مختلف موضوع

توکي ڪير وساري سائين

ڪتاب ”توکي ڪير وساري سائين“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب نوجوانيءَ ۾ وڇڙي ويل ڪمپيئر سرفراز علي جتوئيءَ تي دوستن جي تعزيتي پيغامن، مضمونن، تاثرن ۽ سرفراز علي جي لکيل ريڊيو اسڪرپٽ ۽ ريڊيو انٽرويوز تي مشتمل آهي جنهن جي سهيڙ ۽ ترتيب ڪامل امداد جتوئيءَ ڪئي آهي.
Title Cover of book توکي ڪير وساري سائين

مهاڳ

فاني ماڻهو، لافاني محبتون

پيار ازل کان انسان جي من ــ آکيري جو پنڇي رهيو آهي. اُن پنهنجن مڌر ٻولن ۽ آلاپن سان نه رڳو انسان جي دل جي دنيا کي آباد رکيو آهي، پر پنهنجن ڪومل احساسن ۽ سندر لطافتن سان ماڻهوءَ جي فهم ۽ ادراڪ جي ڪائناتن کي پڻ ڪيئي رنگينيون ۽ رونقون عطا ڪيون آهن. هن ڪاروباري ۽ منافعي خور سماج ۾ جيڪڏهن محبتن جو وجود نه هجي ها، ته هيءَ دنيا بنھ ڇسي ۽ بي رونق ڀاسي ها. حقيقت ۾ هن دو رنگي ۽ دولابي دنيا ۾، محبت ئي اهو واحد معصوم احساس ۽ اَجهل جذبو آهي، جيڪو ذات پات، اميري غريبي ۽ ننڍ وڏائي جي فرق بنا هر انسان جي اندر ۾ وَسي ٿو.
جيئن خوشبوئون ۽ خوبصورتيون بنا ڪنهن مت ڀيد جي پنهنجا هڳاءَ ۽ حُسناڪيون ڦهلائينديون آهن، جيئن بادل بنا ڪنهن تفريق جي ويراني ۽ وَسنديءَ تي بَرسندا آهن، جيئن ڏيئي جي روشني، مندر توڙي مسجد ۾ ساڳي جوت سان جلندي آهي، جيئن وڻ پنهنجي ڇانو هر ماڻهوءَ کي بنا ڪنهن ڌرم، طبقي ۽ فرقي جي فرق جي ڏيندا آهن، جيئن سج، چنڊ ۽ ستارا بنا ڪنهن فرق جي هر ماڻهوءَ کي روشني ۽ راحتون ڏيندا آهن، ائين ئي پيار، هندو، مسلم، سِکُ ۽ عيسائيءَ جي تميز بنا پنهنجون سُندرتائون ۽ سچائيون هر انسان کي آڇيندو ۽ ارپيندو آهي. جن ماڻهن کي جيون ــ سفر ۾ محبتون ملي ۽ حاصل ٿي نه سگهنديون آهن، اهي وڻ مان ٽٽل پنن جيان ٿي پوندا آهن، جن کي ڪنهن به رُخ جون هوائون رولي، ڀٽڪائي ۽ مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏينديون آهن، پر جن پُرشن کي محبتون ملنديون آهن، اهي لوهه مان پارس بڻجي پوندا آهن.
نوجوان راڳي سرفراز جتوئي به اهڙن خوشنصيب انسانن مان هو، جنهن کي جيون ۾ تمام گهڻيون محبتون مليون. هن پنهنجي اخلاق، علم، نياز ۽ نوڙت سان ٿوري عرصي ۾، نه رڳو گهڻن ماڻهن جي جيءَ ۾ جاءِ جوڙي، پر هن پنهنجن صلاحيتن جي بنياد تي وڏو مانُ سمانُ به حاصل ڪيو. هُن تمام ننڍڙي حياتي ماڻي، هن کي جيون جون فقط 28 بهارون نصيب ٿي سگهيون، پر انهن جي هر پل کي سچ ته هُن ڏاڍي سيبتائي، سليقي، حُسناڪي ۽ زندگيءَ جي ڀرپوريت سان ماڻيو ۽ ملهايو.
