي برادري جنهن ۾ سائين جاويد جيلاني ۽ موجوده اسٽيشن ڊائريڪٽر مهربان علي مراد ٽانوري جن تعزيتي ريفرنس ڪوٺرايو جيڪو ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي ننڍڙي ڪمپيئر سرفراز علي جتوئي جي وڇڙي وڃڻ جي حوالي سان پهريون پروگرام هيو هن کان اڳ اهڙو پروگرام ڪو به نه ڪرايل هيو. اهڙي پروگرام ترتيب ڏيڻ تي آئون ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي اداري ۾ ورڪ ڪندڙ سموري سٿ جون مهربانيون مڃڻ کانسوا رهي نٿو سگهان. هن اداري سرفراز علي جي وفات واري ڏينهن هر پروگرام ۾ پروفائيل پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ سندس آواز ۾ ڳايل ڪلام به نشر ڪرائي اسان کي ٿورائتو بڻائي ڇڏيو.
آرٽ ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو 21 جولا 2017ع تي ننڍڙي آرٽسٽ سرفراز علي جي سالگرهه ملهائي پاڻ موکيو هن پروگرام ۾ ميل، في ميل شهر واسين ماڻهن حصو ورتو ۽ ڪافي دوستن سرفراز علي جي زندگي تي روشني وڌي، آئون شڪرگذار آهيان پياري ڀاءُ عزيز سانگي جو جنهن ذاتي دلچسپي وٺي هي ڪامياب پروگرام ترتيب ڏئي هڪ تاريخ رقم ڪئي. آئون سيد ستار علي جيلاني، عاشق علي سمون، منور رند ۽ عبدالستار کهاوڙ جو نهايت ئي ٿورائتو آهيان جن پنهنجي پنهنجي حوالي سان محبتون ڏئي پنهنجي سچائي جو ثبوت ڏنو.
هوڏانهن پنهنجي اسڪول مراد واهڻ جي استادن به سرفراز علي جي ياد ۾ پروگرام اسڪول ٽائيم بعد ترتيب ڏنو، جنهن ۾ صدارت ڪراچي کان ڪهي آيل سنڌ ٽيلي ويزن جي مالڪ سائين لياقت علي راڄپر جن ڪرڻ فرمائي.
نهايت ئي افسوس سان اها ڳالهه لکڻي پوي ٿي ته پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن يونٽ کان سنڌ تائين استاد سرفراز علي جتوئي جو استاد برادري جي حوالي ناتي سان واسطو ۽ رابطو رهندو هو. پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن جا عهديدار ا يسوسيئيشن کي ماءُ جي لقب سان نوازيندا آهن، آئون انهن کان اهو سوال پڇڻ چاهيان ٿو ته توهان جو ننڍو ڀاءُ سرفراز علي اسان کان وڇڙي ويو ته توهان ان ڀاءُ لاءِ تعزيتي ريفرنس ڪو ڪوٺايو؟ توهان کي اهي ڏينهن ضرور به ياد هوندا جڏهن اوهان تعليم جي سيڪريٽري خلاف آواز اٿاريو هيو ته سڀ کان اول اول سرفراز علي جهنڊو کڻي هلندو هيو.
گواهي ڏيندا اڄ به جناح باغ جا گل ٻوٽا، وڻ ٽڻ ۽ ديواريون ۽ پريس ڪلب آڏو پڙاڏا جلسن، جلوسن ۾ پنهنجي مڌر آواز وسيلي اتساهيندڙ گيت ڳائي استادن ۾ جذبو پيدا ڪرائيندو هيو. اڄ به ديني مدرسي اسڪول کان جناح باغ تائين روڊ رستا ۽ شهيد راڻي ڏانهن داهڻ لاءِ هلڻ وارا ڏينهن گواهي ڏين ٿا ته سرفراز علي سچو استاد هيو. جنهن هر موڙ تي پ ٽ الف ۽ ٽيچرس ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي سان ناتو نڀايو. پر اهي مطلبي ماستر ووٽ وٺڻ خاطرخوشامند ڪندي ووٽ وٺي پوءِ ڪنهن کي به ناهن ليکيندا.
استاد سرفراز علي جي وڇڙي وڃڻ جي خبر سڀ کان اول ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو نشر ڪئي ۽ ريڪارڊ ٿيل گيت سندس آواز ۾ پئي هلايا ۽ پروگرام روح رهاڻ ۾ ڪمپيئر عنايت ميمڻ مڪمل سرفراز علي جو پروفائيل پيش ڪيو. سوشل ميڊيا ته وسئون نه گهٽايو. سنڌي سمورن چئنلز افسوس واري خبر وقفي وقفي پئي هلائي. پرنٽ ۽ اليڪترانڪ ميڊيا نيوز هلائڻ ۾ ڪابه ڪمي نه ڪئي. پر افسوس جو پنهنجي ڀاءُ سرفراز علي جي وڇوڙي جي پ ٽ الف ڪا به خبر نه هلائي.
سرفراز علي پ ٽ الف سان منڍ کان آخر تائين سلهاڙيل رهيو ۽ چندو ڏيندڙ هيو. سرفراز علي جي فوتي ڪيس جي حوالي سان پ ٽ الف جي عهديدارن ڪا به چڱائي نه ڪئي. آئون سرفراز علي جو پوڙهو پيءُ پاڻ آفيسن جا چڪر ڪاٽيندو رهان ٿو، جڏهن به آفيس ۾ عهديدار اچن ٿا ته ذاتي دوستن جا ڪم ۽ في ميل جا سروس بوڪ بگل ۾ کنيو اچن پيا، مون کي ڏسي اهو به ڪو نه پڇن پيا ته سائين ڪيئن آيا آهيو، لياقت ديدڙ کان اهو اڃان نه وسريو هوندو منهنجي جاني، مالي قرباني، ووٽ ۽ سپورٽ ۽ اليڪشن ۾ گڏ هجڻ وارا ڏينهن.

محبوب محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن جي مريد سچي عاشق ۽ ثنا خوان جي موڪلاڻي
23 ڊسمبر 2016ع جمعي جي ڏينهن منجهند جو جمعي نماز بعد سائوٿ سٽي اسپتال ڪراچيءَ مان 32 ٽيسٽون ٿي گذريون سڀ جو سڀ ڪليئرس آيون ۽ شام جو ڊاڪٽرن فيصلو ڪري دوائون لکي موڪل ڌني، اسان به ڏاڍو خوش هئاسي پر سرفراز علي ڏاڍو خوش هيو، سرفراز علي اسپتال جي عملي اُتي ايندڙ ويندڙ سڀني ماڻهن کي اها دعوت ڏيندو چوي پيو ته هلو ته عمري جي سعادت حاصل ڪريون. هلو ته سڀ عمري تي هلون اسپتال ۾ پنهنجن پيارن کان عيادت واسطي ميل في ميل اچن وڃن پيا، پر سرفراز علي ماڻهن جي پرسنلٽي محسوس ڪري ڪنهن کي انگريزيءَ ۾ ڪنهن کي اردو ۾ ته ڪنهن کي سنڌي ٻولي ۾ اها دعوت ضرور ڏيندو رهي پيو ته هلو ته عمري تي هلون. اسان سرفرازعلي کي منع ڪيون پيا ته عام ماڻهو اسان کي چون پيا ته بيٽي کي منع نه ڪريو، لفٽ تي لهندي ڪجهه في ميل کي دعوت ڏنائين ته آنٽي مونسان عمري تي هلو، انهن چيو ها بيٽي توهان تندرست ٿيو ته پو هلنداسين، اهڙي ريت سڀ مرڪندي ۽ لکندي خوش ٿيندي سرفراز علي جي معصوميت، مرڪندڙ مک واري زبان مان سعادت واري ٻولي ٻڌي مسڪرائيندي ها بيٽي ها عمري تي گڏ انشاءُ الله هلنداسين ته سرفراز علي خوش ٿي درود پاڪ پڙهي پيو.
