ناوليٽ: چاهت جي مسافت
اڄ آسمان طرف نهاريندي کيس گذريل ڏينهن ياد اچڻ لڳا هئا هن جي زندگيءَ جا ڪافي ڏينهن هڪ دريءَ وٽ ويهندي ئي گذريا هئا. ڪراچيءَ جي ڳتيل آباديءَ واري علائقي گلشن اقبال ۾ ٽئين منزل واري فليٽ ۾ رهندو هيو. هن جي فليٽ ۾ هڪ دري اها به هئي جيڪا گهٽيءَ بدران بازار طرف کلندي هئي. سندس دريءَ ڀرسان رکيل ڪرسي عام ڪرسين کان ٿوري ڊگهي هئي. هن اها خاص ڪرسي ان مقصد لاءِ ئي ٺهرائي هئي. سندس ڪمرو ڪافي ڪشادو هيو جنهن ۾ اسٽڊي ٽيبل دريءَ جي بلڪل سامهون ئي رکيل هئي. ٽيبل تي ڪجھ ڪتاب ۽ هڪڙو ٽيبل ڪئلينڊر ڪنهن فارميسي ڪمپنيءَ جو رکيل هيو. ان جي ساڄي پاسي کان سمهڻ لاءِ هڪڙو سنگل بيڊ جنهن تي ٽڪ جي رلهي ۽ هڪڙو ويهاڻو جنهن تي ڀرت سان خوبصورت گل ٺهيل هيو. کاٻي پاسي کان صوفا سيٽ ۽ ان جي اڳيان ڪاٺ جي ٽيبل جنهن تي اڇي چينيءَ جي چٽسالي ٿيل پئي هئي. سڄي ڪمري ۾ ڪالين وڇايل هيو. دريءَ جي ساڄي پاسي سامهون واري ڀت تي هڪ تصوير لڳل هئي جنهن ۾ هڪ ڇوڪرو وڻ جي هيٺان ويٺل آهي سندس سامهون پاڻيءَ جو کاموجنهن ۾ سائي ڪجھ سڙيل پَنِ بيٺي آهي پاسي کان ٻٻر جو وڻ به آهي کامي جي پريان هڪڙو رستو ڪنهن ڳوٺ ڏانهن ٿو وڃي. ان ڳوٺ جي آس پاس ڪافي گرينري ٿي نظر اچي. ڇوڪري جو منهن ٻنهي گوڏن جي وچ تي ڳٽن تائين رکيل آهي ۽ نگاهون ان سامهون واري ڳوٺ ۾ کتل آهن.
راحيل ننڍڙو هو جو ماءُ گذاري ويئي هيس. سندس پيءُ يونيوريٽيءَ ۾ پروفيسر هيو. راحيل جڏهن اسڪول مان واپس ايندو هيو ته گهر ۾ پوڙهي نوڪر کانسواءِ ٻيو ڪير به نه هوندو هيس. چانھ جو ڪوپ پي دريءَ وٽ ويهندو هيو. اتي ويهندي کيس انهن شخصن جي تلاش هوندي هئي جيڪي ڪن ڪهاڻين ۾ هوندا آهن يا ته ڪهاڻين جا ڪردار هوندا آهن.
جوانيءَ جي ڏينهن ۾ سندس پيءُ کي ڪنهن اھڙي عورت سان محبت ٿي وئي هئي جيڪا سماج جي نظرن ۾ ڪريل هئي. پر محبت ته آخر محبت هوندي آهي نه. محبت ته اهو ناهي ڏسندي ته ڪير ڪهڙي ڪردار جو مالڪ آهي. هن جي پيءُ کيس پنهنجو بڻايو هو. پر سماج هون!....... ؟ آخر هوءَ مري وئي ۽ پنهنجيءَ ياد ۾ کيس راحيل جي صورت ۾ هڪ گل ڏيئي وئي. پڻس راحيل کي لاڏ ڪوڏ ۽ محبت سان پاليو ۽ پڙهايو. پر کيس ڪجھ به نه ٻڌايو هيو. ڪڏهن ڪڏهن محبوبا وٽان مليل گل کي سگهندي سگهندي هو ايڏو ته معطر بڻجي ويندو هيو جو رات جو لڪي لڪي ڊائري لکي وٺندو هيو. راحيل اها ڊائري هڪ دفعي پڙهي ورتي هئي ۽ پڙهندي پڙهندي انهن شخصن جا چهرا به ڏسي ورتا هيا جيڪي کيس پنهنجي هم عمرن ۾ نه ٿي ڏسڻ ۾ آيا.
هڪ ڏينهن هن صدف کي ڏٺو. پنهنجي ئي ڪاليج ۾ صدف جو چهرو ان چپ چاپ چهري وانگر لڳو جنهن جو کيس مدت کان انتظار هيو ۽ سندس دل ۾ وسيل هيو. سنهڙي، ڊگهي، کير جهڙو اڇو رنگ، گهريون گهريون ڪاريون اکيون سمنڊ جي گهراين وانگر، پرڪشش رنگ روپ. چاڪليٽي نيڻ، چيلھ کان هيٺ ايندڙ ڪارا ڊگها وار. خبر ناهي اها خوشبو صدف جي چهري جي هئي يا سندس دل ۾ ٽڙيل گل جي. اڪثر صدف جو انتظار ڪندو رهندو هيو. صدف هن جي فليٽ واري منزل کان مٿين منزل تي رهندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن هن جي گهر ۾ به ايندي رهندي هئي. ڪڏهن ڪو ڪتاب کڻي ويندي هئي ڏئي به ويندي هئي. گهڻن ڏينهن بعد هو هڪٻئي جي ڪافي ويجهو اچي چڪا هئا. خاص ڪري ڪاليج جي ملاقاتن ۽ ڪتابن جي ڏي وٺ ڪري. هي ٻئي هڪٻئي جي محبت جي خوشبوءَ سان سرشار ٿي چڪا هئا. ايتري قدر جو هڪٻئي جي لبن مان ماکيءَ جهڙي رس به چوسي وٺندا هيا.
گلن جي خوشبو نکري رهي هئي....... ۽ مکڙيون روپ بدلائڻ لڳيون هيون.
هاڻي هنن جي پڙهائي ختم ٿي چڪي هئي. صدف ڪنهن سرڪاري آفيس ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هو. هاڻي هنن جو ملڻ روز جو معمول رهيو. ڪڏهن ڪڏهن هڪٻئي سان ملڻ ٿيندو هين پر جڏهن به ملندا هيا ته ٻنهي جي دلين ۾ محبت جي سمنڊ جون ڇوليون پيدا ٿي پونديون هيون.
هڪ ڏينهن صدف کي اهو شهر ڇڏڻو پيو پنهنجي فيمليءَ جي ڪري. ڇھ ست خط راحيل لاءِ ڄڻ سندس دولت هيا ۽ آخر ۾ هن لاءِ هڪ خط اهڙو وڃي بچيو جنهن ۾ هوءَ پنهنجا لفظ احساس ڀريندي رهندي هئي. تڏهن راحيل سوچيو مون لاءِ ته سوچن ۽ احساسن جو جهان ڇڏي وئي آهي.سوچن جي جهان ۾ احساسن جي اڌمن جو ايترو اثر نه هوندو آهي. جيترو دل جي اماوس رات ۾ پيار جي چانڊاڻ جو هوندو آهي. رات جو روز ان چانڊاڻ ۾ سوچيندو رهندو هيو ۽ جيئن ئي رات جو پويون پهر شروع ٿي ويندو هيو ته راحيل جو ذهن سوچ جي سمنڊ ۾ ٻڏندو ترندو رهندو هيو. راحيل جو پيءَ هاڻي يونيورسٽيءَ کي ڇڏي چڪو هيو. هاڻي ان جي مصروفيت گهر ۾ مطالعو ڪرڻ هيو. پنهنجي زندگيءَ جا آخري ڏينهن هن ائين ئي گذارڻ ٿي چاهيا.
********************
راحيل کي هڪ اخبار ۾ سب ايڊيٽر جي نوڪري ملي وئي.اخبار جي آفيس گهر کان پري هيس.
شهر ۾ سنڌي ميڊيم اسڪولن جي ڪمي به هميشه کٽڪندي رهي آهي. نيون داخلائون شروع ٿينديون آهن ته مائٽن لاءِ پريشانيون وڌي وينديون آهن. ان وقت واقفيت ۽ سفارش ئي ڪم ايندي آهي. باقي ويچارا ڀڄ ڊڪ ۾ ئي ٿڪجي پوندا آهن. هڪ نئين اسڪول جي بلڊنگ ٺهي چڪي هئي جنهن جو اڄ افتتاح هيو. گهڻا ئي فوٽوگرافر ۽ رپوٽر اتي پهتا هئا. راحيل به اتي پهتو پر ان کي ٿوري دير ٿي وئي. اسڪول جا رستا ڪارين ۽ موٽرسايڪلن سان ڀريا پيا هئا.راحيل ڪار پارڪ ڪئي ۽ پوءِ اسڪول ۾ داخل ٿي ويو.اسڪول جو افتتاح ٿي ويو ته هو پنهنجي گهر آيو. سوچيندو رهيو ته اهڙا اسڪول اڃا ٻيا ڪيترا کلندا جتي پنهنجي ٻوليءَ جو ڪو سبجيڪٽ ئي نه ٿو رکيو وڃي. ڇا ٿيندو اسان جي ٻوليءَ جو. سنڌي ٻولي وڃي ٿي آهستي آهستي اسڪولن مان ختم ٿيندي. ڪي چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهون هوندا جيڪي ٻوليءَ جي باري ۾ سوچيندا هوندا. باقي اسان جي ماڻهن جو حال ته اهو آهي ته ڪمائڻ، کائڻ، پيئڻ ۽ ٻار ڄڻڻ. بس اها ئي انهن لاءِ زندگي آهي.
سحرش جي موبائل جي گهنٽي وڳي. موبائل کڻي “هيلو” ڪيائين ته ٻئي پاسي ڏانهن آواز آيو.
“ ڇا مان مس سحرش آرٽسٽ سان ڳالهائي سگهان ٿو.؟”
“سحرش اسپيڪنگ....... توهان.”
“مس سحرش ! مان راحيل ٿو ڳالهايان پارس نيوز جي آفيس مان.”
“ جي جي. چئو.”
“اسان جي اخبار ۾ هر هفتي هڪ ڪالم ڇپجندو آهي ٿي سگهي ٿو توهان ڪڏهن پڙهيو هجي. مان اهو ڪالم لکندو آهيان ان سلسلي ۾ ئي توهان سان ملڻ چاهيان ٿو.”
“توهان جڏهن به چاهيو اچي سگهو ٿا.”
“جيڪڏهن توهان وٽ ٽائيم هجي ته اڄ ئي .......”
“ٺيڪ آ. ڪهڙي وقت.؟”
“مان هينئر ئي اچي سگهان ٿو؟”
“مان اڄ چئين وڳي تائين گئلريءَ ۾ هونديس.”
“هاڻي هڪ ٿيو آهي. مون کي پهچڻ ۾ اڌ ڪلاڪ مس لڳندو.”
“ٺيڪ آهي.”
********************
موبائل رکندي سحرش هڪ نظر پنهنجي گئلريءَ مٿان وڌي. جنهن ۾ فوٽوگرفيءَ جو ڪارنر به موجود هيو. گئلريءَ ۾ مختلف رنگ ئي رنگ هئا. ڪي رنگ مختلف رنگن سان ڀريل هئا ته ڪي صاف ٽيبل جي هڪ پاسي رکيل هئا. هن هڪ نظر گئلريءَ جي ديوار تي لڳل مختلف پينٽنگس ڏانهن وڌي. ائين محسوس ٿيس ڄڻ ڪنهن ٿڪل مسافر کي وڏي منزل طئي ڪرڻ کان پوءِ ڪا ڇانوَ نصيب ٿي هجي وري جڏهن هن پنهنجي نظر انهن اڻ پورين پينٽنگس ڏانهن وڌي ته ائين لڳس ته هن کان ڏات رسي وئي هجي. ڏات به عجيب شيءِ آهي رسي ته چوطرف هر منظر چٿرون ڪندو محسوس ٿيندو ۽ جي پرچي پوي ته ڄڻ ڪائنات جي هر شيءِ مهربان بڻجيو وڃي. ڪمري جو دروازو کڙڪيو.