هُن جي جيون ــ سفر تي جڏهن نگاهه وجهجي ٿي، تڏهن خوشگوار حيرت سان گڏ سرهائي ٿئي ٿي ته، هُن نوجوان پنهنجي مختصر زندگيءَ کي ڪهڙي نه بامعنى انداز سان بسر ڪيو ۽ سڦل بڻايو. سرفراز جو جنم لاڙڪاڻي شهر جي هڪ ننڍڙي محلي مراد واهڻ ۾ 21 جولاءِ 1989ع تي هڪ سُڄاڻ شاعر ۽ سُچيت استاد محمد ڪامل جتوئي جي گهر ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم ۽ تربيت پنهنجي والد کان حاصل ڪئي. پرائمري، ديني مدرسي ۽ ميٽرڪ، پائلٽ هائر سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي مان ڪيائين. انٽر ۽ بي. ايڊ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪرڻ بعد شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ مان ايم. اي سوشالاجيءَ ۾ ڪيائين. محنت ۽ صلاحيت جي بنياد تي کيس پرائمري استاد مقرر ڪيو ويو. قدرت هُن کي نه رڳو اخلاقي، علمي ۽ تخليقي صلاحيتن سان نوازيو هو، پر کيس پُرسوز ۽ ڪويل جهڙو سُريلو آواز پڻ عطا ڪيو هو. سرفراز پنهنجي سُلڇڻي والد جي بهتر تربيت، سٺن دوستن جي صحبت ۽ پنهنجي محنت، انڪساري ۽ مسلسل جستجو سان، تمام ننڍي عمر ۾ ئي عملي زندگيءَ جو آغاز ڪيو. هن ننڍڙي وهيءَ ۾ ئي اهڙن ڪمن جي ابتدا ڪئي ۽ انهن ۾ گهڻي حد تائين سوڀارو ۽ سرخرو رهيو، جيڪي گهٽ ماڻهن کي حاصل ٿي سگهندا آهن.
ناميارو براڊڪاسٽر ڪوثر ٻرڙو پنهنجي ليک ۾ سرفراز بابت لکي ٿو،”سرفراز پنهنجي ننڍي عمر ۾ ڪيترن ئي شعبن ۾ پاڻ مڃرائڻ ۽ پنهنجن صلاحيتن جي اظهار جي جستجو ڪئي ۽ ڪاميابي طرف گامزن رهيو. هو ريڊيو ڪمپيئر به هو، ته هڪ سنگر به ۽ ساڳي وقت سندس وابستگي تعليم سان به رهي. مطلب ته سرفراز جن به شعبن جي چونڊ ڪئي، اهي سڀ شعبا نهايت اهم ۽ سٺي ساک رکندڙ هئا.“
سرفراز جتوئي ٻاراڻي عمر ۾ ئي ڳائڻ جي شروعات نعتن سان ڪئي. تنهن کان پوءِ مختلف ادبي پروگرامن ۾ معروف شاعرن جا گيت ۽ غزل ڳائڻ لڳو. هُن جي آواز ۾ نرالي نوع جو سوز ۽ گداز هو. ٻين جا ڳايل ڪلام ڳائيندي ڳائيندي، هُن پنهنجون ڌنون ٺاهڻ شروع ڪيون ۽ جڏهن اهي ڪجهه ادبي محفلن ۾ پيش ڪيائين ته واهه واهه ٿي وئي. ائين سرفراز ’سُر ۽ آواز‘ جو آغاز نجي محفلن ۾ ڪرڻ کان پوءِ ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي رَسيو. پوپٽن وانگر هوا جي هٿ ــ ترين تي اُڏامي سرفراز جو آواز جڏهن سنڌ جي جهر جهنگ، وستين ۽ واهڻن تائين پهچي، ماڻهن جي سماعتن سان ٽڪرايو، تڏهن سُر ۽ آواز جي پارکن سان گڏوگڏ عام ٻُڌندڙن پڻ کيس وڏي موٽ ڏني.
حقيقت ۾ سرفراز جي اندر ۾، ڀرئي بادل وانگر هڪ بي چين ۽ مضطرب روح موجود هو، جنهن کي هڪ جڳهه تي ڪڏهن به چين ۽ قرار نه آيو. هن پاڪستان جي مختلف علائقن جي سير ۽ تفريح سان گڏوگڏ 2009ع ۾ اسڪالرشپ تي چين ــ ياترا پڻ ڪئي. هو زندگيءَ جي وشال راهن ۾ هڪ رمتي وانگر سدائين ’نئين ۽ منفرد‘ جي تلاش ۾ رهيو. هُن سنڌ ٽي. وي ۽ ٻين ڪجهه نجي چينلن تي ڪيئي ڪلام ڳايا، پر گهڻو تڻو هن جي صلاحيتن جو سفر ريڊيو سان سلهاڙيل رهيو. هن پنهنجي فن ۽ اظهار جا جوهر گهڻو ڪري ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو سان لاڳاپيل رهي ڏيکاريا. هُن ريڊيو لاڙڪاڻي تان ڪيئي تفريحي، تعليمي ۽ معلوماتي پروگرام ڪري، نه رڳو نوجوانن کي اڳتي وڌڻ جو اُتساهه بخشيو، پر ڪيترن ئي ڪن ــ رس رکندڙ ماڻهن کي پنهنجي آواز، انداز ۽ سُندر موسيقيءَ سان محظوظ پڻ ڪيو.
