• ڪهاڻي ڪيئن لکجي؟
1. ڪهاڻي لکڻ لاءِ پهرين ٻيون تخليقي معياري ڪهاڻيون پڙهو: ڇو ته جيستائين اسان بهترين ڪهاڻيون نه پڙهنداسين ته اسان وٽ ڪهاڻيءَ جو تخليقي تصور ئي نه جڙندو. بهترين ڪهاڻي نه فقط ليکڪ جي احساسن جي عڪاسي ڪندي آهي پر پڙهندڙن ۾ پڻ احساس پيدا ڪندي آهي. تخليقي ادب جو پروفيسر ايليسن گولڊن (Allyson Goldin) صلاح ڏيندي چوي ٿو ته “بهترين ڪهاڻي لکڻ لاءِ چيخوف ۽ ارنيسٽ هيمنگوي جهڙا لکيڪ پڙهو نه ته گهٽ ۾ گهٽ چيخوف کي ته ضرور پڙهو، ان کي پڙهڻ سان سٺي تخليقي ڪهاڻي لکڻ سکي سگهجي ٿي.” اسٽيفن ڪنگ (Stephin King) لکيو آهي ته “جيڪڏهن اوهان وٽ پڙهڻ لاءِ وقت ناهي ته لکڻ لاءِ به نه هجڻ گهرجي.”
2. پهريون پيراگراف دلچسپ رکو: پهريون جملو يا پيراگراف اهڙو لکو، جيڪو ڌيان ڇڪائيندڙ عمل وارو هجي، غير روايتي ۽ غير متوقع ڇڪتاڻ سان ڀريل هجي.
3. ڪردار اهڙو پيش ڪريو، جنهن جي شخصيت جي هر پاسي کان اوهان باخبر هجو: هڪ زندهه،گهڻ رخو ڪردار پيدا ڪرڻ لاءِ اهم آهي ته توهان ان ڪردار بابت هر شيءِ کان واقف هجو، مثلن ان جي نالي، عمر، ڪم، نسل، مهانڊي، رهائش، مذهب، طبيعت، پسند نا پسند، اوڻاين ۽ ڪمزورين، محبت ۽ نفرت، خوف، سنگت ساٿ، رازن، اٿڻي ويهڻي وغيره.
4. ڪهاڻي ڪير ٻڌائيندو؟: هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ اهو اوهان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته اها ڪهاڻي ڪير ٻڌائيندو؟ اها ڪهاڻي Subjective هوندي يا Objective، هتي سبجيڪٽو مان مراد اها ڪهاڻي ڪو ڪردار بيان ڪندو ويندو ۽ آبجيڪٽو مان مراد ته يا ڪهاڻيڪار پاڻ ٽين ڌر بڻجي اهو واقعو بيان ڪندو ويندو.
5. با مقصد ۽ با معنى گفتگو: ڪردارن جي ڪيل گفتگو با مقصد هجي ائين نه هجي ته ڳالهه ڪندا هجون ڪنهن هاريءَ جي ۽ ڪردار ويٺا ملڪي حالات تي گفتگو ڪن. ڪهاڻي کي اڳتي وٺي هلندڙ، با معنى ڳالهه ٻولهه شامل ڪجي.
6. ماحول ۽ پس منظر جوڙجي: ماحول ۾ وقت، جاءِ، پس منظر ۽ وايو منڊل شامل آهن، جن ۾ وري پلاٽ هوندو آهي. پڙهندڙن کي ماحول ۽ پس منظر تڏهن دلچسپ لڳندو جڏهن اهو پلاٽ ۽ واقعي سان ٺهڪندڙ يا هم آهنگ هوندو. ماحول کي ڪردارن ۽ پلاٽ سان جوڙڻ گهرجي.
7. پلاٽ جوڙڻ: ڪهاڻي ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو هوندو آهي، ان کي پلاٽ چئبو آهي، ڪردار ڇا ڪري رهيا آهن، ڇا ڪندا ۽ ڪيئن ڪندا ان کي پلاٽ سڏيو ويندو آهي. جين برووي (Jane Burroway) پلاٽ جي باري ۾ چوي ٿو ته “پلاٽ واقعن جو تسلسل آهي، جن کي ڄاڻي واڻي ڊرامائي، موضوعاتي يا جذباتي ڪيفيت کي ظاهر ڪرڻ لاءِ جوڙيو ويندو آهي.”
8. ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ: ٽڪراءُ، تضاد يا ڇڪتاڻ ڪردارن جي وچ ۾ مخالفت سان پيدا ٿيندي آهي جنهن ڪري ٽينشن جنم وٺندو آهي ۽ اهو ٽينشن افساني ۾ دلچسپي پيدا ڪندو آهي. جين برووي ان ڇڪتاڻ کي هن طرح بيان ڪيو آهي ته “ڇڪتاڻ افسانوي ادب جو بنيادي عنصر آهي، بنيادي ان ڪري جو ان سان ادب ۾ دلچسپي پيدا ٿيندي آهي ۽ اها ڇڪتاڻ زندگيءَ جي عظيم موضوعن کي ڪهاڻيءَ ۾ تبديل ڪندي آهي.”
9. ڪلائيميڪس طرف وٺي اچو: هاڻي ان ڇڪتاڻ کي ڪلائيميڪس جو دڳ ڏيکاريو جيڪا هڪ فيصله ڪن گهڙي هوندي آهي، جنهن ۾ پرجوش ۽ ڊرامائي لمحا هوندا آهن.
10. حل ڪڍڻ: شارٽ اسٽوري ۾ مڪمل حل ڏيڻ ڏکيو ڪم آهي، هتي فقط ڇڪتاڻ جو حل پيش ڪيو ويندو، جنهن جي نتيجي ۾ مکيه ڪردار يا ٻين ڪردارن جي رويي ۾ تبديلي آڻڻي پوندي يا پاسو بدلائيندي نئين رُخ کان ڏسڻ جي شروعات ڪرائي ويندي.
هڪ ٻي ڳالهه ته معياري ڪهاڻيءَ لاءِ واقعي جي چونڊ ۽ پلاٽ اندر ان جي ترتيب پڻ اهميت لهڻي ٿي. واقعي يا حادثي جي چونڊ وقت ان ڳالهه جو خيال رکڻ لازمي آهي ته ڪهاڻي لاءِ اهو واقعو يا حادثو مناسب آهي به يا نه. جيڪڏهن مناسب سمجهو ٿا ته ان جي پلاٽ ترتيب ڏيڻ لاءِ لائحه عمل جوڙيو ته ڪهاڻي ڪيئن ۽ ڪٿان شروع ڪجي؟ ليکڪ جو ڪم ان ڪهاڻيءَ جي ڪردارن توڙي عنصرن ۾ توازن پيدا ڪرڻ آهي، جيئن کاڌي ۾ اگر مليل جزا معيار ۽ وزن مطابق نه هوندا ته ضرور ان جو ذائقو ئي تبديل ٿي ويندو. ڪهاڻي لکڻ جي ٽيڪنڪ بابت امر جليل لکي ٿوته:
“ڪهاڻي، فزڪس ۽ ڪيمسٽريءَ جي رٿيل فارمولائن مطابق نه لکبي آهي پر اوهان کي اهڙا انيڪ ليکڪ ملي ويندا جيڪي لکڻ کان اڳ ڪهاڻيءَ جو خاڪو ٺاهي سامهون رکندا آهن ۽ پوءِ ڪهاڻي لکڻ شروع ڪندا آهن. خاڪي ۾ ڪهاڻي جو منڍ، جسم يعني باڊي، ڪلائيميڪس ۽ پڄاڻيءَ بابت نوٽس ورتل هوندا آهن. ڪيترائي ليکڪ ڪلائيميڪس ۽ پڄاڻيءَ کي ڳنڍي هڪ ڪري ڇڏيندا آهن. لکڻ لاءِ، ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ هر هڪ ليکڪ کي پنهنجو ڏانءُ، پنهنجو انداز ۽ پنهنجو طريقو هوندو آهي.” (25)