“مان راحيل آهيان. اڌ ڪلاڪ اڳ توهان سان فون تي ڳالهايو هيو.” راحيل دروازي جي چائنٺ وٽ اچي چيو ۽ پوءِ اندر هليو آيو.
سحرش کيس ويهڻ لاءِ ڪرسيءَ طرف اشارو ڪيو پر هو بيٺو ئي رهيو ۽ ڪمري ۾ ٽنگيل تصويرن کي ڏسڻ لڳو. سحرش جو اڀو قد، آسمان جهڙيون نيريون ۽ وشال اکيون، چانڊاڻ جهڙا وار ۽ هلڪي نارنگي رنگ جو وڳو پاتل. پنهنجي گئلريءَ جي سڀني شهپارن کان وڌيڪ حسين ۽ خوبصورت شاهڪار ته پاڻ هئي. هن سحرش ۽ سندس ئي چترڪارن جي ڀيٽ ڪئي.
“هنن تصويرين کان سواءِ توهان وٽ ڪي ٻيون به هونديون.”
“گهڻيون ئي آهن ۽ سڀ جو سڀ مون کي پسند آهن.”
“هي ڳاڙهن ڪپڙن واري ڇوڪريءَ جو چتر.” راحيل ڪئميرا ڪڍي ان چتر جو فوٽو ڪڍي ورتو.
“توهان ڪڏهن پنهنجو چتر ٺاهيو آهي يعني سيلف پورٽريٽ.”
“ نه ”
“مان توهان جو فوٽو ڪڍي سگهان ٿو پنهنجي اخبار لاءِ.”
“ بيشڪ.” راحيل سحرش جو فوٽو ڪڍيو ۽ ڪئميرا کي بند ڪندي چيائين،
“مان توهان جو وڌيڪ وقت نه وٺندس. بس ڪي چند سوال ڪندس جيڪڏهن توهان مائينڊ...............................”
“ نه نه ڪا ڳالھ نه آهي پڇي سگهو ٿا.” سحرش ايڏي ته خوبصورت ادا سان چيو جو راحيل کي لڳو ته هن جي ادا به هن جي رنگن وانگر ڪيڏي نه خوبصورت آ.”
“مس سحرش ڇا رنگ به اسان جي زندگيءَ تي اثر انداز ٿين ٿا.؟”
“بلڪل ! رنگ ته اسان جي زندگيءَ جو حصو آهن. اهي ته اسان جي پنجن حواسن تي به اثر انداز ٿيندا آهن.”
“ مثلا........” راحيل دلچسپي وٺندي سحرش ڏانهن ڏسي چيو.
“مثلا.... ماڻهونءَ جو پرجوش ٿيڻ، جذباتي ٿيڻ، تحرڪ ۾ اچڻ ۽ سڪون حاصل ڪرڻ. ڏسو نه رنگن سان جذبات ۽ ياداشتون به لاڳاپيل هونديون آهن. چاهي اهي سٺيون هجن يا خراب. اداسيءَ واريون هجن يا خوشين ڀريون.”
“زبردست! سحرش توهان ته مون کي رنگن جي سحر ۾ آڻي ڇڏيو.”
“اڇا!” مسڪرائيندي سحرش چيس
“ توهان پنهنجو مثال وٺو. جيڪو ماڻهون جنهن شيءِ کي جيترو محسوس ڪندو اهو ان ۾ اوترو ئي گِهرندو ويندو ۽ موٽ ۾ اها شيءِ ان کي اوتري ئي گهرائي ڏيندي.”
“ توهان بلڪل صحيح ٿا چئو پر ان جا ڪي منفي اثر به ته هوندا نه.”
“ضرور ! جيئن رنگ ڪنهن تي مثبت اثر وجهندا آهن تيئن ڪنهن تي منفي اثر به وجهندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو جو سائنسي دنيا ۾ ڪلر ٿراپي جو علم وجود ۾ آيو ۽ ان علم ذريعي ئي خبر پئي ته انساني جسم ۾ بائيولاجيڪل ڪلاڪ کي متحرڪ رکڻ لاءِ روشني جيڪا ستن رنگن جو مجموعو آهي هڪ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي.”
“ ويري نائيس. توهان ته منهنجي ناليج م اضافو ڪري ڇڏيو. بس آخري سوال پوءِ مان اوهان کان اجازت وٺندس. مس سحرش ڇا اهڙا ماڻهون به آهن جيڪي رنگن سان پنهنجون تقديرون جوڙيندا هجن.”
“ضرور هوندا. دنيا هر قسم جي ماڻهن سان ڀري پئي آهي. پر مسٽر راحيل تقدير تي ڀاڙڻ وارا ماڻهون ته ڪهڙي به رنگ تي مطمئن ٿي سگهن ٿا. مسئلو اهو آهي ته اهي ڪيڏانهن وڃن جيڪي پنهنجي پسند جا رنگ پاڻ حاصل ڪرڻ جا قائل هجن؟.”
“جي ”
راحيل ائين چيو ڄڻ هن جا هوش اڏامي ويا هجن. هن کي هر سوال جو جواب ته ملي چڪو هيو پر آخر ۾ ته خود هن کان سوال ڪيو ويو جنهن هن کي جنجهوڙي وڌو. هي وڌيڪ ترسي نه سگهيو.
“مس سحرش اوهان جي مهرباني مون کي هاڻي هلڻ گهرجي. مان سمجهان ٿو ته ٻي ڏينهن سنڊي ايڊيشن ۾ هنن تصويرن جو استعمال ڪري سگهندس.”
چئي هو هليو ويو. سحرش کي هيءَ ملاقات بلڪل عجيب لڳي. سندس خيال هو ته راحيل سندس آرٽ جي باري ۾ گهڻا سوال ڪندو پر هن ائين نه ڪيو. سحرش سوچڻ لڳي..... “هو پنهنجي ڪالم ۾ آخر ڇا لکندو.؟”
شهرت جو خيال سحرش کي ڪڏهن به نه آيو هيو. هوءَ پوري جوش ۽ محنت سان ڪيترن سالن کان اهو ڪم ڪري هئي. اڄ کيس حيراني اها هئي ته راحيل سندس فن بابت وڌيڪ ڇو نه پڇيو. صرف هڪ پورٽريٽ جي ڇپجڻ سان ڇا ڪلاڪار ۽ سندس ڪلا جي واقفيت ٿي ويندي؟.
********************
آچر جي ڏينهن هن جڏهن اخبار ڏٺي ته نظر سندس هڪ هنڌ اٽڪي بيهي رهي. سحرش ان ليک کي پڙهيو، لکيل هو،
“ٿي سگهي ٿو ته ڪئميرا ماڻهونءَ جي جسم جي حصي سان انصاف نه ڪري. پر سحرش جي برش ڪڏهن به ڪنهن ماڻهونءَ سان بي انصافي نه ڪئي آهي.”
سحرش هڪ دفعو اخبار تان نطر هٽائي. پنهنجي دل جي روشنيءَ ۾ راحيل جي چهري کي ڏٺو. راحيل جون اکيون جيڪي ڪجھ نه ڏسي رهيون هيون کيس لڳو اصل ۾ سڀ ڪجھ ڏسي چڪيون هيون. هن وري ڪالم پڙهڻ شروع ڪيو.
“ آرٽسٽ سحرش ! عورت کي گهڻن ئي رخن کا ڏٺو آهي. دروازي وٽ بيٺل عورت کي، گلن جي ٻوٽن وٽ، آئيني وٽ. هوا ۾ اڏامندڙ زلفن کي سنواريندڙ عورت کي. رنگن جي سجاوٽ به ايتري ته دلڪش جو ڪٿي ڪٿي خود انسان جي بناوٽ به غلط ٿي لڳي.”
سحرش مسڪرائيندي سوچيو. هي چپ چاپ مکڙيءَ وارو راحيل ته ڏاڍو زبردست ليکڪ نڪتو. کيس پنهنجي دل ۾ بيچيني محسوس ٿيڻ لڳي. اخبار بند ڪري ڪپڙا مٽائي هوءَ گئلريءَ ڏانهن هلي وئي. گئلريءَ ۾ اچي ريڪ کوليائين. هن ڪيتريون ئي اڌوريون تصويرون ٻاهر ڪڍيون. ان الماريءَ جي ٻئي حصي ۾ ڪافي ڊريسون به هيون. جيڪي ضرورت مطابق ماڊل کي پهرائي چتر ڪڍندي هئي. الماڙيءَ ۾ آئينو به لڳل هيو. هن ان ۾ پاڻ کي ڏٺو تڏهن هن محسوس ڪيو ته ڪير کائنس اهو پڇي رهيو آهي،
“ توهان ڪڏهن پنهنجي تصوير ٺاهي آهي؟ يعني سيلف پورٽريٽ.”
ڪينواس ڪڍي هن چتر ڪڍڻ شروع ڪيو. گئلريءَ جو دروازو کڙڪيو. سحرش کي عجب لڳو ته آچر ڏينهن ڪير آهي. هن دروازو کوليو ٻاهر روما بيٺي هئي هن جي دوست.
“ اڄ آچر ڏينهن.؟ ”
“ مان پهرين تنهنجي گهر ويس اتي تون نه هئينءَ سوچيم ضرور هيڏانهن آئي هونديءَ. ” هوءَ اندر هلي آئي سحرش جو هٿ پنهنجي هٿن ۾ جهليندي چيائين،
“ مبارڪون ڏيڻ آئي آهيانءِ. ”
“ ڇا جون. ”
“ تون اخبار ڏٺي آهي پارس نيوز جو سنڊي ايڊيشن”
روما صوفي تي ويهي رهي. هن پرس مان ويڙهيل سنڊي ايڊيشن جو پنو ٻاهر ڪڍندي چيو،
“ آهي نه خوش خبري. ”
سحرش ايڊيشن جو پنو پنهنجي هٿن م کنيو ۽ ان ۾ ڇپيل تصوير ڏسڻ لڳي. جيڪا راحيل ٻه ڏينهن اڳ ڪڍي هئي. فوٽو سٺو هو چهري جا وصف به صاف ۽ چٽا هئا کيس ائين لڳو ڄڻ هيءَ تصوير هن جي هاڻي جي نه پر ننڍپڻ جي آهي.
روما ميز طرف ڏٺو جتي لائيٽ ٻري رهي هئي. کيس لڳو سحرش ڪافي دير کا ڪم ڪري رهي آهي. سحرش ميز تي ڪينواس رکي ڪو چتر ٺاهي رهي هئي. ميز تي پاسي کان رکيل ليمپ جنهن جو عڪس ڪينواس طرف هيو، ٻري رهي هئي. روشنيءَ جي شعاع تي سحرش جو چهرو جرڪي رهيو هو. سندس ڳل تي وارن جي هڪڙي چڳ بار بار ٿي لڙڪي پئي ۽ سحرش وري ان کي کاٻي هٿ سان وارن ۾ پنهنجي جاءِ تي پئي رکي. پر چڳ کان اهو برداشت نه پيو ٿئي ته حسين چنڊ جهڙو ڳل ڇڏي وارن جي جهنگ ۾ هجي.
روما اٿي ميز تي رکيل ڪاغذ کي ڏٺو ۽ پوءِ هٿ ۾ کڻندي چيائين،
“ واٽ اي سرپرائيز. ”
“ ڇا جو. ” سحرش عجب وچان چيس.
“ هيءَ تصوير ڪنهن جي آهي. ”
“ سڃاڻي نه ٿي سگهين ڇا.”
“سڃاڻان ٿي . تنهنجي آهي. پر هيءَ ڪهڙي تصوير آهي چهري ۾ ايڏي ڪشش.”
“سيلف پورٽريٽ.”
“ پر آخر اهو ڪهڙو سيلف پورٽريٽ آهي.”
“............................”
“مون هن کان اڳ ته ڪڏهن نه ڏٺو آهي.”
“ مون به نه ڏٺو هيو.”
“ اڄ ڇا اهڙين تصويرن ٺاهڻ جو ڏينهن آهي.؟ خير اهو ٻڌاءِ تنهنجو ڪنهن انٽرويو ورتو هيو.”
“ ها ”
“ڪڏهن.”
“ٽيون ڏينهن.”
“ پر هنن هڪ ئي تصوير ڇو ڇپي آهي. گهٽ ۾ گهٽ ٽي چار ته ڇپڻ کپنديون هين.”