25 ڊسمبر ويجهو هجڻ ڪري ڪرسچن، اسپتال ۾ ڪرسچن ڊي ملهائڻ لاءِ اسپتال کي گهڻو سينگاريو هيو، سرفراز علي به اسپتال جي عملي سان گهڻو فري ٿي ويو هيو، جڏهن 23 ڊسمبر شام جو اسان لاڙڪاڻي اچون پيا ته سرفراز علي کي ڪرسچن نرسن ڪجهه ڦوڪڻا گفٽ ڪيا جن تي هيپي ڪرسچن ڊي لکيل هيو، سرفراز علي به کلندي کلندي ڦوڪڻا وٺي سندن ٿورو مڃيو ۽ الوداع چئي اسپتال کان ٻاهر نڪتاسين منهنجو نياڻو علي حسن جتوئي ۽ پٽ امتياز علي گاڏي ڪاهي آيا پوءِ پنهنجي گاڏيءَ ۾ ويهي ڏاڍا ڀوڳ ٺڪاءَ ڪندي، رابعيه سٽي ڪراچيءَ ڏانهن هلڻ لڳاسين ڇو جو اُتي سرفراز علي جو چاچو عبدالغني جتوئي ڪجهه ڏينهن کان وٺي فيملي سميت رهيل هيو، سرفراز علي جي سخت اسرار تي سندس چاچي سان وڃي ملياسين، جيڪو اڳ ۾ ئي اسان جي انتظار ۾ ٻاهر بيٺو هو. هڪ ٻئي سان ملي ڏاڍو خوش ٿياسين اهڙي ريت هڪٻئي کان موڪلاڻي ڪئي سين، هاڻي لاڙڪاڻي اچڻ لاءِ تيار ٿياسين سرفراز علي درود پاڪ پڙهڻ شروع ڪيو ڪچهري ڪندا ڪندا اچي ڪوٽڙي پهتاسين، سرفراز علي چيو بابا سائين، آءُ جواب ڏيندي چيو جيءُ بابا سائين، سرفراز علي چيو ته بابا سائين ڇا رکيو آهي تڪرار ۾ چاچا بشير سان ٺهي وڃون ۽ چاچا اشرف کي به نه جهليو ڀلي مونکان پڇڻ اچن آءُ چيو ته بابا سائين ڀلي اچن توکان پڇڻ، اڄ ڏينهن تائين توکان ڪٿي پڇڻ آيا آهن پاڻ اچن، مان ته انهن جا پنهنجي زندگيءَ مان نالا ڊليٽ ڪري ڇڏيا آهن، سرفراز علي پياري انداز مٺڙي آواز سان چيو ته بابا ٻيهر سيوِ به ڪري سگهجن ٿا، مان توهان ڀائرن کي هڪ ٿيڻ چاهيان ٿو، باقي هڪڙو نالو توهان ڀلي سيوِ نه ڪجو اُهو ته نالو مان به پنهنجي زندگيءَ مان ڊليٽ ڪري ڇڏيو آهي.
بابا سائين ڄامشورو ٽپي هلون ٿا. جنهن هوٽل تي ماني کائيندا آهيون اُتي ئي ماني کائون ٿا. اهو هوٽل ساڳيو هيو جڏهن به ڪراچيءَ کان موٽ ٿيندي هئي ته ماني انهيءَ هوٽل تي کائيندا هئاسين، سٺي سروس سان سٺو ماحول ۽ لذيز کاڌو تيار ٿي ملندو هيو، سرفراز هڪدم جواب ڏنو ته بابا منهنجو ڍَوءُ آهي توهان ڀلي ماني کائو، سرفراز علي جي اها ڳالهه مون سمجهي ورتي ۽ چيم ته بابا توهان جو حڪم هڪدم چيائين ته آءُ توهان سڀني ڀائرن کي هڪ ٿيڻ ۽ ڏسڻ چاهيان ٿو اها منهنجي خوشي آهي، سرفراز جي اوچتي اهڙي فيصلي منهنجا ته ٺڪاءَ ڪڍي ڇڏيا هئا پر آءُ به سچائيءَ سان پٽ سرفراز علي جي خوشيءَ ۾ خوش ٿيڻ پئي چاهيم ۽ هڪدم ها ڪيم ها پٽ جيئن توهان چئو صحيح آهي پوءِ امتياز علي ۽ علي حسن به ڏاڍو خوش ٿيا ته سرفراز علي هي ڪلام جهونگاريو (نه جهيڙو نه فتنو نه تڪرار ڄاڻون اسان پيار وارا ڪرڻ پيار ڄاڻون،) سرفراز علي اهو مونکان پڪو واعدو ورتو هو پر خوش ٿي اسان سڀني گڏجي ماني کاڌي ۽ چانهه پي لاڙڪاڻي ڏانهن روانا ٿياسين ڪِنهن وقت ننڊ ته ڪنهن وقت جاڳ ۾ ڪچهري ڪندا 24 ڊسمبر 2016 ڇنڇر جي رات جو ساڍي 3 وڳي لاڙڪاڻي پهتاسين، علي حسن کي پير شير روڊ پنهنجي گهر ڇڏي اسان مراد واهڻ ڏانهن گاڏي جو رخ ڪيو ۽ گهر فون ڪئي ته لاڙڪاڻي پهتا آهيون گهر اچون ٿا.
