1
نئے کپڑے بدل کر جاؤں کہاں، اور بال بناؤں کس کے لیے،
وہ شخص تو شہر ہی چھوڑ گیا، میں باہر جاؤں کس کے لیے،
وہ شہر میں تھا تو اس کے لیے اوروں سے بھی ملنا پڑتا تھا،
اب اسیے ویسے لوگوں کے، میں ناز اٹھاؤں کس کے لیے۔
سن 1947ع کان، ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جي شروعات تائين، سنڌين جو صوبائي توڙي مرڪزي حڪومت ۾ ڪوبه عمل دخل ڪونه هو. سڄي سنڌ ۾ صرف لس ٻيلي ضلعي جو سنڌي ڊپٽي ڪمشنر هو. سجاول ضلعي سميت اڳوڻي ٺٽي ضلعي لاءِ ميڊيڪل ڪاليج ۾ صرف ٻه سيٽون هيون، ڪراچي ۽ حيدرآباد شهر ۾ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ سنڌي نوڪريءَ ۾ هوندو هو. 1947ع ۾ پاڪستان جي پهرئين وزيراعظم جي پهرين ڪيبينيٽ ۾ هڪ به سنڌي وزير ڪونه هو. ستن اٺن سالن اندر ون يونٽ ٺاهي سموريون پيل سرڪاري زرعي زمينون ۽ نوڪريون سڀني غير سنڌين جي حوالي ڪيون ويون. جي ايم سيد جي ڪوشش سان ون يونٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ مغربي پاڪستان واري صوبائي اسيمبليءَ بل پاس ڪيو ته پنجاب ملٽري جنرل ايوب خان کي اڳيان آڻي مُلڪ ۾ مارشل لا هڻي ون يونٽ کي برقرا رکيو. ايوب دؤر حڪومت ۾ سڄي سرحد صوبي مان پٺاڻ گهرائي، انهن کي اڃا رهيل ٻنيون ڏئي، ٻهراڙي ۾ ۽ ٻين کي سنڌ جي شهرن ۾ آباد ڪيو. سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاريءَ جو اهو چوٿون دؤر هو. پهريون دفعو سنڌ ۾ حُر تحريڪ دؤران آباد ڪيو ۽ کين سرڪار مخالف حرن زمينون جون ٻيون دفعو ڏنيون ويون. ٽيھه هزار يهودي آڻي ڪراچيءَ ۾ آباد ڪيا ويا. (ڏسو ليکڪ صدر الدين هاشواني جو ڪتاب ”سچ ڪا سفر“ صفحو 39). ٽيون دفعو ورهاڱي وقت سڄي هندستان مان آيل سڀ پناهگير سرڪار آڻي سنڌ ۾ آباد ڪيا. پنجون دفعو افغان جنگ دوران جنرل ضياء افغانين ۽ سڄي دنيا جي غدار ٽولن کي سنڌ ۾ آڻڻ لاءِ سنڌ جا سمورا رستا کولي ڇڏيا. هاڻ ته هندستان، افغانستان ۽ ٻين ملڪن مان آيل سنڌ ۾ آباد ٿي ويا آهن. انهن جي مٽن مائٽن، عزيزن قريبن جي اچڻ جو سلسلو انهي وقت کان وٺي جاري آهي. انهن کان سواءِ ڪراچيءَ ۾ برمي ۽ بنگالي به وڏي تعداد ۾ آباد آهن. انهن برمين ۽ بنگالين جي ايم ڪيو ايم به مدد ڪري ٿي. ڇو ته اهي ايم ڪيو ايم جا ووٽر ٿي ويا آهن ۽ ايم ڪيو ايم جو حصو ٿي ويا آهن. اصل ڳالهه ٿي ڪَيم ذوالفقار علي ڀٽي جي اقتدار ۾ اچڻ جي. ڀُٽي 20 ڊسمبر 1971ع کان 5 جولاءِ 1977ع تائين حڪومت ڪئي، هن اقتدار ۾ اچڻ شرط آمريڪا سان ڪيل ٻن فوجي معاهدن، سِيٽو ۽ سينٽو کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو ۽ انگلينڊ جي پراڻين بيٺڪين جي تنظيم برٽش ڪامن ويلٿ کان به ٻاهر اچي ويو. هن پنهنجي سياسي واٽ چائينا سان دوستي ۽ مسلمان ملڪن کي متحد ڪرڻ واري اختيار ڪئي، مسلمانن جي تُرڪي ۾ قائم ڪيل دنيا جي وڏي ۾ وڏي سلطنت / خلافت کان پوءِ مسلمان ملڪن ۾ ڀٽي نئون روح ڦوڪيو، مسلم سربراهه ڪانفرنس کي وڌيڪ مضبوط ۽ فعال بنايو. لاهور ۾ مسلم سربراهن جي ڪانفرنس منعقد ڪري دنيا ۾ مسلمانن جي وجود کي تسليم ڪرايو. خلافت جي انهي دؤر ۾ شريڪ ٿيندڙ مسلم سربراهن مان اهم ڪردار جي مالڪ مسلم