جيون تنهنجي نانءِ
“ ڊاڪٽر صاحب پليز منهنجي اميءَ کي ڏسو.پليز ڊاڪٽر هوءَ تڙپي رهي آهي.” منهنجي ٻانهن کي لوڏيندي چيائين.
مان بغير ڪجھ چوڻ جي جلدي مڙيس ۽ ان سان گڏ ان جي ماءُ وٽ پهتس جيڪا واقعي تڙپي رهي هئي. جلديءَ ۾ ان کي روم ۾ پهچائي آڪسيجن لڳرائي ۽ پينڪلر انجيڪشن هڻايون مانس. پنهنجي حصي جي دوائن مان ڊرپ لڳرائي پوءِ سندس ڌيءَ کي چيو مانس،
“ انشاءَالله ڪجھ وقت ۾ آرام اچي ويندس.”
تڏهن ويچاريءَ کي ڪجھ سڪون مليو ۽ مهرباني چيائين. ڄڻ ان لفظ سان شڪريو ادا ڪيائين. تقريبن ٻه ڏينهن انهن کي اسپتال ۾ لڳي ويا. ان وچ ۾ سندس نالي کان به واقف ٿيس ۽ سندس ماءُ دلشاد بيگم جي بيماريءَ جي وجه به معلوم ٿي. جيڪا سندس مڙس جي ٻي شادي هئي. اسپتال مان ڊسچارج ٿيڻ وقت ثوبيه کي چيم،
“ هاڻي هيءَ ڪافي بهتر آ ۽ هي دوائون به ان کي ڏيندا رهو. باقي وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪيو ته هن کي ڪنهن به قسم جو ٽينشن نه ملي.”
“ بس ڊاڪٽر صاحب ٻي ته اهڙي ڪا به ڳالھ نه آهي پر بابا جي شادي ۽ وري هفتن جا هفتا گهر نه اچڻ اميءَ کي جهوري وڌو آهي.”
“ پر شاديءَ جو ڪو سبب هيو ڇا.”
مان ذاتي سوال تي لهي آيس پر منهنجو مقصد صرف اهو هيو ته ڪنهن طرح سان انهن جي همدردي ڪجي ۽ مون ضروري سمجهيو ته جيئن اهي مطمئن ٿي وڃن ڇو جو مريض کي سيٽسفاءِ ڪرڻ ڊاڪٽر جو اخلاقي فرض آهي. ثوبيه ٻڌايو.
“ مان پنهنجي والدين جي اڪيلي ڌيءَ آهيان ۽ مون کان پوءِ يعني هن وقت 20 سالن تائين بابا کي ٻي ڪا اولاد ڪونه ٿي. ان وچ ۾ بابا اميءَ جا ڪافي علاج ڪرايا. مٽن مائٽن جي صلاح سان پيرن فقيرن تي به ويا سي پر وريو ڪجھ به ڪو نه.”
“ اوھ رب سائين بهتر ڪندو. بهرحال هاڻي توهان کي وڌ ۾ وڌ حوصلي ۽ همت کان ڪم وٺڻو پوندو . ڇو ته حوصلو انسان کي زندگي بخشي ٿو.” ان کان وڌيڪ مون پڇڻ مناسب نه سمجهيو.
“ اوهان جي وڏي مهرباني ڊاڪٽر صاحب.”
“ منهنجو نالو داڪٽر عارف آهي. صبح جو 9 کا 4 وڳي تائين ڊيوٽي آهي. ڪنهن به قسم جي پريشاني هجي ته هڪدم اچي سگهو ٿا.”
“ پر جي ڊاڪٽر صاحب ايمرجنسي ٿي پوي ۽ .............” اڳتي چئي نه سگهي.
“ هي منهنجو ڪارڊ آهي ان تي منهنجا موبائل نمبر لکيل آهن .” ڪارڊ وٺندي هڪ دفعو ٻيهر شڪريو ادا ڪيائين پوءِ هلي ويون. مان تيستائين کين ڏسندو رهيم جيستائين وارڊ جي گيٽ پار ڪري ويون.
