آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

هڪ ٻي زندگي جي تمنا

ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ سفرنامانگار عبدالحئي پليجي جي آتم ڪٿا جو چوٿون ڀاڱو آھي.
عبدالحئي پليجو جيئن ته بُنيادي طور تي سياسي ورڪر سان گڏ هڪ سياح پُڻ آهي. اُن ڪري هن جي لکڻين ۾ واري سان سياست توڙي سياحت جو عنصر غالب ملي ٿو. خاص ڪري جن شين جو اکين ڏِٺو شاهد ٿي اُنھن ڳالهين جو وڏي بيباڪي سان تجزيو ڪندو هلي ٿو.
Title Cover of book هڪ ٻي زندگي جي تمنا

3

مون اڳ به ذڪر ڪيو آهي ته منهنجو والد صاحب، منهنجي نوڪريءَ دوران رحلت ڪري ويو. تنهن کان پوءِ تقريباً هڪ مهينو نوڪري ڪري، نوڪريءَ تان استعيفيٰ ڏئي، ڳوٺ ٻني پهچي ويس. سن 1958ع ۾ آئون حيدرآباد پڙهڻ ويس، تڏهن کان وٺي تقريباً اوڻيھه سال، ڳوٺ ٻني منهنجو اچڻ ۽ وڃڻ تمام گهٽ هوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته آئون عيد تي به ڳوٺ ڪونه ايندو هوس. زمين، زمينداري ۽ فصلن جي آباديءَ جي باري ۾ مون کي تمام گهٽ ڄاڻ هئي. ڳوٺ جي به پنهنجي پاڙي، ڪلاس ڀائي ڇوڪرن ۽ استادن کان سواءِ، ٻين ماڻهن سان، يا اسان جي تر جي ماڻهن سان واقفيت تمام گهٽ هوندي هئي، جيتوڻيڪ مائيٽن جي ڪري مونکي سڀ ماڻهو سڃاڻندا هئا، پر آئون کين ڪونه سڃاڻيندو هوس.
نوڪري ڇڏڻ کان پوءِ، ڳوٺ ۾ رهندي، سڀ کان پهرين پنهنجي زمين کي جديد طريقي سان سڌاري سٺن فصلن لاءِ، صحيح ۽ فائديمند پوکن جي طريقن مطابق زمين آباد ڪرڻ تي گهربل ڌيان ڏنو ۽ زمينداري وڌائڻ جي به ڪوشش ڪيم، تنهن کان سواءِ پنهنجي اولاد جي تعليم تي ڌيان ڏنو. نياڻين کي سينٽ ميريز اسڪول حيدرآباد ۾ ۽ پٽن کي ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ داخل ڪرايم، تنهن سان گڏ ٻاهريان ملڪ گهمڻ ڦرڻ لاءِ وڃڻ لڳس ۽ پهريون ڀيرو ولائت سن 1981ع ۾ گهمڻ ويس. پوءِ اهو سلسلو هلندو رهيو، جيڪو اڃا تائين جاري آهي.
منهنجي زندگيءَ جو روز مره وارو دستور، ننڊ مان اٿي پهرين واڪ ڪري، تيار ٿي، نيرن ڪري، ٻنين تي ويندو هوس ۽ تقريباً هڪ وڳي ٻنين تان واپس اچي ٻنپهرن جي ماني کائي، سمهي پوندو هوس. چئين وڳي ننڊ مان جاڳي ڪجهه لکندو پڙهندو هوس ۽ شام جو اوطاق تي چوياري لڳندي هئي، جنهن ۾ گهڻو ڪري وسڪيءَ وارا يار هوندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ٻاهر جا يار به ايندا هئا ۽ قسمت سانگي ڪڏهن آئون به انهن وٽ ويندو هوس. جڏهن پيئڻ وارو سلسلو سن ٻه هزار عيسوي ۾ ختم ڪري ڇڏيو، ته شام جو اوطاق تي اچڻ وارن دوستن اچڻ گهٽ ڪري ڇڏيو ۽ نيٺ اچڻ ئي ختم ڪري ڇڏيو! مولانا رومي لکي ٿو ته توهان جا شرابي دوست توهان جا نه پر شراب جا دوست آهن. جڏهن توهان شراب ڇڏيندا تڏهن هو توهان کي ڇڏي، وري ڪنهن ٻي شرابي کي وڃي ڳولي لهندا.
اهي شام واريون محفلون ختم ٿيندي، منهنجي لکڻ پڙهڻ جي رفتار به تيز ٿي وئي ۽ منهنجا ڪتاب به تيزيءَ سان شايع ٿي مارڪيٽ ۾ اچڻ لڳا، ته دوستن جو ڪعبو ئي ڦِري شرابي يارن جي جڳهين تي ٿي ويو، انهن جي جاءِ تي اديبن، شاعرن ۽ محققن جو تعداد اچڻ ۽ وڌڻ لڳو ۽ انهيءَ انٽيلڪيچوئل سرڪل ۾ واڌ ٿيڻ لڳي.
زرعي آبادي ۾، مون پهرين ڪمند ۽ ڀاڄين جي پوکن جي سڌاري تي گهڻو زور ڏنو، پر مسلسل چار پنج سال ڀاڄين ۾ ڪا خاص ڪمائي نه ٿي. پوءِ صرف ڪمند ۽ سارين جي پوک تي ڌيان ڏنم، جيڪو اڄ به جاري آهي. سارين جي آباديءَ ۾ وڌيڪ نواڻ پيدا ڪرڻ، سڌارا آڻڻ ۽ ترقي ڏيارڻ لاءِ فلپائن ۽ ٿائلينڊ وڃي، اُت ڪجهه سيمينارن ۾ شريڪ ٿيس. منيلا ۾ قائم، چانورن تي تحقيق ڪندڙ، عالمي اداري، انٽرنيشل رائيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ، مخفف ”اري“ گهمڻ ويس. اتي تحقيق جي بنياد تي چانورن جي مختلف ڪامياب جنسن جو مشاهدو ڪيم، جن ۾ هڪ اهڙي جنس به هئي جيڪا سڄو سال پوکجي، يعني سال ۾ ٽي ڀيرا پوکي وڃي ٿي. آئون انهي عجيب جنس کان ڏاڍو متاثر ٿيس. پاڪستان ۾ وري مڪائي سڄو سال ٿيندي آهي. مائريڪل نالي چانورن جي انهي نرالي جنس جي پوک پوري پاڪستان ۾ مونکي نظر نه آئي، نه ڪي ان جو ٻج! پاڻ وٽ پاڪستان ۾ زراعت تي تحقيق بلڪل گهٽ ٿئي، نه ته پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي، پاڪستان ۾ پيدا ٿيندڙ چانور، انب، کنڊ، ڪپھه، گل ۽ ٻيو ميوو تمام سٺو ۽ معياري آهي. پر سرڪاري سرپرستيءَ کان سواءِ زراعت جو سڌرڻ ۽ وڌڻ ممڪن ڪونهي. پاڪستان دنيا جي ٻه سئو ملڪن ۾ ڪڻڪ ڪمند سارين ۽ ڦٽين ۽ چوٿين، پنجين يا ڇهين نمبر تي آهي ۽ اهي زرعي جنسون پاڪستان پرڏيھه ۾ به وڪڻي ٿو. پاڪستان ۾ جيڪڏهن زراعت ۾ گهربل جديد تحقيقات ٿيندڙ هجي ها ته ملڪ الله ڄاڻي ته ڪيتري ترقيءَ جو حامل هجي ها.
پاڪستان جي زراعت ۽ پرڏيھه ۾ ڪمائيندڙ پاڪستانين جو پاڪستان موڪليل پيسو، پاڪستان کي ڪِرڻ/ ڏيوالي کان بچايو بيٺا آهن. جڏهن ته پاڪستان تي قرض جون قسطون ۽ دفاعي بجيٽ جو گهڻو بوجهه آهي. پاڪستان جا ماڻهو، جيڪي ڪيتري ئي وقت کان، دنيا جي مختلف ملڪن ۾ وڃي آباد ٿيا آهن ۽ هر وقت پنهنجي محنت ڪري، تمام خوش آهن. اُهي اتي رهندا به شان شوڪت سان آهن، پاڪستانين جي ڀيٽ ۾ هندستاني، پوري پرڏيھه ۾ تمام وڏا ڪنجوس ٿي رهندا آهن ۽ رڳو ميڙ ميڙان ۾ لڳا پيا هوندا آهن.
