• ڪري نه سگھان ڳالهڙي
مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرين کي،
تنين سندي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي.
مان اهو بيت هن ڪتاب ۾ شامل شخصيتن سميت ڪتاب جي سرجڻهار رضوان گل کي به هن ساراهه جوڳي ڪم ڪرڻ تي ڀيٽا طور پيش ڪيان ٿو.
منهنجي خيال مطابق ڪنهن به سماج اندر هر دَور پنهنجي مخصوص سياسي، ثقافتي، علمي، ادبي، سماجي ۽ معاشي رجحانن جي حوالي سان سڃاتو ويندو آهي. اهي مخصوص رجحان ۽ لاڙا ان دَور جي نيڪ ناميءَ يا بدناميءَ جا اهڃاڻ هوندا آهن. مثال طور عالمي سطح تي نشاة ثانيه (Renaissance) جو دَور، بيٺڪيت (Colonisation) جو دَور، انقلابن ۽ آزادين (Revolution and Freedom Movements) جو دَور يا ادب ۾ وري ڪلاسيڪيت(classicism) ، رومانويت (Romanism)۽ جديديت (Modernism) جا ڏينهن وغيره. اهڙيءَ طرح ڏيهي ۽ علائقائي سطح تي پڻ مختلف دَورن ۾ تعليم، تربيت، رهڻي ڪهڻي، علم، ادب، صحافت ۽ ٻين سماجي سرشتن ۾ مختلف رجحان لاڙا متعارف ٿيندا رهندا آهن جيڪي بعد ۾ ان ملڪ ۽ علائقي جي ان دَور جي سڃاڻپ بڻجي ويندا آهن. اهي رجحان (Trends) ڪو پنهنجو پاڻ جنم نه وٺندا آهن پر انهن جي پٺيان ڪن دانشمند شخصيتن جو فهم ۽ فڪر، شعوري ڪوششون يا لاشعوري وارداتون ڪارفرما هونديون آهن.
سنڌ اندر پڻ ٻين شعبن سان گڏ علم ادب ۽ صحافت جي کيتر ۾ به اهڙيون ڪيئي شخصيتون ٿي گذريون آهن جن پنهنجي زماني تي پنهنجي علم، عقل، فهم ۽ فراست وسيلي گھرا اثر ڇڏيا آهن. هم اثر دَور ۾ به ساهت ڏيهه جا ڪيئي کاهوڙي سرجڻهار پنهنجي هر ڏينهن ۽ هر پل کي انساني سماج جي امرتا جي بحاليءَ لاءِ استعمال ڪندا رهن ٿا.
اهڙين شخصيتن جي خدمتن جي اعتراف ۾ سندن زندگيءَ ۽ ڪارنامن جي احوال کي قلمبند ڪري ڪتاب ٺاهڻ سان ٽي بنيادي مقصد حاصل ٿين ٿا: هڪ ته اهو عمل انهن عظيم شخصيتن کي خراج پيش ڪرڻ جو اعلى نمونو آهي ۽ ٻيو ٻوليءَ ۽ ادب جي بي مثال خدمت پڻ ۽ ٽيون جيڪو گھڻو اهم به آهي ته وري ڪنهن معياري ادبي ڪتاب جو خاص ڪارج به هجي ٿو. اهو آهي نئين نسل ڏانهن Wisdom (ڏاهپ) جي منتقلي، انهن جي جاڳرتا، شعوري ترقي ۽ شخصيتي مڪملتا وارو عظيم مقصد.
اسان جي نوجوان دوست ۽ جاکوڙي اديب رضوان گل سنڌي ساهتي ڏيههَ جي چند ناميارين شخصيتن تي ليک لکي، انهن کي ڪتابي صورت ڏئي، مٿي بيان ڪيل اهي ٽئي مقصد حاصل ڪرڻ ۾ سوڀارو ٿيو آهي جنهن لاءِ مان کيس مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.
مختيار سمون
ناليج سينٽر لاڙڪاڻو