دنيا اندر موضوع تمام ٿورڙا آهن ٻڌايل معلومات موجب ڪل 36 ٿيم آهن ۽ انهن 36 موضوعن مان به شايد ڏهن يا پندرنهن تي ئي گهڻو لکيو ويو آهي ۽ انهن موضوعن تي لکڻ وارن جو تعداد حد کان وڌيڪ آهي، ان موضوع تي لکيل لکڻين جو تعداد وري ڳڻپ کان ٻاهر آهي. مثال پيار هڪ موضوع آهي ۽ ان موضوع تي هڪ اندازي موجب ڪيتريون تحريرون لکيون ويون هونديون؟ ظاهر آهي ڪروڙن جي تعداد ۾هونديون. ڪابه ڪهاڻي لکڻ کان پهرين اهو ضرور ذهن ۾ رکڻ کپي ته ان موضوع تي اها ڳالهه ڪٿي ماضيءَ ۾ لکيل ڳالهين جو ورجاءُ ته ناهي؟ جيڪڏهن ورجاءُ محسوس ٿئي ته ان جي پلاٽ جي پيشڪش گهٽ ۾ گهٽ نواڻ ڏيندڙ هجي يا ڪلائيميڪس گهڻو ڇرڪائيندڙ هجي. هيٺ ڪجهه اهم خوبيون پيش ڪجن ٿيون، جيڪي ڪهاڻي جي رواجي موضوع ۽ واقعي کي به نواڻ بخشي سگهن ٿيون ته اوهان کي به ڪنهن پختي ڪهاڻيڪارن جي فهرست ۾ شامل ڪري سگهن ٿيون. ناليوارو ڪهاڻيڪار نجم عباسي پنهنجي ڪتاب “ڪهاڻيءَ جو قافلو” ۾ ڪهاڻي جي سٽاءَ بابت لکي ٿو ته:
“اڄوڪي ڪهاڻيءَ ۾ واقعن سان گڏ منظرنگاري،ڪردارنگاري، ڊگهي گفتگو، سماجي ۽ سياسي مسئلن تي ٽيڪاٽپڻي، ڪردارن جي ذهني سوچ ۽ نفسياتي ڪيفيت جو ذري پرزي احوال ۽ هنن جي منهن مهانڊي جو تفصيل پڻ ڏجي ٿو. ان کانسواءِ پلاٽ منجهيل ۽ وڙوڪڙ ٿئي ٿو ۽ ڪن حالتن ۾ ته پلاٽ ٿئي ئي ڪونه. اهي ڳالهيون ڪهاڻيءَ جي رفتار ۾ رڪاوٽ وجهن ٿيون ۽ واقعي جو سلسلو هر هر ٽٽي پوي ٿو.” (26)
منظرنگاري:
منظرنگاري دراصل ڪهاڻي بيان ڪرڻ دؤران ماحول جوڙڻ يا وقت ۽ پهر ڏيکارڻ لاءِ بيان اندر درج ڪئي ويندي آهي. منظر مان مراد ڏيک آهي ۽ ڪوبه منظر چٽڻ وقت ڪجهه ڳالهين جو خيال پڻ رکيو ويندو آهي، مثال جيڪڏهن واقعو يا ڳالهه جو تعلق رات سان آهي ته رات جي منظرنگاري ڪبي، اگر ڏينهن جو آهي ته ڏينهن واري ڪبي. منظر نگاري وسيلي پڙهندڙ جي ذهن ۾ هڪ خاڪو اڀرندو آهي، جنهن وسيلي اهو پاڻ کي ان واقعي سان ڳنڍيل يا اتي موجودگي محسوس ڪندو آهي. اهڙو ڪوبه منظر چٽڻ لاءِ پنهنجيون اکيون بند ڪري، پاڻ کي ان ماحول ۾ محسوس ڪريو ۽ دل جي اکين سان جيڪو اوسي پاسي نظر اچي اهو لکندا وڃو. منظر نگاريءَ کي سمجهڻ واسطي عباس ڪوريجي جي ڪهاڻي “جهرڪيءَ جي آکاڻي” مان هي ٽڪرو پيش ڪجي ٿو:
“شهر جي گهما گهميءَ ۽ گهُٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول کان ڪوهين ڏور، دريا جي ڪپ تي آباد ننڍڙي ڳوٺڙي جوماحول جنت سمان آهي، هڪ پاسي ڪمند جو ڊگهو گهاٽو فصل فوجي پلٽون وانگر قطارن ۾ بيٺل هوندو آهي ته ٻئي پاسي مڪئيءَ جا سنگ هوا تي لڏندي هو جمالو جو رقص پيش ڪري رهيا هوندا آهن. سرسبز ۽ آباد ٻنين جي وچ ۾ پنجاهه گهرن تي مشتمل هي ڳوٺ آباد آهي.