ٿائيلينڊ ۾ به ڪمند ۽ سارين جا ڏاڍا سٺا فصل ٿين ۽ اُت کنڊ جا ننڍا ڪارخانا به جام آهن. ٿائيلينڊ ۾ زرعي تحقيقاتي ادارا به جام آهن. هي تمام غريب ملڪ هو، پر جڏهن کان آمريڪا ويٽنام جي جنگ ۾ ٽپي آيو، تڏهن کان آمريڪي فوجين لاءِ موڪلون ملهائڻ ۽ تفريح واسطي آمريڪا جي امداد سان ٿائلينڊ ۾ وڏي پيماني تي وڏيون وڏيون فائيو اسٽارس هوٽلون، نائيٽ ڪلب، مساج هائوس ۽ چڪلا قائم ڪيا ويا ته آمريڪي فوجين کانسواءِ آمريڪا ۽ دنيا جي مڙني ملڪن جي سيلانين ۽ سياحن، لکن جي تعداد ۾ ٿائلينڊ جي سامونڊي ڪنارن ۽ پهاڙي وادين ۾ اڏيل سير، تفريح ۽ عياشيءَ جي اڏن تي اٿلي پيا، جنهن سبب ملڪ تمام گهڻي معاشي ترقي ڪئي ۽ اهو دنيا ۾ سير ۽ تفريح جو سستو ۽ سٺو ملڪ ٿي پيو. گذريل سال ٿائلينڊ ۾ سڄي دنيا ۾ ٻي نمبر تي گهڻي ۾ گهڻا سياح گهمڻ آيا هئا. حد وڃي اُتي پهتي ته هن ملڪ جي جنسيات ڏانهن مائل نوخيز ۽ سن بالغ ڇوڪرن جنس تبديل ڪرائي ڇوڪرين جي حقيقي جنس طور ملڪ جي مڙني عياشيءَ جي اڏن تي پنهنجا جوهر ڏيکاريا. اقوام متحده انهيءَ وقت هڪ رپورٽ جاري ڪئي ته ٿائلينڊ ۾ ويهن سالن کان به ننڍي عمر واريون، ٽيھَه لک ڇوڪريون هت بُرائيءَ جي ڌنڌي ۾ مُلَوث آهن، تنهن مان هُنن خوب ڪمايو آهي. ڏسندي ڏسندي مُلڪ تي اڻسڌي طرح فوج جو ڪنٽرول ٿي ويو، جيڪو اڃا تائين جاري آهي. پر مزي جي ڳالهه، ته جت سڄو آمريڪا کنڊ، آفريڪا ۽ آسٽريليا جا سڄا کنڊ ۽ ڪجهه ملڪن، کان سواءِ تقريباً ايشيا جي وڏي علائقي ۽ ايراضيءَ تي يورپي قومون قابض ٿي چڪيون هيون، پر ٿائيلينڊ سامراجي تسلط کان آزاد ملڪ ٿي رهيو. تڏهن ئي ملڪ جي عوام پنهنجي وطن ٿائيلنڊ يعني ”آزاد ماڻهن جو ٿائلينڊ“ نالو ڏنو آهي. انهيءَ زماني ۾ سامراجي ملڪن، تقريباً دنيا جي ٻين سمورن ملڪن کي غلام بنائي رکيو. تنهن دؤران قابض سامراجي ملڪن ڪيترن ئي ڪمزرو ملڪن کي به پنهنجو غلام بنايو، نه فقط ايترو، پر سامراجي ملڪن، غلام بنايل قومن جي صحتمند مردن ۽ عورتن کي ذاتي طور غلام بنائيندي، کين دنيا ۾ وڪڻي ڇڏيو. تنهن دؤران انگريز مها سامراج، آئرلينڊ ۽ اسڪاٽلينڊ تي قبضو ۽ تسلط قائم ڪري، اتي جي غريب عوام کي ڪيئن يرغمال بنائي وڪرو ڪيو ۽ ذليل ڪيو. تنهن بابت دنيا جو عوام اڻ ڄاڻ آهي، پر حقيقتاً سڄي سترهين عيسوي صدي دؤران آفريڪي غلامن جي مجموعي تعداد کان به وڌيڪ تعداد ۾ آئرلينڊ جي سفيد چمڙيءَ وارن غلامن کي انگريزن وڪيو هو. تنهن دؤران انهن غلامن جي ڪل تعداد جي 37 سيڪڙو کان پنجاھ سيڪڙو موت جو شڪار به ٿيو. آفريڪا جي شيدي غلامن وانگر، آئرلينڊ ۽ اسڪاٽلينڊ جي سفيد چمڙيءَ وارن غلامن کي، سڀ کان پهرين، ايٽلانٽڪ وڏي سمنڊ ۾ موجود، بارباڊوز ٻيٽن تي قابض انگريز ۽ ٻين شاهوڪار زميندارن جي ڪمند جي فارمن ۾مزوري ڪرڻ لاءِ يرغمال ڪري، بحري جهازن ۾ چاڙهي اتي پهچايو. غلام بنائي وڪرو ڪيل انهن آئرلينڊ جي مظلوم ماڻهن مان ڪوبه فرد، واپس پنهنجي وطن موٽي ڪونه سگهيو، جيڪو ساڻن ٿيل ظلم ۽ ستم بابت حقيقت بيان ڪري، بس! اهي ويچارا وڃائجي ويل غلام هئا، جن کي تعصب تي مبني روايتي تاريخن به وساري ڇڏيو! آمريڪي بيٺڪن ۾ سڀني کان پهرين وِڪِيل غلام، هڪ سئو سفيد چمڙيءَ وارا وڏا ٻار هئا، جيڪي آئرلينڊ جا هئا. انهن کي سن 1619ع ۾ عيسائي مذهب جي اهم ڏهاڙي ”ايسٽر“ دؤران، آفريڪا جي شيدي غلامن جي پهرين کيپ کان به چار مهينا اڳ يورپ جي آمريڪي بيٺڪن ۾ پهچايو ويو هو. وقت جي روايتي تاريخن، انهن بيوس غلامن کي، غلام نه پر تجارتي معاهدي تحت ڪم ڪندڙ زرعي مزدور ڄاڻايو. حقيقت ۾ مٿي ڄاڻايل معاهدن تحت، ماڻهن کان زمين آباد ڪرائڻ، هڪڙو سفيد ڪوڙ ۽ نهايت مڪروه دوکو هو. سامراجين تشريح ڪئي ته جنهن شخص کي خريد ڪري ۽ وڪرو ڪري سگهجي، کيس زنجيرن ۾ جڪڙي، ذليل ۽ خوار ڪري سگهجي ۽ انهيءَ کان سندس مرضيءَ جي خلاف هر غلط ۽ برو ڪم به وٺي سگهجي، تنهن فرد کي ئي غلام سڏجي ٿو.
اهڙا سمورا جائز ۽ ناجائز ڪم، سموريون عقوبتون ۽ ظلم، آئرلينڊ جي غلام بنائيل بيوس ماڻهن سان پڻ روا رکيا ويا هئا. پر انگريز مڪار سامراجي، دنيا جي عوام کي دوکو ڏيندي، انهن اٻوجهه ۽ بيوس آئيرس غلامن کي غلام تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه هئا. تنهن ڪري سامراجي خواهش موجب انهن بيوس غلامن بابت تاريخ ۾ ذڪر ڪرڻ تي به بندش لڳائي وئي. جبري پورهئي جو نام نهاد مُدو پورو ٿيڻ کان اڳي ئي، ڪيترائي سفيد چمڙيءَ وارا غلام بيمارين ۽ لاچارين وگهي موت جو شڪار ٿي ويا. در حقيقت ڪيئي هزارن بلڪ لکن جي تعداد ۾ قيدين، فقيرن، رول ٻارن، نه وڻندڙ غريب انگريزن، اسڪاٽن ۽ آئرلينڊ جي غريب عوام جي صحتمند مردن، عورتن ۽ وڏن ٻارن کي غلامن جي واپاري غورابن ۾ چاڙهي سندن مرضي جي سراسر خلاف، آمريڪا پهچايو ويو. زوريءَ يرغمال بنائي وڪرو ڪيل انهن بيوس مسڪين ماڻهن واضح اڪثريت آئرلينڊ جي عوام جي هئي. اتي جي قانون ۾ ڪُتي يا ڪنهن ٻئي جهنگلي جانور کي مارڻ جيتري گناھ کان، ماڻهن کي مارڻ جو گناھ وڌيڪ ڪونه هو. سندس هم نسل ۽ سفيد رنگ وارا هئڻ جي باجود يورپي سامراج واري شاهوڪار طبقي آئرلينڊ جي غريب عوام سان ظلم ۽ ستم وارو مڪروه وهنوار روا رکيو.