اهڙا ڪيئي ڪيس آيا ويا پر منهنجي دل بيقرار نه ٿي. پر هن دفعي ته دل کي الائي ڪهڙي ڪيفيت اچي ورايو جو ثوبيه جو خيال دل مان نڪري ئي نه پيو. ثوبيه هئي ئي ايڏي حسين. هوءَ ويچاري آئي ته پنهجي پريشانيءَ ۾ هئي. جڏهن سندس پريشاني ختم ٿي ته دل منهنجي پريشان ڪري وئي. مون هفتو ڏيڍ ان ڪيفيت ۾ گذاريو پر ثوبيه جي ياد ويتر وئي دل ۾ آخيرو ڪندي ٻه ڏينهن مس گذريا ته ثوبيه جي فون آئي.
“ السلام عليڪم! مان ثوبيه پئي ڳالهايان.ڊاڪٽر صاحب توهان سڃاتو.” هن جو آواز ٻڌندي ئي منهنجي ڪنن ۾ ڪنهن سنگيت جو ترنم ڇڙي پيو. مون هڪدم چيو.
“ جي بلڪل سڃاتو. توهان ٻڌايو خيريت ته آهي.”
“ ڊاڪٽر صاحب ٻيو ته خير آ پر اميءَ جو B.P شام جي ٽائيم تي وڌي ٿو وڃي ۽ هن وقت به وڌيل آهي. سو جيڪڏهن توهان وٽ ٽائيم ............ ” چپ ٿي وئي.
“مان هن وقت فارغ آهيان توهان پريشان نه ٿيو. توهان ٿوري ايڊريس سمجهايو مان جلديءَ ۾ اچان ٿو. ” هن ايڊريس سمجهائي ڇڏي. مون ان وقت ئي سندس نمبر فيڊ ڪري ڇڏيم. پوءِ تيار ٿي ثوبيه جي گهر پهتس. پهرين گهنٽي وڄڻ سان ئي ثوبيه در کوليو.
“ اچو ڊاڪٽر صاحب.” مسڪراهٽ سان ڀليڪار ڪيائين.
“ توهان کي منهنجو نالو ياد ناهي يا کڻڻ نه ٿا چاهيو.” ڊرائنگ روم ۾ صوفي تي ويهندي چيم.
“ نه اهڙي ڳالھ نه آهي عارف صاحب.” ساڳي ئي مسڪراهٽ برقرار هيس چيائين، “ مان اميءَ کي سڏي ٿي وٺان.”
سندن گهر جي شان شوڪت ٻڌائي رهي هئي ته ڪيتري پيسي ڏوڪڙ وارا آهن. ڪافي ڏينهن کان پوءِ ثوبيه کي ڏٺو هيم. ان جي سونهن ۾ گم ٿي ويس. اڄ تيز بلو رنگ جي ڪپڙن ۾ هن جي سونهن چنڊ کي به مات ڏئيي رهي هئي. ايتري ۾ سندس ماءُ ۽ پاڻ ظاهر ٿيون. مان اٿي بيهي سلام ورايم، سندس امڙ چيو،
“ ويھ ابا ويھ الله خوش رکندئي.” ثوبيه سندس ڀر ۾ ويهي رهي. حال احوال وٺڻ کان پوءِ B.P چيڪ ڪيم ۽ ڪجھ دوائون لکي ڏنم. هاڻي هن جي ماءُ ڪافي مطمعن به هئي. هن حالات سان سمجهوتو ڪري ورتو هو. ڪجھ حال احوال کانپوءِ سندس امڙ ثوبيه کي چيو،
“ ثوبي ڊاڪٽر لاءِ ڪجھ کڻي اچ.”
ثوبيه اٿي وئي ۽ ڪجھ منٽن ۾ ٽري ۾ ٻه گلاس پيپسي بوتل جا ڀريل کڻي آئي. سندس امڙ مون کان معذرت ڪندي اٿي وئي ته مان آرام ٿي ڪيان. بوتل پيئندي ثوبيه کان پڇيو،
“ ثونيه توهان ڇا ڪندا آهيو منهنجو مطلب آ ته توهان ڇا پڙهندا آهيو.”