“ڇو”
“مثلن اها تصوير جنهن ۾ مان آئيني اڳيان ڦڻي ڏئي رهي آهيان ۽ هوءَ تصوير جنهن ۾ هوا ۾ زلف اڏامي رهيا آهن. رئو سنڀالي رهي آهيان ۽ ها هوءَ جنهن ۾ سمنڊ تي آلي واريءَ تي گهمي رهي آهيان.”
“ هاڻي منهنجي چوڻ سان ته ڪو نه ڇاپيندا نه ............”
“ چڱو ان خوشيءَ ۾ ڪٿي هلي ڊنر ڪراءِ.”
“ نه اڄ نه ..... طبعيت ۾ مزو نه آهي.”
“ پنهنجي تصوير ڏسي به نه.”
سحرش ڪو به جواب نه ڏنو. روما حيرانيءَ وچان کيس ڏٺو ۽ پوءِ اٿندي چيائين،
“مون کي ڪجھ پئسن جي ضرورت هئي.”
سحرش پرس ۾ هٿ وجهي پيسه ڪڍندي چيو،
“هن وقت پنج سوَ روپيه آهن ڪم ٿي ويندئي.”
“ها ” روما جواب ڏنو ۽ چيائين، “وري ڪڏهن اچان مون کي ٻي ڏينهن موڪل آهي.”
“ مان شايد حيدرآباد هلي وڃان.”
“مان فون ڪري پڇي وٺنديس.”
“ٺيڪ آ.” روما هلي وئي.
********************
سحرش جڏهن به اخبار ۾ راحيل جو لکيل ڪالم پڙهندي هئي ته کيس ائين محسوس ٿيندو هيو ڄڻ راحيل هن سان ويٺي ڳالهيون ڪري رهيو آهي.
سحرش پنهنجي گهر جي لان ۾ اچي ويٺي ته جيئن اخبار پڙهي. سندس لان گهر جي مين گيٽ وٽ هيو. 30x20 فوٽن جو لان جنهن ۾ گيٽ جي هڪڙي ڇيڙي کان چوڌاري ڦري اچي گيٽ جي ٻي ڇيڙي تائين مختلف گلن جون ڪونڊيون رکيل هيون ته ڪي وري لان ۾ ئي پاسن کان لڳل هيون.گيٽ جي سڄي پاسي ڪنڊ تي ناريل جو وڻ هيو. ناريل جي وڻ کان ٿورو اورتي چار ڪرسيون رکيل هيون. انهن جي وچ تي انهن جي ئي ميچنگ تي ٽيبل رکيل هئي. جنهن تي اخبار پڻ هئي. سحرش جنهن ڪرسيءَ تي اچي ويٺي ان جي ساڄي پاسي کان لان جي پويان ڊرائنگ روم هيو. جنهن مان ئي گهر جي ٻين ڪمرن جو انٽرنس موجود هيو. ڊرائنگ روم جو هڪ دروازو لان طرف کلندو هيو جنهن مان نڪري اچي سحرش ڪرسيءَ تي ويٺي. سحرش اخبار ٽيبل تان کڻي ۽ ان کي پڙهڻ لڳي. اوچتو هوا جو هڪ تيز جهوٽو سندس وارن کي ڦلهاريندي مٿائنس لنگهي ويو. هن جلديءَ ۾ ٽيون صفحو کوليو.
راحيل جي ڪالمن ۾ ڪنهن نمائش جو ذڪر ڪيل هيو. تفصيل ۾ وڃڻ کان پوءِ راحيل لکيو هو. ڪنهن مهان ليکڪ چيو آهي هر ڪويتا، هر ڪهاڻي، هر تصوير هڪ خط وانگر هوندي آهي جيڪا پنهنجي پرينءَ ڏانهن لکي ويندي آهي. اهڙن خطن جو ڪنهن کي انتظار هوندو آهي ۽ هڪ دفعو پڙهي دل کي قرار ڪو نه ايندو آهي پوءِ وري وري پيو پڙهبو آهي ۽ اهو يا ته ڪنهن رومال ۾ ويڙهي رکيو ويندو آهي يا ڪنهن ڊائريءَ جي صفحن يا ڪتابن جي زينت بڻبو آهي. پر سوچيان ٿو ته جڏهن به ڪنهن جي دل جو مالڪ اهڙو خط لکندو آهي ته ان کي روح جي روشنيءَ جو نالو ڏنو ويندو آهي. جيتوڻيڪ اهڙو خط لڙڪن سان تار تار هوندو آهي ۽ ان ۾ سمايل ڪا پيار جي مهان ڪويتا هوندي آهي. اهو خط اهڙو ته ڊگهو هوندو آهي جو ان کي پڙهڻ لاءِ ڪجھ ڏينهن جي ئي نه پر ڪيترن سالن جي ضرورت هوندي آهي. ان خط ۾ هڪ خوبي اها به هوندي آهي جو پڙهڻ واري جي به دل جي ڌڙڪن شامل ٿي ويندي آهي. مان سوچيان ٿو ته چتر ڪلا به ان مهان خط وانگر آهي جنهن کي پڙهڻ وقت هر ڪوئي پنهنجي ڪلپنا جو مالڪ خود هوندو آهي.
سحرش اخبار هڪ طرف رکي. لان طرف کلندڙ دروازي مان ئي ڊرائنگ روم ۾ آئي. ڊرائنگ روم ۾ فرش تي خوبصورت قسم جو قالين وڇايل هيو. قالين جي ٽنهي پاسي صوفا سيٽ رکيل هئا جڏهن ته هڪ پاسو خالي هيو جيئن اچ وڃ لاءِ ڪا مشڪلات نه ٿئي. خالي جاءِ جي هڪ پاسي ٽيليوزن رکيل هئي ۽ ان جي ڀرسان ئي ٽيليفون سيٽ رکيل هيو. سحرش ڏڪندڙ هٿن سان رسيور کڻي راحيل جو موبائيل نمبر ملايو.
“ مان سحرش آهيان........... آرٽسٽ. توهان کي ياد هوندو توهان هڪ دفعو............”
“جي بلڪل مون کي ياد آهي.”
“راحيل صاحب پهريون ته توهان جي مهرباني جو منهنجي لاءِ ايڏو سٺو مضمون لکيوَ.”
“ڪا ڳالھ ناهي. مهرباني ته توهان جي. ڇو جو اهو اتساھ به مون کي توهان کان مليو.” راحيل چيو.
“ڀلا ڪجھ وقت لاءِ توهان ڪجھ گهڙيون ڪڍي سگهو ٿا.”
“مان اڄ آفيس ۾ ناهيان، اڄ آچر جو آهي.”
“مان آفيس ۾ نه پر توهان جي گهر......................”
“گهر!” راحيل جي آواز ۾ هٻڪ اچي وئي جيڪا سحرش چڱي طرح محسوس ڪئي.
“مان توهان جو گهڻو وقت ڪا نه وٺنديس بس جيترو وقت توهان چاهيندا.” هن جي آواز ۾ منٿ نه هئي ............ پر پختائي هئي.
“نه نه بيشڪ منهنجي اکين تي اچو. وقت جي ڪهڙي ڳالھ آهي. مون کي توهان سان ملندي ڏاڍي خوشي ٿيندي.”
“اوهان جي مهرباني.”
هن کيس پنهنجي گهر جي ايڊريس نوٽ ڪرائي ڇڏي. هوءَ جڏهن راحيل جي گهر پهتي ته راحيل هن کي پنهنجي ڪمري جي کليل دريءَ وٽ بيٺل نظر آيو. هن کي برائون رنگ جي ٽي شرٽ ۽ بلو جينز پينٽ پاتل هئي.
راحيل کي دل جي ٺوڪر لڳي اها ٺوڪر سحرش جي البيلين ادائن جي هئي. هن تي سحرش جي سادي خوبصورتيءَ جو اثر ان ڏينهن به ٿيو هيو. جڏهن هن جي گئلريءَ ۾ ويو هو. پر اڄ واري خوبصورتي ته ڪجھ اور ئي لڳي هئي ۽ وري سحرش کي محسوس ٿيو ته ڪي چهرا اهڙا به ٿيندا آهن جيڪي هڪ دفعو ڏسڻ سان اکين کي ڇنڀڻو ڪو نه پوندو آهي پر ٻيون ۽ ٽيون دفعو ڏسڻ سان من ۾ رچي ويندا آهن. راحيل ٻه ڪرسيون سوري دريءَ جي ڀرسان رکيون. ٻئي ويهي رهيا.
“ گذريل ڏينهن ۾ مون ڪي ڪارٽون ٺاهيا آهن جيڪي توهان کي ڏيکارڻ چاهيان پئي.”
“ڪارٽون.!”
“ڪيترن ڏينهن کان ڪا تصوير نه ٺاهي آهي.”
“ڇو؟”
“مان سوچيان ٿي ته پورٽريٽ صرف زندگيءَ جو ئي ٺاهڻ گهرجي.” هن فائيل راحيل کي ڏئي ڇڏيو. سحرش چيو،
“هي ڪارٽون توهان کي ان لاءِ ڏيکارڻ نه آئي آهيان ته توهان انهن جوذڪر پنهنجي اخبار ۾ ڪيو.”
راحيل فائيل تان ڌيان هٽائي سحرش جي چهري طرف ڏٺو پر چيائين ڪجھ نه. مسڪرائي وري فائيل ڏسڻ لڳو.
ڪاغذن ۾ سڀني جي مٿان جيڪو ڪارٽون پيو هيو اهو هو پارٽيءَ جي چونڊن ۾ بيهڻ وقت هڪ اميدوار جو هيو. هو مائيڪ اڳيان چئي رهيو هو “اسين ڪرپشن جي خلاف آهيون.” ۽ آس پاس جي هجوم مان هڪ شخص چئي رهيو هو “ڪرپشن ته ڪوئي توهان کان سکي.”
راحيل اهو ڪارٽون ڏٺو ۽ هر هر ڏسندو رهيو. پوءِ سحرش ڏانهن ڏسي وري ٻيو ڪارٽون ڏسن شروع ڪيو. سحرش جو ٺاهيل هڪڙو ڪارٽون ڏسندي راحيل چيو،
“مان جنهن آرٽسٽ سان گئلريءَ ۾ مليو هيس اها پنهنجي فن ۾ اڃان وڌيڪ نکرجي پئي آهي.”
“مهرباني اڄ اهي ئي لفظ ٻڌڻ لاءِ هتي آئي هيس.” راحيل جي هٿن مان فائيل وٺندي هن چيو.
“توها چاهيو ته توهان جو ڪو ڪاٽون اخبار ۾....................”
“نه مان ڪنهن ٻي اخبار وارن سان معاهدو ڪيو آهي. ايندڙ هفتي کان مان باقائدي ڪم به ڪندي رهنديس.” فائيل جڏهن هٿ ۾ کڻي هوءَ اٿڻ لڳي ته هڪ نظر وري راحيل تي وڌائين.
“راحيل توهان چاهي ڪيترا سال به اهو خط پڙهيو هجي جنهن جو ذڪر توهان ڪالم م ڪيو آ. مان دخل اندازي ڪو نه ڪنديس. پر جڏهن به توهان ائين محسوس ڪيو ته هاڻي اهو خط پڙهڻ مشڪل آهي. تڏهن مون کي ضرور ٻڌائجو مان چاهينديس ته اهو خط مان پڙهان.”
“مطلب!” راحيل سحرش ڏي ڏٺو.
“توهان ان خط جي اڄ جي ڪلا سان ڀيٽ ڪئي هئي. توهان لکيو هيو. لفظ پنهنجا ته ڌڙڪن به پنهنجي هوندي آهي.”
“مس سحرش ڇا توهان همدري ٿا جتايو.”
“نه اهڙي ڳالھ نه اهي.”
“تڏهن ڇا سوچيو آهي توهان.”
“مون محسوس ڪيو آهي توهان پنهنجي گذريل زندگيءَ ۾ ڪنهن خط جو انتظار ڪيو آهي. اهو پڙهي سنڀالي سانڍي رکيو اٿوَ. توهان ان خط کي لڙڪن سان تار تار به چيو آهي ۽ مهان به. پر اهي ٻئي ڳالهيون گڏ توهان ڪيئن چيون. صرف اهو درد جنهن ڀوڳيو هوندو ۽ پيڙا ڪنهن سَٺي هوندي.”