سن 1676ع ۾ انگريز سامراج جي بيٺڪ، ورجينيا ۾ مٿن ٿيندڙ ظلم جي خلاف غلامن، جيمس ٽائون شهر کي باه لڳائي، ساڙي رک ڪري ڇڏيو. انهي دؤران ڪيترائي غلام مارجي به ويا. تڏهن غلامن جي مالڪ زميندارن کي خوف ٿي پيو ته هاڻي غلامن طرفان وري به بغاوت ٿي سگهي ٿي ۽ وڌيڪ نقصان ٿي سگهي ٿو. تنهن ڪري سامراجين، سفيد چمڙيءَ وارن غلامن ۽ ڪاريءَ چمڙيءَ وارن غلامن جي وچ ۾ نفرت پيدا ڪري، کين پاڻ ۾ ويڙهائي، سندن ٻڌي ۽ طاقت کي ختم ڪري، انهن غلامن تي ساڳيو ظلم ۽ بربريت برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو. انهيءَ ظالم منصوبي تحت گورن غلامن کي ڪارن غلامن کان بهتر نسل ڄاڻائيندي، ڪارن غلامن کي سفيد غلامن جي نظر ۾ گهٽ ۽ خراب نسل ڪري پيش ڪيو. سفيد غلامن کي ڪجهه حقن جو آسرو ڏئي، بتال ڪيو ويو. گورن ۽ ڪارن غلامن کي لباس به جدا جدا ٺاهي پهرايا ويا. گورن غلامن کي هاڻي ڪارن غلامن کان جدا ڪري، الڳ رهائش ڏني وئي. اهڙي طرح ڪارن ۽ گورن غلامن کي هڪٻئي جي خلاف ڀڙڪائي، منجهن دشمني پيدا ڪري، مٿن بنا ڪنهن خوف ۽ خطري جي جبر ۽ تشدد روا رکيو آيا. عدالت جي اجازت کان سواءِ گورن غلامن تان، مالڪ زميندارن هٿان ڪوڙن سان مار ڏيڻ واري سزا به معاف ڪئي وئي. جنهن دؤران غلامن کي اگهاڙو ڪري ڪوڙن سان ڪُٽيو ويندو هو. ته سندن چمڙي چير جي پوندي هئي ۽ سڄو جسم رتورت ٿي پوندو هو. گهڻو ڪري انهيءَ ظلم جو شڪار غلام، سور نه سهندي مري ويندا هئا. مٿي ڄاڻايل نالي ماتر رعايتن جي باوجود سفيد غلام ، غلام ئي ٿي رهيا.
سن 1600ع کان 1699ع تائين يعني سڄي سترهين صدي عيسوي دوران آفريڪا جي شيدي غلامن جي ڀيٽ ۾ آئرلينڊ جا سفيد غلام وڌيڪ تعداد ۾ وڪيا ويا هئا. ڪجهه تاريخي دستاويزن موجب، ارڙهين عيسوي صدي دؤران آئرلينڊ جي غلامن کي بحري جهازن وسيلي آمريڪا پهچائي کين اُتي وڪڻڻ دوران، هڪ ڀيرو بحري جهاز ۾ آمريڪا ڏانهن سفر ڪندي، جهاز تي سوار ماڻهن جي کاڌي جي کوٽ ٿي پوڻ سبب جهاز تي سوار آئرلينڊ جي 132 بيوس غلامن کي جهاز مان کڻي سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيو ۽ اهي سڀ بي موت مري ويا! انهن ۾ مردن ۽ عورتن سان گڏ سندن ٻار پڻ انهيءَ قهر جو شڪار ٿيا.
آئرش غلامن مردن،عورتن ۽ ٻارن کي فقط انشوئرنس ڪمپنيءَ کان پيسا وصول ڪرڻ لاءِ سمنڊ ۾ ٻوڙي ماريو ويو.. ڇو ته بُک سبب مري ويندڙ ماڻهن لاءِ انشورئرنس ڪمپنيون پيسا ڪونه ڏينديون هيون. اهڙي مڪروه رويي سبب بحري جهازن ۾ غلامن جي موت جو سيڪڙو 37 کان وڌي 50 سيڪڙو ٿي ويو. آمريڪا کنڊ ويسٽ انڊيز جزيرن ۾ آفريڪي ۽ آئرلينڊ جي غلامن کي گڏي رهايو ويو، پر وڌيڪ قيمتي هجڻ سبب آئرلينڊ جي غلامن جي ڀيٽ آفريڪا جي شيدي غلامن سان، سندن مالڪن/ زميندارن جو رويو ڪي قدر بهتر هوندو هو، تنهن کان سواءِ آئرلينڊ وارا سفيد غلام، عيسائي مذهب جي ڪيٿولڪ فرقي ۾ شامل هئڻ سبب، سندن مالڪ، جيڪي عيسائي مذهب جي پروٽيسٽنٽ فرقي ۾ شامل هئڻ ڪري، کانئين گهڻي نفرت ڪندا هئا. ڪنهن لاشعوري ۽ ٿوري ڪوتاهي ڪرڻ تي، آئرلينڊ جي غلامن جا هٿ پير ٻڌي باھ تي رکي ساڙيندا هئا ۽ ڪنهن ٿوري به غلطي ڪرڻ تي به کين ٽنگي، ڪوڙن سان ماريو ڪٽيو ويندو هو. رچرڊ لگٽ، جنهن آئرلينڊ جي غلامن سان سندن مالڪن هٿان ٿيندڙ عقوبتون، پاڻ خود اکين سان ڏٺيون هيون ۽ بارباڊوز جي تاريخي دستاويزن طور سهيڙي، سن 1657ع ۾ شايع ڪيون، تنهن لکيو ته ” سچ! ته هتي (بارباڊوز ۾ ورڪرن (غلامن) سان ٿيندڙ، اهڙيون ته ڀيانڪ ۽ ظالمانه عقوبتون ڏٺيون اٿم، جيڪي منهنجي خيال ۾، ته ڪوبه عيسائي شخص، ڪنهن به ٻئي هم مذهب عيسائي شخص سان اهڙيون عقوبتون ڪندو ئي ڪونه! سِينِ او ڪالاهان، پنهنجي مضمون، ”ٽو هيلِ آر بارباڊوز“ ۾ لکيو ته بارباڊوز ۾ آئرلينڊ جي سفيد غلام مردن، عورتن ۽ ٻارن سان به، آفريڪا جي شيدي غلامن سان ٿيندڙ جانورن جهڙو مڪروه سلوڪ ڪيو ويندو هو. ساڳي سفيد چمڙي سبب، آئرلينڊ جي غلامن ۽ سندن مالڪن طرفان سڃاڻپ جو داغ مقرر ڪري، انهن جي دُڏن ٻنڊڻ تي ۽سفيد غلام عورتن جي ٻانهن تي لڳايو ويندو هو. (اسان وٽ سنڌ ۾ سڃاڻپ لاءِ گهرو جانورن کي سڃاڻپ جي نشان جو داغ لڳائيندا آهن) سين او ڪالاهان وڌيڪ لکيو آهي ته، ”غلام عورتن کي نه فقط جاگيردارن کي جنسياتي اڏن تي به وڪڻي ڏنو ويندو هو. زمينن تي مقرر شيدي ڪمدار/نگران زمينن/فصلن ۾ پورهيو ڪندڙ عورتن کي ٻني ۾ ڪم ڪرڻ دؤران اگهاڙو ٿي ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪندا هئا ۽ اڪثر کين جنسي طرح استعمال ڪندا هئا. آئرلينڊ جي غلامن ۾ جيڪي ماڻهو ٻنين ۾ ڪم ڪرڻ جي لائق نه هوندا هئا، جيڪي منجهن پڙهيل لکيل هوندا هئا. انهن کي منشي ۽ ماستر ڪري رکندا هئا، ته ڪن کي گهرن جي ملازم طور ڪري رکندا هئا، پر ڪنهن غلطي ڪرڻ تي، منشي يا استاد هجڻ ڪري، کين بخش نه ڪيو ويندو هو ۽ کين ٻين جهڙي، وحشتناڪ سزا ڏيندا هئا. سڀني غلام کي ڪوڙن، لٺين ۽ ڌُڪن سان مارڻ ته حسب معمول عمل هو. غلامن جا تقريباً سڀئي مالڪ/زميندار، ڪنهن آئرلينڊ جي غلام کي ماري وجهڻ ۾ مور ڪونه هٻڪندا هئا. ڇو ته شيدين جي ڀيٽ ۾ آئرلينڊ جا غلام، سستا ۽ تُرت ملي ويندا هئا، انهن عقوبتن جي باوجود، آئرلينڊ جا جيڪي غلام بچي ويا ۽ سندن غلامي وارو عرصو پورو ٿيڻ کانپوءِ، انهن مان ڪافي ماڻهو، آمريڪا جي ڪالونين ڏانهن هليا ويا. پر انهن مان گهڻا ماڻهو ٻاهر وڃي نه سگهيا ۽ اُتي ئي رهجي ويا. بارباڊوز جي جاگيردارن ۽ زميندارن، مُفت ۾ غلام حاصل ڪرڻ جو، هڪڙو عجيب بدمعاشي وارو طريقو گهڙي ورتو، انهن آئرلينڊ جي غلام عورتن سان شيدي غلامن جي مباشرت وسيلي، غلام عورتن کان ٻار پيدا ڪرايا. جڏهن ته آئرلينڊ جي غلامن جي غلامي جو عرصو، گهڻو ڪري ڏھ سال مقرر هو، اهو مدو پورو ڪرڻ کان پوءِ، انهن کي آزاد ڪيو ويندو هو، ته اهي سندن مرضي موجب ڪيڏانهن به وڃن، يا نه وڃن ۽ هتي ئي رهي پنهنجي آزاد زندگي گذارين. پر سندن غلامي دؤران شيدين جي مباشرت سان پيدا ٿيل ٻار، واسطيدار جاگيردارن/ زميندارن جا دائمي غلام ٿي رهيا.