“ MBA جي آخري سال ۾ آهيان.”
“ويري نائيس. اڳتي ڇا خيال آهي.”
“ جاب ڪرڻ جو ارادو آهي.”
“ مان سامجهان ٿو توهان کي جاب جي ضرورت نه آهي.”
“ ضرورت ته نه آهي الله جو ڏنو سڀ ڪجھ آهي پر سڄو ڏينهن گهر ۾ بور ٿيڻ جي ڪري ڪجھ ته ايڪٽيوٽي هجي.”
“ واقعي ماڻهونءَ کي ٿورو گهڻو مصروف رهڻ گهرجي نه ته بوريت به هڪ قسم جي بيماري آهي. ۽ ها مان هر قسم جي بيماريءَ جو علاج ڪري سگهان ٿو.”
“ مثلا.........” ثوبيه خالي گلاس کڻندي چيو.
“ مثلا، جيڪڏهن توها بور ٿيو ته به مونکي گهرائي سگهو ٿا.”
“ ان لاءِ توهان کي تڪليف نه ڏبي بلڪه مان پاڻ توهان ڏي هلي اينديس. منهنجو ڪاليج توهان جي هاسپيٽل جي ويجهو ئي ته آهي.”
“ موسٽ ويلڪم. ۽ ها توهان جي ڪري منهنجي پڻ بوريت ختم ٿي ويندي.”
“ ته چئبو توهان به ان بيماريءَ جو شڪار آهيو.” ٽهڪ ٻنهي کان نڪري ويا.
“ OK صوبيه. ”
“خدا حافظ. توهان جي وڏي مهرباني. ”
“ ها ٻي ڳالھ ..... ”
“ ڪهڙي. ”
“ اها ئي هر هر مهرباني نه چوندا ڪيو. ” تڏهن مسڪرائي ڪنڌ سان ها ڪيائين.
ٻه ڏينهن ٽي گذري ويا. ان وچ ۾ مسلسل هن جي ياد تڙپائي ڇڏيو. بيقرار ٿي پيس. مون محسوس ڪيو ته مون کي ڇا ٿيندو ٿو وڃي. رڳو بيچيني، بيقراري. ڪنهن به شيءِ ۾ مزو نه ٿي آيو. هوءَ منهنجي ضرورت بڻجي پئي. انهن سوچن ۾ غرق آفيس ۾ ويٺو هيس ته اوچتو ئي السلام عليڪم جو آواز آيو. ثوبيه کي ڏسندي ئي اٿي بيٺس.
“ اچو ويهو پليز.”
ايڏي ته دل کي وڻندڙ سينٽ لڳل هيس جو منهنجو سڄو ڪمرو خوشبوءِ سان ٻهڪي اٿيو. مان ته اڳ ۾ ئي هن جي يادن جي سحر ۾ گم هيس ويتر ٻهڪي پيس. ثوبيه اڄ ته صفا قهر پئي لڳي. ميرون ڪلر جي ڊريس پهريل، سندس رئو ٻنهي ڪلهن کا ٿيندو سندس ڇاتين جي سرحدن تائين پيل ۽ ان جي مٿان ٿورو ڳچيءَ وارو حصو ظاهر. جنهن ۾ وري خوبصورت سونو هار پيل. ڪنهن مصور جي شاهڪار کان به وڌيڪ حسين لڳي رهي هئي.
“ خبر اٿو. مان توهان جي باري ۾ ئي سوچي رهيو هيس، بلڪه مسلسل ٻن ٽن ڏينهن کان بيقرار.”
“ ڇو ڀلا مون ۾ اهڙي ڪهڙي خاص ڳالھ آهي.”
“ خاص ڳالھ! منهنجي ننڊ ڦٽائي ڇڏي اٿوَ.”
کلي پئي. “ نه نه منهنجو مقصد اهو نه آهي.” سندس ٽهڪن ماحول کي ويتر معطر ڪري ڇڏيو.