سرفراز علي جي امڙ سرفراز علي جي ڏسڻ ۽ ملڻ لاءِ ڪيڏو نه اداس هوندي اها ته اُهائي امڙ محسوس ڪندي جيڪا امڙ اولاد سان بيپناهه پيار ڪندي هوندي. گاڏي جو آواز ٻڌڻ سان ئي هڪدم دروازو کوليائين سرفراز علي کي خوش ڏسي پاڻ به خوش ٿي رهي هئي. سرفراز علي جي گهر ۾ ٻي ڪابه تصوير لڳل نه آهي پاڻ، پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وسلم جن جي روضي مبارڪ جون تصويرون لڳرايون هيون پوءِ روضي مبارڪ جي زيارت ڪري درود پاڪ پڙهندو ماءُ سان ڪچهري ڪندو رهيو، باقي اسان ٿڪل هئاسين سمهي پياسين سمهڻ کان اول اءُ وضو ڪري ٻه رڪعتون نفل پڙهيم ياد نه آهي شايد تحجد به پڙهيو هجي. اهڙي طرح صبح جي نماز بعد ڏينهن ٿيو سڀ مٽ مائٽ، دوست عزيز سرفراز علي ڏانهن ملڻ واسطي اچن پيا پر اُهي ٻئي چاچا جن لاءِ مونکي بيحد ستائي مڃرايائين اُهي وري به ڪو نه آيا. خير سرفراز علي جي ساڳئي پياري ٻولي سڀني کي چوڻ لڳو ته مونسان سڀ عمري تي هلو اهڙي طرح اسان سرفراز علي سان ها پيا ڪيون ته ها بابا عمري تي هلنداسين، سياري جو ڏينهن ننڍو، نيٺ رات ٿيڻ لڳي هر ڪو پنهنجي ڪمري ڏانهن وڃڻ جي پيو ڪري، بابا سرفراز علي ماني کائون، ها بابا پوءِ ماني سرفراز علي پاڻ کاڌي ماني کان بعد معمول موجب آءُ سرفراز علي تي وظيفو پڙهندو هيس ياسين سورة، توبهه سورت، فاتح سورة ۽ درود شريف پوءِ دعا گهري، سرفراز علي کي چوندو هيس ته بابا سائين هاڻي توهان به درود پاڪ پڙهي مديني واري سائينءَ جو روزو مبارڪ اکين ۾ اوتي آرام ڪيو انشاءُ الله سائين جي زيارت ٿي ويندي پوءِ ڪافي دير تائين سڪون آرام اچي ويندو هيس ۽ جاڳ ۾ وري درود پاڪ پڙهندو رهندو هيو، محبوب محمّد پاڪ صلعم جن جي عشق ۾ ٽمٽار هيو، سائين جن جي زيارت به نصيب ٿي هيس اهڙو اظهار پڦائٽ حاجي شفيق الرحمان سان به ڪيو هئائين.
“اسان سان ڪچهري ڪيو دوستو! هليا وينداسين اوچتو اوچتو”
استاد بخاري جي انهي غزل جيان اسان سڀني کي چئي پيو ته يار اچو ته ڪچهري ڪيون. وڏي ڀاءُ امتياز علي کي چيائين ته ادا سائين هاڻي T.V هلايو اچانڪ ان چئنل تي نعتِ رسول مقبول صلعم هلي پيو.
“تاجدار-حرم هونگاه- ڪرم”
سرفراز علي اها نعت ٻڌي پاڻ به جهونگاري پيو ۽ سمهڙ جهمر هٿن سان هڻي پيو اها ئي ته محبت آهي اهو ئي ته عشق آهي اهو ئي عقيدت جو اظهار آهي اهو ئي سچي عشق ۾ عاشق جو معراج آهي. اها رات به 25 ربيع الاول جي رات آهي.
ساڳئي رات مامي محمّد مٺل سان فون تي ڪچهري ڪيائين جنهن کي چيائين ماما مان خوش آهيان ڪراچيءَ کان موٽي آيو آهيان ملڻ ڇو نه آيو آهين. مامي چيس ته آءُ گمبٽ شريف سائين منظور احمد مسڪين مشوري صاحب جن جي جلسي ۾ شريڪ آهيان ته سرفراز علي دعا لاءِ عرض ڪيو ته ماما سائين، سائين مسڪين کان دعا گهرائجان وري پاڻ درود شريف پڙهڻ شروع ڪيائين.
اهڙي ريت چاچي عبدالغني جتوئي ڏانهن فون ڪيائين چاچا سائين ڪاٿي آيو. چاچا سائين جواب ۾ چيو “ببلا” مان سيوهڻ شريف پهچڻ وارو آهيان، ها بابا چڱو لال سائين تان منهنجي لاءِ ڳانا ضرور وٺي اچجانءِ ها ضرور وٺي ايندس.
بابا سائين هاڻي آرام ڪيون.! بابا سائين ويهو يار ڪچهري ڪيون ٿا، “بابا سائين ٿڪل آهيون، ايئن ئي پنهنجي امڙ کي سَڏُ ڪيائين، اَمي جان تون ته منهنجي جنت آهين، امي پير مٿي ڪر ته تنهنجن پيرن تي چميون ڏيان. ماءُ چيس ته ابا پير ميرا آهن، نه اَمي جان نه پير مٿي کَٽَ تي رَکُ ته چمان اهڙي طريقي ماءُ جي پيرن تي هٿ رکي چمي ڏيئي چوڻ لڳو ته اَمي جان هاڻي آءُ اڪيلو مديني واري سائين ڏي ويندس ۽ موٽي نه ايندس آءُ چيو مانس ته بابا سائين توهان نوجوان آهيو آءُ ڪراڙو آهيان پنهنجي اولاد کي تعليم تربيت ۽ رشتا ڪرائجانءِ، سرفراز علي چيو ته باباسائين رشتا طوبيٰ ۽ ڪشق جا توهان ڪرائجو، ادا سائين تعليم ڏياريندن، اَمي جان هاڻي توهان کي عمري تي نه وٺي هلندس تون بابا سائينءَ جي خدمت ڪجانءِ آءُ اڪيلو مديني واري سائينءَ ڏي وڃان ٿو موٽي نه ايندس.
ماءُ کلندي کلندي موڪل ڏيندي چويس پئي ته ابا سرفراز علي چڱو توکي منهنجي طرفان موڪل آهي اڳي خط به مشڪل سان ملندا هئا هاڻي فون جي سهولت آهي آواز ٻڌڻ سان ڏسي به سگهون ٿا. تنهنجا ماسات ڪيئن سعودي ۾ آهن انهن سان ڳالهائيندو آهين مان به انهن سان ڳالهائيندي ڏسندي به آهيان، چڱو تون ڀلي وڃ منهنجي موڪل اٿئي، فون تي توسان پئي ڳالهائينديس ۽ وري پئي ڏسنديس، آءُ سرفراز علي سندس امڙ جون ڳالهيون ٻڌي خوش پيو ٿيان ۽ اهو سوچڻ لڳس ته مان وڃي آرام ٿو ڪريان. گهٽيءَ ۾ گاڏي اچڻ جو آواز سرفراز علي ٻڌو ۽ چيائين ته بابا، چاچا عبدالغني آيو آهي وٺي اچوس يا مونکي چاچا سائين ڏي وٺي هلو. آءُ سرفراز علي کي مخاطب ٿيندي چيو بابا سائين صبح جو انشاءُ الله ڏاڏي کي وٺي ايندس، نه بابا نه هاڻي وٺي اوچوس سڪ لڳي آهي، بابا سائين ڪراچيءَ کان سفر ڪيو اٿائين سا به ڊرائيونگ خود ڪئي اٿائين، انشاءُ الله سڀاڻي سندس گهر هلنداسين، ها بابا سائين واعدو، ها بابا سائين واعدو پڪو آهي، اَمي جان بابا سائين جن جو واعدو تون به ياد ڪجانءِ ها ابا ها سرفراز علي وري درود شريف پڙهندو رهيو، پوءِ وڏي ڀيڻ سان فون تي هڪ ڪلاڪ ڪچهري ڪيائين دل جا حال اوريائون، بابا سائين! سرفراز علي مونسان مخاطب ٿيندي چيو بابا سائين طوبيٰ ۽ ڪشف پياريون آهن ها بابا ها، ڪشف کي گڏي ٿا سڏيون، ها بابا سائين ها، بابا سائين توهان جي ڏاڙهي مبارڪ ننڍڙي آهي ڏاڙهي وڏي رکو ۽ نعتيون به پڙهو ، ها بابا سائين نعتِ رسول مقبول صلعم پڙهندو آهيان پر بنا سُرَ جي باقي ڏاڙهي وڏي ڪندس انشاءُ الله سرفراز علي خوش ٿي کلي درود پڙهيو ۽ يا رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم چوندو چوندو اسان گهر ڀاتين آبي ۽ امي کان موڪلاڻي ڪندو رهيو ۽ اسان بيوس رڳو روئڻ ۾ ئي پورا رهياسين، اهڙي طرح الله جي نيڪ ٻانهي، محبوب محمّد مصطفيٰ صلعم جي مريد نعت خوان ۽ سچي عاشق سرفراز علي جي موڪلاڻي ٿيندي رهي.