تنهن ڪري سندن مائرون، گهڻو ڪري انهي اولاد سان رهڻ تي مجبور هيون، آئرلينڊ جي عورتن مان پيدا ٿيل شيدين جا ٻار، وڌيڪ قيمت تي وڪرو ٿيندا هئا. اهڙا ٻار پيدا ڪرڻ تي بندش وجهڻ لاءِ، سن 1681ع ۾ هڪ قانون جوڙيو ويو، سو ناجائز ٻار پيدا ڪرڻ واري بداخلاقي روڪڻ لاءِ نه پر، برطانيه جي شيدي غلامن جي واپاري ڪمپني کي غلامن جو واپار گهٽ ٿيڻ ڪري، ٿيل نقصان جي ازالي خاطر جوڙيو ويو هو.
جيمس ايف ڪيويناه جي لکت موجب، غلامن جو واپار ڪندڙ انهي برطانوي سرڪاري ڪمپني سن 1680ع واري ڏهاڪي دؤران 249 سامونڊي غرابن ۾ آئرلينڊ ۽ آفريڪا جا ڪل سٺ هزار مرد ۽ عورتون غلام چاڙهي، ويسٽ انڊيز جي جزيرن ڏانهن موڪليا، جن مان چوڏهن هزار غلام سفر دوران ئي مري ويا. سن 1691ع ۾ انگلينڊ جي بادشاھ جيمس جنگ ۾ هارائڻ کان پوءِ انگلينڊ آئرليند جي غلامن جو واپار ڪرڻ بند ڪيو. پر سن 1798ع آئرلينڊ ۾ انگلينڊ جي قبضي خلاف بغاوت چالو ٿيڻ کان پوءِ آئرلينڊ جي باغي قيدي کي، انگلينڊ سرڪار هزارن جي تعداد ۾ آمريڪا جي ڪالونين ۽ آسٽريليا ۾ غلام ڪري وڃي وڪيو. آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ آندل آئرلينڊ جي غلامن مان ڪو هڪڙو ڄڻو به، پنهنجي وطن واپس موٽي ڪونه سگهيو. انهن مان ڪيترائي ماڻهو. سفر دؤران مري ويا ۽ باقي بچيل غلامن مان به تمام وڏي انگ ۾ ساڻن ٿيندڙ عقوبتن، بک ۽ بيماري سبب به موت جو کاڄ ٿي ويا. آزادي ملڻ تي منجهائن ڪجهه آمريڪا جي ڪالونين ڏانهن ويا هئا. انهن جي بارباڊوز ۾ دائمي طور رهندڙ اولاد کي آئرلينڊ جا شيدي سڏيندا آهن. اهي دائمي غلامي جو شڪار آهن.
سن 1688ع ۾ ڪاٽن ميٿر نالي جاگير ۾، جنهن پهرين عورت کي ڦاهو ڏئي ماريو ويو هو. اها به آئرلينڊ واري هڪڙي غلام ۽ مظلوم عورت هئي، جنهن کي يرغمال ڪري، غلام عورت جي حيثيت ۾ 1650ع ۾ اتي وڪيو ويو هو. تنهن سقيم ناري کي انگريزي ٻولي ڪانه ايندي هئي پر لاتيني ٻولي ۽ قديم فرينچ ٻولي، جنهن کي گائلڪ ٻولي سڏيندا هئا. انهن ٻولين ۾ دعائن وار گيت ڳائيندي هئي. اُتي جي ڪٺور قاضيءَ دعائن جا گيت ڳائڻ کي، جنهن جو نالو” ايني گِلوور“ هو، ڦاسيءَ تي ٽنگائي مارايو هو. آئرلينڊ جي غلامن کي ڪاوڙ ۾ اچي، سندن مالڪ، جئري ساڙائي، مارائي ڇڏيندا هئا. غلامن کي ڊيڄارڻ ۽ هيسڻ لاءِ، انهن ساڙي مارايل غلامن جون سسيون نيزن ۾ هڻي، بازارن ۾ ٽنگي، غلامن ۾ خوف ۽ حراس پيدا ڪيو ويندو هو. انگلينڊ جي بادشاهن، جيمس ٻئي ۽ چارلس پهرئين، آئرلينڊ جي ماڻهن کي غلام بنائي، انهن کي وڪرو ڪرڻ واري ڪُڌي ڪرتوت جي حتي الامڪان ڪوشش ڪئي، ٻيو ته ٺهيو پر انگلينڊ جي پارليامينٽ جو سورمو ۽ جمهوريت جو معمار، اوليور ڪرلمويل، سندسن پاڙيسري مسڪين ۽ ڪمزور آئرش قوم کي غلامي هيٺ رکڻ ۽ آئرلينڊ جي غلامن واري واپار کي وڌائڻ لاءِ سموارا ممڪن اپاءَ اختيار ڪيا.انگلينڊ جي بادشاھ جيمس اول، واري سن 1625ع واري اعلان موجب، آئرلينڊ جي سياسي قيدين کي سمنڊ پار، ويسٽ انڊيز جي ٻيٽن تي قابض ۽ آباد انگريزن کي وڪڻي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ پهرين ڀيري ئي آئرلينڊ جي ٽيھه هزار سياسي قيدين کي، آمريڪا ۾ غلامن طور وڪيو ويو هو. سترهين عيسوي صديءَ جي وِچ ڌاري، اينٽيگئا ۽ مونٽيسراٽ جزيرن ۾ اڪثريت، آئرلينڊ جي غلامن جي هئي، تڏهن مونٽيسراٽ ٻيٽ جي آدمشماري جو ستر سيڪڙو، فقط آئرلينڊ جا غلام هئا. سن 1641ع کان 1652ع تائين انگريزي فوج، آئرلينڊ جي پنجن لکن کان مٿي مسڪين ۽ بيوس عوام جو قتلام ڪيو ۽ آئرلينڊ جي ٻين ٽن لکن مسڪين ماڻهن کي غلام بنائي وڪيو ويو. ڪيترن سالن جي انهيءَ هڪڙي ئي ڏهاڪي جي اختمام تي، آئرلينڊ جي آدمشماري پندرهن لکن مان گهٽجي اچي فقط ڇهن ستن لکن تي پهتي. برطانوي سامراجين آئرلينڊ جي ماڻهن کي سندن زالن ۽ ٻارن کي ايٽلانٽڪ سمنڊ پار وٺي وڃڻ جي اجازت ڪانه ڏني. تنهنڪري انهن ماڻهن جي خاندانن ۾ وڏو تفرقو پيدا ٿي پيو ۽ ٻارن سميت آئرلينڊ جون عورتون مڙسن جي ولات وڃڻ کانپوءِ بي گهر بيوس ۽ لاچار تي پيون، برطانوي سامراجين انهن بيواھ بنايل عورتن ۽ يتيم بنايل ٻارن کي نيلام وسيلي وڪرو ڪرڻ ۾ سندن مسئلن جو حل ڳولي لڌو. سن 1650ع واري ڏهاڪي دوران، مائٽن کان وڃڙيل، ڏهن سالن کان چوڏهن سالن جي عمر جا، هڪ لک کان به گهڻا آئرلينڊ جا يتيم بنايل ٻار سندن مائٽن کان زوريءَ کسي، آمريڪي بيٺڪن، ويسٽ انڊيز، ورجينيا ۽ نيوزيلينڊ ۾ غلام طور وڪيا ويا. ساڳئي ڏهاڪي دؤران آئرلينڊ جا ٻيا به ٻاونجاھ هزار ٻار ۽ عورتون يرغمال بنائي ايٽلانٽڪ وڏي سمنڊ پار، سڀني کان وڏو واڪ ڏيندڙ سامراجي قابضن کي، برطانوي سرڪار جي غلامن جو واپار ڪندڙ ڪمپنيءَ غلامن طور وڪڻي ڏنا. سن 1656ع ۾ ڪرام ويل جي حڪم موجب آئرلينڊ جا ٻه هزار ٻار، سندن مائيٽن کان زوريءَ کسي غلامن جو واپار ڪندڙ سرڪاري ڪمپنيءَ جمائيڪا ڪالوني تي قبصو ڪندڙ انگريز سامراجين کي غلام ٻارن طور وڪڻي ڏنا. سترهين عيسوي صدي جي پوئين ڀاڱي دؤران آئرلينڊ جا غلام وڏي تعداد ۾ هئڻ سبب تمام سستا، يعني فقط پنجن اسٽرلنگن ۾ پئي وڪيا. انهيءَ ساڳئي وقت ۾ آفريڪاجا شيدي غلام، تمام مهانگا يعني هڪ شيدي غلام گهٽ ۾ گهٽ پنجاھ اسٽرلنگ ۾ پئي وڪيو. انهي دؤر ۾ انگريز مالڪ هٿان، لٺين، چهبڪن يا ڪوڙن سان ڪُٽجندي سٽجندي، جيڪڏهن ڪو آئرلينڊ وارو غلام مري پيو ته اهو هرگز ڪو ڏوھ قرار ڪونه ڏبو هو. اهو واقعو غلام جي مالڪ لاءِ البت دولت جي ترقيءَ ۾ نالي ماتر رڪاوٽ جو هڪ ٻه ڏينهن سبب بنبو هو ۽ شيدي غلام جي ڀيٽ ۾ آئرلينڊ واري غلام جو خون، سستو ۽ ترت ملي ويندڙ غلام هئڻ سبب، خون ئي تصور ڪونه ٿيندو هو. هڪ ڀيرو غلامن جو واپار ڪندڙ برطانوي ڪمپني جي سامونڊي غارن ۾، غلامن جو تعداد، خوراڪ جي ذخيري کان وڌيڪ هئڻ سبب، خوراڪ جي کوٽ پوري ڪرڻ خاطر، سامونڊي سفر دؤارن هڪ هزار ٽي سئو ٻه آئرلينڊ وارا غلام، جيئرا جاڳندا جهاز مان زوري کڻي سمنڊ جي سير ۾، اڇلائي ڇڏيا. جيڪي ويچارا بروقت غرق ٿي ويا! اوڻيهين عيسوي صديءَ جي وچ کي ويجهو ٿيندي غلامن جي واپار مان خاطر خواھ فائدو ۽ دولت ڪمائڻ کان پوءِ، عالمي سطح تي برطانيه جي خلاف سياسي حالتون تبديل ٿيڻ سبب نئين حڪمت عمليءَ جي تقاضا موافق، سن 1839ع ۾ هڪ قانون تحت، سرڪاري طور غلامن واري انسان دشمن واپار کي انگريز حڪومت بند ڪري ڇڏيو، پر سامونڊي قزاقن طرفان هلندڙ انهيءَ گورک ڌنڌي کي روڪن لاءِ، ساڳي برطانوي سرڪار ڪابه ڪوشش ڪانه ڪئي ۽ چپن تي چنون هڻي، انهي انساني نسل ڪش ڪرتوت جي خلاف ٻڙڪ به ٻاهر ڪانه ڪڍي. اٽلو اکيون پوري ميسڙي ٿي ماٺ ڪري ويهي رهي. سامراجي مستقل مفاد جي حصول خاطر، آئرلينڊ جي مظلوم قوم سان عالمي سطح تي برطانوي سامراج، دشمن ڪردار کي، انسان ذات کان لڪائڻ ڪارڻ، برطانوي سامراج، سندس ڀيچي سامراجين جي مدد سان قومي توڙي عالمي تارخ ۾ لکجڻ ڪونه ڏنو! اهڙي ريت پنهنجي هم مذهب ساڳئي اڇي چمڙي ۽ ساڳئي يورپ کنڊ جي ماڻهن سان برطانوي سامراج جيڪي ظلم ۽ قهر ڪيا تنهن جو تاريخ ۾ مثال موجود ڪونهي. ٻي عالمي جنگ ۾ جڏهن جرمني کي شڪست آئي، تڏهن برطانيه پنهنجي فوج کي اجازت ڏني ته توهان جرمن عورتن سان ڀلي زوري زنا ڪيو. اهو عمل ڪجهه ڏينهن هلڻ کانپوءِ برطانوي فوج ۾ شامل هندستاني سپاهين کي، جرمن عورتن سان زنا واري عمل کان روڪي ڇڏيو ويو. ڇو ته کين هندستاني ماڻهن کان سخت نفرت هئي. جڏهن ته بارباڊوز جي انگريز قابضن، آئرش غلام عورتن سان شيدين کي مباشرت ڪرائي، دائمي غلامن جو بيش بها نسل پيدا ڪرائي، سندن استحصال جاري رکيو. اهڙي طرح ساڳين انگريزن کي جرمن عورتن سان زنا ڪرڻ تي هندستاني ماڻهن تي غيرت آئي، پر شيدين مان پيدا ٿيل نسل مان فائدو هئڻ ڪري ۽ دولت ڪمائڻ ڪري کين هندستاني ماڻهن جي ڀيٽ ۾ شيدين تي غيرت مُور ڪانه آئي.
مون پنهنجي ڳوٺ ”ٻنون“ ۾ رهڻ ڪري، پنهنجي زندگيءَ جو دستور بنايو، جنهن مطابق، ٻني جي تر، يعني آسپاس موجود سمورن قبيلن ۽ ذاتين توڙي رواجن جي ماڻهن سان مرڻي پرڻي ۾ ضرور شامل ٿيندو هوس. مون اهو وهنوار ۽ لاڳاپو غير مسلم برادرين سان پڻ جاري رکيو.
دادا گوبند پنجابي، جنهن جي ڪري مونکي ممبئيءَ ۾ ڪيترن ئي سنڌي ڀائرن سان ملاقات جو موقعو مليو. مثلاََ پروفيسر رام پنجواڻي، شريمتي سُندري، اتم، ڪلياڻ آڏواڻي، ٽهلرام آزاد، برصغير جو فنڪار ماستر چندر،سندس گهر واري ۽ پڻ ٻين ڪيترن ئي سنڌين سان دادا گوبند ملاقات ڪرائي ۽ ڪيتريون ئي تاريخي جڳهيون گهمايائين. تنهن کي مون هندستان ڇڏڻ مھل سنڌ اچڻ جي دعوت ڏني، ته کِلي چيائين ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان انهيءَ ڪوشش ۾ آهيان ته پاڪستان جي ويزا ملي، ته سنڌ ڏسان ۽ پنهنجو اباڻو ماڳ شڪارپور ۽ ڪوئيٽا ڏسان، پر اڃا شايد منهنجي انهيءَ تمنا ۾ ايتري سِڪ پيدا نه ٿي آهي. جو مونکي ويزا ملي!