کن پل لاءِ راحيل کي محسوس ٿيو ته سحرش سندس دل جو حال پروڙي ورتو آهي......سندس چهري جا لڪل راز به هن اڳيان پڌرا پئجي ويا آهن. راحيل پنهنجي حيران اکڙين کي مٿي کڻڻ جو سهس به نه ڪري سگهيو. ان ڪري اکيون جهڪائيندي ۽ مسڪرائيندي ئي چيو،
“ڇا توهان معلوم ڪرڻ چاهيو ٿيون.؟”
“مون ان بابت نه پڇيو آهي مون صرف اهو چيو آهي ته جڏهن به توهان وڌيڪ محسوس ڪيو ته هاڻي نه پڙهي سگهندس ته مون کي ضرور ٻڌائجو.”
“توهان مون کي ڪو خط پڙهڻ لاءِ ڏيندئو.؟”
“اهو ته مان تڏهن ٻڌائينديس جڏهن توهان هڪڙو خط پڙهي پورو ڪيو.”
“فرض ڪريو اهو خط مان ڪڏهن به پاسيرو نه رکان ته پوءِ.”
“پوءِ مان ڪڏهن به توهان کي پنهنجو خط نه موڪليديس.”
“اوھ! مون کي اوهان جي اها ادا پسند آئي.”
سحرش وڃڻ لڳي راحيل جهيڻي آواز ۾ چيس،
“هڪ منٽ سحرش.”
هوءَ رڪجي وئي. راحيل هڪ نظر هن کي ڏسي ٻي ڪمري ۾ هليو ويو. هوءَ ڪرسيءَ تي ويهي رهي. راحيل جڏهن واپس آيو ته کيس هڪ دَٻي هٿ ۾ هئي. هن اها کولي ۽ ان مان هڪ هار ڪڍيو اهو رنگ برنگي موتين سان پويل هيو.
“سحرش.”
“جي.”
“ڪجھ سال اڳ مون کي ڪنهن هي هار ڏنو هيو.”
“هون.”
“مون کي جنهن دوست هي هار ڏنو هو. ان کي ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ ڏنو هو پر هو ان ڇوڪريءَ کي پيار نه ڪندو هو. ان ڪري هار مون کي ڏيندي چيائين ته تون جنهن کي پيار ڪندو آهين ان کي هي هار ڏجانءِ.”
“ڪاليج ۾ منهنجو جونيئر هيو. هاڻي وڏو شاعر آ پر پاڻ کان ذهين ماڻهن کان جيليس ٿيندو آ. مون کي هن جو قدر آ. هر ڪنهن جي ڳالهين ۾ منٽ اچي ويندو آهي. بس پوءِ ته پٽڪو لاهڻ ۾ به دير نه ڪندو آهي. مان اهو به نه ٿو چوان ته مون ڪنهن کي پيار نه ڪيو آهي. پر مون کيس هار نه ڏنو هيو شايد اهو هار قسمت ۾ ٻي ڪنهن کي ڏيڻو آ.”
“اڄ هي هار مون وٽ آهي پر اصل ۾ هي هار مون سان گڏ سڄي شهر ۾ به گهمي رهيو آهي. هڪ شهر نه پر جدا جدا شهرن ۾ به گهمي رهيو آهي. محبت جي اها به تقدير ٿيندي آهي.”
“اوھ آءِ سي.” سحرش ٿڌو ساھ ڀريو.
“مون هار واري ڳالھ صرف توهان سان ڪئي آهي. هن کان اڳ ڪنهن کي به نه ٻڌائي اٿم.”
“ٺيڪ آهي توهان جي مهرباني.” ائين چئي فائيل کڻي هلي وئي.
********************
راحيل جيئن آفيس کان گهر آيو ته سندس پيءُ فليٽ جي ٻاهران هڪ ننڍو پارڪ هيو اتي ملي ويس.
“توهان اڃان اتي ويٺا آهيو ٿڌ لڳي وڃيوَ ته.”
“اندر ئي ويٺو هيس سوچيم ڪجھ ٿڌ جو به مزو وٺان.”
“واھ واھ. ڀلا ڪوئي آيو ويو.”
“ها ابا هڪ همراھ آيو هيو ڪلاڪ اڳ. پنهنجو نالو طارق پريمي پيو ٻڌائي.”
“ڇا! عجيب قسم جو ماڻهون آهي اچي ته روز اچي نه اچي ته مهينن جا مهينا لڳائي ڇڏي.”
“کيس اچڻو هيس ته پهريون فون ڪري اچڻ کپندو هيس.”
“هن فون ڪيو هو پر تون اڃان نه پهتو هئين.”
“اڇا پوءِ ڪجھ ميسيج ڇڏي ويو.”
“هو ڪيتري دير تنهنجي لاءِ ويٺو رهيو. پوءِ اهو چئي ويو ته مان سڀاڻي چڪر هڻندس.”
هڪ ڏينهن اوچتو ڪار اچي گيٽ ٻاهران بيٺي چاچا بچل اچي راحيل کي ٻڌايو ته اوهان سان ڪو طارق پريمي ملڻ ٿو چاهي. راحيل پنهنجي پوڙهي ملازم کي چاچا بچل چوندو هو.
طارق پريمي، راحيل ۽ سندس پيءُ ڪلاڪ ٻه خوب ڪچهري ڪئي ۽ پوءِ ائين چئي هليو ويو ته ڪنهن ڏينهن پنهنجا شعر به اچي ٻڌائيندوسانوَ. ٻي ڏينهن آفيس جي ٻاهران ڪار ۾ مليس چيائين،
“مان به ان پاسي ويندس. هل ته کڻي هلانءِ.”
دل ته هن سان ويهڻ نه پئي چاهيس پر انڪار به نه ٿي ڪري سگهيس. ائين چار پنج دفعه راحيل کي بس اسٽاپ تي مليو. ڪڏهن آفيس ته ڪڏهن گهر ڇڏي ويندو هيس پر اڃان تائين پنهنجي شاعري نه ٻڌائي هئائينس. هڪ ڏينهن ڪار ۾ ويٺي چئي ڏنائينس،
“توکي اخبار جي نوڪري ڪرڻ نه کپي. ڇاڪاڻ ته ان نوڪريءَ ۾ عجيب قسم جي ماڻهن سان واسطو پوندو آهي.”
راحيل کي ڪاوڙ لڳي هئي. سوچيو هئائين ته وري ان ماڻهونءَ سان نه ملندو. ڏاڍو وات هڻندو هو ڪنهن کي بدنام ڪرڻ جي مهارت ته ڪو هن کان سکي.
اڄ راحيل ڏاڍو ٿڪل هيو. ڪالھ نشتر پارڪ ۾ ڪنهن پارٽيءَ جو جلسو هيو. اوڏانهن ويو هيو. ٿڪاوٽ هوندي به ڪالم لکڻ ويهي رهيو. اخبار کوليندي ئي هن جي نظر اخبار جي ان ڪنڊ تي پئي جتي سحرش جو ڪاٽون ڇپيو هيو. اخبار ڪجھ دير اڳ چاچا بڇل رکي ويو هيس. هن اهو ڏٺو....... پڙهيو..... هڪ دفعو ٻيو دفعو.
ان ڪارٽون ۾ پوليٽيڪل سائنس جو پروفيسر شاگردن کان پڇي رهيو هيو. ڇا توهان کي خبر آهي ته سياستدان چالاڪ ڇو هوندا آهن. تنهن تي هڪ شاگرد جواب ڏنو. سائين جيئن پکين ۾ چالاڪ پکي ڪانوءُ آهي تيئن انسانن ۾ چالاڪ انسان سياستدان آهي. هو ڪافي دير تائين ڪارٽون ڏسندو رهيو پوءِ ٿڌو ساھ کڻي سحرش کي فون ڪرڻ لڳو.
“ڪير. سحرش مان راحيل آهيان.”
“او ! راحيل.”
“اڄ وارو ڪارٽون ڏاڍو پسند آيو.”
“توهان جي وڏي مهرباني.”
“ڪيتريون مهربانيون چوندئو.”
“جيتائين چئي سگهندم. ۽ ها خاص مهرباني تڏهن چوندم جڏهن توهان اهو خط پڙهي پورو ڪندا.”
“مون کي لڳي ٿو ته اهو خط مون کي ٻوڙيندو يا توهان........”
“پر حقيقت اها آهي ته مان اوهان کي تارڻ ٿي چاهيان.”
“چڱو ڏسندا سي. سحرش ڪلھ هڪ جلسي ۾ ويو هيس. جنهن تي ڪالم به لکيو اٿم. اتي عورتن جي حقن جي به ڳالھ نڪتي. پر اسان جو ديس اهڙو آ جتي حقن جي ڳالھ ته ڪئي وڃي ٿي پر عمل! پري پري تائين به ٿيندي نطر نه ٿو اچي.”
“ها بلڪل صحيح ٿا چئو.”
“سحرش اسان جي ديس جون ريتون، رسمون عورت کان اجازت گهرڻ نه ٿيون سيکارين. هتي عورت سان نڪاح زوريءَ ڪيو ويندو آهي ۽ عشق به زوريءَ ڪيو ويندو آهي ۽ عورت جو ذڪر به زوريءَ ڪيو ويندو آهي.”
“حقيقت آ پر منهنجي دل ۾ ان اجازت لفظ جو قدر آهي. اڄ توهان اچو يا مان اچان.............چڱو مان ئي ٿي اچان.”
**************************************
سحرش آئي راحيل جو من اداس ٿي رهيو هو. اڄ هن دريءَ جي ڀرسان نه پنهنجي اسٽڊي روم ۾ ويهاريائينس. سندس روم ۾ هڪ اسٽڊي ٽيبل جنهن تي ڪجھ ڪتاب ۽ ڊڪشنريون هيون ۽ ڪتابن جي ڀرسان خالي پيل ليمپ رکيل هئي. ٽيبل کي ساڄي کاٻي پاسي خانا رکيل هيا جنهن ۾ ضرورت جو سامان رکيل هيو. ٽيبل جي اڳيان ڪاري رنگ جي اسٽڊي ايزي چيئر جنهن تي ويهڻ سان ٿڪاوٽ جو احساس ئي نه ٿئي. ڪمري جي در ڀرسان صوفا سيٽ رکيل ۽ ان جي اڳيان ڪاٺ جي ٽيبل رکي ويئي هئي. صوفي تي سحرش ويٺي ۽ پاڻ وري اسٽڊي چيئر تي ويهي رهيو.
“چانھ پيئندينءَ.”
“ها.”
راحيل چاچا بچل کي چانھ جو چيو.
“توهان جي لاءِ اڄ وارو ڪارٽون ڪا وڏي ڳالھ نه هجي پر مون لاءِ بيحد وڏي ڳالھ آهي.”
“پر ان کان ته توهان جا ڪالم سٺا هوندا آهن. ”
“الاءِ ڇو سحرش ڪجھ ڏينهن کان ائين پيو محسوس ڪيان. مان جو ڪجھ لکان ٿو اهو بي مطلب آهي. ڄڻ ان کي پڙهڻ وارو ڪير به نه آهي.”
هو ڪجھ دير لاءِ چپ ٿي ويو پوءِ سحرش طرف ڏسندي چيائين،
“ڪاليج جو هڪ پراڻو دوست آ. شاعر آ. طارق پريمي. سوچيو هيم ان جو انٽرويو ڪيان. ان لاءِ هڪ خاص ڪالم جو سلسلو ٿو شروع ڪيان. ڪيترن شاعرن کي خط به لکيا آهن. طارق پريمي به آيو هيو. شاعري به ڏنائين. هو ماڻهن کي چوندو وتي ٿو ته منهنجون لکڻيون ان تي اثر ڪري ويون آهن. اڄ ڪلھ ڪنهن ڇوڪريءَ سان به ملندو ٿو رهي. ٻڌين ٿي نه سحرش.”
“ها.”
“اڄ ڪلھ ته اهو به چئي ٿو ته مان جو ڪجھ ٿو لکان ڪنهن ڇوڪريءَ جي ڪري ٿو لکان.”
“ها مون کي خبر آهي.”
“تو کي خبر آ! ڪيئن!” مان حيران ٿي ويس.
