شق نمبر 41 کان 54
[/b]جيڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ نافذ ٿيل قومي يا بين الاقوامي قانون ۾ ٻار جي حقن جي سلسلي ۾ نظر هيٺ معاهدي کان بهتر ۽ اعلي معيار هجن ته اهڙي صورت ۾ بهتر قاعدن ۽ ضابطن کي قائم رکيو ويندو.
[b]شق نمبر 42 کان 54
[/b]( ٻارن جي حقن جي بين الاقوامي معاهدي جو لاڳو ٿيڻ ۽ عمل در آمد )
ٻارن جي بين الاقوامي معاهدي جي نقطن 42 کان 54 مان هيٺ ڏنل نقطا ذڪر لائق آهن.
1. معاهدي ۾ شريڪ حڪومتن جو فرض آهي ته ان ڪنوينشن ۾ قبول ڪيل حقن کي پنهنجي ملڪن ۾ وسيع پئماني تي عام ڪري ته جيئن بالغ فردن ۽ ٻارن کي انهن حقن جو علم ٿي سگهي
2. ٻارن جي حقن جي ڪميٽي جو قيام. ڏهن ماهرن تي مشتمل هيءَ ڪميٽي، هن معاهدي جي توثيق ڪرڻ واري هر ملڪ جي رپوٽن تي غور ڪندي. معاهدي جي توثيق ڪرڻ وارو هر ملڪ ٻن سالن کان پوءِ رپورٽ پيش ڪندو ۽ هر پنجن سالن کان پوءِ رپورٽ پيش ڪئي ويندي. ٻارن جي حقن جو بين الاقوامي معاهدو گهٽ ۾ گهٽ 20 ملڪن جي طرفان منظوري کان پوءِ عمل لاءِ لاڳو قرار ڏنو ويندو. ٻارن جي حقن لاءِ ڪميٽي به معاهدي جي باقاعده توثيق طور تي عمل لاءِ لاڳوٿيڻ کان پوءِ تشڪيل ڏني ويندي.
3. معاهدي جون ميمبر حڪومتون ٻارن جي حقن جي ڪميٽيءَ جي سامهون پيش ڪيل پنهنجين رپوٽن کي پنهنجي ملڪ ۾ وسيع پئماني تي عام ڪرڻ کي يقيني بنائن.
4. ٻارن جي حقن لاءِ ڪميٽي رپوٽن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ٻارن جي حقن جي متعلق ضروري مسئلن تي خاص تحقيق جي تجويز ڏئي سگهن ٿيون ۽ ان تحقيق جي نتيجن کان رپورٽ ڏيندڙ حڪومت ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ کي آگاهه ڪندي.
5. ٻارن جي حقن جي بين الاقوامي معاهدي جي اثرائتي لاڳاپي ۽ بين الاقوامي تعاون جي حوصلا افزائي خاطر گڏيل قومن جي خصوصي اداري مثلا :محنت جو عالمي ادارو ((ILO صحت جو عالمي ادارو ) ( WHO يونيسڪو ( UNESCO) يونيسيف(UNICEF) ڪميٽيءَ جو اجلاس ۾ شرڪت ڪري سگهندا. هي ادارا پاڻ ۾ ملي يا انهن ٻئي اهل اداري جي تعاون سان جنهن ۾ گڏيل قومن يا ان جا هيٺيان ادارا مثال )گڏيل قومن جي ڪميشن بابت انساني حقUNCHR سان مشاورتي سطح تي ڳنڍيل غير سرڪاري تنظيمون NGO,s به شامل آهن) پنهنجي معلومات ڪميٽيءَ جي آڏو رکي سگهندا. ٻارن جي حقن لاءِ ڪميٽي انهن ادارن کي معاهدي تي اثرائتي عمل درآمد لاءِ تجويزون ڏيڻ جي درخواست به ڪري سگهي ٿي.