فرق رکن ٿا درد ٿئي ٿو
هن ملڪ جون اڪثر ملڪ گير پارِٽِيون ته وڏا وڏا نعرا ،وڏا وڏا خيال ۽ منشور ٻڌائن ٿيون، جنهن ۾ اَٽُو لَٽُو ۽ اَجِهو اهڙا سونهري خواب ڏيکارڻ، ٻڌرائڻ جي حد تائين رهجيو وڃن ٿيون، ملڪ اندر رهندڙ انسان بک ڏک جهڙي بدحالي ۾ اچي وڃن ٿا، اهڙي ڪسمپرسي جي ڪري انهن کان ساھ کڻڻ به وسري وڃي ٿو.
سال 1939 کان ٻي مهاڀاري لڙائيءَ جي شروعات ٿي ۽ 1945ع جي آخر ۾ آمريڪا جپان سان وير پاڙيندي، ان جي ٻن خوبصورت شهرن هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ترتيبوار 6 آگسٽ ۽ 9 آگسٽ تي بم ڪيرائي ٻنهي شهرن کي مٽيءَ جو ڍير بڻائي ڇڏيوهو. جنهن ۾ پنج لک ماڻهو موت جي ننڊ سمهاريا ويا ۽ لکين ماڻهو معذور ٿي پيا، هن حادثي جي درد کي سمجهندي دنيا جي مختلف قومن جو ادارو قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته جيئن ايندڙ نسلن کي جنگ جي عذاب کان بچائي سگهجي. اهڙي ريت 24 آڪٽوبر 1945ع تي گڏيل قومن جو ادارو (اقوام متحده) وجود ۾ آيو.گڏيل قومن جي وچ ۾ دوستاڻا ناتا جوڙڻ، دنيا مان غربت جهالت ۽ بيمارين جي پاڙ پٽڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي جي حقن ۽ آزادي جو احترام ڪرڻ، انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ قومن جي ورتل اپائن ميل ميلاپ قائم ڪرڻ لاءِ مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻ. اقوام متحده جي چارٽر ۾ وقت به وقت اضافو ڪندي انسانن سان لاڳاپيل ۽ اڀريل اهم مسئلن جهڙوڪ؛ ماحوليات ، حياتيات، منشيات، موسميات، سياحت، ثقافت، اقتصاديات، صحافت، غربت، تعليم، ڪميونيڪيشن، ٻولي ڪلچر، ماءُ پيءُ، اولاد، ٻارن، عورتن، استادن، شاگردن، مزدورن ۽ هارين جي اهميت، حيوانن ۽ انسانن سان لاڳو خطرناڪ مرضن جي حوالي کان هر سال جنوري کان ڊسمبر تائين دنيا ليول تي عالمي ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو.
دنيا جي ڏاهي عظيم انسان ڪارل مارڪس چيو هو ته “ دنيا اندر ٻه طبقا آهن هڪڙا ڦريندڙ ٻيا ڦرجندڙ، يعني مٿيون طبقو ۽ هيٺيون طبقو، پر اسان وٽ ساڳين طبقن سان گڏ ٻن وڌيڪ طبقن، جنهن کي اڄ جو معاشرو نيچ نظرن سان ڏسي رهيو آهي. انهن طبقن ۾ پلجندڙ ٻار اتان جي ئي طبقي جو اثر کڻي ان مخصوص طبقاتي ماحول ۾ ساھ کڻي ٿو اڪثر ڪري ساڳي ئي ذهنيت جي ترجماني ڪندڙ بنجي اسرندو ٿو رهي.”
1_ مٿين طبقي جو ٻار گهڻو ڪري نوڪرن چاڪرن ٻانهين جي ڪچن تي پلجي نپجي ٿو منجهس حاڪميت ۽ آڏ وڏائي وارا لاڙا پيدا ٿيڻ شروع کان ئي ٿين ٿا.