“ٻه ٽي دفعه گئلريءَ ۾ اچي چڪو آهي. هڪ ٻه تصوير به خريد ڪئي اٿائين. اتي اخبار ۾ تنهنجو ڪالم ڏسندي تنهنجي لاءِ اهڙيون ڳالھيون ڪيون هئائين. آخر ۾ چيائين. بيوقوف منهنجو دوست.”
چاچا بچل چانھ کڻي آيو. راحيل چانھ ڪپس ۾ ڀري سحرش کي ڏيندي چيو،
“ هڪ شخص اڪثر مون کي فون ڪندو رهندو آهي. هن وقت تائين پنهنجو نالو ڪو نه ٻڌايو اٿائين. صرف ايترو ئي چوندو آهي ته هو منهنجو خيرخواھ آهي.”
“طارق پريميءَ جون ڳالھيون ان ئي ٻڌايون هيئي.”
“ها ڪالھ رات هن فون ڪري ٻڌايو ته طارق پريمي ۽ سندس ساٿي هڪ اخبار ڪڍي رهيا آهن.جنهن ۾ هو منهنجي خلاف لکندا.”
سحرش ڪجھ نه چيو صرف چانھ پيئندي رهي. چانھ جو گرم ڪوپ ڄڻ زهر ڍڪ ٿي لڳس. هوءَ ڍڪ ڍڪ پيئندي رهي ۽ طارق پريميءَ جي ڳالھين تي جک کائيندي رهي.
********************
آرٽس ڪائونسل ۾ هڪ مهورتي تقريب هئي. راحيل اتان موٽي گهر آيو ته ڪجھ دير بعد فون جي رنگ وڳس.“ توهان راحيل ٿا ڳالھايو.”
“مان توهان جو پرستار ڳالھائي رهيو آهيان.”
“جي چئو.”
“مون توهان جي آفيس ۾ به فون ڪئي هئي پر توهان ڪنهن تقريب ۾ ويل هئا. مان صرف توهان کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته طارق پريميءَ جي هٿ جي ڪا به شيءِ نه کائجو. هو توهان کي ڪنهن شيءِ ۾ ڪجھ به ملائي کارائي سگهي ٿو. مهرباني ڪري منهنجي ڳالھ جو يقين ڪجو. طارق پريميءَ جو خيال آهي ته هو توهان کي اهڙي ڪا شيءِ کارائيندو جنهن سان اوهان جي سوچڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت ختم ٿي ويندي.”
“اوھ ماءِ گاڊ..........”
“بس توهان ان جي ڏنل يا موڪليل ڪا شيءِ نه کائجو.”
راحيل فون جو رسيور رکي ڇڏيو. هن جو جسم لوھ وانگر تپي باھ ٿي ويو. دريءَ جي ڀرسان ويهي هن سگريٽ دکايو. ڪڏهن ڪڏهن پريشانيءَ ۾ هڪ اڌ سگريٽ به پي وٺندو هيو. هوانهن خيالن ۾ ايترو ته گم هيو جو ٻرندڙ تيلي ڪٿي ڦٽي ڪيائين ڪا خبر نه پيس. اچانڪ خيال ايندي هن ڇرڪ ڀري ڏٺو ته تيلي ڊسٽبن ۾ ڪريل هئي. ان پيل ڪاغذن کي باھ لڳڻ شروع ٿي وئي. باھ وسائيندي جنهن ڪاغذ جي ٽڪري تي نظر پيس اهو اخبار جو ٽڪرو هيو. راحيل اخبار جو ٽڪرو ڪڍيو. اهو هڪ طرف کان سڙيل هيو پر ڪافي حصو اڃان تائين ثابت هيس. هڪ ٽڪري تي پينسل جي ليڪ ڏنل هئي هن پڙهڻ شروع ڪيو،
“راحيل نالي هڪ شخص کي اسان جرنلسٽ نه ٿا سمجهون. هن کي ڪجھ لکڻ به نه ٿو اچي. هن کي اها نوڪري پيءُ جي سفارش جي ڪري ملي آهي جيڪو پروفيسر آهي ۽ هڪ اخبار جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي. ورنه سندس پٽ ان نوڪريءَ جي لائق نه آهي.”
راحيل اهو ڪاغذ وري ڊسٽبن ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو. هن جو مٿو ڦرڻ لڳو هو. ڪجھ دير کان پوءِ اٿي Calcee پيئڻ لڳو ۽ سوچيندو رهيو ته فون جي گهنٽي وڳس.
“مان سحرش ٿي ڳالھايان.”
“ها سحرش چوءُ.”
“ڪالھ توهان وٽ اخبار آئي هوندي.”
“ها آئي هئي مان پڙهي آهي.”
“اف خدا!.”
“بابا ئي ڪو پهريان ڏٺي هئي. هن اها ڊسٽبن ۾ وجهي ڇڏي هئي. منهنجي اچانڪ ان تي نظر پئي هئي.”
“چڱو توهان ان اخبار کي وساري ڇڏيو ۽ واعدو ڪيو.........” چپ ٿي وئي.
“چڱو سحرش مان ان باري ۾ نه سوچيندس پر تڏهن به ڪو سوچ جو انت ته نه آهي نه.”
“گند صرف گهٽين ۽ بازارن ۾ نه هوندو آهي. ماڻهن جي من ۾ به هوندو آهي.”
“اوڪي سحرش. فون جي گهڻي گهڻي مهرباني. مٿي ۾ ڪافي سور هو پر لڳي ٿو هاڻي لهي ويو آهي. مون کي توهان جي فون جي سخت ضرورت هئي.”
“هاڻي وري مهرباني فون جي باقي مان ڪنهن ليکي ۾ ئي نه آهيان.”
تڏهن ٻئي کلڻ لڳا.
“توهان سڀاڻي شام جو اچي سگهندا.” ساڳي مسڪراهٽ سان چيائين.
“ضرور سڀاڻي شام جو ئي ايندس.”
راحيل فون رکي ڇڏي. هن جي دل ڀرجي آئي. کيس پيءُ جي نرم دل، سحرش جي دريا دل ۽ ان گمنام خيرخواھ جي مهربان دل جي ياد آئي. هو دل ئي دل ۾ انهن جا شڪرانا مڃڻ لڳو.
رات جو راحيل ڪو به ڪم ڪري نه سگهيو. گذريل ڏينهن جون ڳالھيون جيڪي مختلف اديب هن لاءِ ڪري رهيا هئا. کيس ڏنڀ ڏيڻ لڳيون. ڪاوڙ ۾ ٽيبل تي پيل ڪتابن کي جو مڪ هنيائين ته ڪتاب هيٺ ڪري وکرجي ويا. ڪن جا ڪجھ ورق به نڪري پيا. هي بغير ڪنهن احساس جي اٿي ٿڪل ذهن سان فرش تي سمهي پيو. ڪافي دير کان پوءِ ننڊ آيس پر صبح جو اٿيو ته هن کي پنهنجي ڪيل حرڪت تي ندامت ٿي. هو سڌو فون جي طرف وڌيو ۽ هن نمبر ملايو.
“ها سحرش ڇا حال آ! سوير تو فون ڪئي هئي.”
“ها منهنجي دوست مسز سمرين آهي نه.”
“ڪهڙي سمرين.!”
“منهنجي خاص سهيلي. اسٽوري رائيٽر.!”
“ها ها ياد آيو مسٽر فيروز جي گهرواري.”
“ها. اها.”
“ڇا ٿيو آ ان کي.......”
“ويچاري اسپتال ۾ داخل آهي.”
“او آءِ ايم سوري.”
“توهان اچو ته ٻئي گڏجي اسپتال هلون.”
“مان ته اچان ٿو پر منهنجو اسپتال هلڻ..............”
“مان اڪثر ان سان تنهنجو ذڪر ڪندي رهندي هيس. هوءَ به توکي سڃاڻيندي آهي منهنجي ڪري ۽ تنهنجي ئي ڪالمن جي حوالي سان. سدائين چوندي آ ڪڏهن ٿي پنهنجي راحيل سان ملائين.”
هن جو ائين چوڻ ته ڪڏهن ٿي پنهنجي راحيل سان ملائين ۽ راحيل جي دل جو ڌڙڪڻ.
“۽ توهان کي وري هاڻي ياد پيو آ جڏهن ويچاري اسپتال ۾ آ....”
“ٻن ٽن ڏينهن کان رابطي ۾ نه هئي. اڄ ئي خبر پئي آ.”
“چڱو مان اچان ٿو.......”
********************
راحيل پنهنجي آفيس ۾ لکڻ ۾ مشغول هيو. آفيس ۾ هڪ ٽيبل جنهن جي سامهون ٽي ڪرسيون رکيل جڏهن ته ٽيبل جي اڳيان ڪرسيءَ تي پاڻ ويٺل. سندس ڪمري ۾ ٽيبل جي سامهون ئي دروازو ۽ دروازي جي لڳ ئي ٻه ڪرسيون رکيل. راحيل جي ساڄي پاسي واري ڀت تي سحرش جي ئي پينٽنگ لڳل. جنهن ۾ هڪ ڇوڪري صرف ٻانهن تائين ڏيکاريل آ ڄڻ ڪنهن بيڊ تي سمهي ٻانهون وهاڻي تي سڌيون ڪيون اٿائين ۽ هڪ ٻانهن تي منهن رکي سامهون ڏسي رهي آهي. وارن جي هڪ چڳ ڀرونءَ ۽ اک جي مٿان ڪراس ٿيندي ڳٽي تان گذرندي هيٺئين چپ ۽ کاڏيءَ جي وچ تائين پهتل آ. سندس ڏسڻ جي انداز ۽ اکين مان ايڏو ته غم ٿو محسوس ٿئي ڄڻ ته سندس هستي ئي ڀسم ٿي وئي آ.
راحيل ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين اصل ڏڪي ويو. هن جا هٿ پير ٺري ويا. بي جان بت بڻجي ويو. هن جي سامهون صدف بيٺي هئي. اها ئي صدف جيڪا هن کي يادن جي واديءَ ۾ ڇڏي هلي وئي هئي. پر اڄ جي صدف پهريان واري صدف کان مختلف لڳس. اڳ ۾ سنهڙي سهڻي، واسينگ جهڙا وار سدائين پيا چيلھ تائين لڙڪندا هيس. پر اڄ اها صدف بت ۾ ڪجھ ڀريل چهرو به پهريان کان ڀريل گول مٽول وار صرف ڪلهن تائين لڙڪيل. رئي جو نالو نشان ئي نه. صدف راحيل کي ڏسي رهي هئي. راحيل کي لڳو ته هن جون نظرون دل مان آر پار گذري رهيون آهن. اڳ ۾ ئي من ماندو هيس ويتر ڦڙڪيون هڻڻ لڳس.
ٻه منٽ اڳ پٽيوالي کيس ٻڌايو ته ڪا عورت ساڻس ملڻ چاهي ٿي . راحيل جو لکڻ ۾ مشغول هيو. جهڪيل ڪنڌ سان ئي اشارو ڪيس ته اندر موڪليس.
ڪڏهن ڪڏهن انسان لاءِ اهڙو وقت به ايندو آهي جو کيس ائين لڳندو آهي ته سندس لفظ ٽڙي پکڙجي ويا آهن. راحيل به جڏهن صدف کي ڏٺو ته کيس به ائين محسوس ٿيو ته هر لفظ وساري چڪو آهي.
“چار ٿيا آهن. پنجين تائين ويهندين........”
صدف اهڙي انداز ۾ پڇيس ڄڻ هو ڪجھ سال نه پر ڪجھ ڏينهن کان پوءِ ئي هن سان ملي رهي هجي.
“ها.”
“چڱو مان تنهنجي گهر ٿي وڃان.”
اڃان راحيل لفظ به نه ڪڍيو جو هوءَ هلي وئي. ميز جي ڀرسان بيٺل راحيل پنهنجي ڏڪندڙ جسم کي ميز جو سهارو ڏنو. هو سمجهي ئي نه سگهيو ته هيءَ اها ئي صدف آهي يا ڪا ٻي. ڪنهن به وقت کي رڪجندي نه ڏٺو آهي پر راحيل کي لڳو ته اڄ هن وقت کي رڪجندي ڏٺو آهي ۽ وقت سان گڏو گڏ ساھ کي به رڪجندو ڏٺو اٿائين. هن کي اڃان تائين يقنين نه آيو ته ڪو صدف آئي هئي. ڪيتري دير انهن خيالن کا پوءِ هن جو هٿ فون ڏي وڌيو. هن سحرش جو نمبر ملايو.