(هي اکيون شل حبيبن جي آڏو هجن، دم ختم ٿي وڃي پوءِ ديدار ۾)
فقير سرفراز علي زندگيءَ ۾ اڪثر ڪري اها نعت ڳائيندو رهندو هو

يادن جا ورق
سرفراز علي هر وقت هر ڪنهن سان جي وعدو ڪندو هو ته هو ”وڪٽري“ هٿ جون ٻه آڱريون اڀيون ڪري ڏيکاريندو هو.
ڪنهن دوست کي اوکي ويل اڌارا پئسا ڏيندو هيو ته ان کان واپس نه وٺندو هو.
پاڻ جيڏن سان ملندو هيو ته ”ادو“ چئي مخاطب ٿيندو هيو.
هڪڙي دفعي چاچا عبدالحميد زور ڏيڻ نه آيس چوڻ لڳو ته چاچا عبدالحميد توکي سردار سڏيندو هيس هاڻي توکي سردار نه غدار سڏيندس.
سرفراز علي مون کي چيو بابا سائين چاچا عبدالحميد غدار ناهي هن کي هاڻي سردار وفادار سڏيندس، آخري ڏينهن ۾ (سردار وفادار) سڏيائينس.
جڏهن ڪنهن مٽ مائٽ ڏي نياپو ڪري ملڻ لاءِ گهرائيندو هو ته پو اهو شخص نه ايندو هو ته پوءِ هي گيت گنگنائيندوهو.
”ماڻهو مطلب جا هن يار، ڪير ٿو ڪنهن جي لا مري“،
حافظ عبدالرسول کي چيو هائين ته ادا هر روز سورت ياسين پڙهي مون تي شوڪاريندو ڪر.
سرفراز علي عمري لاءِ پاسپورٽ ٺهرائڻ لاءِ آفيس ويو ته ڪجهه آبشن لڳايائونس، اتي سرفراز علي کان چاٻي ڪري پئي، چاٻي کڻڻ لاءِ نوڙيو ته بسم الله الرحمان الرحيم زبان مان نڪري ويس ته اتي ويٺل آفيسر اهو سڀ ڏٺو ۽ ٻڌو پوءِ سرفراز علي جي پاسپورٽ جا ڪاغذ اوڪي ڪيائين.
سرفراز علي زندگي جي آخري رات پنهنجي ڌيءُ “ڪشف سرفي” جي نالي مونکي چيائين ته هن جو نالو ”گُڏي“ مان رکان ٿو. ”آدرش“ کي گڏو ۽ ڪشف کي گُڏي سڏينداسين.
سرفراز علي زندگي جي آخري رات ۾ مون کي اهو به چيو هيو ته بابا سائين هاڻي سنت يعني ڏاڙهي وڏي ڇڏيو.
اوٺا چوڪ تي سرفراز علي ۽ اسان جڏهن به چانهه پيئڻ يا تفريح لا نڪرندا هئاسين ته سرفراز علي سڀن ماڻهن کي کلي سلام ڪندو هلندو هو. منهنجي منع ڪرڻ تي چوندو هو، بابا سائين..! نه جهيڙو نه فتنو نه تڪرار ڄاڻون اسين پيار وارا ڪرڻ پيار ڄاڻون.
اوٺا چوڪ لاڙڪاڻي شهر ڀرسان چانهه پيئڻ وڃي رهيا هئاسين ته سرفراز علي چيو ته بابا سائين ادي ڏانهن ملندا هلون ٿا پر ان لاءِ پڪوڙا وٺي هلون. ڇو جو ادي غريب آهي، پڪوڙن سان گڏ آئون سموسا به ورتا، امتياز علي هڪ کنيو، هڪ آءٌ کنيو هڪ سرفراز کنيو. اسان سڀني کاڌا پر سرفراز علي اڌ کائي اڌ رکي ڇڏيو هو. جڏهن اتي پڳاسين ته سرفراز علي ڀيڻ سان ملي پڪوڙن سان گڏ اڌ بچايل پنهنجو سموسو به ڀيڻ کي ڏنو.
سرفراز علي ۽ آءٌ موٽرسائيڪل تي اوٺا چوڪ وياسين، هوٽل ۾ جتي ڪرسيون خالي هيون اسان کي اتي ويهڻو هيو، اها مجبوري هئي. سرفراز علي جو ماسات ”مالڪ“ اڳ ۾ ئي اتي ويٺو هو. اسان کي ڏسي نٽائڻ لڳو اسان سان مليو نه وري سرفراز علي کان طبيعت معلوم ڪرڻ لاءِ ڪا تڪليف نه ڪيائين. اهڙيءِ طريقي اسان کان اڳ ۾ اٿي ويو. اسان کي ڏاڍو ڏک رسيو.
سرفراز علي لاءِ نئين مهراڻ ڪار ڪڍرائي، سرفراز علي جو وڏو ڀاءُ امتياز علي ڊرائيونگ ڪري رهيو هو. سرفراز علي جو چاچو عبدالحميد جنهن کي سرفراز علي پيار ۽ عزت منجهان ”سردار“ سڏيندو هو، حافظ راشد به گڏ هيو جڏهن بشير جي دڪان کان لانگهائو ٿياسين ته اوچتو بشير اسان کي گاڏي ۾ ڏٺو سرفراز آڏو ويٺو هو ۽ چاچي بشير کي کلي اک جو اشارو ڪيائين، چاچي بشير طرفان ڪا به موٽ نه مليس ته اسان سان سموري ڳالهه شيئر ڪيائين.
واپسي ۾ اچون پيا ته اسان جي گهرواري گهٽي ۾ سرفراز علي جو ماسات ”مالڪ“ سواري کڻڻ جي انتظار ۾ پنهنجي رڪشا جي ڀر ۾ ويٺو هيو. سرفراز علي کلي سلام ڪيس، جيڪو آئون پسند نه ڪيو، منهنجي منع ڪرڻ تي هڪدم چيائين ”نه جهيڙو نه فتنو نه تڪرار ڄاڻون اسين پيار وارا ڪرڻ پيار ڄاڻون“ ۽ چيائين بابا منهنجو ته ماسات آهي.
