• مختصر ڪهاڻيءَ سان هڪ جهڙائي رکندڙ صنفون
مختصر ڪهاڻي سان هڪ جهڙائي رکندڙ صنفن ۾ خاص طور تي شامل آهن، آکاڻي، ناول، ناوليٽ، ناويلا، قصو، داستان، لوڪ ڪهاڻي ۽ ڪالم ڪهاڻي وغيره.
آکاڻي :
“ آکاڻي: آکاڻيءَ مان مراد واقعن جو تسلسل ٿئي ٿو، جنهن ۾ منظر، ڪردار ۽ واقعا شامل هجن. آکاڻي انساني زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ مختلف وارداتن، مشاهدن ۽ تجربن جي ترجمان آهي. آڳاٽي دؤر ۾ سنڌ ۾ آکاڻين جي رواج رهيو آهي، جيڪي مذهبي نوعيت جون ۽ سورمن جي ڪردارن تي مبني هيون. جنن، ديون ۽ پرين جا قصا آکاڻيون ليکجن ٿيون.
جديد زماني ۾ آکاڻي يا ڪهاڻي افساني کي چوندا آهن، جنهن ۾ ڪوبه واقعاتي قصو بيان ڪيل هجي. اصطلاحي طور آکاڻي اهو قصو آهي، جيڪو ٻاراڻي زندگيءَ ۽ ٻاراڻي دلچسپيءَ پٽاندر ڪردارن تي مبني تصوراتي افسانوي ليک هجي. آکاڻي ٻڌائڻ جو سلسلو تڏهن کان شروع ٿيو جڏهن انسان ڳالهائڻ سکيو، ان ريت ڪن شروع ۾ پاڻ سان يا قبيلي وارن سان پيش آيل واقعن کي ياد ڪري ٻين تائين پهچائڻ شروع ڪيو. پوءِ جڏهن اهي ٻڌل واقعا هڪ شخص کان ٻئي شخص تائين ۽ هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين منتقل ٿيا ته انهن افسانوي رنگ به اختيار ڪيو. ان ريت اهي قصا ڪهاڻيون ماضيءَ جي واقعن ۽ تجربن جو ذخيرو ٿيندا ويا. اڳتي هلي ڪي ماڻهو اهي قصا ياد ڪرڻ ۽ ڊرامائي انداز ۾ بيان ڪرڻ جا ماهر ٿي ويا. ان ريت آکاڻي جو فن اسريو ۽ دنيا جا بهترين قصا جهڙوڪ رامائڻ، مهاڀارت، الياد، اوديسي وغيره لکيا ويا.” (43)
آکاڻي ۽ مختصر ڪهاڻي ۾ فرق:
مختصر ڪهاڻي يا افسانو بنيادي طرح آکاڻي ئي آهي. ڪهاڻي آکاڻي جي ئي موجودهه سڌريل صورت آهي. آکاڻي ۾ واقعا ڪردارن کان وڌيڪ اهميت رکندا هئا ۽ ڪردار جي حيثيت ثانوي رکي ويندي هئي. آکاڻي ۽ مختصر ڪهاڻيءَ ۾ واضح فرق اهو آهي ته آکاڻيون ٻارن لاءِ لکيل اهڙيون ڪهاڻيون آهن، جن ۾ ماڻهو، جانور، پکي، جيت، جن، ديو، پريون ۽ ٻين مخلوقن کي ڪردار بڻائي افسانوي انداز ۾ ڪونه ڪو اصلاحي پيغام ڏنو ويندو آهي. جڏهن ته موجودهه ڪهاڻي سماج جي ڪردارن تي آڌاريل واقعن يا حادثن جو حقيقي روپ آهي. سنڌيءَ ۾ “گرم جون آکاڻيون” ۽ “ايسپ جون آکاڻيون” تمام گهڻو مشهور آهن.