“مان راحيل آهيان.” لفظ وچڙندا رهيس.
“ها راحيل ڪيئن آهين.”
“صرف ٻن منٽن لاءِ ............... منهنجي آفيس ۾ اچي سگهندئو.”
“ڇو. ڇا ٿيو آهي. خير ته آهي.”
“ها ڪجھ به ته ناهي.”
“چڱو مان اچان ٿي.”
********************
سحرش هن جي لفظن مان ئي سمجهي وئي. آخر هن به ته پنهنجي دل جي ڪينواس تي راحيل جو چتر چٽيو هيو. سحرش جي گئلري راحيل جي آفيس جي ڀرسان هئي. سحرش کي اچڻ ۾ اڌ ڪلاڪ مس لڳو. هوڏانهن راحيل کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ هو ڪيترن ڏينهن کان هتي ميز جي سهاري بيٺي بيٺي ڏڪي رهيو آهي.
“راحيل مان اچي ويس.”
هن پلڪون مٿي کنيون سحرش کي ڏسندي چيائين،
“اڄ صدف آئي هئي. مون هڪ دفعي توکي ٻڌايو هيو ته ڪاليج جي ڏينهن ۾.............”
“ها مون کي ياد اچي ويو.”
“هاڻي ڪجھ دير ٿيندي............... هاڻي گهڻا ٿيا آهن.”
“ساڍا چار........”
“ان وقت هن مون کي ٻڌايو ته چار ٿيا آهن.”
“پر راحيل تون ايڏو پريشان ڇو آهين...”
پريشان ته خود پاڻ به ٿي وئي پر پنهنجي چهري تي اهڙي ڪا به پريشانيءَ جي ريکا ظاهر نه ڪيائين. يا ته راحيل ايڏو الجهيل هيو جو سحرش جي چهري جون ريکائون پڙهي نه سگهيو.
سحرش هڪ پل لاءِ راحيل جي چهري طرف ڏسي پرس مان رومال ڪڍيو. اڄ پهريون دفعو هو جو هوءَ راحيل جي ايڏو ويجهو بيٺي.
“سڄو چهرو ئي ڳوڙهن سان ڀري ڇڏيو اٿئي.” ائين چئي رومال سان اکيون اگهڻ لڳس.
“ڪاڏهون آندو اٿئي اکين ۾ لڙڪن جو درياءُ. هان.......”
راحيل کي سچ پچ خبر نه هئي ته ڪو سندس اکين مان ڳوڙها وهي رهيا آهن هن پنهنجي آڱرين سان اکڙين کي ڇهيو ته حيران ٿي ويو.
“هن مون سان ڪا به ڳالھ ٻولھ نه ڪئي صرف ايترو چئي هلي وئي ته مان تنهنجي ئي گهر ٿي وڃان.”
“ڀلا هتي هوءَ توسان ڪيتريون ڳالهيون ڪري ها.”
راحيل جيترا سال به سوچيندو رهيوهو اهو ڪڏهن به نه ٿيو هو ۽ اڄ اچانڪ جيڪي ٿي ويو، اهو سندس سوچ ۾ ئي نه ٿي آيو. تڏهن ته گهٻرائجي سحرش کي گهرائي ورتو هئائين ۽ هاڻ کيس اها به خبر نه هئي ته سحرش کي ڇو گهرايو آهي. کيس ڇا ٻڌائڻو اٿس ۽ ڇا پڇڻو اٿس. سالن کان پوءِ صدف کي ڏٺو هئائين. دل ۾ ڏاڍو خوش به ٿيو هو. شايد ان ڪري هو گهٻرائجي ويو هو ۽ ان گهٻراهٽ مان سحرش جو هٿ پڪڙي ورتائين. چيائين،
“سحرش خبر ناهي اڄ مون کي ڇا ٿي ويو آهي. مان پنهنجي دل کي قابوءَ ۾ نه ٿو رکي سگهان.”
سحرش وڃي پئي وري هن جي اکين ۾ گم ٿيندي. پاڻ سنڀاليندي چيائين،
“راحيل هاڻي توکي گهر وڃڻ گهرجي. هن سان وڃي کوڙ ساريون ڳالھيون ڪر. آخر سالن کان پوءِ ملي اٿئي.”
راحيل کي لڳو ته دنيا جي ڪا به عورت پنهنجي محبت ۾ ٻي عورت کي ڪڏهن به برداشت نه ڪندي آهي پر سحرش جي محبت جو ڪو انت ئي نه هو. سندس دل پيار جي خزاني سان ڀري پئي آهي.
“منهنجو خيال آ اهي ته هاڻي اسان کي هلڻ گهرجي.”
“اسان کي ڇا مان به.”
“ها ان ۾ حرج ئي ڪهڙو آهي.”
“نه اڄ نه. گهٽ ۾ گهٽ پهرين ڏينهن ته نه. شايد کيس ڪا غلطفهمي نه ٿي وڃي.” سحرش وڃڻ لاءِ دروازي طرف مڙي چيو.“ ۽ ها اهڙي ڪا به ڳالھ نه ٿئي جنهن سان هن جي دل آزاري ٿئي.”
راحيل جيتري به دير بيٺو رهيو هن جي گهٻراهٽ به ٿمجي بيٺي هئي. هن جي ويندي ئي کيس لڳو ڄڻ گهٻراهٽ وري شروع ٿي وئي آ.
********************
راحيل گهر پهتو ته صدف هن جي هڪ هڪ شيءِ کي غور سان ڏسي رهي هئي.راحيل ايندي ئي چاچا بچل کان پڇيو،
“بابا گهر ۾ ڪونهي ڇا.”
“نه صاحب کي چڱي دير ٿي آ ته ٻاهر ويو آ.”
صدف هن جي آواز تي ڇرڪي اچي صوفي تي ويهي رهي. راحيل ڏٺو ته صدف جون اکيون ائين چپ هيون جيئن ڪيترا سال اڳي هونديون هيون. راحيل ئي شروعات ڪئي،
“مو سمجهيو هو ته توهان شايد وري هتي نه ايندا.”
“پر مون کي پڪ هئي ته مان ضرور اينديس.”
چاچا بچل چانھ رکي ويو. صدف جو چيل جملو هن جي من ۾ ڦرڻ لڳو ۽ گڏو گڏ ان کي ڌوئڻ به لڳو. هن کي لڳو اهو جملو هڪ وڏي اعتماد سان ئي چئي سگهجي ٿو يا صرف ٽال مٽول ڪرڻ لاءِ چئي سگهجي ٿو. هن هڪ گهرو ساھ کنيو.
“هلون.” صدف پڇيو.
“ٻاهر ڪٿي خوشگوار هوا جي جهوٽن ۾. پوءِ تون جنهن وقت به چاهيندين اٿندا سين.”
راحيل بنا ڪجھ چوڻ جي اٿي صدف سان ٻاهر آيو. صدف جنهن سادگيءَ سان “تون” چيو هو. اهو راحيل کي ڏاڍو وڻيو هو. ان ۾ هن کي اها پهنجائپ نطر آئي. جنهن جي کيس عرصي کا تلاش هئي.
ٻئي ڄڻا هِل پارڪ ۾ پهچن ٿا. هنن جو رخ پارڪ جي ٽڪريءَ ڏانهن آهي جيڪا بلڪل اروڙ جي ٽڪرين وانگر آ. رستي تي هڪ وڏو تلاءُ آ جنهن ۾ کوڙ ساريون بدڪون ۽ ڪاز ترندي نظر اچن ٿا. ٽڪريءَ کي هڪ ٻن هنڌن تان ڏاڪڻ ٺهيل آجتان ماڻهون آسانيءَ سان چڙهي سگهي ٿو.ٽڪريءَ تان پارڪ جو منظر ڏاڍو خوبصورت ٿو لڳي. چوڌاري گرينري ۽ وڻن جي وچ ۾ اهو تلاءُ ائين ٿو نطر اچي ڄڻ اهو تلاءُ نه پر ڪا ڍنڍ آ. هي به ٻئي ٽڪريءَ جي هڪ پاسي اچي ويهن ٿا. جتي هوا جا جهوٽا کين دل کي ڇهندي محسوس ٿين ٿا.
راحيل جي اکين مان سالن کان سانڍيل درد ٻاهر وهي پيو. هن جي دل چاهيو ته صدف جي جهوليءَ ۾ ڪنڌ رکي روئندو رهي ۽ کائنس پڇي. باھ کي وسائڻ لاءِ پاڻي ڪٿان به ملي سگهي ٿو پر زندگيءَ کي سلجهائڻ لاءِ پيار جا ڇنڊا اتان ئي ملي سگهندا آهن جنهن سان محبت هوندي آهي پر جيڪڏهن هو اهي ڇنڊا ئي چورائي کڻي وڃي ته ................... هن جي اکين مان آب وهي پيو. صدف کي ڪجھ چئي نه سگهيو. ڪنڌ ٻي پاسي ڪري پنهنجا ڳوڙها لڪائي ورتائين.صدف هن جي ويجهو سري آئي. هن به ڪجھ نه چيو سندس منهن کي منهن سامهون ڪندي رڳو اکين ۾ ڏسندي رهيس.
سالن کان سانڍيل ۽ پاليل هڪ خيال راحيل کي هن وقت به آيو ته صدف هن سان کوڙ ساريون ڳالهيون ڪيون آهن پر هاڻي هن خاموشيءَ کي ايڏو ڇو پاليو آهي. اڄ به چپ آهي. شايد هن جي خاموشي ئي هن جي گذريل ماضيءَ جو داستان هئي.
راحيل ڏٺو اڄ هيترن سالن کان پوءِ به کيس پڇڻ جي ضرورت ئي نه پئي آهي. ڄڻ ته ڪا نجومڻ آهي ڄاڻي ٿي ته مون سندس ڪيڏو انتظار ڪيو آهي ۽ منهنجي زندگيءَ ۾ نه ڪا ٻي ڇوڪري آئي آهي ۽ نه ڪا ٻي محبت آئي آهي.
صدف سان گهاريل گهڙين جو خيال ايندي ئي هن جا انگ ٻَرڻ لڳا. اهو اعتماد ڇا ان ڪري آهي ته صدف کي پنهنجي ئي زندگيءَ ۾ جيڪا جڳھ ڪنهن به مرد کي ڏيڻي هئي سا هن راحيل کي ڏني آهي يا صرف ان ڪري ئي صدف پنهنجي زندگيءَ ۾ راحيل کي ڪا به جڳھ نه ڏني آهي.
“صدف.”
“هون.”
“هيترا سال.........هان. هيترا سال ڪڏهن منهنجو حال به نه پڇيئي.”
راحيل جي صبر جو پيمانو جيڪو سالن کا ڀريل هيو هن جي ڇهڻ سان ئي ڇلڪي پيو.
“هيترن سالن ۾ ڪجھ به ٿي سگهي پيو. اهو ٿي سگهي ها ته ڪا ٻي عورت منهنجي زندگيءَ ۾ هلي اچي ها.”
صدف ڪجھ نه چيو هٿ جي آڱرين سان راحيل جا ڳوڙها اگهندي رهي ۽ چوڻ شروع ڪيائين.
“مون کي خط ڇو نه لکيئي.؟”
“مان ٻه ٽي خط لکيا هئا. پر توڏانهن ڪو جواب ئي نه آيو.”
“اوه. ويري سيڊ. ياد آيو. اسان جنهن جاءِ تي شفٽ ٿيا هئا سين ان جي هفتي جي اندرئي ٻئي هنڌ سيٽل ٿيا هيا سي.”
سوچيندي هيس ته توکي آگاھ ڪيان. تو ڏي ڪجھ لکان پر ايتري ته مصروف ٿي ويس جو فرصت ئي نه ملي. بابا جو گذاري ويو.”
“ڇا! ۽ ماسي.!” راحيل سندس ماءُ کي ماسي چوندو هيس.
“مون سان گڏ آئي آهي ماما جي گهر رهيل آهيون.”
“شادي ڪيئي.”
“نه.”
“ڇو.”
“دل نه ٿي مڃي.”
راحيل چپ ٿي ويو. کيس لڳو هوءَ جيڪا به ڳالھ پڇي رهي آهي ڄڻ دست اندازي ڪري رهي آهي.
“گهڻو ٽائيم گذري ويو آهي. هلون.” ڪجھ دير کان پوءِ صدف چيو.