“ ثوبيه يقين ڪريو منهنجي گهڻي ڪوشش جي با وجود به توهان منهنجي دل دماغ مان نڪري ناهيو سگهيا. واقعي پيار اهڙي ڪيفيت جو نالو آهي جيڪو ڪٿي به ڪيئن به ۽ ڪهڙي به طرح ٿي وڃي ٿو، ان ۾ ڪنهن جو وس نه ٿو هلي سگهي. ثوبيه اها درخواست توهان جي سامهون آهي پر ها، هي ٽيبل تي پيپر ويٽ به موجود آهي. توهان چاهيو ته منهنجي مٿي تي استعمال ڪري سگهو ٿا.”
ثوبيه کلي پئي ٽهڪ ڏئي رهي هئي، ما سندس اکين ۾ تڪي رهيو هيس چيائين،
“ عارف هن پيپر ويٽ جو وزن ڪيترو ٿيندو.”
“ گهٽ ۾ گهٽ اڌ سير جيترو ته ٿيندو ئي ٿيندو.” وري اچي کل ۾ پئي چيائين،
“جڏهن توهان جهڙي ماڻهونءَ جو وس نه هليو ته ڀلا مون جهڙيءَ جو وس ڪيئن ٿو هلي سگهي. مان پاڻ ان ڪيفيت جو شڪار هيس پر شڪر ٿيو جو شروعات توهان ڪئي، نه ته ان اذيت ۾ الائي ڪيترو وقت لڳي وڃي ها.”
مان ته ٽڙي پيس پاڻ کي ڪمري ۾ نه پر ڪنهن گلستان ۾ محسوس ڪيو جتي گل مکڙيون کولي اسان جي پيار کي لبيڪ چوندا هجن. چيم،
“اذيت کان ته بچي ويا سي پر اڃا ته پيار جي پلصراط پار ڪرڻي آهي.”
“ ڪري ويندا سي، جڏهن ٻئي همسفر هڪ ئي راھ تي هجن ته منزل ملي ويندي آهي.”
“ واھ واھ ڇا ته حوصلو آ.” سندس اهڙين ادائن تي دل اڇلون ڏئي رهي هئي.
“ثوبيه هلو ته ٻاهر ڪٿي ٿا ويهون. هتي ته هر هر ڊاڪٽر ايندا ويندا. ان ڪري..........” جملو اڌ ۾ ڪٽيم.
“ڪباب ۾ هڏي نه بڻجي وڃن.” فل موڊ ۾ هئي.
“ها بلڪل.” ٻئي کلندي اٿي اچي ڪار ۾ ويٺا سي.
اسپتال جي گيٽ ٽپي گاڏي ڪلفٽن طرف موڙي ته جيئن مڪڊونلڊس برگر کائجي. گاڏي چڱي رفتار سان هلائي رهيو هيس. KPT سگنل تي اچي گاڏي روڪي. جيستائين سگنل کلي تيستائين گاڏين جا انبوھ لڳي ويا. اتي ننڍڙا ڇوڪرا اخبارون کپائي رهيا هئا ته ڪي وري گجرا رابيل جا گل. انهن جا ٺهيل هار، ڪنگڻ کپائي رهيا هئا. هڪ ننڍو ڇوڪرو ثوبيه واري سائيڊ کا اچي بيٺو ۽ پنهنجي انداز ۾ چوڻ لڳس،
“ گجرا وٺو ڏاڍا خونصورت گجرا. بيگم صاحب ڏاڍا خوبصورت گجرا آهن ”
“هي ڏسو ٻاهن ۾ پائڻ لاءِ، هي وارن ۾ وجهڻ وارا، تمام سٺا گجرا آهن. بيگم صاحب توهان کي ڏاڍا سٺا لڳندا.”
“مان ڪڏهن اهي پاتا ناهن.” مون ڏي ڏسي چيائين.
“اڄ کڻي پائي ڏسو منهنجي ڪري.”