داستان:
داستان پڻ ڪوڙي قصي طور مشهور آهي. جنهن جو اڪثر ڪري تعلق حقيقي زندگيءَ سان ناهي هوندو. ان ۾ مافوق الفطرت واقعن جو هڪ سلسلو هوندو آهي. داستان ڪهاڻي جي سڀ کان قديم صورت آهي، يعني داستان اها ڪهاڻي يا قصو آهي، جنهن جو بنياد تخيل، رومان ۽ مافوق الفطرت عنصرن تي هجي. ڪهاڻي جيئن ته ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ واري ڳالهه آهي، اهڙي طرح داستان جو تعلق به ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ سان آهي. داستان جو تعلق حاضرين کي مخاطب ٿي ٻڌائڻ سان آهي، تنهن ڪري ان ۾ ويٺل ماڻهن يا ٻڌندڙن سان مخاطب ٿيڻ واسطي مخصوص لفظ پڻ ڪتب آندا ويندا آهن، جيئن ٻڌندڙن جي دلچسپي قائم رهي. داستان هڪ ڊگهي ڪهاڻي يا قصو هوندو آهي، جنهن ۾ هر ايندڙ واقعو پراڻي آيل واقعي جي ڪڙي هوندو آهي، داستان مان اڳتي هلي ناول ۽ ڪهاڻيءَ جو جنم ٿيو.
احسان بدوي پنهنجي زينت ناول جي مطالعي واري مضمون ۾ لکي ٿو:
“مشرقي ادب ۾، هونءَ ته قصي نويسيءَ، ۽ داستان سرائيءَ جو رواج، صدين کان وٺي هلندو آيو آهي؛ جنهن ۾، ڪنهن تاريخي، يا نيم تاريخي شخصيت کي، قصي يا داستان جو هيرو بڻائي، هڪ اهڙي تخيّل جي دنيا پيدا ڪئي ويئي آهي، جنهن جو حقيقت سان، دُور به تعلق، ۽ واسطو ڪونه آهي. داستان، ۽ قصي ۾، هڪ اهڙي ڪائنات ٿئي ٿي، جتي ديوَ، پريون، ۽ عجيب الخلقت هستيون، چُرنديون ڦِرنديون نظر اچن ٿيون. اِن لحاظ کان، قصو يا داستان، مافوق الفطرت ڪهاڻين کان، زياده اهميت نٿو رکي. مگر اِن جو مطلب اِهو نه آهي، ته ڪو قصن، ۽ داستانن کي، ڪا اسان جي ادب ۾، جڳهه ئي حاصل ڪانه آهي.” (44)
داستان ۽ مختصر ڪهاڻيءَ ۾ فرق:
داستان ۾ لوڪ ادب جو رنگ ڇانئيل هوندو آهي، جڏهن ته مختصر ڪهاڻيءَ جو تعلق سماج ۽ ان ۾ رهندڙ فردن سان آهي. داستان ۾ مافوق الفطرت عنصر هوندا آهن، جڏهن ته ڪهاڻي سائنسي بنيادن تي تبديل ٿيندڙ سماج جو عڪس آهي. داستان ٻڌائڻ جي ڳالهه آهي، جڏهن ته مختصر ڪهاڻي پڙهڻ لاءِ لکي ويندي آهي. داستان ۾ ٻڌائڻ وارو پنهنجي پاران مخاطب ٿيڻ وارا لفظ پڻ ڪتب آڻيندو آهي، جڏهن ته ڪهاڻي بياني يا مونولاگ ٿيندي آهي.
ناول/ناوليٽ/ناويلا:
دنيا جي تقريبا هر ٻولي جي ادب ۾ داستان، قصو، ناول، افسانو هڪ ئي خاندان جا فرد آهن. سڀني جو تعلق افسانوي ادب سان آهي. هتي اسان ناول ۽ ان جي صورتن جو مختصر ذڪر ڪنداسين.