سرفراز جتوئيءَ جو نه فقط آواز سُريلو ۽ انداز موهيندڙ هو، پر هو گهڻ رخي صلاحيتن، سٺي ۽ مثالي ڪردار جو مالڪ پڻ هو، جنهن جو اعتراف ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جو اسٽيشن ڊائريڪٽر علي مراد ٽانوري هنن لفظن ۾ ڪري ٿو، ”سرفراز علي جتوئي هڪ انتهائي باڪردار ۽ سُلڇڻو نوجوان هو، جنهن جي شخصيت ۾ انيڪ خوبيون ۽ صلاحيتون هيون...هن کي فن جي دنيا خاص ڪري ريڊيو پاڪستان جي پروگرامن ۽ ڳائڻ سان دلي لڳاءُ هو...هر ڀيري پروگرام جو اسڪرپٽ نهايت ئي معلوماتي ۽ معياري لکي ايندو هو، جنهن مان هن جي صلاحيتن ۽ پڙهڻ جي ذوق ۽ شوق جو اندازو ٿيندو هو.“
سرفراز ريڊيو تي جيڪي پروگرام ڪيا، انهن ۾ ’لاڙڪاڻو اسپيشل، سونهن سمبارا، السلام عليڪم لاڙڪاڻو، روشن راهون، مُکڙيون‘ وغيره شامل آهن. سرفراز ٻاراڻي شاعري به ڪئي، ڪجهه اخبارن ۾ مضمون به لکيا، پر خاص طرح هن ريڊيو جي مختلف پروگرامن لاءِ جيڪي اسڪرپٽ لکيا، جن کي هن ڪتاب ۾ سهيڙيو ويو آهي، اهي تمام اهم ۽ ڪارائتا آهن. هڪ طرف اهي تحريرون هن جي سوچ، فڪر ۽ احساس جون عڪاس آهن، ته ٻي طرف انهن ۾ سندس ذوق، مطالعي ۽ گهري مشاهدي جي موهيندڙ جهلڪ ملي ٿي.
سرفراز جي ’اسڪرپٽس‘ ۾ تفريح ۽ وندر جا وڻندڙ موضوع به آهن ته رومانيت ۽ رنگينيءَ جو احساس آڇيندڙ مواد به، جيڪو پڙهندڙ ۽ ٻُڌندڙ جي دل ۽ دماغ کي تره تازو ڪري ڇڏي ٿو. نموني لاءِ سندس اظهار جو هي انداز ڏسو:
”سامعين! ڳالهه ڪنداسين نيڻن جي، ته نيڻ، نيڻ ئي هوندا آهن، جيڪي ڪڏهن ڪنهن جي اوسيئڙي ۾ نماڻا ٿي راهون نهاريندا آهن ته، ڪڏهن وري ڪنهن پرين، پياري کي پَسي ڏاڍو خوش ٿيندا آهن. ته وري ڪڏهن من گهُري، دل جي دلبر جي وڇوڙي ۾، اداس ۽ بي قرار رهندي، نيڻن مان نڪتل سامونڊي سيلاب کي ڪير روڪي به ناهي سگهندو...!“
هن جي ڪجهه لکڻين ۾ نرالا خيال ۽ خوبصورت تخليقي احساس ملن ٿا، جن ۾ فڪري نُدرت ۽ احساساتي نرملتا به آهي، ته ادبي حِسيت ۽ حُسناڪي به. جيئن سندس هي سٽون، ”سائين منهنجا! ماڻهو هروڀرو انتها تي پهچي، ڪنهن نه ڪنهن کي اهو ڪري ڏيکاريندا آهن ته ’مان تو لاءِ مَران ٿو‘. ڀلا مرجي ته ڇو مرجي؟ هڪ ٻئي لاءِ جِي به سگهجي ٿو. هڪ ٻئي کي وساري ئي ڇو ڇڏجي؟ خوشگوار پلن کي ياد ڪري مٺي مٺي ننڊ به ته ڪري سگهجي ٿي. سمورا ڏک ۽ سک، غم ۽ خوشيءَ جا لمحا ياد ڪري، سنڀالي رکي به ته سگهجن ٿا. پري رهڻ سان دل ۾ جيڪو درد پيدا ٿئي ٿو، اهو نڀائيندڙ هوندو آهي. اوهان اهو چڱيءَ ريت ڄاڻو ٿا ته جيڪي پرين پيارا دور هوندا آهن، ڇا اهي دل کان وسري ويندا آهن؟ هر گز نه. جيترو ماڻهو پري هوندو آهي، اهو ايترو ئي دل جي ويجهو هوندو آهي.“
سرفراز جي جيون ــ خاڪي مان عيان ٿئي ٿو ته، نه رڳو هو پاڻ عملي ماڻهو هو ۽ زندگي جي جدوجهد ۽ جستجو ۾ يقين رکندو هو، پر علمي، فڪري ۽ احساساتي طرح هو حقيقت پسند ۽ محنت جي عظمت ۾ ايمان ۽ اعتقاد رکندڙ ماڻهو هو، تنهنڪري ئي اجائي خيالن ۽ خوابن ۾ وقت وڃائڻ بدران محنت ۽ جستجو کي اوليت ۽ اهميت ڏئي ۽ چوي ٿو: ”زندگي خواب ناهي، جنهن کي غفلت جي ننڊ ۾ وڃائي ڇڏجي، پر زندگي هڪ سچائي آهي، ان جو هر روپ حسين آهي. اهي ماڻهو، جيڪي خوابن ۽ سَڌن جي پويان ڊوڙندا رهن ٿا ۽ عمل کان عاري آهن، اهي خود به خوابن جو حصو ٿي رهجي ويندا آهن. حقيقتون ڪيتريون به تلخ ڇو نه هجن، پر انهن کي تسليم ڪرڻ گهرجي، ڇو ته حقيقت پسند ماڻهو ئي زندگيءَ جي سچ ۽ سونهن کي سمجهي ۽ اپنائي سگهندا آهن.“
سرفراز جي هنن ريڊيو اسڪرپٽس ۾ خيال ۽ خوبصورتين جا سڀ رنگ ملن ٿا. انهن ۾ ادبي خيالن جي ڳوڙهائي ۽ گنڀيرتا به آهي ته، عام ماڻهن لاءِ سبق آموز نقطا به.
”سائين منهنجا! نيڪن جي صحبت مان تڏهن مڪمل فائدو رَسندو، جڏهن اسان بُرن جي صحبت کان بچنداسين. بُرن جي صحبت جو بُرو اثر ۽ چڱن جي صحبت جو چڱو اثر ٿيندو آهي. نه دولت خواهش سان ملي ٿي، نه جواني خضاب ڪرڻ سان ۽ نه صحت دوا استعمال ڪرڻ سان. اسان پنهنجو چهرو ته سينگاري خوب سجايون ٿا، جنهن تي ماڻهن جي نظر پوي ٿي، پر ڪڏهن به دل کي سينگارڻ ۽ اُجرو ڪرڻ جي ڪوشش نه ٿا ڪريون، جنهن ۾ مالڪِ حقيقي جو واسو هجي ٿو“.
سرفراز جون ريڊيو لاءِ لکيل هي لکڻيون مجموعي طرح پُرتاثر، تخليقي، نصيحت آميز نقطن سان مالا مال ۽ گهڻ رخي فڪر ۽ احساس جون عڪاس آهن، جن ۾ عام ماڻهن جي اندر جي ڳالهه به ملي ٿي ته، فنڪارانه احساس ۽ آجپي جو عڪس ۽ نقش به نظر اچي ٿو.