2_ مڊل ڪلاس ٻئين طبقي سان تعلق رکندڙ ٻار ٻن ٻيڙين ۾ بيٺل نظر اچي ٿو. ذهني خلفشار ۽ احساس محرومي ۾ گذاريندڙ ٿي ٿو. مٿين طبقي واري ٻار جا اثر جلد قبولي ويهي ٿو، ان طبقي مان ڪي انقلابي ذهن رکندڙ ٻار سماج جي تبديلي جا خواب عملي زندگي کي بيباڪ بنائڻ لاءِ وڌيڪ سرگرم ڪرڻ لاءِ جاکوڙيندو ۽ جستجو ڪندو رهي ٿو.هي ٻار سڌري به سگهي ٿو، بگڙي به سگهي ٿو، ان جو دارو مدار والدين ۽ معاشري تي منحصر آهي.
3_ ٽيون طبقو هن ئي طبقي جا ٻار پيدائش جي عمل کان وٺي سخت سرتوڙ محنت جي باوجود کيس حاصل اهو ڪجهه نه ٿيندو آهي. جنهن سان هو تبديل ٿي سگهي، مڊل ڪلاس ڏانهن هٿوراڙيون هڻندڙ ان طبقي جي ٻار کي اڻپوري ۽ غير متوازن غذا رهائش لاءِ عارضي گهر_ جاءِ جنهن تي سندس مستقل حق نه هجي ۽ سردي گرمي کان غير محفوظ اجهو ۽ اوڍڻ لاءِ ڪپڙا، ٻين جا لٿل ڪپڙا ان ماحول ۾ سرجندڙ ٻار تعليم ۽ تفريح جهڙين انساني ضرورتن کان وانجهيل ۽ نا آشنا هوندو آهي. معاشري ۾ اهڙا ٻار سڌريل ۽ اڻ سڌريل ٿي وڃن ٿا.
4_ چوٿون طبقو؛ جنهن کي اڄ جو سماج نيچ ۽ بيڪار پيو سڏي ان طبقي جي ٻار کي اڄ جو ڪلچر ڄڻ تسليم ئي نٿو ڪري، هو خانه بدوش جي صورت ۾ ڪڏهن هِتي، ڪڏهن هُتي، هنن ٻارن جي پالنا ته پري رهي، پر زندگي جو رهڻ سهڻ ۽ طور طريقن جي خبر نه اٿن اهڙن ٻارن کان تشدد ذريعي غلط ڪم ورتو وڃي ٿو ۽ رلايو پنايو وڃي ٿو. ٻارڙن جي حقن جي عالمي معاهدي جون 54 شقون آهن جن ۾ چوڏنهن شقون معاهدي جي عمل در آمد لاءِ آهن باقي 40 شقن تي محترم آزاد بخاري شاعري ڪري نظم جو روپ ڏئي ٻاراڻي شاعر ۾ نواڻ آندي آهي. شايد ئي ويجهڙ ۾ ڪنهن اهڙي ڪوشش ڪئي هجي، عورتن مردن ۽ ٻارڙن جي حقن جي حوالي سان نثر ۾ ننڍا وڏا ڪتابچا اردو ۽ انگريزي ۾ کوڙ سارا ملي ويندا، پر سنڌي ۾ ڪو ورلي ڇپيل ملندو، هتي دوست آزاد هي ٽيون دفعو ٻارن لاءِ موضوعاتي شاعري ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.
ان کان اڳ “نچڻا کيڏڻا کلڻا ٻار” شاعري جي ڪتاب ۾ شهري ٻارن جي راندين تي نظم جهڙوڪ، اسڪريبل، سنوڪر، جوڊوڪراٽو، رولر اسڪيٽنگ، وڊيو گيم وغيرھ اچي وڃن ٿا . ٻيو ڪتاب “ سائنس ڏنو سوجهرو” ۾ ارتقا کان وٺي شمسي گرھ جهڙن موضوعن تي سائنسي شعر نظم لکيا آهن
هينئر هي ٽيون ڪتاب “ حق سڃاڻ اي ٻار” جهڙي موضوع کي نظم جو روپ ڌريو آهي، اقوام متحده جي چارٽ مطابق ٻارڙن جي حقن جي 40 شقن کي عنوان ڏئي شعرن جو روپ ڏنو آهي.
