ٻارن جي دردن جو نوحو
ٻارن جي حقن جي ڳالھه کي 1989ع ۾ CONVENTION ON THE RIGHTS OF THE CHILD ۾ حتمي شڪل ڏيندي، 18 سالن تائين جي ٻارن لاءِ قانونن جو هڪ مختلف دائرو مقرر ڪيو ويو. ان جي نقطن کي هتي بيان ڪرڻ سان هڪ وڏي پٽاڙ شروع ٿي ويندي. هاڻ اچون ٿا پاڻ هن ڪتاب ” حق سڃاڻ اي ٻار “، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي هڪ جاکوڙي، ادب سان وڏي وقت کان سلهاڙيل ۽ وڏي ڳالهه ته ڌرتي جي سماج سان نينهن جهڙو ناتو رکندڙ آزاد بخاري لکيو آهي.
هونئن ته شاعري لفظ ” لکيو “ ڪتب نه اچڻ گهرجي جو شعر جو تعلق اندر جي ان ولوڙ سان آهي جيڪا لفظن جو روپ وٺي ڪاڳرن تي پهچندي آهي. پر جيڪا شاعري هن ڪتاب ۾ موجود آهي اها شعوري طور موضوعاتي انداز ۾ لکي وئي آهي.
شعوري طور لکڻ جو تعلق به لاشعور سان هوندو آهي ڇو ته ڪنهن به نازڪ اشو تي لکڻ لاءِ نازڪ دل ۽ خيال گهربل هوندا آهن جيڪي لاشعور ۾ موجود هوندا آهن، بس انهن کي شعور جي چهبڪ هڻڻ جي ضرورت هوندي آهي. جيڪڏهن اهي خيال تخليق جي صورت وٺندا آهن تي پرهندڙ يا ٻڌندڙ جي دل ۽ دماغ کي ڇهي ويندا آهن
ٻارن جي حقن جي معاهدي جي حوالي سان لکيل هي ڪتاب ان ڪري مختلف آهي جو آزاد بخاري هر شق جي حوالي سان نظم/ شاعري لکي/ ڪئي آهي. اهو ٿي ويو هڪ پاسو ۽ ٻيو پاسو آهي ان شاعري ۾ موجود خيال ڪهڙا آهن؟
خود اهو خيال ڪيڏو نه خوبصورت آهي جو ٻارن کي سندن حقن بابت انهن جي ئي انداز ۾ کين سمجهائجي، ٻارن کي شاعراڻو انداز ڀائيندو آهي، رڳو ٻار ڇو وڏن کي به شاعري ۾ سمجهائڻ گهرجي جيئن سندن روح کي لوڏي ۽ ڌوڏي سگهجي!
بابو کلندي کين چوي،
ڌيءَ آ ننڍڙي پئي پڙهي.
اڙهن سالن جي ٿي ناهي،
هيءَ ته ننڍڙي ٻالڪ آهي.
ٻارن جي عالمي معاهدي جي شقن کي سامهون رکي هر شق کي شاعري واري انداز ۾ بيان ڪري ڄڻ هڪ شاعراڻومعاهدو ” پڌرو ٿيو آهي، جيڪو ٻار پاڻ بيان ڪري رهيو آهي.
علم ملي ۽ سبق ملي
ٻارن کي پنهنجو حق ملي
صحت سندن وڌي ويجهي،
ڪو به نه ڪو نقصان ملي
يا وري.
پڙهڻ لکڻ ۾ هوشيار آهيان،
پر مان غريب جو ٻار آهيان،
پٽ ڀوتار جو روز وڙهي،
اسڪول وڃان ته ڪاوڙ ڪري.
پويون شعر ٻارن جي عالمي معاهدي جي ” بنا متڀيد “ واري شق جي حوالي سان آهي. آزاد بخاري جتي ان شق جي اصل روح کي شعر ۾ اپٽاريو آهي پر ان کي پنهنجي سماج جي ٻار جي حالت سان بيان ڪيو آهي، هو جتي چڪ شهر ۾ رهي ٿو، اهو ڀوتارڪي وڪڙ م آهي ان ڪري هن تخليق ۾ ڀوتار جي ڏاڍ جو ذڪر سادگي سان ته اچي ٿو پر ان ۾ ڌڪار به موجود آهي ۽ واقعو به ، ته ڪيئن ڀوتار جي پٽ جو رويو آهي ۽ اهو به تعليم حاصل ڪرڻ واري ڳالهه تي.
سچي ڳالهه اها آهي ته ٻارن جي حقن جي حوالي سان شاعراڻو هي ڪتاب ٻارن جي دردن جو نوحو به آهي.
لٽڙا ميرا حال ڪنا،
ڍنڍ تان ميڙن ٻار پنا.
پنهنجي پيءُ کان ڌار رهان ٿو،
بدقسمت هان ڪين ٺهان ٿو.
امڙ کي ابو ڇڏي ويو
غمن سان مونکي گڏي ويو
منهنجي ماءُ ڪئي ٻي شادي
ويڳي پيءُ نئين ڪار آندي
پوءِ به منهنجو خيال هو رکي ٿو
پنهنجي پيءَ ڏانهن ڇڏي ٿو
جتي درد ڪٿا آهي اتي چڱائي، سٺائي ۽ اڳتي وڌڻ جي جستجو، همٿ حوصلوڪرڻ، علم پرائڻ وغيرھ وغيرھ جهڙن هاڪاري خيالن سان به شعر ڀريا پيا آهن جيڪي مايوسي جي ڌٻڻ مان ڪڍن ٿا.
منهنجي خيال ۾ موضوعاتي انداز ۾ جيڪو ادب لکيو ويندو آهي ان ۾ هن ڪتاب جي حيثيت سونهين واري آهي.
ممتاز بُخاري سکر ـــ سنڌ