جڏهن اتر جي هوا، دريا جي لهرن کي ڇهندي، ڳوٺ جي گهرن ۾ داخل ٿيندي آهي ته پوءِ سانوڻ هجي يا سيارو بدن مان سيسراٽ ڪڍي وجهندي آهي. ڇٻر جي سائي قالين وڇايل ٻنن تي جڏهن عورتون ڪامبو ٻڌي ڪمند جي فصل مان ڏاندن ۽ ٻڪرين لاءِ گاهه ڪرڻ نڪرنديون آهن ته مٿان گذرندڙ پکين کي ٽُڪ جي رليءَ جهڙو ڏيک ملندو آهي. سڀ گهر هارين جا ئي آهن، جن کي پنهنجيون ذاتي زمينون آهن. ڳوٺ ۾ زميندار يا وڏيرو نه هجڻ ڪري امن ۽ سڪون جا ڪڪر پيا وسندا آهن، هرو ڀرو جهيڙو يا ڏندچڪ ناهي ٿيندي، باقي اهو ساڙ ۽ مقابلو ضرور رهندو اٿن ته ڪنهن جو فصل ڀلو ۽ ڪنهن جو ڪسو ٿيو آهي.” (27)
خوبصورت ۽ وقتائتي منظرڪشي ڪهاڻي يا افساني کي اڀارڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندي آهي. منظرنگاريءَ طرف ڌيان ڏيڻ جي ضرورت هوندي آهي، هڪ ته اها منظر نگاري ڪهاڻيءَ جي بيان واري حصي ۾ ايندي آهي، جنهن ڪري اها ٻولي ڪهاڻيڪار جي ٻولي سمجهي ويندي آهي، جيڪا ادبي ٻولي هجڻ گهرجي.
منظر ڪشي وقت هنن ڳالهين کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي.
• ڪهاڻيءَ جي واقعي کي نظر ۾ رکجي.
• رات يا ڏينهن هجڻ يا مخصوص وقت ڏيکارڻ طرف ڌيان ڏجي.
• شهري يا ٻهراڙي جي ماحول جو فرق رکجي.
• غريب يا امير جي اٿڻ، ويهڻ، سوچ، عمل ۽ گفتگو جي انداز کي نظر ۾ رکجي.
• لفظن جي چونڊ ماحول مطابق هجي.
• واقعي يا حادثي ٿيڻ کان پهرين ان بابت ماحول جوڙجي.
• موسم جو خاص خيال رکندي ان موجب ڊريسنگ ڏيکارجي.
• پسگردائي وارو ماحول به حقيقت پسندانه ڏيکارجي.
• ڪردار جي نفسيات موجب ماحول هجڻ گهرجي.
ٻولي:
ٻوليءَ مان مراد بياني ۽ ڪرداري ٻولي آهي. بياني ٻولي ڪهاڻيڪار جي ٻولي هوندي آهي، جيڪا هو منظر يا ماحول بيان ڪرڻ وقت ڪتب آڻيندو آهي. ڪرداري ٻوليءَ مان مراد ڪردار پاران ڳالهائي ويندڙ ٻولي آهي. ٻوليءَ مان ڪهاڻيڪار جي مشاهدي ۽ مطالعي جي خبر پوندي آهي.
بياني ٻولي ادبي ٻولي هوندي آهي، ان ۾ غلطي ڪرڻ کي ڪهاڻيڪار جي مطالعي ۽ مشاهدي جي غلطي سمجهيو ويندو آهي.