آزاد هر شق نثر ۾ ڏيندي ان سان هر نظم منظوم ڀيٽا طور ڏيندو ويو آهي
پهرين شق 18 سالن کان گهٽ عمر جي وصف ۾ ننڍڙي ٻارڙي جو بيان ٿو ڪري ان بياني طريقي کي نظم ۾ هيٺين طرح شعر ۾ ٻڌائي ٿو جنهن جا ڪجهه بند هيٺ ڏجن ٿا.
روز پڙهڻ اسڪول وڃان،
گهر جو ٿي مان ڪم ڪريان،
مائٽ ابي سان ملڻ اچن،
ڌيءَ پرڻاءِ ٿا کيس چون.
پيءُ مائٽن کي جواب ڏيندي چئي ٿو.
ارڙهن سالن جي ٿي ناهي،
اڃان ته ننڍڙي ٻالڪ آهي.
پياري آزاد پهرين شق جي نظم ۾ نازڪ صنف يعني جنس مونث (عورت) ٻارڙي جي گهٽ عمر جو دفاع ڪندي ڀرپور عڪاسي ڪئي آهي.
شق نمبر ٻه بنا متڀيد؛ آزاد قومن آزاد ملڪن ۾ متڀيد جو لفظ اوپرو لڳندو آهي، ڇو ته مساوات، بنا فرق اميري، غريبي، ننڍ وڏائي، حقن جي حاصلات تي پورو عمل ڪيو ويندو آهي. پوءِ ته آزاد قومن ۽ آزاد ملڪن جا ٻار اهو ڪڏهن نه چوندا ته
فرق رکن ٿا درد ٿئي ٿو،
دوست نه پنهنجو ڪو به ڪري ٿو
يا وري
ڌڪا ڏئي ٿا ٻاهر ڪڍن،
ڏک مان ٿا منجھان لڙڪ وهن.
نظم جي آخري بند ۾ وڏي اميد ۽ اتساھ ٿو ملي
فرق سمورا مٽجي وڃن شل
روشن ڏينهڙا مونکي ملن شل
حقن جي پهچ جي شق نمبر چوٿين مطابق ته رياستون، حڪومتون ٻارن جي معاهدي ۾ ٻڌايل حقن جي پهچ لاءِ ممڪن قدم کڻنديون آهن، پر هتي 70 سال گذرڻ جي باوجود ڪوبه عمل نه ٿي سگهيو آهي. شاعر اميد پرستي ڪندي هيٺين بند ۾ ٻارن کان هيٺين طرح ٿو دُعا گهرائي.
سکيو جيون هرڪو ماڻي،
اهڙو خدا سنسار ڪو آڻي.
پنجين شق ۾ نظم جو بند ٺاهوڪو لڳو، جنهن ۾ پڻ رواني آهي شق نمبر جي، نظم ۾ عڪاسي ظاهر ڪري ٿو.
تعليم ملي اسڪول ۾ اعليٰ،
ڪتاب مفت، خوراڪ ملي ڪا،
فائدو وٺن سڀ ٻار اسان جا،
سرڪار کي ڏيڻ، حق آ ٻارن جو.
اقوام متحده جي ٻارڙن جي حقن جي عالمي چارٽ مطابق آزاد ملڪن ته ٻارڙن جي حقن جي پوئواري ڪندي ۽ عالمي چارٽ تي عمل پيرا ٿيندي ٻارڙن کي مٿين شعر جيان ٻارڙن جون خواهشون پوريون ڪيون آهن.پرهت ان جي ابتڙ عمل ٿئي پيو.
شق نمبر7 ۽ 8 ٻئي شقون قومن جي وجود ۽ بقا سان لاڳاپيل آهن ستين شق جي سنت تي هلندي آزاد بخاري نظم سان نڀائيندي چئي ٿو.
اسڪول ۾ ڄم تاريخ لکايم،
قوم سنڌي، آهي ٻڌايم.
دنيا جي ٻن سَونِ جي لڳ ڀڳ ملڪن جي ثقافت الڳ الڳ آهي پر شاعر کي پنهنجي سنڌي سڃاڻپ سان وڌيڪ پيار آهي، ان جو اظهار هيٺين طرح ڪري ٿو.