آئون هندستان مان گهمي آئيس، تنهن کي چار سال گذري ويا، پر دادا گوبند سنڌ نه آيو! هڪ ڏينهن ڳوٺ ٻنون ۾ پنهنجي گهر ويٺو هوس ته اوچتو جهوڪ وارو ڪاڪو نٿومل اچي سهڙيو. خبر چار ڪندي ٻڌايائين ته ممبئي وارو گوبند پنجابي ڪراچي آيو آهي ۽ اوهان لاءِ نياپو ڏنائين ته ڪراچيءَ ۾ آئون سيٺ گابا جي گهر ترسيل آهيان، ٻئي ڏينهن تيار ٿي، محمد صابر پليجي سان گڏ ڪار ۾ ڪراچي ويس ۽ سيٺ گابا جي گهر پهتس، جتي سيٺ گابا پاڻ مليو. جنهن خاطر تواضع کانپوءِ احوال وٺندي ٻڌايو ته دادا کي ڪراچي آئي ٻه ڏينهن ٿيا آهن، پر اڄ صبح جو کيس مهتاب محبوب وارا حيدرآباد وٺي ويا آهن. هاڻي دادا توهانکي حيدرآباد ۾ مهتاب محبوب وارن جي گهر ملندو. اهو معلوم ڪندي، سيٺ گابا کان موڪلائي اسين به ترت حيدرآباد اُسهياسين ۽ رات جو نوين وڳي ڌاري حيدرآباد پهتاسين، پر پنج سال کن اڳ ڏٺل گهر رات جي وقت ڳولڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو. سو ڪافي دير بعد نيٺ وڃي مهتاب محبوب جي گهر پهتاسين. اُتي محبوب، مهتاب محبوب ۽ دادا گوبند اڳيئي اسان جي انتظار ۾ ويٺا هئا ڇو ته ڪراچيءَ مان اسان جي حيدرآباد رواني ٿيڻ شرط سيٺ گابا کين فون تي ٻڌائي ڇڏيو هو ته عبدالحئي هتان کان توهان ڏانهن روانو ٿي ويو آهي. دادگوبند تمام گهڻي اُڪير سان مليو، ممبئي جي دوستن ۽ اسان جي ڳوٺ وارن جا کوڙ سارا سلام ڏنا. حال احوال اورڻ دؤران ئي سائين محمد ابراهيم جويو ۽ حميد سنڌي به اچي سهيڙيا. ٿوري ۾ ئي ميز تي ماني رکي وئي، ماني کائيندي کائيندي رات جا ٻارنهن ٿي ويا. ته اسان ڳوٺ وڃڻ واري ڪئي. محبوب ۽ دادا گوبند گهڻو ئي جهليو ته رات ڪافي ٿي وئي آهي ۽ حالتون به ٺيڪ ناهن. سو ايڏي دير سان ايترو پري وڃڻ ٺيڪ ڪونهي. پر اسان دادا گوبند کان ٻني اچڻ جو پروگرام وٺي، ڳوٺ ٻنون روانا ٿي وياسين. هڪ ڏينهن ڇڏي پروگرام موجب ڪراچي وڃي، سيٺ گابا جي ڪلفٽن واري بنگلي تان دادا گوبند کي ساڻ ڪري شام جو ستين ڌاري موٽياسين ۽ ڏهين بجي ڌاري ڳوٺ ٻني پهتاسين. اتي ٻني ۽ آسپاس جي موجود دوستن، دادا جو گهڻي سڪ ۽ پنهنجائپ سان آڌر ڀاءَ ڪيو. انهن دوستن ۾، منهنجي هندستان واري سفر وارو ساٿي، ڊاڪٽر عارب راڄو، جنهن کي هندستان ۾ ”ڊاڪٽر راجوDr Rajoo “ سڏيندا هئا. اهو به شامل هو، جيڪو دادا جي ٻني اچڻ واري پروگرام جو ٻڌي خصوصاً گولاڙچي کان هتي آيو هو، سندس پٽ وزير، به ساڻس گڏ هو. دادا سمورن موجود دوستن سان گڏجي ماني کاڌي ڪچهري جو شوق ته سڀني کي هو، پر منهنجي ٻڌائڻ تي ته دادا سڀاڻي ۽ سڀا رات به پاڻ وٽ آهي ۽ پرينهن واپس ڪراچي ويندو. اڳ ئي گهڻو سفر ڪرڻ سبب ڪافي ٿڪل آهي. سو اڄ رات کيس آرام ڪرڻ ڏيو. باقي سڀاڻي ساڻس روح رهاڻ ڪنداسين. اهڙي ريت دوستن جو شڪريو ادا ڪندي، دادا کي سندس رهائشي ڪمري ۾ پهچائي. سنگتين کي روانو ڪري اسين به وڃي کٽ ڀيڙا ٿياسين. ٻئي ڏينهن صبح جو ٻيا به ڪيترائي دوست دادا سان ملڻ آيا. انهن سان گڏ ناشتو ڪري. کين رات جي پروگرام جي دعوت عرض ڪري، اسين ڏهاڪو کن دوست، پروگرام تحت دادا کي آسپاس گهمائڻ لاءِ، ٽن گاڏين جي قافلي ۾ پهرين بلڙي شهر وڃي، شاھ عبدالڪريم جي درگاھ جي دادا کي زيارت ڪرائي سين. جتي دادا شاھ عبدالڪريم کي نوڙت ڀريو سلام ڪيو درگاھ جي مجاورن کان سندس مقبري، سندس ڪلام ۽ سندس ڪرامتن بابت ڄاڻ ورتي. پوءِ بلڙي شهرجو چڪر لڳائي، بلڙي شهر کان ٽي ميل اولھه طرف هڪڙي ٻئي قديم شهر جهوڪ شريف وياسين، جنهن کي اڳي ميران پور سڏيندا هئا. اتي شاھ شهيد عنايت الله صوفي جي درگاھ جي دادا کي زيارت ڪرائي سين، دادا مجاورن کان شاھ عنايت شهيد بابت ڪافي سوال پڇيا. تنهن کان پوءِ اسانجو شهر ميرپور بٺورو وڃڻ ٿيو، جت پهرين ڊاڪٽر عبدالڪريم پليجي ۽ پوءِ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري غلام حسين رنگريز وٽ وياسين. رنگريز وٽ ڪيترائي دوست دادا سان ملڻ آيا هئا. اتي ئي سنڌي ادبي سنگت ميرپور بٺورو شاخ طرفان دادا گوبند سان روح رهاڻ ڪرڻ لاءِ ايندڙ ڏينهن جي رنگريز دادا کي دعوت ڏني، دادا اها شڪرئي سان قبول ڪئي ۽ ايندڙ ڏينهن ڏهين بجي اتي اچڻ جو واعدو ڪيو. مون رنگريز کي رات جو ٻني منهنجي ڳوٺ ٿيندڙ محفل ۾ شرڪت جي دعوت ڏئي کيس بٺوري جي سريلي ڳائڻي استاد علي محمد خاصخيلي ۽ سندس پٽن الهڏني ۽ محبوب علي کي به ساڻ آڻڻ لاءِ عرض ڪيو، جيئن ته رات جو راڳ جي محفل به ڪريون. موڪلائي بٺوري شهر جو چڪر لڳائي دڙي واري رستي کان ٻني موٽياسين ۽ شام جو پهتاسين. اتي چانهن پي، ٿوري ساهي کڻي، ٻني شهر جي ڀرسان موجود قديم پڃاري ڦاٽ مان ٿيندا. مولچند ٻيلي جو چڪر لڳائيندا، اچي سنڌو نديءَ جي ڪناري ڀيڙا ٿياسين. ڪلاڪ کن درياء جو سير ڪري واپس پنهنجي جڳھه تي آياسين. اتي دادا گوبند سنان ڪري ڪپڙا بدلائي، تازو ٿي، ٻاهر اڱڻ ۾ اچي ويٺو جتي سندس ڏينهن جي سير سفر وارا ساٿي آس پاس کان آيل دوست ويٺل هئا، انهن ۾ گولاڙچي، ميرپور بٺورو، در ملوڪ شاھ، دڙو، بلڙي شاھ ڪريم، قادر ڏنو شاھ، اسماعيل پليجو ۽ ٻني شهر جا ڪافي دوست شامل هئا. غلام حسين رنگريز پڻ فنڪار دوستن سميت سنگتين جي سوزوڪي ڀري، پوري وقت تي ٻني پهچي ويو. راڳ جي محفل ۾ ريڊيو ۽ ٽي وي جا ڳائڻا استاد علي محمد خاصخيلي ۽ مقامي فنڪارن ۾ استاد گلشير خاصخيلي، راڻو مير بحر، ملهار لاشاري ۽ بهادر مڱڻهار شامل هئا. راڳ جي اها سريلي سنگت تي مشتمل محفل دادا گوبند جي اجازت سان ساڍي اٺين ڌاري شروع ٿي. انهيءَ رات ٻني جي نمن جي ٻور جي سرهاڻ ۽ بيگن وَل جي اڇن ڳاڙهن ۽ گلابي گلن جي سوين ڇڳن به دادا کي جهومي ڀليڪار ڪئي. راڳ جي محفل ۾ حصو وٺندڙ سڀني فنڪارن پاڻ ملهايو ۽ حاضرين مجلس کان خوب داد وصول ڪيو. جيئن جيئن رات ماڪ ۾ ٺرندي وئي، تيئن تيئن ڳائڻن جي آواز ۽ سازن جي سرود ۾ ميٺاج ۽ سوز وڌندو ويو. راڳ جي محفل جي پڄاڻي رات جو ٻه بجي ڌاري، فقير بهادر مڱڻهار، الغوزي تي راڻي واري مٺڙي ڌن وڄائي ڪئي ۽ سمورن حاضرين مجلس جي دل موهي، کين موسيقيءَ جا کيپ چاڙهي،صفا مدهوش ڪري ڇڏيو!