تڏهن ٻه گجرا وارن وارا ورتائين ۽ ان وقت ئي پنهنجي وارن ۾ ڪائنٽن سان چنبڙائي ڇڏيائين.مان سندس سونهن جي اهڙي سنگم کي ڏسي مدهوش ٿيڻ لڳس.ايتري ۾ سگنل به کلي ويو.مون جلديءَ ۾ ڇوڪري کي پيسه ڏنا ۽ گاڏي اڳتي وڌائي ڇڏي.
اهو ڏينهن اسان جو ڏاڍي لطف اندوز نموني گذريو، اهڙا ڪي ئي ڏينهن گذري ويا، ڪي ئي شامون گذري ويون.ڪڏهن سمنڊ جي بيتاب ڪناري ڪڏهن ڪورنگيءَ جي سنسان روڊن تي لانگ ڊرائيو ڪندي. بس زندگي صحيح رفتار سان پنهنجي منزل ڏي وڌي رهي هئي.مان ته ثونيه جي گهر جو فرد بڻجي چڪو هيس. سندس ماءُ ڏاڍو مان ڏيندي هئي. حالانڪه هوءَ اسان ٻنهي جي باري ۾ سڀ ڪجھ ڄاڻندي هئي. ثوبيه ئي ٻڌايو هيو ته مان اميءَ کان ڪجھ به ناهيان لڪائيندي.
ثوبيه جي برٿ ڊي مون کي ياد ئي ڪو نه هئي. ان جو سبب ثوبيه پاڻ ئي هئي. مان سندس محبت ۾ جو ايڏو مست ٿي چڪو هيس. ثوبيه پاڻ ئي انوائيٽ ڪيو.
“جناب منهنجي سڀاڻي سالگرھ آهي. سو ياد به اٿو يا وساري ڇڏيو.”
“ اوھ مون کي ياد ئي ناهي. ضرورت به ڪهڙي آ توهان جو مون کي هر وقت ياد آهيو.”
“ هيڏو سارو اهم ڏينهن ۽ وري چئو ٿا ته ياد ناهي. بس ناهي ڳالهائڻو توهان سان.” ڪاوڙجي پئي پر ڪاوڙ جو انداز نکريلو هيس. منهن ٻئي پاسي ڪيائين مان سندس سامهون ٿورو جهڪي چيومانس،
“ شهزادي حضور، واقعي بندو سزا جو حقدار آهي. اوهان جيڪا به سزا تجويز ڪندا بندو ڀوڳڻ لاءِ تيار آهي.”
اکيون اکين ۾ ملائيندي چيائين، “ اسان ان سزا ۾ نرمي ٿا ڪيون ڇو جو مجرم پاڻ اعتراف ڪيو آ ۽ سزا ڪنهن ٻئي دفعي ٻڌائي ويندي.” جملو پورو به نه ڪيائين ته اچي ٽهڪن ۾ پئي ۽ مان سندس ٻهڪندڙ چهري مان سونهن جي موتين جي مالها جوڙيندو رهيس.
طارق روڊ تي چارڪلاڪ لڳي ويا صرف ان ڪشمش ۾ ته تحفو ڪهڙو وٺان. ثوبيه به منهنجي هيلپ نه ڪئي ان ته اهو ئي چيو هيو ته مان ڪو به تحفو پسند نه ڪنديس جيڪو به توهان جي طرفان هوندو اهو ئي مون کي قبول هوندو. آخر سوچي سوچي جيولريءَ جي دڪان تان هيري جي منڊي ورتم. اهو سوچي ورتم ته اڪثر ماڻهون شادين ۽ مڱڻين تي منڊيون ڏيندا آهن پر مان ان روايت جي خلاف سالگرھ تي منڊي ڏيندس.
ٻي ڏينهن شام جو پوري ستين بجي پهچي ويس. سڄو ڊرائنگ روم گلن سان سجايل هيو ۽ حيرت جهڙي ڳالھ اها هئي ته سڀ گل تازه هيا. ثوبيه ڪاري ڊريس ۾ ڪنهن مصور جي اپسرا کان به وڌيڪ لڳي رهي هئي.
“ثوبيه لڳي ٿو مان هتي گهڻو وقت بيهي نه سگهندس.”