سربراهن کي آمريڪا ڳولي ڳولي مارايو ۽ ڪانفرنس جي پنجن ملڪن کي ته تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو، اهي آهن؛ ايران، عراق، شام، افغانستان ۽ لبيا، پاڪستان جا وڏا پروجيڪٽ جيڪي اڳي رڳو پنجاب ۾ لڳندا هئا، ڀُٽي جي حڪومت دؤران اهڙا وڏا پروجيڪٽ سنڌ ۾ به ٺهڻ لڳا، جنهن ۾ بن قاسم بحري بندر، اسٽيل ملز، مارشلنگ يارڊ، انڊس هاءِ وي، ڪراچي ۾ ايئرپورٽ کان سي پورٽس تائين ٻه طرفو هاءِ وي، ٺٽي ۾ شوگر ملز ۽ سيمينٽ فيڪٽري، دادو ۽ نئين ديري ۾ شوگر ملز، قمبر ۾ ٽيڪسٽائيل ملز، لاڙڪاڻي ۾ ميڊيڪل ڪاليج، نواب شاهه ۾ ميڊيڪل ڪاليج ۽ انجنيئرنگ ڪاليج، ڪراچيءَ ۾ سنڌ ميڊيڪل ڪاليج، خيرپور ۾ لطيف يونيورسٽي، اهڙِي طرح سنڌ ۾ ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ ڪاليجن جو ڄار وڇايو ويو. ڪوٽا سسٽم کي ٽيهتر واري آئين ۾ تحفظ ڏئي، سنڌ جي ٻهراڙي جي شاگردن لاءِ تعليمي ادارن جا دروازا کوليا ويا. تنهنڪري پنجيتاليهه سيڪڙو مارڪون کڻندڙ اسان جي ڳوٺ جي شاگرد کي پڻ ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ملي. حبيب جالب پنهنجي آتم ڪٿا جالب بيتي جي صفحي 186 ۾ لکيو آهي بادشاهه خان ڀٽي جي تعريف ڪئي ته ” یے لڑکا مجھے اچھا لگتا ہے اس سے ملنا چاہتا، وہ ہیشہ ملک کے تعمیر کی ہے۔ میری اس سے ملاقات کا بندوبست کیا جائے۔“ مفتي محمود ۽ ولي خان ان جي مخالفت ڪئي ته غفار خان چيو ته توهان سياسي ماڻهو آهيو خام خواه ٿا اهڙيون ڳالهيون ڪريو.ون يونٽ دؤران هزارن جي تعداد ۾ پنجاب جي ماڻهن کي سنڌ ۾ نوڪريون ڏنيون ويون، اهي سنڌ جي خزاني تي ناجائز بوجهه هئا، تن کي ڀٽي واپس پنجاب روانو ڪيو. سنڌو نديءَ جي ٻوڏن کي روڪڻ لاءِ درياءَ جي بچاءِ بندن کي اوچو ۽ مضبوط بنايو ويو. ٻوڏن کان پوءِ ڪچي جي غريب هاري طبقي کي ٻج، ڀاڻ ۽ مناسب گهربل رقم مُهيا ڪري ڏيڻ شروع ڪئي وئي. پهريائين پيپلزپارٽيءَ جي دؤر حڪومت دؤران، سنڌ حڪومت ۾ ڪوبه غير سنڌي وزير ڪونه هو. سنڌي ٻوليءَ کي صوبائي ٻوليءَ جو درجو ڏنو ويو. سنڌ جو گورنر مير رسول بخش ٽالپر، وزير اعليٰ ممتاز ڀٽو ٻئي سنڌي هئا. سنڌ ۾ تقريباً سڀ سيڪريٽري، ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر، ڊي آءِ جي ۽ ايس پي سنڌي مقرر ڪيا ويا. سنڌي ڪامورن جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ سڌي طرح سان سنڌي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ڊي ايس پي مقرر ڪيا ويا، ڪراچيءَ جي گلشنِ اقبال، ڪلفٽن ۽ پوءِ گلستانِ جوهر جا لکن جي تعداد ۾ پلاٽ سنڌين کي ڏنا ويا، پر انهن مان گهڻن سنڌين، فقط هڪ رات جي عياشيءَ عيوض، اهي پلاٽ تين وال ڪري ڇڏيا ۽ اهو ڪونه سوچيو ته انهيءَ پلاٽ جو اڌ وڪڻي، انهن پيسن مان ئي باقي اڌ پلاٽ تي گهر ٺهرائي، ويٺا سڄي زندگي آرام ۽ سڪون سان گذاريون. اڄ جيتري قدر ڪراچي شهر جي پراپرٽيءَ جي قيمت وڌي آهي. انهي ءَ جو پوري دنيا ۾ ڪو مثال ئي نٿو ملي! جن ماڻهن ٻه ٻه، ٽي ٽي لکن ۾ بنگلا ۽ فليٽ خريد ڪيا هئا، اهي اڄ ڪروڙن جا ٿي ويا آهن. توهان ڀٽو دؤر حڪومت دوران ڪلفٽن ۽ گلشن اقبال جي پلاٽن جو رڪارڊ چيڪ ڪري ڏسو ته جيڪر