ڪرداري ٻولي جيڪا ڪردار جي واتان ڳالهرائي ويندي آهي، اها ڪرداري ٻولي آهي. هاڻي هتي ان ڳالهه جو خاص خيال رکڻو آهي ته اگر ڪردار ڪنهن ڳوٺاڻي هاريءَ جو آهي ته ٻولي به ان مطابق هجي. هتي ٻوليءَ جي لهجن جو به خيال رکڻ گهرجي، جيڪڏهن ٿر جو واقعو آهي ته ڪردارن جي گفتگو ۾ ڍاٽڪي اثر ضرور هجي، اگر ڪردار لاڙ، سري يا وچولي سان تعلق رکندڙ آهي ته ان جي گفتگو ۾ ان لهجي جي جهلڪ ضرور هجڻ گهرجي.
بياني توڙي ڪرداري ٻوليءَ اندر تشبيهون ۽ پهاڪا استعمال ڪرڻ کي سٺو سمجهيو ويندو آهي. پر لازمي امر آهي ته اهي موضوع ۽ واقعي سان مشابهت رکندڙ هجن.
سمجهڻ واسطي جمال ابڙي جي ڪهاڻي “بدمعاش” مان هي ٽڪرو پيش ڪجي ٿو:
“پوءِ ته ڪئين ڀيرا جهليو. لوڏو ئي نه اچيس. اک کڻيو نهاري ته ساهه سڪيو وڃي. جهڙي تهڙي پوليس آفيسر جي ڇاتي نه ٿئي، جو ڪجهه چويس.
چڱي مڙس جي چوريءَ ۾ جهليو. پوليس تي بار پيا. چيائونس؛ “مال موٽاءِ!” وٺي آيس گهر، ڀيڻس کي اگهاڙو ڪيائون، چي؛ “وار پٽينس”.
ڪيس مان ڇٽي نڪتو، ڀيڻ جي منهن نه چڙهيو. چڱي مڙس کي ماريائين. اهي پوليس جا آفيسر ماريائين. روپوش ٿي ويو. ڪهڙو روپوش؟ اتي ئي هو، پر پوليس کان ڏاڍو هو.
ڏهڪاءُ وجهي ڇڏيائين. ماڻهو مئو، ڄڻ ڪتو مئو. جڏهن ماڻهن جي ڳچين مان رت ٺينديون ڪري وهندو هو، جڏهن ڪٽيل نڙگهٽ مان گرڙاٽ جا آواز نڪرندا هئا. جڏهن وڍيل رڳن مان رتُ، ڇاٽيون ڪري نڪرندو هو ۽ رت جي گپ ۾ ڇڙهيون هڻندا، بل کائيندا هئا، تڏهن هو بيهي ڏسندو هو. هڪ ڀروون هيٺ، ٻيو مٿي ۽ اک چنجهي.
ڄڃون ڦريائين. گهوٽ ڪنوار ماريائين. نوٽن جون ڍڳيون ڪري ساڙيائين، ڄڀيءَ کي بيهي ڏٺائين. هڪڙو ڀروون هيٺ، ٻيو مٿي ۽ اک چنجهي.
هڪ دوست تي ڪاوڙيو، هڻي آنڊا ڪڍي رکيائينس. ٽڪر ٽڪر ڪري وڍيائينس. پوءِ وٺي ڪوڪون ڪيائين. اٺ پهر ماني نه کاڌائين. موٽي اچي، فاتحا پڙهيائينس. مڇون هيٺ لڙڪي آيس. رت لڳل ڪهاڙي کڻي خون واريءَ جاءِ تي پوري ڇڏيائين. ڄڻ ته پنهنجي ڏاڍ ۽ مستيءَ کي دفن ڪيائين...... ۽ پوءِ.....” (28)
علامت نگاري:
علامت جي معنى نشاني آهي، تشبيهه مان مراد ڀيٽ ڪرڻ آهي، استعاري مان مراد هوبهو اُڌارو وٺڻ آهي. چنڊ کي مثال وٺي انهن ٽنهي کي سمجهون ٿا. چنڊ علامت آهي حسن جي، روشني جي، خوبصورتي جي. تشبيهه ڏيڻ وقت چئبو آهي، منهنجو محبوب چنڊ جهڙو آهي. استعاري طور ڪتب آڻڻ وقت چئبو آهي، منهنجو محبوب ته چنڊ آهي. تشبيهه ۽ استعاري جو استعمال هونئن ته شاعري ۾ اڪثر ٿيندو آهي پر ڪهاڻي اندر به ڪتب ايندا آهن.