“ڇو!طبيعت صحيح ناهي ڇا.”
“ طبيعت ته صحيح آ پر هيترن سارن گلابن جي خوشبوءِ ۽ وري اڄ تنهنجي حسن جو جلوو مون کي بيهوشيءَ جو خمار مدهوشين جي وادين ۾ ٿو ڌڪيندو وڃي.”
“اوھ. تيستائين پاڻ بچائجو جيستائين ڪيڪ ته ڪٽي وٺون.”
“ٺيڪ سائين. اهو ضبط به ڪري ٿا وٺون. ڀلا ڪي مهمان ظاهر ناهن ٿيا يا اڃا دير سان اچڻا آهن.”
“توهان جو اچي ويا آهيو ته ٻئي ڪنهن مهمان جي ڪهڙي ضرورت.”
“پر پوءِ به.” مون وڌيڪ اسرار ڪيو.
“نه اسان ٻئي ڪنهن کي به انوائيٽ ناهي ڪيو. هونءَ به امي ۽ مان پاڻ ۾ سالگرھ ملهائيندا آهيون ۽ هن دفعي توهان جو اضافو ٿيو آ.”
“۽ توهان جو والد صاحب.”
“ان جي ته صورت ڏسڻ لاءِ سڪون ٿا. پليز ان ذڪر کي ڇڏيو ورنه اميءِ جو موڊ خراب ٿي ويندو.”
“ I am very sorr چڱو سائين ڀلا مون غريب جي طرفان هي تحفو قبول فرمايو.” منڊيءَ وارو باڪس هن ڏانهن وڌايم. باڪس کوليندي چيائين،
“ايڏي خوبصورت منڊي! ڇا ته اوهان جي پسند آ.”
“پر توهان کان وڌيڪ خوبصورت ناهي.”
“ ته پوءِ پائڻ جو شرف به اوهان ئي بخشيو.”
“ منهنجي ايڏي مجال.”
“پليز.” هن اسرار ڪندي هٿ وڌايو.
مان سندس نرم ۽ نازڪ کير جهڙي اڇي آڱر ۾ منڊي پارائي جنهن سندس حسن ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو. جيئن چنڊ ڀرسان ستارو چمڪندو آهي. ثوبيه جي امي به اچي وئي. ثوبيه اميءَ کي منڊي ڏيکاريندي چيو،
“امي هي ڏسو منهنجي لاءِ عارف ڪيڏي ته سٺي منڊي آندي آهي.”
“واقعي سٺي آهي پر پٽ اهڙي قيمتي تحفي جي ڪهڙي ضرورت هئي.”
“ نه امي اهڙي قيمتي ته ناهي بس منهنجي دل کي وڻي وئي سو وٺي ڇڏيم.”
“پٽ الله توکي خوش ڪندو. سچ پڇين ته منهنجي دعائن ۾ ثوبيه سان گڏ تون به شامل آهين.”
“اها اوهان جي شفقت ۽ محبت آ ورنه مان ان قابل ناهيان.”
“امي هاڻي اچو ته ڪيڪ ڪٽيون. بک به لڳي آ.”
تڏهن ٽئي کلندا ان سينگاريل ٽيبل تي آيا سي جتي ڪيڪ رکيل هو. ثوبيه ڪيڪ ڪٽيو ته مان ۽ اميءَ تاڙيون وڄائي ثوبيه کي مبارڪ ڏني. ثوبيه ڪيڪ جو ٽڪرو پهرين اميءَ کي ۽ پوءِ مون کي کارايو۽ پوءِ هڪڙو ٽڪرو کڻي ثوبيه کي کارايم.
“ هاڻي بغير ڪنهن دير جي سٺي هوٽل تي هلي ڊنر ٿا ڪيون.” ثوبيه جي اميءَ اعلان ڪيو ۽ اسان ٻنهي هٿ مٿي ڪري ييس چيو.