2002ع ۾ درگاهه حافظ امام بخش رحه جي زيارت واسطي سرفراز علي آئون محمد ڪامل موٽرسائيڪل تي ويا هئاسين. واپسي ۾ موٽرسائيڪل سرفراز علي کي هلائڻ لا چيم، سرفراز علي اسٽارٽ ڪري گيئر ۾ ڪري ايڪسليٽر کي زور ڏنو ته موٽرسائيڪل سرفراز جي هيٺان نڪري وئي ۽ پري وڃي ڪري، سرفراز علي کي ڪجهه به نه ٿيو ۽ منهنجي خوف کان وٺي ڀڳو، آئون سڏ ڪري دلجا ڏني مانس ته بابا سائين خير آهي ائين ٿيندو آهي. پو دلجا ٿيس ۽ موٽي آيو. ۽ ٻئي ڏاڍو کلياسين.
هر روز صبح جو وهنجي سهنجي پنهنجي چاچي عبدالغني جي انتظار ۾ دروازو کولرائي ويهندو هو. عبدالغني به تيار ٿي آفيس لاءِ ويندو هو ته اسان جي گهر جي در کان گاڏي بيهاريندو هو ۽ پو سرفراز علي ايڏو گهڻو خوش ٿي کلي سلام ڪري پنهنجي هٿ کي چميون ڏئي پوءِ هٿ لوڏي الوداع چوندو هيو، نيرن/ ناشتو پوءِ ڪندو هيو.
هڪڙي دفعي عبدالغني پنهنجي گهرواري سان گڏ گاڏي ۾ وڃي رهيا هئا ته سرفراز علي اڳ ۾ ئي سندن انتظار ۾ ويٺو هيو. جيئن جو در کان گاڏي بيهاريائون ته هٿ کي چمي ڏيئي کين آڌر ڀاءُ ڪري چاچي کي مخاطب ٿيندي چيائين ته چاچي گيڙو ڪپڙآ پاتا اٿو اڄ ته سچا صوفي ٿا محسوس ٿيو.
سرفراز علي جي ماءُ ٻڌايو ته نيون گرميون شروع ٿيون هيون، سرفراز علي ڪمري ۾ ٽي وي ڏسي رهيو هو گهڻي دير ٿي وئي هئي، اسان ٻاهر ستل هئاسين. اوچتو بجلي بند ٿي وئي. ته سرفراز علي ٻاهر نڪري آيو، سرفرار جو پيءُ هڪ کٽ تي ۽ مان ٻي کٽ تي.. الڳ ستل هئاسين ائين ڪندي مون کي سجاڳي ٿي ڏسان ته سرفراز علي جي هٿ ۾ ٻه ونجڻا آهن. هڪ ونجڻو هڪ هٿ سان مون ڏانهن جهلڪي پيو ۽ ٻيو ونجڻو ٻئي هٿ ۾ پيءُ ڏانهن جهلڪي پيو.
مغرب جي نماز کان پوءِ هر روز سڀ گهرڀاتي ذڪر الاهي ڪندا آهيون. ان ذڪر ۾ سرفراز علي به شامل هوندو هو. دعا گهرڻ وقت اهي لفظ ضرور هر روز چوندو هيو ته الله سائين مون کي ننڍين وڏين غلطين جي معافي ڏي. مان چوندو هيومانس ته بابا سائين مالڪ حقيقي کان معافي وٺڻ ڀلي ڳالهه آهي. الله معاف ڪرڻ وارو آهي. پر توهان ڪي خاص غلطيون ته ناهن ڪيون توهان جو ٻالڪپڻ هاڻي گذريو آهي ۽ هاڻي جواني آئي آهي.
نيشنل بئنڪ کان جيئن ئي منهنجي پگهار جو مئسيج پهچندو هيو ته صبح جو سوير اسڪول ٽائيم کان اڳ ۾ اسيمبلي ۾ منهنجي پگهار سرفراز علي A.T.M ڪارڊ وسيلي وٺي ايندو هو.
سرفراز علي کي هڪ ڏينهن ڪنهن مسئلي تان سندس چاچي عبدالغني جي گهر وڃڻ کان منع ڪئي. هڪدم چيائين ته بابا سائين بادشاهه آهيو، عورتن جي مسئلي ۾ اسان جو ڇا وڃي منهنجي لاءِ سڀ هڪجهڙا آهن. اسين پيار ڪرڻ وارا ماڻهو، پو مان به کلي ڏنو.
هڪ ڏينهن ڏاڏي عبدالغني جي گاڏي جو آواز ٻڌائين مون کان پڇا ڪيائين، بابا سائين، چاچا سائين آيو اٿئس، ها بابا، بابا سائين سڏ ڪيوس ملانس سڪ لڳي آهي. اڙي بابا پاڻ اچي اسان ڇو چئونس، ته سرفراز علي هڪدم چوڻ لڳو ته بابا سائين ناراض نه ٿيو مان چاچا سائين ڏي وڃي رهان ٿو.
سرفراز علي جي ڄمڻ کانپو چاچا غلام نبي سرفراز علي کي ڏسي چاچي ڌڻي بخش کي چيائين ته رئيس هي ننڍڙو ادي محمّد مغيم جي مهانڊي اٿئي، مڙس ماڻهو ٿيندو.
سرفراز علي پنهنجي ڏاڏيءَ کي پيار مان ڪَجلي چوندو هيو.
سرفراز علي جي علاج لاءِ سائوٿ سٽي اسپتال ۾ ٽيسٽن لاءِ رهائش ڪئيسين، اسان وٽ هڪ لک رپيا هئا، هفتو پورو اسپتال ۾ هئاسين، ٽيسٽن جو بل 2 لک مليو. هڪ لک ته اڳ ۾ ئي پورو ٿي چڪو هيو، اسان وٽ A.T.M ڪارڊ هئا جن مان 2 لک ته نه ڪري سگهن پيا، سرفراز علي اها خبر ٻڌي کلي چيائين يار ڇو پريشان ٿيا آهيو، منهنجو A.T.M گولڊن آهي، ان مان پئسا ڪڍرايو. بلڪل سچ سرفراز علي جي A.T.M مان 2 لک ڪڍرائي اسپتال انتظاميا کي ڏناسين، سرفراز علي خوش ٿي چيو يار منهنجا پئسا مون تي خرچ ٿيا ڏاڍو خوش ٿي کليو.

الا ڏاهي م ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن
لطيف سائين جي هن ننڍڙي بيت جي آئون ڪهڙي تشريح ڪري سگهان ٿو هن هر مقطع فڪر وارن جي ترجماني ڪئي آهي، آئون لطيف سرڪار کي ٿورو ئي سهي پر پڙهڻ سان گڏ ڀٽائي کي گهڻو پروڙيو ۽ پرکيو به آهي. مون کي ايترو پنهنجو ننڍپڻ ياد ته نه آهي، پر پنهنجي اولاد مان جن ۾ ٻه نياڻيون ٻه پٽ سڀني کان ننڍڙو سرفراز علي، جنهن جو ننڍپڻ گهڻو ياد آهي، اهو انهي ڪري به ته گهڻي ڀاڱي مونسان گڏ هوندو هيو. هونءَ به ننڍڙو ٻار سڀ کي پيارو ۽ وڻندو آهي ۽ والدين سان گهڻو گهيتلو، مچلو هوندو آهي. انهيءَ حوالي سان جڏهن سرفراز علي جو جنم ٿيو ته اسان سڀئي گهڻو خوش ٿيا هئاسين. خاص ڪري سرفراز علي جي ماءُ، سندس ڀاءُ امتياز علي، ٻئي ڀينرون ۽ سندس چاچو عبدالغني.