“هلو مان توهان کي گهر تائين ڇڏي اچان.” هو اٿيو.
رستي ۾ صدف صرف ايترو چيس ته هوءَ هتي ٻه ڏينهن ئي رهندي ۽ صبح جو کيس فون ڪندي. گهر وٽ پهچي صدف راحيل کي اندر اچڻ لاءِ چيو،
“اڄ نه سڀاڻي ايندس.”
********************
هو واپس هليو آيو. اچڻ سان ئي وهنجڻ لاءِ باٿ روم هليو ويو. ان آئيني ۾ پنهنجو پاڻ کي ڏٺائين ڄڻ خود کي سڃاڻي نه سگهيو.نائيٽ ڊريس سندس هٿن ۾ هئي. ڪيتري دير اهي ڪپڙا جهليو پاڻ کي ڏسندو رهيو.
ڪپڙا بدلائي پنهنجي ڪمري ۾ آيو. پنهنجي بستري تي ويهي ساڳيو سالن وارو خط پڙهڻ شروع ڪيائين. جيئن اڄ به پڙهي شايد اڃان ڪجھ وڌيڪ سمجهي سگهي پر ذهن آخر ان ڳالھ تي آمادھ ٿيس ته هي خط هاڻي مون کي سحرش جي حوالي ڪرڻ گهرجي.
هن ڪمري جي بتي وسائي ڇڏي ۽ سوچ جي بتي ٻاري ڇڏي.
“مان کيس ياد هوندس! تڏهن ئي ته مون سان ملڻ آئي آهي. هن مون کان گذريل سالن جي ڪا به ڳالھ نه پڇي آهي. هن کي يقين هوندو! تنهن ڪري ته چپ چاپ منهنجي ڪلهي تي ڪنڌ رکي ڇڏيو هئائين.”
راحيل جي چپن تي صدف جي چپن جو ڇهاءُ ٻرڻ لڳو. هن هڪ هڪ ڇهاءُ کي، هڪ هڪ پل کي، ۽ هڪ هڪ ڏڪڻيءَ کي ائين محسوس ڪيو ڄڻ اهي سڀ ڇهاءُ، پل ۽ ڏڪڻيون ڪنهن دل جي سرور واري ڪتاب جا لفظ آهن. جن کي هو بار بار پڙهي ان سرور کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هجي.
روح ته مليا پئي پر اهي ايترو گهرا ٿي نه سگهيا. راحيل چاهيو انهن روحن جي گهرائيءَ ۾ ايترو ته گهري وڃي جو سندس خيالن جي بلڪل هيٺئين تهن کي وڃي ڇهي. هو انهيءَ گهرائيءَ ۾ ايترو ته لهي ويو جو ڪنهن مهل صدف لاءِروئي پيو ته ته ڪنهن مهل کلي پيو.
ائين ئي سڄي رات جاڳندي ۽ پاسا ورائيندي گذري ويس. صبح جي پهرين روشنيءَ سان انتظاري شروع ٿي ويس. صدف جي فون جو انتظار. هن چانھ ٺاهي پر ڪٿي به ڪو آواز ٿيڻ نه ڏنو. متان ڪنهن آواز جي ڪري فون جي رنگ ٻڌڻ ۾ نه اچي. هو باٿروم ۾ ويو. پاڻيءَ جا ڪپا آهستي آهستي پنهنجي بدن مٿان وجهندو رهيو. تازي پاڻيءَ جي نلڪي ان ڪري نه کوليائين ته متان ان آواز ۾ فون جو آواز نه وڃائجي وڃي. آفيس وڃڻ جو وقت ٿي ويس.هن ڪنهن مهل گهڙيال طرف ڏٺو جتان ٽڪ ٽڪ جو آواز ٿي آيو ته ڪنهن مهل فون طرف پئي ڏٺو جتان کيس رِنگ جو انتطار هيو.
آخر هو آفيس هليو ويو.ڪجھ دير ته هن پنهنجو پاڻ کي ڪم جي حوالي ڪري ڇڏيو. پر ڪمن جي ننڍڙي مٺ ۾ سندس خيال سمائجي نه سگهيا. هن صدف جي مامي وارن جو نمبر ڊائريءَ مان ڳولھي ملايو.
“مان راحيل آهيان. صدف سان ڳالھائڻو آ.”
“هولڊ ڪجو.” پريان آواز آيو. ڪجھ پلن ۾ صدف آئي.
“ڪير.راحيل!.”
“ها صدف.”
“مان اڃان هاڻي ئي اٿي آهيان. سوچي ئي رهي هيس ته توکي فون ڪيان.”
“مان گهر نه آفيس مان ڳالھائي رهيو آهيان.”
“راحيل منهنجو خيال آ ته تون ئي هليو اچ. امي به پڇي پئي ته گهڻو وقت ٿيو آ جو راحيل کي نه ڏٺو آهي.”
“ٺيڪ آ مان پنجي وڳي ايندس.”
ان بعد راحيل پنهنجو ڌيان سڄو ڪم ۾ لڳائي ڇڏيو. ڪم ڪندي ڪندي ڪيترا ئي دفعه کيس ائين لڳو ڄڻ شام ٿي وئي آ پر هن جڏهن به گهڙيال ڏي ڏٺو ته شام ڪافي پري هئي.
آخر پنج ٿيا ته راحيل به پهتو. صدف هن سان ملي ۽ هڪ الڳ روم ۾ هن کي ويهاريو جتي صدف جي ماءُ به آئي. راحيل سندس ماءُ کي پيرين پئي مليو. صدف جي ماءُ زرينه راحيل کي نرڙ تي چمي ڏني. “پٽ ڪيئن آهين.”
“ماسي توهان جي اڳيان آهيان توهان ته اڪيلو ڪري هليا ويئو.”
“نه پٽ تون ته سدائين ياد هوندو هئين. ڪالھ به صدف کي چيو هيم ته راحيل کي ڏسان.”
“ماسي مان تنهنجي ڪري ئي ته آيو آهيان.” صدف ڏي نهاريندي چيائين.
“چڱو ويھءُ ته سهي سڀ ڳالهيون بيٺي ئي ڪندين ڇا.”
ماسي زرينه صدف کي چيو، “ صدف چانھ ته ٺاهي وٺ.” صدف هلي وئي.
“راحيل اڄ ڪلھ ڇا ٿو ڪرين؟”
“ماسي ساڳي اخبار واري نوڪري.”
“اڙي ابا اڃان ان اخبار جي چڪرن مان نه نڪتو آهين ڇا.”
“ماسي ڇا ڪجي پيٽ به ته پالڻو آهي نه.”
“شادي ڪئي اٿئي.”
“نه ماسي اڃان ته نه ڪئي آ.”
“ڇو ابا اڃان ڪڏهن ڪندين.”
“بس ماسي هاڻي جلد ڪندس.”
“ابا هن صدف به مون کي ڏاڍو تپايو آ. مان ته هن کان هارائي ويٺي آهيان.”
“ڇو ماسي.”
“شادي ئي نه ٿي ڪري. ڪيترا دفعه چيو ٿي مانس. ڪڏهن مڃيندي به آهي ۽ جڏهن ڪو رشتو ايندو آ ته وري انڪار ڪري ڇڏيندي آهي.”
“ماسي سڪيلڌي ڌيءَ اٿئي. ائين جلدي ڪيئن مڃيندي.”
“بس ابا حياتيءَ تي ڪهڙو ڀروسو. سمجهي ئي ڪو نه ٿي.”
صدف به ڪمري ۾ اچي وئي. پٺيان ڪا عورت چانھ جو ٽري کڻي اچي ميز تي رکي هلي وئي. صدف چانھ جو ڪوپ ٺاهيو جيڪو ماءُ کي ڏنائين. باقي چانھ ٻن ڪوپن ۾ اوتڻ لڳي. ماسي زرينه چانھ پي اٿندي چيو،
“ابا ويهجانءِ مان اچان ٿي.”
ماسيءَ جي وڃڻ بعد راحيل صدف ڏي نهاريو.
“ماسي ڏاڍي سٺي آهي ٿي سگهئي ته ان جو چوڻ وٺجانءِ....”
“اڇا.” کلندي چيائين، “منهنجي ڪا شڪايت ڪيائين ڇا.”
“ها ڪيائين. ” راحيل به کلي ويٺو.
صدف وڌيڪ ڪجھ به نه پڇيو. ان ڪري راحيل به چپ رهيو. رڳو هڪٻئي جي اکين ۾ ڏسندا رهيا.
راحيل گذريل عرصي ۾ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون پڙهيون هيون انهن ۾ ڪيترا اهڙا ڪردار هيا جن کي شهر جي ماڻهن ۾ به ڏسي چڪو هيو. اهڙن ماڻهن کان واقف ٿي ويو هو. صدف کي به هن ڪيترن سالن کان پوءِ ڏٺو هو. ان ڪري هن جي ياد به کيس ڪتاب جي ڪردار وانگر لڳندي هئي. اڄ صدف کي پننهنجي ويجهو ۽ سامهون ڏسندي کيس ائين لڳو ڄڻ هو ڪا ڪهاڻي پڙهي رهيو آهي. هن صدف کي ائين چتائي ڏٺو ڄڻ ڌڙڪندڙ دل سان پڙهندي پڙهندي ائين سوچڻ لڳو ته هاڻي اڳتي ڇا ٿيندو.
صدف راحيل جي ڀرسان اچي ويٺي. ايڏو قريب جو راحيل جو سڄو بدن سيسراٽجي ويو. هن ڇرڪ ڀري ڏانهس ڏٺو. صدف جا ساھ راحيل جي ساهن سان ٽڪرائجي رهيا هئا. پر راحيل کي لڳو هن پل جي هن ڇهاءُ جي ۽ هن ڌڙڪندڙ دل جي لفظن کي ڳنڍي جيڪا ڪهاڻي جوڙي آهي ان جو ڪو به آئيندو نه آهي.
آئيندي جي ٽٽل پل وانگر هن به پنهنجو ڪنڌ صدف جي ڇاتيءَ مٿان رکيو. راحيل صدف کي لڳاتار سالن کان پيار ڪيو آهي. شايد اهي پل ئي انهن سالن جي قيمت هيا. کيس لڳو ته هي هڪ پل ئي سچو آ هي. باقي ٻيا پل سڀ ڪوڙ آهي.هن جي دل چاهيو ته سندس دل جي ڌاڳي ۾ هي پل هميشه لٽڪندو رهي.
گذريل سالن مٿان جڏهن هن نظر وڌي ته کيس محسوس ٿيو ته ان سڄي رستي تان هو اڪيلو نه وڃي رهيو آهي. ٺيڪ آهي. سحرش سندس همسفر بڻجي هن سان ڪو نه ملي هئي پر هوءَ هميشه هن سان گڏ هوندي هئي. هن وٽ هوندي هئي ۽ سحرش جو چهرو ايترو سڃاڻپ ڀريو لڳو هيس جو هو ڪيڏو دل هٿان مجبور ٿيو هو.
“صدف گهڻي دير ٿي وئي آ بابا به انتظار ڪندو هوندو.”
“ڪاش مان توکي ڇڏي اچان هان.”
“نه صدف ........ پر ............” راحيل کان اڳتي ڪجھ به نه چيو ويو.
“مون کي شايد سڀاڻي وڃڻو پوي. ماما وارن جي ڪري اڄ ترسي پيا هيا سي. هن دفعي توکي ضرور لکنديس.”
“سڀاڻي فون ڪندي سانءِ يا تون اچجانءِ.”
“چڱو.”
“خدا حافظ.”
********************
جيستائين راحيل صدف کي نه ڏٺو هيو. هو هن دنيا، هن شهر ۾ رهندي به رڳو گهڻو وقت پنهنجي فليٽ واري دريءَ وٽ گذاريندو هو. جتي ويهندي کيس هيٺ جا ماڻهون ڪافي پري نظر ايندا هيا.
هن دفعي سالن کان پوءِ صدف ائين اچي هلي ويس جيئن ڪو راھ ويندي ملندو آهي. راحيل کي لڳو ڄڻ هن دل ۾ درد جو ٻج پوکيو هو ۽ هاڻي اهو ٻج اڀري آيو آهي. ان ڪري ئي هن جو درد سان رشتو جڙي پيو آهي.