ان رات دير سان گهر آيس. پر اڄ هڪ سوچ شدت سان محسوس ٿي جيڪا ثوبيه جي پيءُ جي باري ۾ هئي. هن کان اڳ به ڪافي دفعه اهو خيال آيو هيو پر اڄ ڳالھ وڌيڪ کٽڪي رهي هئي. مون کي ايترو وقت ٿي ويو هو ثوبيه وارن سان گذاريندين پر مون ڪڏهن به هن جي پيءُ کي ايندي ويندي نه ڏٺو نه وري ڪنهن ٻئي مٽ مائٽ ۽ مهمان کي. ڪافي دير تائين سوچيندو رهيس.
ٻي ڏينهن ثوبيه ۽ مان سفاري پارڪ جي ٽڪرين تي پربهار هوا سان لطف اندوز ٿي رهيا هيا سين. مونکي ته اڻ تڻ هئي سو ذڪر ڇيڙيندين چيومانس،
“ ثوبيه مون تي ڪيترو اعتبار ڪرين ٿي.”
“ پاڻ کان به وڌيڪ.”
“ نه ثوبيه ائين ناهي. مون کي ڪٿي ڪٿي کوٽ محسوس ٿئي ٿي.”
“ کوٽ محسوس ٿئي ٿي ! هي اڄ ڪهڙيون ڳالهيون ڪري رهيو آهين.”
“ ها ثوبيه جڏهن تون مونکي زندگيءَ جو حصو به سمجهين ٿي ۽ ايڏي وڏي اعتبار جي دعويٰ به ڪرين ٿي. پوءِ به مونکان اڄ تائين هڪ تلخ حقيقت لڪائي اٿئي.”
سندس منهن جو پنو ئي لهي ويو. ٽڙيل چهرو مرجهايل مکڙي بڻجي پيو.
“ ڪهڙي تلخ حقيقت. اڄ تو کي ڇا ٿي ويو آهي.”
“ ثونيه منهنجو مقصد تنهنجي پپا جي باري ۾ آهي.”
“ عارف مان توکي ڪيترا ڀيرا ٻڌايان .........”
“ ته توهان جي پپا ٻي شادي ڪئي آهي.” مون سندس جملو اڌ ۾ ئي ڪٽي ڇڏيو. “ نه ثوبيه نه. صرف ٻي شاديءَ جي ڪري توهان جي پپا جي ايڏي لاتعلقي ۽ وري توهان جي ان سان. نه ثوبيه نه. حقيقت کڻي ڇا به هجي پرڏس منهنجو توسان اهو واعدو آ ته مان توسان نڀائيندس.”
“ مون کي انهيءَ گهڙيءَ جو ئي خطرو هيو عارف! ڪڏهن اهڙي قسم جو حقيقتون کلڻ سان ماڻهونءَ جو اعتبار نه به رهندو آهي. سو مان نه ٿي چاهيان ته تون به ائين چوين ته مان بيوس آهيان. يقين ڪرين نه ڪرين مان توکي وڃائڻ نه ٿي چاهيان.” ثوبيه جي آواز ۾ ورهين جو درد لهي آيو.
“ پر ثوبيه سڀئي ماڻهون هڪجهڙا نه هوندا آهن. تون به ته يقين ڪري ڏس.”
“ ٺيڪ آ عارف! هاڻي منصف به تون آ ۽ مان تنهنجي ئي انصاف کي پنهنجي زندگي سمجهنديس.” هن هر طرح سان انصاف جو پلوءُ منهنجي ڳچيءَ ۾ وجهي ڇڏيو. ڳالھ کي وڌائيندي چيائين،
“ منهنجي ماءَ دلشاد بيگم طوائف هئي ۽ جنهن ماڻهوءَ منهنجي ماءُ جي زندگي تباھ ڪئي مان ان کي پيءُ چوڻ به مناسب نه ٿي سمجهان.”