حيران ٿي وڃو ته هيتري گهڻي تعداد ۾ ڪيئنءَ نه انهيءَ دور ۾ حاڪمن ۽ سندن ڪارندن اهي ڪروڙن جي قيمت وارا عاليشان پلاٽ ڀڳڙن جي مُٺ تي وڪڻي ڇڏيا. سنڌين کي پنهنجو اهڙو دؤر حڪومت وري شايد ئي ڪو ملي، ڇو ته ڀٽي کي جنهن دؤر ۾ حڪومت ملي هئي، تنهن دؤر ۾ بنگلاديش ۾ جنگ هارائڻ ڪري مليٽري ۽ سول ڪامورا شاهي بزدل ۽ ڪمزور ٿي وئي هئي ۽ اها ڪجهه عرصي تائين انهيءَ پوزيشن ۾ ئي ڪانه هئي جو ڪو رُعب ۽ تاب ڪري! اخلاقي پستيءَ جو شڪار انهيءَ نوڪر شاهي، ڀٽي کي حڪومت به انهيءَ ڪري ڏني، جو فقط ڀٽو ئي اهڙو ڏاهو، چست ۽ چالاڪ سياسي اڳواڻ هو، جيڪو جنگ هارائڻ ۽ معاشي بدحاليءَ جي باوجود، ملڪ کي انهيءَ تمام ڏکي صورتحال مان ڪڍي ٻاهر ڪري ۽ ان کي پنهنجن پيرن تي بيهاري سگهي، ۽ ڀٽي ڪرشماتي طور تي اهو ثابت ڪري به ڏيکاريو. ٻه ٽي سالن گذرڻ کان پوءِ ائين ڪونه ٿي لڳو ته ڪو هي ملڪ جنگ هارايل ملڪ آهي ۽ هن ملڪ جو اڌ ٽٽي ڌار ٿي ويو آهي. ڀٽي جي اوائلي دؤر حڪومت ۾ جنرل گل حسن ٿوري ڦني خاني ڏيکاري ته ڀٽي ماني جي دعوت تي گهرائي کانئس زوريءَ استعيفا وٺي، ڪجهه ڏينهن لاهور جي گورنر هائوس ۾ نظربند رکي پوءِ آزاد ڪيو هو. خير ڇا به هجي، جنهن ملڪ ۾ رول آف لا نه هوندو، ان ملڪ جي سياسي قيادت هميشه قوم دشمن بيورو ڪريسيءَ جي گندن هٿن جي تسلط هيٺ هوندي، ڇو ته قانون جي حڪمراني نه هئڻ ڪري بدعنوان سياستدانن ۽ بد عنوان سرڪاري ڪارندن جو احتساب ته ٿيندو ئي ڪونه ۽ جنهن کي جيئن وڻندو، سو تيئن پيو ڪندو! آمريڪا پهرئين ڏينهن کان وٺي ڀٽي جي خلاف هو. پاڪستان کي ايٽمي طاقت بنائڻ ڪري آمريڪا ڀٽي کي شهيد ڪرايو، پر ڀُٽو جڏهن وزير خارجه هو، تڏهن به ايوب وزارت مان کيس آمريڪا ئي ڪڍايو هو. هندستان جي مشهور صحافي ڪلديپ نئير، سندس ڪتاب، ”ايڪ زندگي ڪافي نهين“ جي صفحي 214 تي به اهڙو اظهار ڪيو آهي. هن رام ڪهاڻيءَ لکڻ جو مقصد صرف هي هو ته پاڪستان جي قيام کان وٺي، ڀٽي جي حڪومت قيام تائين سنڌين ڏاڍا ڏکيا ڏينهن ڏٺا. حد ته هيءَ هئي جو 1947ع تائين ڏهن سالن ۾ صرف پنج سي ايس پي آفيسر سنڌي ٿيا. انهيءَ وقت دؤران سنڌ هڪ شاهوڪار صوبو هو، جڏهن ون يونٽ ٺهيو، تڏهن سنڌ جي خزاني ۾ ٻاويهه ڪروڙ روپيا سر پلس ناڻو موجود هو، جڏهن ته ٻين مڙني صوبن جي خزاني ۾ هڪ رپيو به ڪونه هو. اهي اٽلو مرڪز جا قرضي هئا. توهان اڄ نوازشريف جي اقتدار واري هن نئين دؤر ۾ ڏسو ته مرڪز جي پنج سؤ منصوبن مان سنڌ لاءِ صرف هڪ منصوبو، حيدرآباد ڪراچي موٽر وي رکيو ويو آهي. منهنجي نظر ۾ انگريز دؤر حڪومت کان پوءِ ڀٽي جو دؤر حڪومت سنڌين لاءِ سٺي ۾ سٺو دؤر هو. جيتوڻيڪ انهيءَ کان پوءِ بينظير ٻه دفعا حڪومت ڪئي ۽ هڪ دفعو زرداري ملڪ جو صدر ٿيو، پر کين اقتدار دؤران هر اسٽيج تي تنگ ڪيو ويو. جنهن جو اظهار بينظير هينئن ڪيو : ”تخت لاهور جي وزير اعظم جي لاءِ فوج وٽ جدا قانون آهي ۽ اسان لاءِ جدا قانون آهي.