صدف جڏهن سندس ٿڌن ٿڌن ڳلن تان ڳوڙهن جون لارون پنهنجي ڪومل هٿڙن جي تِرِن سان اگهيون هيس ته هن کي ائين محسوس ٿيو هو ته هيءَ هن جي محض همدردي آهي يا وري محبت جو احساس.
پر نه راحيل کي ائين لڳو ته ڄڻ صدف هن کي ڪنهن بلڊنگ جي آخري منزل جي ڇت تي وٺي وئي آهي. جتي سڃ ئي سڃ آهي. صرف بادل آهن ۽ صدف جي ڪڏهن به نه ٽٽندڙ ۽ نه سمجھ ۾ ايندڙ خاموشي.
راحيل جي نيڻن جي بادلن مان هڪ بوند اڀري آئي ۽ اها بوند آهستي آهستي ڌرتيءَ کي ڇهڻ لڳي. راحيل نمبر ملايو.
“سحرش.”
“ڪير راحيل.”
“ها سحرش. توکي فرصت آهي.”
“ها راحيل تون جنهن وقت به چاهين اچي سگهين ٿو.”
“چڱو مان هاڻي ئي اچان ٿو.”
“چوين ته مان اچان.”
“نه سحرش مون کي ئي اچڻ گهرجي.”
سحرش فون بند ڪري ڇڏي. ڪمري ۾ بتي ٻري رهي هئي. اها روشني کيس جلائي رهي هئي. هن بتي وسائي ڇڏي. ڪيتري دير اوندھ ۾ بيٺي رهي. پوءِ هڪ ميڻ بتي ٻاري ان جي لاٽ ڏانهن ڏسندي رهي. هن جو چهرو ميڻ بتيءَ مٿان جهڪيل هو ۽ هن جي هر ساھ سان گڏ اها لاٽ به لڏندي رهي. سندس من ۾ جلندڙ ميڻ بتيءَ جي لاٽ سندس دل کي ڳاري رهي هئي.
راحيل اچي آهستي دروازو کوليو ته سندس کڄندڙ ساھ سحرش جي ساھ سان اچي گڏيو. راحيل ڪمري م ايندي ئي هن طرف ڏٺو. کيس لڳو ڪمري ۾ هڪ نه پر ٻه ميڻ بتيون ٻري رهيون آهن. هن اڳتي وڌي سحرش کي پنهنجي ٻانهن جي هار ۾ پوئي وڌو.
سحرش هن جي سيني تي پنهنجو ڪنڌ رکي ڇڏيو.
“منهنجي سحرش.”
“مون کي خبر آهي راحيل.”
“پر ڪيئن.”
“مون کي اڄ کان اڳ ڪڏهن به تنهنجو اهڙو ڇهاءُ محسوس نه ٿيو هو. اڄ به جيڪڏهن مون کي خبر نه هجي ها......... ته تنهنجي ٻانهن ۾ اهڙي طرح اجازت پاڻ کي نه ڏيان ها.”
“پر ڪيئن سحرش.”
“تون جڏهن ڪمري ۾ آئين ته ڏٺم ميڻ بتي منهنجي سامهون نه پر تنهنجي سامهون پئي آهي. مون کي لڳو ته تون به مين بتيءَ وانگر ڪيڏو ڳريو آهين. تنهنجي پياري مک جي روشنيءَ ۾ مون پنهنجو چهرو سڃاڻي ورتو.”
“پر سحرش.”
“ڏس راحيل. اڄ کان اڳ مون جڏهن به تنهنجي چهري طرف ڏٺو آهي. مون کي لڳندو هو ته تو کي صدف جو انتظار هو. ان ڪري مون هڪ قدم به ان راھ تي نه وڌايو.”
“مون تو کي ٻڌايو ته هو.”
“۽ مون تو کي چيو هو ته ساڻس گڏ ضرور وڃجانءِ.”
“تو ائين ڇو چيو هو. سحرش تو ڇا ائين پئي چاهيو ته مان تنهنجي زندگيءَ مان هميشه هميشه لاءِ هليو وڃان.”
“توکي چيو هوم پر الائي ڇو چيو هوم. مون کي صرف ايتري پڪ هئي ته مان جيڪڏهن توکي پنهنجو بڻائي سگهندس ته هن راھ تي اچي ئي پنهنجي جيون جو جاني بڻائينديس.”
“ڇا تون تقدير کان با خبر هئينءَ.”
“ها مون کي ڄاڻ هئي ته مان توکي صدف کان وڌيڪ چاهيان ٿي صرف صدف کان ئي نه پر پنهنجي هستيءَ کان به وڌيڪ پيار ڪيان ٿي.”
“تون ڪڏهن کان ان چاھ جي سمنڊ ۾ گم ٿي هئينءَ..”
“جڏهن اخبار ۾ تنهنجو ڪالم پڙهيو هوم.”
“پر ان ڪالم ۾ تنهنجي تصويرن جي ساراھ هئي تنهنجي نه.”
“تو جيڪي به لکيو هو اهو ساراھ کان وڌيڪ سچ هو. سچ جي روشنيءَ ۾ مون توکي سڃاڻي ورتو هو ۽ سچ جي روشنائيءَ ۾ مون خود کي به سڃاتو هو.... مون انهن ڏينهن کان پوءِ ئي..........” هوءَ خاموش ٿي وئي ۽ پنهنجا نيڻ جهڪائي ڇڏيائين.
“ڇا انهن ڏينهن کان پوءِ .........”
“ها انهن ڏينهن کان پوءِ پاڻ کي تنهنجي امانت سمجهڻ لڳي هيم. ان کان اڳ منهنجي مختلف ماڻهن سان ملاقات ٿيندي رهندي هئي. راحيل زندگي پهرين خالي خالي هئي. ان ڪري مختلف ماڻهن ۾ پاڻ کي تلاش ڪندي رهيس. پوءِ جڏهن زندگي تنهنجي تلاش تي ختم ٿي ته تو کي پيار جي عمارتن ۾ ڳولهڻ لڳس ۽ اڄ پوري جو پورو تاج محل منهنجي سامهون آهي.”
“ڇا تو ان وقت به ڄاتو هو جڏهن صدف وٽ وڃڻ لاءِ چيو هيئي.”
“ها.”
“پوءِ تنهنجي دل م ڪجھ به نه ٿيو هو.”
“ان ڏينهن مون کي پهريون ڀيرو خبر پئي ته درد ڇا ٿيندو آهي ۽ ان جي تپش ڪهڙو رنگ لائيندي آهي.”
“هي هڪ ڏاڍو عجيب حادثو آهي. سحرش.”
“ها.”
“مون ايترو ته سمجهيو هو ته تون مون کي سٺي لڳندي آن. ما تنهنجو قدر ڪندو هيس. بس ان کان وڌيڪ ڪا ڄاڻ نه هئي. منهنجي دل تي ڪيئن ۽ ڪڏهن تنهنجو نالو لکجي ويو. اها خبر ئي ڪا نه پئي. مان جڏهن صدف سان ملڻ ويس. سالن جا سال سندس خيال دل ۾ سانڍي رکيم. پر عجيب ڳالھ اها آهي سحرش. هن جڏهن مون ڏانهن ڏٺو ۽ هن جي چهري جي روشني منهنجي دل مٿان پئي ته مون ڏٺو..............”
“ڇا ڏٺئي.........”
“ته منهنجي دل تي تنهنجو ئي نالو چٽيل آهي.”
سحرش جو مدت کان ٽمٽار صبر ٽٽي پيو. هن جي دل ڪٺل ڪبوتر وانگر ڇڙيون هڻي رهي هئي. بيتابيءَ سان هن راحيل کي زور سان پنهنجي ڇاتيءَ سان لاتو. هن جا اڃايل چپ راحيل جي چپن مان سالن جي پياس اجهائڻ لڳا.
“سحرش.”
“هون.”
“هي ڪئين ٿيو. هون. ڇو ٿيو.”
“شايد ان ڪري ته صدف توکي ائين پيار نه ٿي ڪري جيئن کيس ڪرڻ جڳائي.”
“تو ڇا صدف کي ڏٺو آهي.”
“نه ڏٺو ناهي پر سمجهيو ضرور اٿم.”
“ڪيئن. ڪيئن سمجهيو اٿئيس.”
“هوءَ تمام سٺي ۽ سهڻي به آهي. ذهين به آهي. پر هڪ ڳالھ ۾ وڏي ظالم آهي.”
“ڪهڙي ڳالھ ۾.”
سحرش ڪجھ لنوايو پر پوءِ چيائين،
“هوءَ ڪيئن به ۽ ڪنهن به خوبصورت ڇوڪري کي پاڻ مٿان موهت ڪري ڇڏي ٿي پر پوءِ جڏهن ڇوڪرو محسوس ڪندو ته پاڻ ۾ محبت واري ڇڪ پيدا ٿي وئي آهي تڏهن سندس پچر ڇڏي ۽ ان جي پرواھ ڪرڻ ڇڏي ڏيندي آهي.”
“ها مون کي سندس ماءُ سندس باري ۾ ائين ئي چيو هو. هن جي ماءُ مون کي بيحد پياري لڳي هئي. پر سحرش توکي جڏهن اها خبر اڳ ۾ ئي هئي ته پوءِ مون کي ڇو نه ٻڌايو هيئي.”
“ڇا مون کي ان وقت اهڙو ڪجھ چوڻ مناسب هيو.”
“ڇو.”
“مان جيڪڏهن ان وقت ڪجھ به چوان ها ته منهنجو ساڙ سمجهيو وڃي ها.”
“اوھ. چئبو ته پيار ۾ Ph.D آهين.”
“نه اڃان ته ڊپلوما پئي ڪيان.” ٽهڪ ٻنهي کان نڪري ويا.
“سحرش حقيقت اها آهي ته ڪڏهن ڪڏهن مون کي به ائين لڳندو هو ته هوءَ ائين ڪري ٿي. ائين ڇو ٿي ڪري؟.”
“خبر ناهي ................ شايد ننڍپڻ ۾ ڪا اهڙي ڳالھ ٿي هجيس. شايد ڪنهن هن کي ڏکويو هجي.”
“هن جي ڀرسان ويهندي به ائين لڳندو هيو ڄڻ هوءَ گهڻو پري ويٺي آهي. مان جنهن ڏينهن کيس زندگيءَ جي راهن ۾ مليو هيس ان رات مون کي لڳو ته مان نه صرف کيس پر پنهنجو پاڻ ۽ دنيا جي ڪنهن به شخص کي نه ٿو سڃاڻان.”
“مون کي به نه ............” اکين ۾ پاڻ سمائي چيائينس.
“ان ڏينهن به مان بلڪل حيران ٿي ويس پر پوءِ پاڻ کي سنڀالي ورتو هوم. مون کي لڳو ته ڪنهن کي سڃاڻان ٿو ته اها صرف تون آهين. تون سحرش.”
“واقعي!”
“ها سحرش اڄ زندگيءَ ۾ پهريون دفعو محسوس ٿيو آهي ته هيءَ دل منهنجي آ. هيءَ ڌرتي منهنجي آ. هي شهر منهنجو آهي ۽ هن شهر جا ماڻهون منهنجا آهن.”
“پر راحيل هتان جا ڪي ماڻهون تنهنجي لائق نه آهن.”
“ڪا ڳالھ ناهي سحرش. جيڪڏهن تون مون سان ساڻ آن ته هي دنيا هيءَ ڪائنات منهنجي آهي.”
سحرش پنهنجون نظرون جهڪائي ڇڏيون. راحيل کي ائين محسوس ٿيو ته اڄ سندس زندگيءَ جي تڪميل ٿي رهي آهي. سندس دل غمن کا آزاد ٿي عرش تي اڏامي رهي آهي.
سحرش ۽ راحيل هڪٻئي کي ائين دل ۾ لهي ڏٺو جو سندن دلين هميشه لاءِ هڪٻئي سان رهڻ جو وچن ڪري ڇڏيو ۽ راحيل جيڪو پاتال ۾ پيل انسان، خوابن جو افلاڪ اورانگهي تصور جي هنج ۾ وڃي ليٽيو. اڄ هن جي پيرن ۾ ڪائنات جون ڪهڪشائون ۽ ستارن جا موتي هيس ته ڪائنات جي اونداهيءَ کي اجالو ڪندڙ جهوليءَ ۾ چنڊ ۽ اهو چنڊ ئي هن جي سحرش ڪل ڪائنات جو مهور هئي.