نوجوان سرفراز جتوئيءَ کي هڪ ئي وقت سنڌي، سرائڪي، اردو، انگريزي ۽ چيني ٻولين تي سٺي دسترس حاصل هئي. هو ڪمپيوٽر جو پڻ چڱو ڄاڻو هو. چوندا آهن ته ماڻهوءَ جي بهتر پرک ان جا دوست ۽ استاد ئي ڪري سگهندا آهن، ڇو ته سچا دوست دلين جا هم راز ۽ سٺا استاد دماغن جا پارکو هوندا آهن. سرفراز جي شخصيت ۽ صلاحيتن بابت سندس استاد ۽ معروف تعليمدان پروفيسر مختيار سمون، سرفراز تي لکيل پنهنجي تاثراتي مضمون ۾ لکي ٿو، ”سرفراز منهنجو لائق شاگرد هيو، جيڪو ڳچ عرصو منهنجي اداري ناليج سينٽر ۾ منهنجي ئي ڪلاس ۾ انگريزي ٻولي سِکيو. هو انتهائي بااخلاق ۽ سُلڇڻو نوجوان هو...هو پڙهائيءَ ۾ دلچسپي وٺڻ سان گڏ نعت خواني ۽ گائڪيءَ ۾ به پنهنجن صلاحيتن آڌار سٺو تعارف حاصل ڪري رهيو هو. جيڪڏهن زندگي کيس مُهلت ڏئي ها ته يقين اٿم ته هو علمي ۽ تعليمي کيتر سان گڏ فن جي دنيا جو به هڪ روشن ستارو بڻجي، پيار، محبت، امن ۽ آجپي جي روشنيءَ سان سنڌ جي چپي چپي کي منور ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ضرور ادا ڪري ها“.
سرفراز جتوئي ريڊيو لاڙڪاڻي تي ڪم ڪندو هو ۽ آءٌ به اتفاق سان اتي ئي لطيف سائين جي شاعريءَ جي فڪر ۽ فلسفي تي ’سبق سپريان جو‘ جي نالي سان پروگرام ڪرڻ سان گڏوگڏ موسيقي ۽ بيانيه انداز تي مبني هڪ تفريحي پروگرام’لاڙڪاڻو اسپيشل‘ به ڪندو هوس، پر هُن سان ريڊيو تي منهنجي ڪڏهن به ملاقات ٿي نه سگهي. شايد ان جو وڏو سبب اهو به هو ته، آءٌ پنهنجن مصروفيتن سبب ريڊيو کي گهڻو وقت ڏئي نه سگهندو هوس، اتي موجود دوستن سان به ورلي ڪا ملاقات ٿيندي هئي. بس پروگرام خاطر ريڊيو تي هفتي ۾ هڪ ڀيرو وڃڻ ٿيندو هو، ۽ پروگرام پوري ٿيڻ بعد اتي ڪنهن سان ملڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ جو گهٽ موقعو ملندو هو.
سرفراز جي نالي، ڪردار ۽ ڪم جي حوالي سان ڪافي دوستن جي زباني تعريف ٻُڌي ۽ ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تي سندس ڪجهه ڪلام ضرور سُڻيا هئا، پر ساڻس روبرو ملاقات جو اتفاق ڪڏهن نه ٿي سگهيو. سندس والد ڪامل امداد سان منهنجون ڪيئي ملاقاتون ۽ محبت جو تعلق چڱي عرصي کان هو. مختلف ادبي پروگرامن ۽ مشاعرن ۾ ميل جول ٿيندي هئي، پر سرفراز جي حوالي سان ڪڏهن ڪا تفصيلي ڪچهري ٿي هجي ۽ ڪو ذڪر فڪر نڪتو هجي، سو مون کي ياد نه ٿو پوي. ممڪن آ ڪڏهن ڪو ذڪر نڪتو به هجي، پر چٽائيءَ سان ڪا اهڙي ڳالهه ياد نه ٿي اچي.
سرفراز سان مڪمل تعارف ۽ هڪ غائبانه ملاقات/ شناسائي به هڪ عجيب انداز سان ٿي. هڪ ڏينهن ڪامل امداد مون وٽ ڪاليج ۾ ڪهي آيو. حال احوال کان پوءِ سُڌ پئي ته، سرفراز کوڙ عرصي کان بيمار آهي، جنهن جي علاج تي هو اَلهو تلهو هڻي چڪو آهي، منجهس ايتري معاشي سگهه نه رهي آهي، پر پوءِ به ٻچي جي صحت لاءِ هو قرض کڻي به علاج ڪرائي رهيو آهي. هن ٻُڌايو ته اديب ۽ شاعر جي حيثيت ۾ ڪافي ڀيرا ثقافت کاتي کي سهائتا جي گذارش به ڪري چڪو آهيان. سرفراز جي علاج جا ڪاغذ ۽ سندس فني ڪم ڪار جا تفصيل به موڪلي چڪو آهيان، پر اڄ تائين ڪا مثبت موٽ نه ملي آهي. ٻُڌو آهي ته اوهان ’انڊومينٽ فنڊ‘ ڪاميٽي جا ميمبر ٿيا آهيو. اميد کڻي آيو آهيان ته اوهان منهنجي ٻچڙي جي سهائتا لاءِ ضرور ڪردار ادا ڪندا. هو تمام گهڻو غمگين، ڏکارو ۽ اداس هوس. هن جي لفظ لفظ ۾ درد ۽ تڪليف جو درياهه ٿي ڇُلڪيو.