“ صدارت دؤران زرداريءَ به ڪافي رڙيون ڪيون، پر نيٺ پاڻ پيش پيو ته قبول ڪيو ويو. هيءَ به هڪ حقيقت آهي ته ڀٽي ۽ بينظير سان فوج نه ٺهي پر زرداريءَ سان ٺهي ۽ کيس پورا پنج سال حڪومت ڪرڻ جو موقعو ڏنو، جنهن دؤران هن ڪابه قصر ڪانه ڇڏي. انهيءَ حد تائين جو هڪڙي سال زرداريءَ جي شگر ملن طرفان آبادگارن کي ڏيڻا ٻارهن رپيا في مڻ وڌائيل اگهه جا پئسه به سنڌ سرڪار ڀري ڏنا. دنيا ۾ جِت ڪِٿ زرعي جنسن جي اگهن کي سڌارڻ ڪارڻ اهي سبسڊي زرعي جنسون پيدا ڪندڙ هارين ۽ آبادگارن کي ڏني ويندي آهي، پر سنڌ ۾ اهو پهريون موقعو هو جو ڪمند اُپائيندڙن مالڪن جي بدران سبسڊي شگر ملن جي مالڪن کي ڏني وئي. پيپلزپارٽي جي پهرين دؤر حڪومت يعني ڀٽي جي دؤر حڪومت ۾ اسان جي فيمليءَ تي جهڙو سياسي ۽ مذهبي دٻاءُ هو ، اهڙو سياسي ۽ مذهبي دٻاءُ اسان جي فيملي تي ڪڏهن به ڪونه رهيو. ٿيو هينئن ته سائين جي ايم سيد 1970ع ۾ عام چونڊن ۾ ڪوٽڙيءَ واري تڪ ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽ تي اميدوار ٿي بيٺو، ته بابا سائين، اسان جي ڳوٺ ٻني مان پنجاهه کن ڪارڪن، سائين جي ايم سيد جي اليڪشن ورڪ لاءِ وٺي ويو هو. جن ڪوٽڙي تڪ ۾ سائين جو ورڪ ڪيو ۽ ڪوهستان جي پولنگ اسٽيشن ۾ سائين جا اليڪشن ايجنٽ ٿي ويٺا. ٻيو ته پنهنجي ڳوٺ ٻني ۾ به اسان پيپلزپارٽي جي مخالف اميدوارن جي مدد ڪئي هئي، تنهن ڪري پيپلزپارٽيءَ جا مقامي ۽ ضلعي عهديدار ، پيپلزپارٽي کي اقتدار ملڻ کانپوءِ تقريباً هر جمعي جي ڏينهن اسان جي خاندان جي خلاف نهايت بدفضليت ۽ چڙ ڏياريندڙ تقريرون ڪرڻ لڳا، اهو 1970ع وارو دؤر هو ، تنهن کي اڄ تقريباً پنجاھ سال کن ٿي ويا آهن، انهيءَ دؤر ۾ تعليم تمام گهٽ هئي، تنهن ڪري انهن جي تقريرن ۾ سياسي سمجهه ۽ شائستگيءَ جو ته نالو نشان به ڪونه هوندو هو. انهيءَ دؤر ۾ جيڪو به شخص جيترو گهڻو گهٽ وڌ ۽ بدفضيلت ڳالهائيندو هو، اهو اوترو وڏو ليڊر ليکبو هو، اسان جي خاندان خلاف ملن جي واويلا تڏهن چالو ٿي، جڏهن 1967ع ۾ بابا سائين سائين جي ايم سيد جو لکيل ڪتاب، ”جيئن ڏٺو مون“ ڇپائي شايع ڪيو. تڏهن اسان جي تر جي مُلن، جن ۾ ٻني ۽ جنهاڻ جي مُلن جو مکيه ڪردار هو. تن سائين جي ايم سيد ۽ بابا سائينءَ جي خلاف ڪفر جي فتويٰ جاري ڪئي، چي ڪتاب جو ليکڪ، جي ايم سيد ۽ شايع ڪرائيندڙ ارباب نورمحمد پليجو ڪافر آهن. پوءِ ته سائين سڄي تر ۾ هر جمعي تي مُلان وڏا وڏا وعظ ڪري پيا اعلان ڪندا هئا ته ارباب نورمحمد پليجو ۽ جي ايم سيد ڪافر آهن، تنهن ڪري مسلمان ڀائرن کي اپيل ٿي ڪجي ته انهن سان سماجي واسطا ختم ڪري ڇڏين. خير! اهو فتوائن وارو سلسلو ڪو نئون ڪونهي. امام حسينرضه کان وٺي منصور تائين ۽ ڀٽي کان بينظير تائين مُلن جون فتوائون ته آد جُگاد کان جاري ۽ ساري آهن ۽ سدائين جاري رهنديون. اسان جي خلاف مذهب جي آڙ ۾ پرچار ڪرڻ وارو عمل چند مُلن تائين محدود هو، تنهن ڪري اسان جي ڳوٺ توڙي آسپاس جي ڪنهن ذي فهم ماڻهوءَ تي انهيءَ جو ڪو اثر ڪو نه هو. ڳوٺ جي ماڻهن ڪافي دفعا اسان کي چيو ته توهان اسان کي اجازت ڏيو ته اسن هنن کي ٻن ڏينهن اندر ٺيڪ ڪري ڇڏينداسين ۽ اهي ساڳيا موٽي توهان وٽ ئي اچي منٿون ڪندا ته هاڻ مهرباني ڪري اسان جي هنن ماڻهن مان جند ڇڏايو، پر بابا سائين هيمشه انهن ماڻهن کي بدلو وٺڻ کان روڪيندو هو ۽ کين سمجهائيندو هو ته اهي اختلافن واريون عارضي ۽ اوچتو پيدا ٿيندڙ ڳالهيون