راڳ رهاڻ کان پوءِ ماني کائي ڪي دوست ترسي پيا ۽ باقي ٻاهريان دوست موڪلائي پنهنجن ماڳن ڏانهن موٽي ويا. صبح جو ننڊ مان اُٿڻ تي دل ئي نه پئي چاهيو. پر دادا جو سڄي ڏينهن وارو پروگرام اڳ ۾ ئي تيار ٿيل هو. تنهن ۾ تِـرَ برابر تفاوت جي به گنجائش ڪانه هئي. تنهن ڪري تيار ٿي، ناشتو ڪري، دادا گوبند کي ٻني شهر جو خصوصاََ سندس دوست ڪندن ٽيڪواڻي واري شهر ٻني ۾ اڳوڻي گهر واري هنڌ جو سير ڪرايو. انهيءَ هنڌ هن وقت پڻ هڪڙي هندو ڀاءُ رامچند جو گهر آهي. اتي سنڌي روايت مطابق سندم ڀاءُ غلام رسول ڀاڻيجي، ڊاڪٽر عبدالڪريم ۽ ٻين ڳوٺاڻن دادا گوبند کي اجرڪون اوڍايون. دادا گوبند ڪندن ٽيڪواڻي جي گهر واري هنڌ ۽ ڳوٺاڻن سان ڦوٽو گراف ڪڍرائي کانئن موڪلايو. تنهن کانپوءِ دادا کي دڙي واري رستي کان بٺوري آندوسين. جتي سندس مان ۾ سنڌي ادبي سنگت، ميرپوربٺورو شاخ پاران آجياڻو منعقد هو. اتي ادبي سنگت ۽ ميرپور بٺوري جي معزز شهرين سندس مان ۽ مرتبي مطابق، کُليءَ دل سان سندس زبردست استقبال ڪيو. اهڙي پيار ۽ پاٻوھ سان ڀليڪار ڏسي، دادا گوبند جون اکيون آليون ٿي پيو، اسٽيج سيڪريٽري غلام رسول پرهياڙ جڏهن دادا کي مٿي اچي اسٽيج تي ويهڻ جي گذارش ڪئي، تنهن مهل هال ۾ موجود سمورن سڄڻن اٿي بيهي تاڙيون وڄائي سندس مرحبا ڪئي. تاڙين جي گونج چند گهڙيون جاري رهي. جنهن دؤران دادا گوبند هٿ ٻڌيو، سڀني جا ٿورا مڃيندو رهيو. انهن جي چهرن تي پيار ۽ پنهنجائپ وارو منظر ڏسڻ وٽان هو. تاڙين جي گونج ختم ٿيڻ ۽ داداگوبند جي چيف گيسٽ چيئر تي ويهڻ کان پوءِ سمورا بيٺڪ ساٿي پنهنجي پنهنجي سيٽ تي ويٺا. دادا گوبند سنڌي ٻوليءَ جو وڏو اديب آهي. هن ورهاڱي کان اڳ ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ اڃا تائين لکندو اچي. کيس ادبي خدمتن جي عيوض ڪيترائي ايوارڊ ۽ انعام ملي چڪا آهن. پاڻ ورهاڱي کان پوءِ پهريون ڀيرو هينئر سنڌ آيو ۽ سڄي سنڌ ۾ کيس زبردست مڃتا مان ۽ عزت ڏني وئي .سڄي سنڌ ۾ سندس مان ۾ ڪيتريون ئي يادگار ادبي گڏجاڻيون، آجياڻا ۽ راڳ رهاڻين جون تقريبون منعقد ٿيون. انهن جو احوال اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿي چڪو آهي. ميرپور بٺورو واري سنڌي ادبي سنگت جي شاخ طرفان منعقد هن آجياڻي واري تقريب جي شروعات غلام رسول پرهياڙ، اعجاز خواجه ۽ ديوان گرمک داس طرفان دادا کي اجرڪون اوڍائڻ سان ٿي. تنهن کان پوءِ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي جنرل سيڪريٽري غلام حسين رنگريز آجيان جي خطبي ۾ سنڌ اچڻ تي س.ا.س ۽ بٺوري جي شهرين طرفان دل جي گهرائين سان ڀليڪار ڪئي، سندس تعارف ڪرايو ۽ سندس ادبي خدمتن جو اظهار ڪندي کيس خراج تحسين پيش ڪيو. کانئس پوءِ قاسم پٿر، اعجاز خواجه، پرويز ميمڻ، سيد اڪبرشاھ ۽ ٻين دوستن به تقريرن ۾ سنڌ اچڻ تي دادا کي دلي ڀليڪار ڪئي ۽ سندس ادبي خدمتن جي مڃتا ڏني دادا گوبند پنجابي سندس شڪر گذاريءَ واري تقرير دوران اعلان ڪيو ته هو هاڻي پنهنجي نالي پويان پنجابي نه پر سنڌي لکندو! تقريب جي پڄاڻيءَ کان پوءِ ادبي سنگت طرفان مهمانن کي ٽي پارٽي ڏني وئي. تنهن پڄاڻا بٺوري جي دوستن کان موڪلائي دادا جو هي قافلو سنڌ جي قديم ۽ درويش سرمد جي محبوب اڀيچند جي شهر ننگر ٺٽو پهتو، اتي مون کي شيخ اياز جو هيٺيون شعر ياد آيو.
ٺٽي جي هوا ۽ گلابي بدن،
ڍڪي ڪيئن اجرڪ سڄو واس ون.
۽ حيدرآباد دکن جي درٻاري شاعر عثمان جو سندس مثنوي ۾ ٺٽي شهر جي سونهن کان متار ٿي لکيل هيٺيون شعر ياد آيو، جيڪو دکني زبان ۾ لکيل آهي ته:
هیرے سے ٹھٹہ نگر سو پاوا
بیہن ہون سیو بن گنجا وا۔
يعني ننگر ٺٽو شهر هيري جهڙو خوب صورت آهي، منجهس سارين جون سايون پوکون، هرڻ ۽ ڪشادا سهڻا جهنگل موجود آهن. ٺٽي شهر جي قدامت ۽ سونهن جي باري ۾ ڪيئي ڪتاب لکجي چڪا آهن، پر آئون هتي صرف ٻه حوالا ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان. هڪ ته سنڌ جي قومي شاعر شيخ اياز، پنهنجي تازي انٽريو ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ جي سڀني شهرن ۾، مونکي ٺٽو ٿو وڻي! پاڻ چئي ٿو جيڪر صحت ٺيڪ هجي ها ته گهر ٺهرائي وڃي ٺٽي ۾ رهان ها. ٻيو واقعو هي آهي ته دارا شڪوه، جڏهن پڻس، شهنشاھ شاهجهان سان ڪاوڙجي، بقول مصنف مقالات الشعرا ٺٽي آيو هو. ته کيس ٺٽو ڪونه وڻيو ۽ هڪڙي دروازي مان شهر ۾ داخل ٿيو ۽ ٻئي دروازي مان ٻاهر نڪري هليو ويو. قاضي ابراهيم ٺٽوي، سندس مصاحب هو تنهن کي حڪم ڏنائين ته ٺٽي کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو. حاڪم جي حڪم جي بجاآوري خاطر گهاٽ واري پاسي ڪجهه ڀونگين کي باھ ڏني وئي. مير علي شير قانع جي دؤر تائين انهي باھ جا نشان موجود هئا. عرف عام ۾ انهي جڳھه کي سوخته گهاٽ يعني سڙيل پتڻ سڏيندا هئا. 29 مئي سن 1658ع ۾ ساموڳڙھ واري جنگ جي ميدان ۾ جڏهن دارا شڪوه شڪست کاڌي، تڏهن هُن ٺٽي ڏانهن منهن ڪيو. اورنگزيب سندس پٺيان صف شڪن خان، دلير خان ۽ شيخ مير جي ڪمان هيٺ دارا جي گرفتاري لاءِ پندرهن هزار فوج کي روانو ڪيو. دارا شڪوه مختلف ماڳن کان ٿيندو 13 نومبر 1658ع ۾ ٺٽي پهتو. پوءِ پاڻ بولان ويندي 9 جون 1659ع ۾ نيٺ ملڪ جيوڻ جي هٿان گرفتار ٿي دهليءَ روانو ڪيو ويو، جتي ڀاڻس اورنگزيب کيس قتل ڪرائي، سندس سسي پنهنجي گرفتار ٿيل پيءَ شاهجهان بادشاھ جي کاڌي کائڻ وقت هڪڙي نهايت سهڻي ڍاڪون ۾ بادشاه جي اڳيان رکائي، اها ڏسي بادشاه کي ڏندڻ پئجي ويا!