سرفراز علي جو جنم پنهنجي گهر جي ٿوري مفاصلي تي محلي مراد واهڻ لاڙڪاڻي ۾ هڪ ڊاڪٽرياڻيءَ جي گهر ۾ ٿيو، ٽائيم اٽڪل 4 وڳا هئا، ڏينهن خميس جو 21 جولاءِ 1989ع هيو. ڊاڪٽرياڻي گهر وڃڻ جي جڏهن موڪل ڏني ته آئون سواري ڪرائڻ لاءِ ڳالهه ڪيم ته هڪدم سرفراز علي جي ماءُ چيو ته اسان پنڌ ٿا هلون. سرفراز علي جي ڄمڻ جي خوشي وارا لمحا ايترا ته پيارا هئا جن جو ڪهڙو ذڪر ڪجي. سرفراز علي جي ماءُ ۽ ڏاڏي سهرا چونديون گهر پهتيون جنهن کي ويم جي تڪليف جو احساس ئي نه رهيو. وري جيئن جو سڀئي گهر پهتاسين ته سرفراز علي جون ڀينر خوشي ۾ جهمريون ۽ ڳيچ ڳائن پيون. ننڍڙي ڀاءُ جي ڄمڻ سان ڀينر ڪيترو خوش ٿينديون آهن، انهن ڀينرن جا خوشيءَ وارا جذبات احساس ۽ لمحات سڀڪو سمجهي سگهي ٿو. جن کي ٿورڙن لکت وارن لفظن ۾ نٿو اظهاري سگهجي.
سرفراز علي ننڍڙي هوندي کان ئي ذهين، سٻاجهڙو، حرڪتي ۽ سلڇڻو هوندو هيو. جڏهن بانبڙن پائڻ جيترو ٿيو ته گهر جي دروازي تي وڃي ويهندو هيو ۽ اتان ماڻهن جي اچڻ ۽ وڃڻ جي منظر جو مزو وٺندو هيو، هر روز صبح جو ائين ئي ڪندو هيو.
اسان جي گهٽي ۾ هڪ باگڙي فقير خيرات وٺڻ لا نفيل کي ڦوڪي مختلف آواز ڪڍندو هيو، اهو آواز ٻڌي سرفراز به ٻاهر بانڀڙا پائي در تي وڃي باگڙي فقير جي نفيل ڏانهن اشارن ۾ چوندو هوس ته اها نفيل مون کي ڏي، پوءِ اهو باگڙي فقير ٻه ڦوڪڻا رنگارنگي ڦوڪي سرفراز علي کي ڏيندو هيو. اسان فقير جو اهو رويو ڏسي پيار وارو، فقير جي عزت ڪندا هئاسين. ماني کارائڻ سان گڏ خيرات ۾ ڏوڪڙ، چپل، بوٽ يا ڪپڙا ڏئي ڇڏيندا هئاسين. اهڙي ريت فقير به خوش ٿي دعا ڪندو وڃي وري ٻيو در کڙڪائيندو هيو. اهڙيءَ طرح سرفراز علي گهمڻ واري مرحلي ۾ داخل ٿيو ڪجهه وڏڙو ٿيو، وڌيڪ وڏڙو ٿيو تڏهن به فقير سان اهو پيار ۽ ساڳيو سلسلو قائم رهيو، ايتري قدر جو فقير ڪراڙو ٿيو ۽ سرفراز علي جواني ۾ داخل ٿيو، سرفراز علي شادي ڪئي ۽ ٻن نياڻني جي اولاد ٿي، انهن ٻنهي کي به فقير کان ڦوڪڻا پاڻ وٺي ڏنائين. اڄ سرفراز علي بظاهر اسان کان وڇڙي ويو آهي، وسريو ته نه آهي نه وري وسري سگهي ٿو. پر اهو باگڙي فقير اڃا به آهي، آئون سرفراز علي جي وڇڙي وڃڻ جي ڳالهه ڪئي ته گهر ڀاتين وانگيان ڏک وڪوڙي ويس ڪجهه منٽن تائين مٿي تي هٿ ڏيئي ويهي رهيو ۽ سرفراز علي جون ڳالهيون ڪرڻ لڳو.
04 آڪٽوبر 1994ع بيگناهه بلوچستان جي ليويز پوليس گهر مان هٿيارن ۽ حڪومتي ڏاڍ تي کڻي ويئي جتي 5 مهينا ۽ 11 ڏينهن قيد ۾ رکيائون، وڏيون ازيتون ڏيندا هئا. الله جه جي مهربانيءَ سان ڀاءُ عبدالغني جي ڪوشش سان آزادي ماڻي، جڏهن گهر اچان پيو ته گهر واري گهٽي ۾ پنهنجي پٽ سرفراز علي کي سڀ کان اول اول ڏٺم جيڪو ننڍپڻ واري کيڏڻ ۾ مشغول هيو، آئون سڃاڻي هڪدم کڻي ڀاڪر پاتم ۽ سيني سان سانڍي گهر کڻي آيس، اهو سرفرازعلي کي منهنجو پيءُ جي سڪ وارو پاتل ڀاڪر اڃا به ياد آهي انهي ڏينهن سرفراز علي پنج سال ۽ ڪجهه مهينن جو ٿيو هو.
سرفراز علي کي آئون پنهنجي ڊيوٽي ڪندڙ اسڪول ديني مدرسي ۾ داخل ڪرايو ۽ محنتي، هوشيار استادن جي زيرِ تعليم رهيو. هڪ گهر مان پيءُ پٽ تيار ٿي نيرن ڪري ٽائيم تي اسڪول ۾ پهچڻ لاءِ سائيڪل تي چڙهندا هئاسين. تازو ٽي ڏينهن آئون محترم سائين شوڪت علي خاصخيلي صاحب جن جو عقيدتمند ٿي پيس، جيڪي پاڻ ريڊيو پاڪستان خيرپور تي سينيئر پروڊيوسر هئا. پاڻ مون کي دَڳ لائيندي فرمايائون ته توهان وڃون ۽ وڃي صاحب شريعت، بزرگ، ڀلاري حضرت سائين علامه استاد محمد قاسم جتوئي صاحب کان سبق ڏٺو ۽ پراءِ اهڙي ريت استاد سائين جن به مهرباني فرمائي ۽ ڪجهه سبق ڏيڻ فرمايو. جيڪو آئون ڊيوٽيءَ تي ايندي پڙهندو هيس، جيڪو سرفراز علي به مون کان ٻڌي سکي ورتو هيو ۽ هر روز سائيڪل تي سوار ٿي ٻئي پڙهندا هئاسين ۽ هر خطري کان الله جه جي امان ۾ هوندا هئاسين ۽ هاڻي به آهيان. انشاءَالله رهنداسين.