آهن. پاڻ کي ۽ هنن کي ته هميشه ۽ هتي ئي رهڻو آهي ۽ گڏجي رهڻو آهي. آهستي آهستي نيٺ ٿيو به ائين، جو اسان سڀ وري ٺهي هڪ ٿي وياسين، جهڙو ڪر ڪجهه ٿيو ئي ڪونه هو. هاڻي ته سائين جي ايم سيد واري ڪتاب جي موضوع تي، انهي ڪتاب جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو ڇرڪائيندڙ ۽ حيران پريشان ڪندڙ ڪيترائي ڪتاب لکجي چڪا آهن انهن ۾ هيٺيان ڪتاب خصوصاً قابل ذڪر آهن. مولانا جاويد غامدي پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته اهو ڪٿ به لکيل ڪونهي توهان گهران لٺ کڻي نڪرو ۽ چئو ته هي اڌ مسلمان آهي، هي چوٿين پتي مسلمان آهي ۽ هي سڄو مسلمان آهي. ڪنهن به ماڻهوءَ کي اهو حق نٿو پهچي ته هو ڪنهن مسلمان جي باري ۾ ڪفر جي فتويٰ جاري ڪري. اهو حق ڪنهن فرد کي ته ٺهيو، پر اهو حق ڪنهن رياست کي به ڪونهي ته اها ڪنهن کي غير مسلمان چئي. رسول اڪرم صلي الله عليه وآلھ وسلم جن جي وقت ۾ ڪنهن ماڻهوءَ جي باري ۾ جيڪڏهن ڪا هڙِي ڳالهه ڪئي ويندي هئي ته حضور صلي الله عليه وآلھ وسلم جن صرف ايترو چوندا هئا ته ماڻهن کي اڄڪلهه ڇا ٿي ويو آهي، ماڻهن جي ايمان يعني مسلمانيءَ جي فيصلي جو حق ڪنهن عالم کي به ڪونهي. توهان ڪنهن ماڻهوءَ جي باري ۾ ڪجهه غلط ڳالهه يا ڪجهه مذهبي غلط ڳالهه ٻُڌي ته کيس اڪيلائي ءَ ۾ سمجهايو. وقت گذرڻ سان اسان جي خلاف پيپلز پارٽيءَ وارن جو جوش به آهستي آهستي ڍرو ٿي نيٺ ختم ٿي ويو. پر اهو جوش ۽ جذبو اسان ۾ اچي ويو ۽ سن 1977ع کان وٺي اڄ تائين، مون پيپلزپارٽي کانسواءِ ڪنهن به ٻي پارٽيءَ کي ووٽ ڪونه ڏنو آهي. انهي جو وڏو سبب ڀٽي جو دؤر حڪومت ۽ ڀٽي ۽ بي نظير جي شهادت آهي، جن پنهنجون زندگيون قربان ڪري ڇڏيون. ان جي ڀيٽ ۾ منهنجي هڪڙي ووٽ جي ڇا اهميت آهي! 1970ع واري ڏهاڪي جي شروعاتي سالن دؤران مونکي مراد جوڻيجو، ڊاڪٽر شير محمد شيخ، ڊاڪٽر عارب راڄو، گوتم راٺي، خليل بچاڻي ۽ شاھ محمد شاھ تمام ويجها دوست هئا. خليل بچاڻي ٽنڊي الهيار مان اڪثر ڇنڇر يا آچر شام ڌاري حيدرآباد ايندو هو. پوءِ اسان ڪڏهن ڪا فلم ڏسي، پوءِ ايڊون بار ۾ وڃي ويهندا هئاسين. اسان کانسواءِ آغا سليم يا ڪو ٻيو دوست اُت ضرور هوندو هو. پر اڪثر ڪري آغا سليم هوندو هو. هو اسان کان عمر ۾ ڏھ ٻارنهن سال وڏو هو ۽ انهيءَ وقت سنڌي ادبي لڏي ۾ وڏي اهميت رکندو هو. پيئڻ کان پوءِ آغا سليم اڪثر ڪري سندس لکڻين جي باري ۾ ڳالهائيندو هو. تڏهن سندس ادبي رهاڻ جو انداز بيان ڏاڍو شاعرانه ۽ دل کي وڻندڙ هوندو هو. هونئن به سندس لکڻين ۾ جيڪو ميٺاج آهي، شايد ٻئي ڪنهن سنڌي اديب جي لکڻين ۾ هجي. آغا سليم ۽ خليل بچاڻي جي سنگت جو سلسلو ڪافي وقت هليو. پوءِ آئون خليل بچاڻي ۽ آغا سليم جڏهن ڪراچي شفٽ ٿي وياسين، ته اسان جي سنگت ۾ هڪ ٻئي ماڻهوءَ جو اضافو ٿي ويو. اهو هو قمر شهباز. آغا سليم سان اهڙِين ڪچهرين جو سلسلو وري ٻيو دفعو تڏهن شروع ٿيو جڏهن پاڻ نوڪريءَ مان رٽائر ٿي، سچ اخبار جو ايڊيٽر ٿيو. سچ اخبار ۾ ٻه ٽي ڀائيوار هئا، جن ۾ مير هزار خان بجاراڻي، اسماعيل راهو، حمزه خان پليجو ۽ ٻيو به ڪو هڪ اڌ هو، پر اخبار کي هلائيندو صرف حمزه خان پليجو هو.