اسانجو قافلو دادا گوبند جي سربراهي ۾ قديم تاريخي جڳهيون ڏسڻ لاءِ مڪلي پهتو. مڪلي ٽڪري، کيرٿر جبل جي هڪڙي تمام پري واري ٽڪري آهي، جيڪا اُتر کان ساموڻي واري ماڳ کان شروع ٿي ڪلان ڪوٽ وٽان لنگهندي ڏکڻ طرف يارنهن ميل هلي پير پٺي وٽ دنگ ٿي ڪري. مڪليءَ جي چاڙهيءَ وٽ، ڪراچي ڏانهن ويندڙ رستي مڪلي کي ڪٽي ٻه اڌ ٿو ڪري، ڏاکڻي ڀاڱي ۾ عيدگاهه ڪلان ڪوٽ، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم ابوقاسم نقشبندي، مخدوم آدم مخدوم يوسف بکري، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ پير حسام الدين راشدي جا مزار آهن. ڪلان ڪوٽ جا فقط کنڊر موجود آهن. مڪليءَ جي اترئين ڀاڱي ۾ ارغون ترخان ۽ مغلن جا مقبرا رانڪون ۽ هجرا آهن . انهي ڀاڱي جي سر اتر واري ڇيڙي تي ڄام نظام الدين، ڄام تماچي، دولھه دريا خان ۽ ٻين سمن حاڪمن جا قبا، مقبرا ۽ مزار موجود آهن. انهن مزارن کان اوريان ڏکڻ طرف ڪيترن ئي مشائخ بزرگن، جهڙوڪ سيد ميون عالي شاھ شيرازي، ميون شاھ مراد شيرازي، شيخ جيئو، مراد پليجو، عيسيٰ لنگوٽي، حماد جمالي ۽ شڪرالاهي ساداتن جا مقبرا، مزار ۽ مقام آهن. اسين به سنڌ جي ڇھه سئو سالن جي تاريخي جي حامل مڪليءَ ٽڪري جو سير ڪري، گجي ۽ گهاري شهر وٽان لنگهندا، سنڌ جي هزارين سال پراڻي ۽ ڦٽل شهر ديبل بندر اچي رسياسين. هن قديم ۽ ڦٽل شهر کي عام طرح ڀنڀور جو ڦٽل شهر سڏيندا آهن. هتي آثار قديم کاتي وارن جو سٺو بندوبست ٿيل آهي. گاڏين بيهارڻ لاءِ مخصوص جڳهه سٺا پارڪ، رهائش لاءِ ريسٽ هائوس ۽ اندر عجائب گهر، جنهن ۾ شهر جي کنڊرن مان لڌل شيون نمائش لاءِ جانڪي رکيل آهن. اسين ٽڪيٽ وٺي ٿوري دير گائيڊ يعني سونهون، سندس ڄاڻ مطابق اسان کي هر اسم بابت ٻڌائيندو رهيو. دادا گوبند سونهين کان ڪافي سوال پُڇيا، پر هن ڪي خاطرخواه جواب نه ڏنا. علم ۽ ادب دوست ڪامورو، عبدالقادر منگي، جڏهن هتي اسسٽنٽ ڪمشنر هو، ته هُن ديبل بندر جي موضوع تي، سنڌ جي پيماني تي، آثار قديمه جي محقق ۽ واسطيدار عالمن اديبن کي هڪ سيمينار ۾ دعوت ڏئي گهرايو. سيمينار ۾ پيش ڪيل مقالن، مضمونن ۽ مذاڪرن کي سهيڙي هڪ ڪتاب ڇپرايو هو، جيڪو ”ڀنڀور ديبل“ نالي سان پڌرو ٿيو. ڀنڀور ۽ ڀنڀور؛ ديول ۽ ديبل؛ بن ۽ بهار؛ بن ۽ ڀور ۽ ون ۽ وهار لفظن جي جوڙ جڪ، معنيٰ ۽ صداقت بابت عالمن ۽ اڪابرن ۾ بحث اڃان جاري آهي. اميد ته تاريخ ۽ قديم آثارن جا عالم، ضرور ڪنهن حتمي نتيجي تي پهچي قوم کي صحيح ڄاڻ مهيا ڪندا ۽ تاريخ جي طالبن کي وڌيڪ تحقيق لاءِ آساني ٿيندي. ڀنڀور جو هي علائقو، جنهن جا کنڊر، ڊِٻُون، وهڪرا، نالا ۽ ڦاٽن جا نشان، جيڪي ميلن ۾ پکڙيل آهن. سي ديھه پليجاڻي، ليراڻي، تلي، ترابي ۽ گجي کان به اڳتي نڪري وڃن ٿا. (ڀنڀور ديبل صفحو 43). ڀنڀور جي کوٽائي سن 1930ع ۾ اين جي مجمدار جي ڏينهن ۾ شروع ٿي. تنهن کان پوءِ سن 1951ع ۾ مسٽر ايزيلي الڪاڪ جي ڏينهن ۾ پڻ کوٽائي ٿي هئي. انهيءَ کان پوءِ وري ڊاڪٽر ايف اي خان جي دور ۾ قديم آثارن واري کاتي 1958ع ۾ کوٽائي شروع ڪرائي. جيڪا 1963ع تائين جاري رهي. يوناني جاگرافي دان بطليموس جنهن سڀ کان پهريون دنيا جي نقشو ٺاهيو هو، تنهن، سندس نقشي ۾، ڀنڀور کي ”باربريڪ ايمپوريئم“ ڄاڻايو آهي. انهن لفظن جي معنيٰ وڏي واپاري مارڪيٽ يا مندي. انهيءَ جو مطلب هو وڏو واپاري مرڪز يا شهر به ٿي سگهي ٿو. گورو جاگرافيدان ايڇ ڊبلويو اسڪوف ڄاڻائي ٿو ته ٻي صدي عيسويءَ ۾ هو برک جاگرافيدان، ايلان پڻ ڀنڀور کي ”باربرڪ“ نالو ڏنو آهي. ڀنڀور جي واپار جي باري ۾ تاريخ تمدن سنڌ جو ليکڪ، مولائي شيدائي لکي ٿو ته، ڀنڀور هڪ تمام وڏو تجارتي مرڪز هو. جتان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن سان واپار ٿيندو هو. هتي باقاعده ڪسٽم يعني هتي پهتل ڏيساور جي تجارتي مال تي مقرر محصول ورتو ويندو هو. تنهن کي ”گمرگ“ چوندا هئا. مال جي روانگي واپار تي پنهنجو برابر ٽيڪس وصول ڪيو هو. ڀنڀور بندر تان ڪوڪن، ملبار، سري لنڪا، ڪارو منڊل، سوراشٽر، مشرقي ٻيٽن، چين، ايراني نار، عدن، حضرالموت، مصر، فنيفي، ڪلدائي ۽ هندستان سان غورابن وسيلي تمام وڏي پيماني تي واپار ٿيندو هو. ڏيساور ۾ وڪامندڙ سنڌ جو، ڪجهه جنسن جا نالا هيٺيان آهن. هيرا جواهر، سنگمرمر، سليماني پٿر، عقيق، عقيق احمر، عقيق سيلماني، فيروزه، ياقوت، ياقوت ڪعبود، لعل، سچا بلور، نيلم، دوڍيو پٿر، ڳاڙها ڪارا مرچ، ڦوٽا، سُنڍ، عطر، کنڊ، کونئر، لاک، پنير، پستا، بادام، نيزا، عاج، ڪشمش، شيشم، ديال، ۽ ساڳ جو ڪاٺ ڪپھه، ڪڻڪ، جوئر، ٻاجهر، داليون، تيلي ٻج، مشڪ، کٿوري، ريشم، وغيره. جيڪي شيون ٻاهريون ملڪن مان گهرايون وينديون هيون، تن ۾: يورپي عورتون، مصري، ڪپڙو، سون، چاندي، چانديءَ جا ٿانو، شيشو، هيرا ۽ موتي اچي وڃن ٿا. (ڪتاب ڀنڀور ديبل (ص 263).