ناول اطالوي زبان جو لفظ آهي، انگريزي ادب مان سنڌي، اردو توڙي ٻين ٻولين ۾ آيو. ناول لفظ جي لغوي معنى ڀي آهي ڪا نئين، نرالي، انوکي يا عجيب ڳالهه. ناول داستان جي ترقي يافته شڪل آهي. ناول اها نثري ڪهاڻي يا قصو آهي، جيڪو پنهنجي خاص مقصد تحت اڳتي وڌندو منزل تي رسي ٿو. ناول جو پلاٽ تمام وڏو ۽ تفصيلي هوندو آهي. ان ۾ مختصر ڪهاڻي وانگر ڪنهن به هڪ واقعي تي فوڪس ڪرڻ واري بندش ناهي، بلڪه ناول واقعن جي هڪ سيريز جو نالو آهي. هڪ ناول ۾ زندگيءَ جي انهن سڀني مسئلن، مونجهارن توڙي واقعن کي هڪڙي مخصوص پلاٽ جي تحت قلمبند ڪيو ويندو آهي، جيڪي اسان جي سماج اندر موجود آهن. ناول اندر هڪ کان وڌيڪ ڪهاڻيون ۽ ڪردار شامل هوندا آهن. مرڪزي ڪهاڻي يا ڪردار کي وڌيڪ اهميت ڏنل هوندي آهي. سنڌي ادب ۾ ناول جي صنف ايتري ترقي ناهي ڪري سگهي جيتري ٻين ٻولين ۾، ان جا ٻيا به ڪيترائي سبب هوندا پر سنڌيءَ ۾ جيڪي به ناول لکيا ويا آهن، اهي اڪثر يونيورسٽيءَ جي پلاٽ تي آڌاريل آهن، باقي جيڪي تاريخي ناول آهن، انهن جو تعداد بلڪل ٿورڙو آهي.
ناوليٽ ناول جو ننڍايل فارم آهي. طوالت جي لحاظ کان ننڍو ناول ناوليٽ سڏجي ٿو. جيڪو هجي ته ناول جون گهرجون پوريون ڪندڙ، طويل نه هجي ، ان کي ناوليٽ يا مختصر ناول سڏيو ويندو آهي.
ناويلا کي Long Short Story به سڏيو ويندو آهي. ناويلا ناول ۽ مختصر ڪهاڻي جي وچ واري هڪڙي صنف آهي، جيڪا طوالت ۾ ذري گهٽ ناول جيتري ۽ عنصرن ۽ جوڙجڪ ۾ مختصر ڪهاڻي جهڙي هوندي آهي. هتي ڳالهه واضح ڪندو هلان ته مختصر ڪهاڻي Short Story جو اهو مطلب قطع ناهي ته ڪا ننڍڙي ڪهاڻي، پر ان جو مطلب اهو آهي ته ناول جي ڀيٽ ۾ ننڍي ڪهاڻي.
ناول هر سماج ۾ گهڻو پڙهي ويندڙ صنف آهي، ان جي مقبوليت جو هڪڙو مثال اهو به آهي ته هالي ووڊ جون ڪيتريون ئي ڪامياب فلمون ناولن مان ٺاهيون ويون آهن.
ناول/ناوليٽ/ناويلا ۽ مختصر ڪهاڻيءَ ۾ فرق:
ناول ۾ هڪ کان وڌيڪ واقعا يا ڪهاڻيون بيان ٿيل هونديون آهن، جڏهن ته مختصر ڪهاڻي تاثر جي وحدت تي زور ڏئي ٿي. ناول جو پلاٽ وسيع هوندو آهي، جنهن ۾ مرڪزي ڪردار توڙي واقعن کي تفصيل سان بيان ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته ڪهاڻي ۾ اختصار کان ڪم ورتو ويندو آهي. مختصر ڪهاڻي ۽ ناول جا فني جزا تقريباَ ساڳيا هوندا آهن، پيشڪش جو انداز به هڪ جهڙو هوندو آهي، پر بنيادي فرق فقط پلاٽ اندر واقعن ۽ ڪردارن جي گهٽ وڌائيءَ جو آهي.