هنن پنهنجي اخبار پهرين حيدرآباد ۾ کولي ۽ پوءِ ڪراچيءَ ۾ منهنجي ڪراچي واري فليٽ، يا حمزه خان جي ڊفينس ڪالونيءَ واري بنگلي يا خليل جي ڊفينس ڪالونيءَ واري بنگلي ۾ اهڙيون رس رهاڻيون ٿينديون رهنديون هيون. آغا سليم جو انداز بيان عاليشان ۽ سندس گفتگو ۽ مؤقف سدائين پڪن پختن دليلن تي مشتمل هوندو هو. پيئڻ کانپوءِ سندس ڳالهيون ڏاڍيون ڳوڙهيون، وڻندڙ ۽ ٻڌڻ وٽان هونديون هيون. سندس ڊائلاگ ته مونکي اڃا تائين ياد آهي: ”اڙي يار! ڇڏ انهيءَ کي“. اصل ڳالهه پي ڪيم حيدرآباد جي ايڊون بار جي. رات دؤران ٻيا به ڪيترائي دوست ملندا هئا، پر هر ڪنهن جي چؤياري پنهنجي پنهنجي هوندي هئي. بار مان دير سان اٿي، پوءِ لطيف آباد ۾ ماني کائڻ وڃبو هو. آخر ۾ خليل، آغا سليم کي پهرين سندس گهر لطيف آباد ۽ پوءِ پاڻ سول لائينس ۾ شفٽ ٿي ويو ته ان کي ات لاهي، مونکي منهنجي فليٽ ڀيڙو ڪري، پوءِ پاڻ گهڻو ڪري اڪيلو ئي اڪيلو ٽنڊو الهيار روانو ٿيندو هو. پوءِ جنرل ضياءَ جي مارشلا واري دؤر يعني سن 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ساڳوڻي ٽنڊي الهيار ۾ ايڏو ته ڌاڙيل فيڪٽر پيدا ٿيو، جو ماڻهو شام کان پوءِ پنهنجن گهرن تائين محدود ٿي ويندا هئا ۽ اوطاقون ۽ مهمان سرائون ويران ٿي ويون. انهيءَ دؤر ۾ هڪ نه ٻئي آرتوار تي آئون ۽ ڊاڪٽر شير محمد شيخ صبح سوير بس ۾ چڙهي سپر هاءِ وي تان ٿيندا وڃي ڪراچي پهچندا هئاسين. ڊاڪٽر شير محمد پنهنجي ڊاڪٽريءَ جا ڪتاب ۽ اڪثر ڪري ڪپڙا به ڪراچي مان وٺندو هو. انهيءَ دؤر ۾ ڪراچيءَ ۾ ايراني هوٽلن جو اوج هوندو هو. شهر جي سٺن سٺن اسٽاپن تي هڪ نه پر ٻه ٻه ايراني هوٽلون هونديون هيون. خاص ڪري صدر واري علائقي ۾ ڏاڍيون سٺيون ايراني هوٽلون هونديون هيون. خريداريءَ مان واندا ٿي اسان به صدر واري ڪنهن ايراني هوٽل ۾ ماني کائي، ڪڏهن مراد جوڻيجو کي پاڻ سان گڏ وٺندا هئاسين، جيڪو ان وقت ڪي ڊي اي جي مين بلڊنگ ۾ ملازم هو. پوءِ مراد سان گڏ ماني کائي، ڪا انگريزي فلم ڏسي واپس بس ۾ حيدرآباد روانا ٿي ويندا هئاسين. انهيءَ دؤر ۾ ايئر ڪنڊيشنڊ ڪارن ۽ بسن جو اڃان رواج شروع ڪونه ٿيو هو. انهيءَ دور ۾ حيدرآباد ۾ علمي، ادبي، سياسي توڙي ثقافتي سرگرميون عروج تي هيون. انهن ۾ شاگرد سياست جون سرگرميون سڀني کان سوايون هيون. پنجين ڇهين مهيني، جڏهن شيخ اياز يا سائين جي ايم سيد حيدرآباد ايندا هئا، ته انهن سرگرمين ۾ تيزي اچي ويندي هئي. وڏي تعداد ۾ ادبي دوست، سياسي ۽ سماجي ڪارڪن ۽ سياسي اڳواڻ اچي حيدرآباد ڀيڙا ٿيندا هئا، تڏهن اهي علمي ادبي محفلون ۽ سياسي ۽ ثقافتي ميڙ ڪڏهن غلام محمد ڀرڳڙيءَ جي لائق پُٽ غلام رسول ڀرڳڙيءَ جي هيرآباد واري بنگلي تي، ڪڏهن حفيظ قريشيءَ جي ريشمي گليءَ واري گهر جي ڇت تي، ڪڏهن حميد سنڌي جي فليٽ تي، ڪڏهن فاران هوٽل ۾ ته ڪڏهن اوريئينٽ هوٽل ۾ ۽ ننڍي پيماني تي منهنجي فليٽ تي، ڪڏهن طارق اشرف جي گهر ۾ اهڙيون محفلون، ڪچهريون، گڏجاڻيون ۽ سرگرميون ڪيترن ئي ڏينهن تائين لڳلاتار منعقد ٿينديون رهنديون هيون. جڏهن ڪي اديب ۽ عالم هندستان مان سنڌ گهمڻ ايندا هئا ته پوءِ مهتاب محبوب جي گهر ۾ به اهڙيون محفلون ۽ ڪچهريون ٿينديون هيون.تنهن دؤر ۾ حيدرآباد شهر ۾ ٻين جاين جڳهين تي به اهڙيون محفلون مچنديون هيون. پر هر ڪنهن سنگت، ياريءَ، ٽوليءَ، تنظيم ۽ پارٽيءَ جو نظريو، نصب العين، طريقو ۽ سرگرمين جو رنگ ۽ ڍنگ الڳ الڳ ۽ نرالو هوندو هو. شيخ اياز جي انهيءَ دؤر واري شاعري جو ته جواب ڪونهي! هر پڙهيل لکيل ۽ قومي ڪارڪن کي سندس اها شاعري زبان تي هئي، شيخ اياز جي انهيءَ دؤر واري شاعريءَ قومي جاڳرتا کي اڀارڻ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو. اهو هميشه ياد رکيو ويندو. سندس انقلابي شاعريءَ کان سواءِ سندس مجازي شاعري پڻ لاجواب شاعري آهي.