علامت ڪهاڻي جي گهرج پڻ آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه لفظن کي علامت طور ڪتب آڻبو آهي. سنڌي ڪهاڻي کيتر ۾ تاجل بيوس جو ڪهاڻِي ڪتاب “جهڄان پسي جهوڪ” علامتي ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
امر جليل جي مشهور ڪهاڻي “ڪپيل ٻانهن جو وارث” مان هي ٽڪرو مثال طور پيش ڪجي ٿو:
“مئجسٽريٽ صوبيدار جي هٿ ۾ جھليل ٻانهن ڏانهن اشارو ڪندي چيو، “منهنجو خيال آهي، هيءَ ٻانهن تنهنجي آهي.”
مريض مئجسٽريٽ تان نظرون هٽائي، ٻانهن ڏانهن ڏسڻ لڳو. ڪجھ دير کان پوءِ هن وري مئجسٽريٽ ڏانهن ڏٺو. پڇيائين، “تنهنجي عمر ڪيتري آهي؟”
مئجسٽريٽ وائڙو ٿي ويو. ڪجھ سمجھ ۾ نه آيس، چيائين، “مان پنجويهن سالن جو آهيان.”
“مان به پنجويهن سالن جو آهيان، پاڪستان به پنجويهن سالن جو آهي.” زخمي چيو، “پنجويهن سالن ۾ هن ملڪ تو جھڙن کي پنجويھ ٻانهون ڏيئي ڇڏيون آهن. مونکان ٻن ٻانهن مان هڪ ٻانهن ڦڙي ورتي آهي.”
مئجسٽريٽ اجايو کلڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس شڪل ڀولي جھڙي ٿي ويئي. چيائين، “مان حڪومت پاڪستان طرفان توکي تنهنجي ٻانهن موٽائي ڏيڻ آيو آهيان.”
زخميءَ ڪرڙي اک سان مئجسٽريٽ ڏانهن ڏٺو. ڄاڙيءَ جا هڏا هڪٻئي ۾ جڪڙجي ويس. منهن جو رنگ بدلجندو ويس. تڪليف بدران، سندس منهن مان بي پناھ نفرت ظاهر ٿيڻ لڳي.
مئجسٽريٽ کان زخمي جي خاموشي ۽ گھائل ڪندڙ گھور برداشت ٿي نه سگھي. چيائين، “مان تو کي تنهنجي ٻانهن موٽائي ڏيڻ آيو آهيان.”
“مونکان جيئري جاڳندي ٻانهن وٺي، مونکي مئل ٻانهن ڏيڻ آيو آهين!” زخميءَ ڏند ڪرٽيندي چيو، “مان فنڪار آهيان. مان مئل ٻانهن کي ڇا ڪندس! مونکي جيئري ٻانهن موٽائي ڏيو.”
ڊاڪٽرن مئجسٽريٽ کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو، “هن جو دماغ خراب ٿي ويو آهي. اسين کيس چرين جي اسپتال موڪلينداسين.”
مئجسٽريٽ نه مُڙيو. زخميءَ کي چيائين، “توکي پنهنجي ٻانهن نه گھرجي؟”
“مان مئل ٻانهن ڇا ڪندس!” زخميءَ چيو، “پنهنجي حڪومت کي چئه ته مونکي منهنجي جيئري ٻانهن موٽائي ڏي. مونکي جيئري ٻانهن گھرجي. مان فنڪار آهيان. مان تصويرون ٺاهڻ چاهيان ٿو. مان ڪوي آهيان. مان گيت لکڻ چاهيان ٿو. مان سودائي آهيان. مان ڪهاڻيون لکڻ چاهيان ٿو. مونکي منهنجي ٻانهن موٽائي ڏيو. مونکي منهنجي جيئري ٻانهن موٽائي ڏيو.”