ناز ڪندي هن تي ڏاهپ
قوم جو ٿيندو هي ته سڃاڻپ
اٺين شق ۾ شاعر وس وارن يعني سرڪار جي آڏو احتجاج ڪندي مطالبو ٿو ڪري ٻار جي سڃاڻپ ڪيو ۽ پڻ ان جي حفاظت ڪريو، اهو سرڪار تي فرض عائد ٿي ٿو.
هن جي سڃاڻپ ڪري سرڪار،
رهي حفاظت ۾ جيئن ٻار.
اسانجو سماج وڏي ڀڃ ڊاھ ۽ پيڙا مان گذري ٿو، ان جي اندر خانداني پسمنظر، ڪروڌ، ولولي، رشتن ناتن ۾ وڏيون ڄڻ دراڙون اچي ويون آهن، پر انا فوقيت رنج رسامو اصل وڻ وڄائي ڇڏيا آهن، گهر جو ٽمجهڻ نفرت علحدگي جو سڌو سنئون اثر اولاد يعني ٻارن تي پوي ٿو.
اهڙي ڪرب کي محسوس ڪندي پيارو آزاد ابهم ٻارڙن جي زباني ۾ هيئن ٿو شعر ۾ بيان ڪري.
پنهنجي پيءُ کان ڌار رهان ٿو،
بد قسمت هان ڪين ٺهان ٿو،
امڙ کي بابا ڇڏي ويو،
غمن سان مونکي گڏي ويو.
چاليهن ئي شقن ۾ ٻارڙن جي جياپي جو جهان آهي. هر شعر جو عنوان موضوع ٻارن جي زندگي سان واسطو رکي ٿو.
آزاد بخاري هر شق جي موضوع شاعري جي بيان کي شعر ۽ شاعري ۾ آڻڻ جي پوري ڪوشش ڪئي آهي.موضوعاتي شاعري جي ڪري ڪٿ، ڪٿ ردم ۽ قافيه اثر انداز ٿين ٿا، پر شعر جي چوڻي ۾ بياني طريقو بهتر آهي. 40 شقن جي شاعري تي جيڪڏهن سراسري جائزو وٺجي ته هوند چڱو خاصو ڪتاب ٺهي ويندو انهي ڪري اڀياسي مضمون کي مختصر ڪجي ٿو .
40 شقن ۾ خاص عنوان جا شعر بهترين آهن هن ڪتاب ۾ ڪيترائي عنوان آهن جن تي تبصرو ڪري سگهجي ٿو.
مذهب ضمير فڪر جي آزادي، انجمن ٺاهڻ جي آزادي، معذورٻار، صحت ۽ علاج ، ٻار جو معيار زندگي، تعليمي مقصد ، جنسي ڏاڍ، ٻار جي اغوا واپار ۽ اسمگلنگ،ٻارن جي لاءِ انصاف جو نظام وغيرھ. آخر ۾ آءُ هي اڀياسي مضمون شق نمبر 32 بعنوان “ ٻارن کان پورهيو وٺڻ ” تي پورو ڪندس آزاد پنهنجي شعر سان پورهيت ٻار کي ڀيٽا ڏيندي چئي ٿو.
علم ملي ۽ سبق ملي،
ٻارن کي پنهنجو حق ملي،
ٻار نه پورهيو ڪوئي ڪري،
اهڙو نه ڪوئي نظام هجي.
ڪم لئه مقرر عمر هجي،
نه ننڍي عمر ۾ پورهيو ڪري.
اڄ ٻارن جي پورهئي متعلق سيمينار ڪرائڻ سياسي سماجي ادبي تنظيمن جي ڪارڪردگي ته ٿي سگهي ٿي. پر ان پورهيو ڪندڙ ٻار تي ڪو به اثر نٿو پئجي سگهي. ان لاءِ اڃان وڌيڪ جاکوڙڻ جي ضرورت آهي جنهن سان اهڙا ٻار تعليم ۽ شعور ڏانهن راغب ٿين. اسانجي نئين ٽهيءَ جي اديب، شاعر، سماجي ۽ سياسي ورڪر محترم آزاد بخاري وڏي وٿ سان بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر اڇلائي ڪجهه نئين ڪرڻ جي شروعات ڪئي آهي. ۽ ٻارڙن جي حقن جي حوالي سان شاعري جو تحفو ڏنو آهي.
گوهر سنڌي ــــــ رستم