هر روز سڀ گهرڀاتي شام جو ٽي وي ڏسندا هئاسين. رات جو پي.ٽي.وي تي ڪو سنڌي پروگرام هلي رهيو هيو، ڪو فنڪار ڪلام ٻڌائي رهيو هو ته انهي دفعي سرفراز علي کي ماءُ چانور ۽ ڪجهه کائڻ لاءِ ڀاڄي وغيره يا انب ڏنا. سرفراز علي کاڌو کائي اهو ٿالهه اونڌو ڪري طبلي طور استعمال ڪرڻ لڳو. سرفراز علي جي اها حرڪت مون کي بيحڊ پسند پئي اچي. آئون سرفراز علي کان معلوم ڪيو ته بابا طبلي سکڻ جو شوق آهي ڇا؟ سرفراز علي هڪدم ها ڪئي وري آئون به دير ئي نه ڪئي، لاڙڪاڻي جي مشهور راڳي سيد ستار علي جيلاني وٽ ڪلب تي پهتس. سيد ستار علي جيلاني سان منهنجو دوستي وارو تعلق اڳ ۾ ئي جڙيل هيو ڇو جو هو فنڪار ۽ آئون شاعر ۽ استاد. ستار علي جيلاني جا ٻه پٽ تن ڏينهن مون وٽان اسڪول ۾ پڙهي نڪتا هئا. سيد ستار علي جيلاني جي تن ڏينهن سنڌ سينگار سنگيت ڪلب ايمپائر روڊ لاڙڪاڻي ۾ موجود هئي، جتي ڪافي ٻيا به موسيقي جي سکيا وٺڻ ايندا هئا. سرفرا زعلي کي ماسٽر هري لال کان طبلي جي سکيا لاءِ هر روز ٽائيم ورتوسين ۽ رات جو 8 وڳي ڪلب تي سرفراز علي ۽ آئون پهچندا هئاسين. سرفراز علي ۽ آئون پيءُ پٽ جي عظيم رشتي سان گڏ دوستيءَ جو به رشتو ڳنڍي ورتوسين ۽ هڪٻئي سان اخلاق ۽ پيار منجهان پيش ٿيندا هئاسين. سرفراز علي مونکي بابا سائين ۽ آئون سرفراز علي کي بابا سائين چئي مخاطب ٿيندا هئاسين.
سرفراز علي ستين درجي ۾ پڙهندو هيو ته هن کي وري ٽائيپنگ سکڻ جو شوق ٿيو، جيڪو ڀرڳڙي پلازه ۾ ٽائيپنگ سينٽر مان ٽائيپنگ ۽ ڪمپيوٽر جو ڪورس پورو ڪيائين.
سرفراز علي ڀاءُ سان گڏ ناليج سينٽر لاڙڪاڻي ۾ وڃڻ ۽ پڙهڻ شروع ڪيو، جتي ڀاءُ امتياز علي پڙهائيندو هيو، يعني ته استاد هيو، اهي سڀ مهربانيون مختيار علي سمون صاحب جن جون آهن. اهڙي ريت سرفراز علي زندگي جي سفر ۾ قدم قدم وڌندو رهيو.
سرفراز علي مئٽرڪ پائليٽ هائر سيڪنڊري اسڪول مان بي گريڊ ۾ سٺيون مارڪون کڻي پاس ٿيو. مئٽرڪ کان پوءِ سرفراز علي سيد ستار علي جيلاني وٽ طبلي سان گڏوگڏ هارمونيم سکڻ لڳو.
سرفراز علي سهڻو جيئن جيئن وڏو ٿيندو رهيو، تيئن تيئن اسان جي خوشي ۾ اضافو ٿيندو رهيو. هڪ سٺو دوست ئي دوست جي خوشي محسوس ڪري اوترو ئي پاڻ به خوش ٿئي ٿو. يا وري انهيءَ پيءُ لاءِ پٽ جي خوشي ڪيتري اهميت واري هوندي آهي. اهو ته هر هڪ پيءُ محسوس ڪري يا سمجهي سگهي ٿو. سرفراز علي سڀني شوقن سان گڏوگڏ قرآن مجيد پڙهڻ ۽ ٻڌڻ جو به گهڻو شوق رکندو هيو. درگاهه حضرت حافظ امام بخش رحه جن وٽ جلسن ۾ نعت رسول مقبول صلعم ترنم سان پڙهي داد حاصل ڪندو هيو ۽ پاڻ پاڙي جي مسجدن ۾ به ڳائيندو هيو.
سرفراز علي جو بلڪل ٽائيم ٽيبل هوندو هيو، سويل اٿڻ سان ديني تعليم پوءِ اسڪول مونسان گڏ تيار ٿي هلڻ، منجهند جو آرام ڪرڻ“ شام جو ڀاءُ وڏي سان گڏ ناليج سينٽر بعد ۾ شوقيه سڀ شوق اخلاق جي دائري ۾ رهي پورا ڪرڻ.
سرفراز علي جو پڙهڻ پڙهائڻ کان علاوه ٻيو ڪو به شوق نه هيو. سرفراز علي جا سٺا دوست آئون آخر ۾ ڏٺا جيڪي تمام سٺي تعليم ۽ سٺن عهدن تي فائز آهن. جن سان ملي آئون حيران رهيو آهيان ته هن سهڻي ننڍڙي نوجوان جي فرينڊشپ سان به سچي دوستي ۽ سچا سڀ نوجوان جيڪي سرفراز جي زندگي جي آخر ۾ مونسان مليا. واهه سهڻا سرفراز علي تنهنجي دوستي تو پٽ جي عظمت کي تنهنجي پوڙهي پيءُ جو ٻنهي هٿن سان سلام، جڏهن سرفراز علي ”چين ٽوئر“ تي وڃي رهيو هيو ته آئون بيحد خوش ٿيو هيس. انهيءَ حوالي سان ته ”علم حاصل ڪرڻ چين وڃو“ حديث مبارڪ آهي.
سرفراز علي هڪ آدرشي انسان هيو، سرفراز علي رڳو پيار هيو، سرفراز علي سراپا سچ هيو، سرفراز علي سڀ سان محبت ڪندو هو. نه ڪنهن کان نفرت ڪندو هو.
سچيون ڳالهيون سيني جون
سال 2004ع ۾ آئون جڏهن ڪوثر مل اسڪول جو هيڊ ماستر ٿيس، تن ڏينهن مون وٽ اسڪول ۾ منهنجو ڀاءُ عبدالغني ۽ ٻيو ڀاءُ بشير گڏجي آيا هئا. حال احوال اوريندي چيائون ته سرفراز جو ۽ بشير جي نياڻي جي رشتي لاءِ آيا آهيون. آئون هڪدم اهو ئي چئي جواب ڏنو هو ته سرفراز علي تعليم حاصل ڪري پوءِ سندس مرضي ۽ ڇوڪري جي اهڙي ڪا تعليم به ناهي ۽ سرفراز ننڍو آهي. ان ڪري مان اهو رشتو هاڻي ته نٿو ڪري سگهان. پوءِ منهنجا ٻئي ڀائر مونتي ناراض ٿي هليا آيا ۽ ڪافي وقت تائين گهرن ۾ اهي قصا پئي هليا تن ڏينهن سرفراز علي جي تعليم زور شور سان هلي پئي ۽ سرفراز علي شاگرد هيو.