”ٽڙي پوندا ٽارئين، جڏهن ڳاڙها گل، تڏهن ملنداسين.“
”ڪنهن ڪاريءَ چڳ تي رات کٽي، ڪنهن ڳاڙهيءَ ڳل تي باک ڦُٽي.“
حيدرآباد ۾ شيخ اياز جي شاعريءَ کي پهرين پهرين زرينه بلوچ، فقير عبدالغفور ۽ الڻ فقير ڳائي خوب داد حاصل ڪيو ۽ عزت ماڻي. پوءِ بيدل مسرور بدوي، سرمد سنڌي، منظور سخيراڻي، الهڏنو خاصخيلي ۽ ٻين ڪيترن ئي نوجوان فنڪارن سندس ڪلام شوق سان ڳايو. ڇا ته اهو دؤر هو! هونئن به ماڻهوءَ کي ماضي جا ڏک وسري ويندا آهن. پر کيس حاصل ٿيل خوشيون هميشه ياد رهنديون آهن. دنيا جي قديم ترين ڪتابن، ”ويدن“ ۾ به بيان ڪيل آهي ته آڳاٽو زمانو سٺو هو ۽ موجوده دؤر هُل هنگامي ۽ افراتفريءَ وارو دؤر آهي ۽ ڪنهن کي به سڪون حاصل ڪونهي. حيدرآباد شهر ۾ انهيءَ دؤر ۾ ڪراچي هوٽل به حيدرآباد ۽ سڄي سنڌ جي اديبن ۽ دانشور لڏي جو هيڊ ڪوارٽر هوندو هو. چانھه جي ڪپ تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ علمي ادبي بحث مباحثا ۽ محفلون سدائين قائم هونديون هيون. حقيقت ۾ حيدرآباد شهر ڀاڳن وارو شهر آهي، جو منجهس اڄ به علمي ۽ ادبي رهاڻيون، سياسي سرگرميون، موسيقيءَ جون محفلون ۽ ٻيون ثقافتي تقريبون، اهڙيون ئي عروج تي هيون. جهڙيون انهيءَ گذريل دؤر ۾ هيون شيخ اياز، غلام محمد گرامي، حسام الدين راشدي، حيدربخش جتوئي، محمد عثمان ڏيپلائي ۽ شمشير الحيدري وارن کان پوءِ انهن جي پراڻي سنگت ۽ نئين ٽهيءَ وارو عالم اديب ۽ دانشور لڏو انهيءَ جوت کي قائم ۽ دائم رکيو اچي. انهيءَ سٿ ۾ چاچا محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر غلام علي الانا، عطا محد ڀنڀرو، حميد سنڌي، ادل سومرو، شوڪت شورو، عبدالقادر جوڻيجو، امداد حسيني، دستگيرڀٽي، زيب سنڌي، ولي رام ولڀ، تاج جويو، آڪاش انصاري، انعام شيخ، يوسف سنڌي، نصيرمرزا، جامي چانڊيو، امر سنڌو، شميم مري، شبنم گل، عرفانه ملاح، گلشن لغاري، مهتاب محبوب، رفيق عيساڻي، پرويز ميمڻ ۽ ٻيا به ڪيترائي اديب، شاعر ۽ دانشور شامل آهن. هيءَ آتم ڪٿا لکڻ وقت هينئر منهنجي عمر پورا ٻاهتر سال آهي. هينئر اسان وٽ سارين جو وڪرو ۽ ڪمند جي پوکي، ٽن ڪتابن جا پروف، هڪ ڪتاب، سنڌ جي شاگرد سياست، ٻيو ڪتاب، لنڊن جا ڏينهن اسڪاٽ لينڊ جو راتيون، ٽيون ڪتاب واقعات عالم انهن ڪتابن جا پهريان پروف يوسف سنڌي ڏٺا، ٻيا پروف منهنجي ڀاءُ شمشير ڏٺا ۽ هاڻ انهن ٽنهي ڪتابن جا فائنل پروف آئون پاڻ پيو ڏسان. مونکي ڪتاب لکڻ کان وڌيڪ پروف ڏسڻ وڌيڪ ڏکيا لڳندا آهن. انهي کان سواءِ هينئر منهنجو انگلينڊ، اسپين ۽ پرتگال جو نئون سفرنامو تقريباً آخري مرحلي ۾ آهي. ته ان سان گڏ آتم ڪٿا جو هي چوٿون جُلد به لکان پيو، تنهن کان سواءِ ”اور ڀي دُک هين زماني ڪي، محبت ڪي سوا اس دنيا ۾“ وارو سلسلو به جاري آهي. حيدرآباد ۾ هاڻي يعني 1970ع ۾ منهنجي تعليم، مڪمل ٿي، يعني بي اي ۽ ايل ايل بي پاس ڪيم ۽ ڪجهه وقت پريڪٽس به ڪيم ۽ پوءِ نوڪري جي لاءِ مختلف کاتن ۾ انٽرويو ڏيڻ شروع ڪيم. پهرين فيملي پلاننگ آفيسر لاءِ، پوءِ انڪم ٽيڪس کاتي ۾ انسپيڪٽر لاءِ تنهن کان پوءِ ڊي ايس پي لاءِ ۽ تنهن کان پوءِ ايف آءِ اي ۾ انٽرويو ڏنم ۽ ٻين به ڪافي کاتن ۾ انٽرويو ڏنم، پر نيٺ مون کي ايف آءِ اي ۾ انسپيڪٽر جي پوسٽ لاءِ هڪ ڏينهن ليٽر پهتو، جنهن ۾ ڄاڻايل هو ته توهان ايف آءِ اي ۾ انسپيڪٽر لاءِ سليڪٽ ٿي ويا آهيو، تنهن بابت آرڊر ڪراچي ڊائريڪٽوريٽ مان وڃي کڻو.