لوڪ ڪهاڻي:
لوڪ ڪهاڻي لوڪ ادب جي مشهور ۽ مقبول صنف آهي. لوڪ ڪهاڻي قديم دؤر ۾ بادشاهن، پرين، جنن، ديون، جادوگرن، ڏانئڻين، ڀوپن، وزيرن ۽ شهزادن، شهزادين جي قصن تي مبني قصا آهن، جيڪي پڻ اڪثر ٻڌڻ ٻڌائڻ وسيلي نسل در نسل وڌندا رهيا. انساني تاريخ جا قديم وهم وسوسا لوڪ ڪهاڻين ۾ بيان ڪيا ويا آهن. لوڪ ڪهاڻيون ڪنهن لکيون يا ٻڌايون ان بابت ڪا به ثابتي نٿي ملي. لوڪ ڪهاڻي هر دؤر ۾ هر سماج ۾ تبديل ٿيندي رهي آهي، ان جو سبب هر سماج جون الڳ الڳ معاشي، سماجي حالتون ۽ عقيدهه آهن. لوڪ ڪهاڻين جا ڪردار فرَضي يا هٿرادو آهن. اهي سماج مان ناهن نه ئي وجود رکندڙ هوندا آهن سواءِ انهن ڪردارن جي جيڪي انسان آهن.
لوڪ ڪهاڻي ۽ مختصر ڪهاڻي ۾ فرق:
لوڪ ڪهاڻي لوڪ ادب جي صنف آهي، مختصر ڪهاڻي سماجي ادب جي حقيقت تي آڌاريل تخليق آهي. لوڪ ڪهاڻي جا اڪثر ڪردار ۽ واقعا مافوق الفطرت آهن، جڏهن ته مختصر ڪهاڻي جا ڪردار ۽ واقعا اسان جي سماج جي جيئري جاڳندي تصويرآهن.
ڪالم ڪهاڻي:
ڪالم صحافتي ادب جي صنف آهي، جيڪا روزانو اخبارن جو پيٽ ڀرڻ لاءِ اوچتو پيدا ٿيل واقعن، حادثن، مصيبتن ۽ حالتن تي لکيا ويندا آهن، ڪالم جي عمر جو مدار ان واقعي جي عمر جيترو هوندو آهي، گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڏينهن يا وڌ ۾ وڌ جيستائين ان واقعي جو اثر قائم هجي. ڪالم ڪهاڻي روزمرهه جي اهڙن واقعن کي ڪردارن جي صورت ۾ بحث هيٺ آڻڻ ۽ پنهنجي تجزياتي راءِ ڏيڻ جو نالو آهي، اهڙي قسم جون انيڪ ڪهاڻيون نامياري ڪهاڻيڪار امر جليل لکيون آهن، جن ۾ سندس سنڌو، چيني، چرٻٽ ۽ ڦندڻ جي ڪردارن مقبوليت ماڻي. اڄڪلهه ته اڪثر ليکڪ ڪالم ڪهاڻيون لکڻ کي ترجيح ڏيندي نظر اچن ٿا، ڇوته ان لاءِ پلاٽ اڳواٽ موجود هوندو آهي ۽ ڪردار انهن جا گهڙيل هوندا آهن، فقط مڪالما پيش ڪرڻ جي ضرورت پوندي آهي.
ڪالم ڪهاڻي ۽ مختصر ڪهاڻي ۾ فرق:
ڪالم ڪهاڻي اخبارن لاءِ لکي ويندي آهي، اها روزمرهه جي واقعن، حادثن جي اثر هيٺ هوندي آهي ۽ ان تي ليکڪ جي پنهنجي جڙتو ڪردارن وسيلي راءِ ڏنل هوندي آهي.
ڪالم ڪهاڻي جي عمر مختصر هوندي آهي.
ڪالم ڪهاڻي صحافتي ادب جو حصو آهي.
ڪالم ڪهاڻي مختصر ڪهاڻي جي ڀيٽ ۾ ننڍي فقط واقعي تي فوڪس ڪيل هوندي آهي.
ڪالم ڪهاڻي جي اڻت مختصر ڪهاڻي کان بلڪل مخلتف هوندي آهي. ان ۾ ماحول يا ڪردارن جي پنهنجي مسئلن يا مونجهارن جو بيان ناهي هوندو پر اڪثر اخبار ۾ شايع ٿيل واقعي تي تاثر هوندو آهي.