مئجسٽريٽ کي وحشت وٺي ويئي. هو ڊاڪٽرن ۽ صوبيدار سميت موٽي ويو.” (29)
اسلوب :
اسلوب نثر توڙي نظم ٻنهي ۾ ڪتب ايندو آهي. اسلوب کي انگريزي ۾ Diction سڏبو آهي. اسلوب طرزِ تحرير آهي، جنهن مان مراد ڳالهه چوڻ جو ڍنگ يا طريقو آهي. اسلوب ۾ جدت يا منفرديت ليکڪ کي منفرد يا الڳ ڪري بيهاريندي آهي. هر ماڻهوءَ جي سوچڻ جو انداز الڳ الڳ هوندو آهي ۽ ڳالهه ٻڌائڻ جو انداز به الڳ هوندو آهي. اوهان نوٽ ڪيو هوندو ته زندگيءَ جي عام رواجي ڳالهه جڏهن ڪوبه سنجديدهه سمجهيو ويندڙ شخص ڪندو ته غور سان ٻڌي ويندي آهي، پر جڏهن ڪو مسخرو سمجهيو ويندڙ شخص ڪندو ته مذاق تصور ڪئي ويندي. دنيا جي سڀني ماڻهن جا ڏک، خوشيون، محبتون وغيره ساڳيا آهن ۽ اهي اهڙا موضوع آهن، جن تي انيڪ ڪهاڻيون سرجيون ويون آهن. پر هر ڪهاڻي جي انفراديت اسلوب سان جانچجي ٿي.
اسلوب هڪ فن آهي ڳالهه بيان ڪرڻ جو، تنهن ڪري ڪوشش ڪجي ته ڪنهن ٻئي جو اسلوب ڪاپي نه ڪجي، پنهنجو انداز اختيار ڪجي، ڳالهه پيش ڪرڻ لاءِ. بيان جو انداز ائين هجڻ کپي جو ڪردار، منظر ۽ ٻولي ڪٿي به اوپري محسوس نه ٿئي.
زمان :
اڪثر ڪري ڪهاڻيون زمان حال مطلق، زمان حال استمراري يا زمان حال مڪمل ۾ لکيون وينديون آهن پر اڪثر ڪهاڻيڪار زمان ماضي مطلق، زمان ماضي استمراري يا زمان ماضي مڪمل ۾ به ڪهاڻيون لکڻ پسند ڪن ٿا. پرڪجهه جدت پسند ڪهاڻيڪارن زمان مستقبل ۾ پڻ ڪهاڻيون لکيون آهن. پهريون مڪمل سنڌي مستقبليه ناول قاضي فيض محمد جو “ ٻاويهه سئو ٻاويهه” آهي، جڏهن ته طارق قريشيءَ جون ڪجهه ڪهاڻيون جن ۾ “صديءَ جو سفر، قيامت ۽ ظالمِ اعظم” شامل آهن اهي سنڌيءَ ۾ پهريون مستقبليه ڪهاڻيون آهن. عباس ڪوريجي جون “ چنڊ پيرن هيٺ ۽ خلا جو سفر” پڻ سائنسي مستقبليه ڪهاڻيون آهن.
پڄاڻي يا ڪلائيميڪس:
پڄاڻي ۽ ڪلائيميڪس ڪنهن به ڪهاڻي جي سحرانگيزي ۽ مقبوليت جو وڏو سبب بڻجي سهگن ٿا. ڀرپور ڪلائيميڪس واري ڪهاڻي يادگار بڻجي ويندي آهي ۽ صدين تائين بحث جو موضوع بڻجندي رهندي آهي. پڄاڻي جي لحاظ کان مختصر ڪهاڻي يا افساني جو ڪلائيميڪس هميشه غير متوقع رکيو ويندو آهي. جيئن ڪنهن به ڊرامي يا فلم جي پڄاڻي هميشه خوشگوار رکي ويندي آهي، جنهن ۾ هيرو جي فتح ۽ ولين جي ذلالت ڏيکاري ويندي آهي پر مختصر ڪهاڻي يا افساني اندر توقع جي ابتڙ اهڙي پڄاڻي رکڻ گهرجي جيڪا پڙهندڙ کي سوچڻ تي مجبور ڪري، روئاري وجهي، جنجهوڙي يا سحر ۾ جڪڙي وجهي. ڪهاڻي جو ڪلائيميڪس ڊرامائي نه پر زندگيءَ جي حقيقتن ۾ رڱيل نظر اچي، خيالي محسوس نه ٿئي پر گهر ۽ گھٽيءَ جي ڪهاڻي يا ڳالهه لڳي.