ڀُٽي صاحب وفاق جي اسپيشل پوليس، اميگريشن ۽ شايد ڪجهه ٻين کاتن کي ڳنڍي، آمريڪا جي FBI فيڊرل بيورو آف انويسٽيگيشن جي طرز تي FIA يعني فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي تيار ڪري پنهنجي حڪومت ۾ ان کي مرڪزي پوليس ڪري هلايو. اها ايجنسي چاليهن سالن کان وٺي اڄ تائين قائم آهي ۽ وفاق جي وزارت داخله جي ماتحت آهي. وفاقي حڪومت پنهنجا ڪيس هن کاتي تحت قائم ڪندي آهي ۽ هن کاتي جي صوبن ۾ دخل اندازي تمام گهٽ آهي. ان وقت ايف آءِ اي جو هڪڙو ڊائريڪٽر ڪراچيءَ ۾ ويهندو هو. ان جي ماتحت ٻه ڊپٽي ڊائريڪٽر هڪ حيدرآباد ۽ ٻيو سکر ۾ هوندو هو. ايف آءِ اي اميگريشن برانچ جو ڊائريڪٽر اسلام آباد ۾ ويهندو هو. ان جي ماتحت ڪراچي ۾ هڪڙو ڊپٽي ڊائريڪٽر هوندو هو. ڊپٽي ڊائريڪٽر جي ماتحت ٻه اسسٽنٽ ڊائريڪٽر، هڪ ڪراچي هوائي اڏي تي ۽ ٻيو بحري بندر تي مقرر هوندو هو. پاسپورٽ سيل به انهيءَ اميگريشن برانچ جي ماتحت هوندو هو. جيڪي پاڪستاني ملڪ کان ٻاهر ويندا هئا ۽ جيڪي ملڪ اندر داخل ٿيندا هئا، جيڪڏهن شڪ پيو ته انهن جي پاسپورٽن جي جانچ پڙتال ٿيندي هئي. باقي نون پاسپورٽن ٺهڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ پاسپورٽ آفيسون قائم هيون. ڀٽي شهيد جي حڪومت کان اڳ، پاسپورٽ ٺهرائڻ هڪڙو تمام ڏکيو عمل هوندو هو. پر ڀٽي انهي کي صفا آسان ڪري ڇڏيو. تنهن ڪري هر ماڻهو پنهنجو پاسپورٽ نهايت چند ڏينهن ۾ آساني سان ٺهرائي ٿي سگهيو. ڀُٽي اهو انهيءَ ڪري ئي ڪيو ته جيئن پاڪستان جا ماڻهو وڏي تعداد ۾ ملڪ کان ٻاهر عرب ملڪن ۾ وڃي نوڪريون ڪري سگهن. عرب مُلڪ ڀٽي جي ڪري پاڪستانين کي لاتعداد نوڪريون ڏيڻ لاءِ راضي ٿي ويا هئا. انهي ڪري ٻاهرين ملڪن مان ناڻو وڏي مقدار ۾ پاڪستان اچڻ لڳو ۽ پاڪستاني ماڻهو پنهنجن ٻارن ٻچن سان عرب ملڪن ۾ وڏي تعدا ۾ وڃي رهڻ لڳا. ايف آءِ اي ۾ سياستدانن تي ڪيس به ٺهيا، جن ۾ هڪڙو ڪيس حيدرآباد ٽربيونل وارو به شامل هو. انهي ڪيس ۾ ولي خان، ڄام ساقي ۽ ڪجهه بلوچ اڳواڻ ملزم نامزد هئا. انهي ڪيس ۾ ڄام ساقي گرفتار ڪونه ٿيو هو ۽ پاڻ انهيءَ زماني ۾ ڏاڙهي به رکائين هُيائين. آئون ان وقت ڪراچي اڏي تي اميگريشن آفيسر طور ڊيوٽي ڪندو هئس.