مون هن کان ڪاغذ وٺي کيس دلجاءِ ڏني، ته هن وقت ثقافت جو سيڪريٽري اڪبر لغاري ۽ منسٽر سردار شاهه آهن، جيڪي پاڻ ٻئي درد مند دل رکندڙ اديب ۽ علم دوست ماڻهو آهن. مون کي يقين آهي ته هو سرفراز جهڙي سُچيت نوجوان ۽ آرٽسٽ لاءِ ضرور ڪجهه نه ڪجهه ڪندا. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ مون سرفراز جو ڪيس رکيو ۽ مڙني ميمبرن سان گڏ اڪبر ۽ سردار شاهه صاحب کي پڻ هُن جي صلاحيتن ۽ فن بابت تفصيلي ڄاڻ ڏني، جن گڏيل راءِ سان فوري طور هن جي علاج لاءِ هڪ لک جي منظوري ڏني. مون ان جو اطلاع ڀاءُ ڪامل امداد کي ڏنو، جيڪو کوڙ سرهو ٿيو، پر جيئن چوندا آهن، ’بندي جي من ۾ هڪڙي ۽ ڌڻيءَ جي من ۾ ٻي‘، چند ڏينهن ۾ ئي سرفراز جي نالي تي چيڪ ته آيو، پر اهو هو پاڻ وصول ڪري نه سگهيو، سندس بيوهه ونيءَ وصول ڪيو.
سرفراز جي حياتي ايتري ئي هئي، هر ماڻهوءَ کي هي جهان ڇڏڻو آهي، پر جيڪڏهن سندس اها سهائتا گهربل وقت ۾ ٿئي ها، ته شايد هو ان مرض مان نجات ماڻي، ڪجهه عرصو وڌيڪ اسان جي ساٿ ۾ رهي سگهي ها.
گلن ۽ پوپٽن جون حياتيون تمام گهڻيون مختصر ٿينديون آهن، پر اهي جياپي جي هر گهڙي ۽ ساعت کي سرمستي ۽ سُندرتا سان گذاريندا آهن. سرفراز به زندگيءَ جي هر پل کي سرمستي، سندرتا ۽ ڀرپوريت سان گذاري 25 ڊسمبر 2016ع تي اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو ۽ پويان ڇڏي ويو کوڙ ساريون حسين يادون ۽ ساڻس محبت ڪندڙ لاتعداد ماڻهو، جن جي سار ۽ پيار ۾ هو سدائين زنده آهي ۽ رهندو، ڇو ته ماڻهو فاني آهي، پر محبتون لافاني ۽ امر هونديون آهن.
آءٌ سندس والد ڪامل امداد کي جس ٿو ڏيان، جنهن هُن جا ريڊيو لاءِ لکيل اسڪرپٽس ڳولهي هٿ ڪري، انهن کي ڪتابي صورت ۾ ڇپائي، اهو سرفراز سان پيار ڪندڙ ماڻهن جي هٿن تائين پهچايو آهي. هن ڪتاب ۾ جن قلمڪارن سرفراز جي حوالي سان پنهنجن خيالن ۽ جذبن جو اظهار ڪيو آهي، انهن ۾ ڪوثر ٻرڙو، علي مراد ٽانوري، پروفيسر مختيار سمون، احمد علي صابر چانڊيو، رضوان گل ۽ ستار هُليو شامل آهن، جن جا رايا سرفراز جي شخصيت، ڪردار ۽ ڪم تي سُٺي روشني وجهن ٿا. سرفراز پنهنجي ڪردار ۽ اخلاق سبب ماڻهن جي دلين ۾ يقينن وڏي عرصي تائين زندهه رهندو، پر هن ڪتاب ذريعي هو سنڌي ادبي کيتر ۾ پڻ نئين تعارف ۽ حوالي سان زنده ۽ جاويد رهندو.

ڊاڪٽر فياض لطيف
10 ــ نومبر 2017ع
لاڙڪاڻو