شعور جي واڳ ورائڻ کان پهرين مونکان بي اختيار نڪري ويو،
“ ڇا ؟ ” مان پنهنجي سموري وجود سان ڪنبي ويس. هن هيڏانهن هوڏانهن ڏسندين منهنجو روح فنا ڪري ڇڏيو. چيائين،
“ پليز عارف چپ ڪر ورنه مان ٻڌائي نه سگهنديس، جيڪو شخص پاڻ کي شرافت جو علمبردار سمجهندڙ، حويلن ۾ شهزادن وانگر پلجندڙ منهنجي ماءُ کي ته ان دنيا مان ڪڍي آيو، محبت ۽ شاديءَ جا وچن به ڪيائين ته تون صرف منهجي آن . هن دولت جا ڍير به لڳائي ڇڏيا. پر جڏهن پنهجي ماءُ جي ڪک ۾ مون پلجڻ شروع ڪيو ته ان ماڻهوءَ اکيون ڦيريون. ان کان سڀ وچن اقرار وسري ويا. پوءِ ته گهڻو ڪجھ ٿيو پر اميءَ مون کي وڃائڻ نه ٿي چاهيو ۽ اميءَ اهو ئي فيصلو ڪيو ته ڪجھ به ٿي پوي پر مان ان ماڻهوءَ جو مقابلو ڪري نه سگهندس. اميءَ جنهن دنيا کي ڇڏيو هيو سو اوڏانهن واپس نه وري ۽ اهو شهر ئي ڇڏي هتي هڪ سٺو گهر ورتائين ۽ پنج دوڪان به. جيڪي اڃ تائين ڪرائي تي ڏنل آهن جن مان ئي اسان جو گذارو ٿئي ٿو.”
“ بس ثوبيه بس. اڃان ڇا بچيو آ ٻڌائڻ لاءِ.” پر هوءَ ڳالهائيندي رهي ۽ گهاوءَ مٿان گهاوءَ ڏيندي رهي. ثوبيه کي گهر ڇڏي بغير ڪجھ چوڻ جي واپس ٿيس ته ثوبيه چيو،
“ مان تنهنجو انتظار ڪنديس.”
مان ته تڙپي پيس. ڪنهن مهل وهاڻي ۾ منهن هڻي پيو روئان ته ڪنهن مهل آلين اکڙين سان دريءَ جي ڀرسان پيو بيهان. مان هن کي ڇڏي آيس پر جهاڳڻ لاءِ سوچن جو سمنڊ کڻي آيس. ثوبيه منهنجي زندگيءَ جي سوڀيا ۽ سڃاڻپ هئي. مان هن کي وڃايان ٿو ته پنهنجو پاڻ کي ٿو وڃايان پر جي پنهنجو ٿو بڻايان ته وري معاشرو ٿو اذيت ڏئي. هوءَ منهنجي زندگيءَ جي روشني هئي. مان سوچن جي ٻه واٽي تي ٽنگجي پيس. سوچي سوچي ٿڪجي پيس. نيٺ منهنجي ضمير ئي حوصلو ڏنو ته “ ڪهڙي معاشري جي ٿو ڳالھ ڪرين ان معاشري جي، جيڪو طوائفن ڏي وڃڻ وارن اشرافن جي پردھ پوشي ٿو ڪري ٿو ڪري. انهن جي دولت ۽ عزت جا ڪلما ٿو پڙهي ۽ جڏهن اها ئي طوائف زندگيءَ جي طرف موٽي ٿي ته وري ان ڏي ئي ٿو آڱريون کڻي. ڇا محبت ان جو نالو آ. ڇا پيار ان جو نالو آ ته هوءَ ڇا هئي، ڇا آهي ۽ ڇا رهندي.”
مون کي سڪون ملندو ويو ۽ سوچن جو بار هلڪو ٿيندو ويو. منهنجي دل مطمعن ٿي وئي. اها ڳالھ سمجھ ۾ اچي وئي ته محبت محبوب جي ها ۾ ها ملائڻ جو نالو آهي. مون فيصلو ڪري ڇڏيو ته ڇا به ٿي پوي مان سڀاڻي ثوبيه ڏي ويندس. ضرور ويندس. چوندس،
”ثوبيه تون منهنجي آن، تون جيئن به آن، جهڙي به آن منهنجي آن. ها! بس منهنجي آن.“