منهنجي امڙ ۽ وڏي ڀيڻ مونسان سخت ناراض هيون. عبدالغني ته سڀني کان وڌيڪ. نيٺ ڪجهه وقت کان پوءِ اسان سڀني گڏجي صلاح ڪئي ته پاڻ ۾ آهيون. ماشاءَالله اهو رشتو ڪيون ٿا. جڏهن اها صلاح ٿئي ته پو بشير ڪجهه مطالبا ڪيا جن کي پوري ڪرڻ لاءِ مان به هائوڪار چيو ۽ بشير جي نياڻيءَ سان 27 آڪٽوبر 2008ع تي نيٺ شادي جي رسم به ٿي ۽ ستاوڙي کان پوءِ ڪجهه گهر ۾ نه وڻندڙ حرڪتون شروع ٿيون. تقريبن هڪ هفتي اندر اهڙو ته جبل ڪوڙ جو ڪريو جنهن رشتن جا ساهه ٻوساٽي رشتن جو تقدس پائمال ڪري ڇڏيو ۽ آخر بشير جي نياڻي ۽ منهنجي پٽ سرفراز علي جو ڳنڍيل رشتو ٽٽي پيو. سرفراز علي بشير جي نياڻي جي جلد ۾ رشتي ٽٽڻ سان سرفراز علي جي ذهن تي دٻاءُ وڌيو. ڇاڪاڻ جو سرفراز علي ڏاڍو حساس طبيعت جو مالڪ ۽ ننڍو هيو. سدائين تنهائي ۾ رهڻ جي ڪوشش ڪندوهو ۽ گهڻو سوچيندو هو. هي غزل ته گهڻو ڪري جهونگاريندو هيو جنهن مان هن جي احساسن ۽ نازڪ جذبن جو اسان اندازو لڳائي سگهندا هئاسين. ”جو درد ملا اپنو سي ملا غيرون سي شڪايت ڪون ڪري)
سرفراز علي جي اهي اداسي وارا ڏينهڙا اڄ جڏهن منهنجي اکين ۾ ڪنهن وڊيو ڪلپس وانگي پِلي ٿين ٿا ته منهنجا اهي زخمي احساس تڙپي پون ٿا.
اهڙي طرح اسان کي انهي ڳالهه جو احساس رهي پيو ته گهر ۾ ڪو ننڍو ٻار به ڪونهي ۽ سرفراز علي کي ڇو نه ٻي شادي ڪرايون. سرفراز علي کان ٻي شادي جو جڏهن پڇيوسين ته سرفراز علي سخت احتجاج ڪندي جواب ڏنو. هڪ ڏينهن آئون سرفراز علي کي پيار مان ويهي سمجهايو ۽ هدايت به ڪئي. سرفراز علي فرمانبردار پٽ هيو. اسان جي اسرار تي اسان جي خوش رهڻ خاطر ها ڪيائين. جيڪا شادي تاريخ 2010-10-03 ۾ ٿي جيڪا نهايت ئي نهايت سادگيءَ سان ٿي، جنهن ۾ ڪنهن به عزيز شرڪت نه ڪئي. صرف منهنجو هڪ ڀاءُ اشرف علي اسان سان گڏ هيو. ان جي مهرباني پوءِ سرفراز علي کي وقفي وقفي سان اولاد ٿيندو رهي پيو، جيئن ته سڀني ڀائرن جون شاديون مان پاڻ ڪرايون پر افسوس جو ڀائرن منهنجي اولاد جي شادين ۾ مونکي سخت تڪليف رسائي. جنهن ڪري مان پنهنجي اولاد جي شادين جي خوشي نه ملهائي سگهيس.
سرفراز علي کي اولاد ۾ پهريون پٽ ٿيو هيو، جنهن جو نالو محمد عزير رکيو هيو، جيڪو پهرين ڏينهن ئي الله جه گهرائي ورتيو. 2 نمبر ڌيءُ اٿس جنهن جو نالو آئون (طوبيٰ سرفي) رکيو، 3 نمبر ڌي اٿس، جنهن جو نالو (ڪشف سرفي) رکيوسين. اهڙي ريت سرفراز علي کي 4 نمبر به نياڻي ٿي جهن جو نالو (ڪَهف سرفي) رکيوسين. ڇهن مهينن جي ڄمار ۾ رب ڪريم هن کي به پاڻ ڏانهن گهرايو. هن نياڻي جو صدمون سرفراز علي لاءِ وڏو سبب بڻيو، جنهن کي علاج واسطي ڪراچي وٺي ويو هيو. ان کانپوءِ سرفراز علي جي طبيعت ۾ تبديلي آهستي آهستي 2015-11-28 کان وٺي ايندي رهي. هڪ سال اڳ ۾ بيمار ٿيڻ وارن پهرين ڏينهن ۾ ماءُ کي چيائين، ”امي جان“ مان ڪو نه بچندس. جڏهن سرفراز علي جا اهي جملا سندس ماءُ مونکي روئي ٻڌايا هئا، تڏهن آئون ائين چيو ته الله تعاليٰ کيس صحتمند واري وڏي عمر عطا فرمائيندس.
انهن لفظن ٻڌڻ سان ته منهنجي به سموري جسم مان ٺڪاءَ نڪري چڪا هئا.
سرفراز علي سان بيحد پيار ۽ آٿت ڏيڻ سان گڏوگڏ دل وندراڻ خاطر مشغوليون ڪندا هئاسين ۽ هر روز رات جو باجي تي سرفرراز علي کان ڪمپوز ٿيل ڌنون ٻڌي تفريح وارو ماحول ٺاهيندا هئاسين. ها پر سرفراز علي جي ڪيفيت کي اسان ته سمجهون پيا پر لاڙڪاڻي جا ڊاڪٽر نه سمجهي سگهيا هئا.
جن ۾ ڊاڪٽر عالم ابراهيم صديقي پيرزادو، ڊاڪٽر بدر جوڻيجو ۽ ڊاڪٽر رحمت وڳڻ. جڏهن اسان علاج لاءِ ڪراچي لياقت ميڊيڪل اسپتال پهتاسين ته اتي ڊاڪٽر ته هئا پر ڊاڪٽري پيشي سان گڏ انسان دوست ۽ همدرد هئا. جن ۾ ڊاڪٽر افشان چنه ۽ ڊاڪٽر نويد الدين، انهن لاءِ اڄ به کوڙ دعائون دل مان نڪرن ٿيون. تنهن کانپوءِ سائوٿ سٽي اسپتال پهتاسين، جتي ملڪ جا سٺا بهترين ڊاڪٽر هئا. جن کان بيسٽ علاج هلي رهيو هيو پر سرفراز علي جي زندگي ايتري هئي. سرفراز علي کان زبان تان درود شريف پڙهڻ ڪڏهن به نه وسريو هيو. سرفراز علي جو پاڻ ڪريم صه جن سان وڏو پيار وڏي محبت ڏسي اڄ به خوشي ٿئي ٿي ته پاڻ ڪريمن صه جو مريد هيو ۽ درود پاڪ پڙهندي اسان کي الوداع ڪيائين. رب پاڪ جنت الفردوس ۾ درجا بلند ڪرڻ فرمائيندس. آمين!
لطيف سرڪار چواڻي:
اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين،
آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.

ڪامل امداد جتوئي