شخصيتون ۽ خاڪا
ساهت ڏيهه جا سرجڻهار
بظاهر ننڍو نظر ايندڙ هي ڪتاب، پنهنجي اندر منجھ سمايل 33 شخصيتن جي زندگين جي اتساهيندڙ ڳالهين، واقعن ۽ سندن ڪارگذارين جي ڪري ڏاڍو وڏو آهي. هِن ڪتاب جي مطالعي سان اسان ڄاڻي سگھنداسون ته فطرت جي گلدان ۾ سنڌُ خوشبودار گلن سان ڀري پئي آهي ۽ دنيا جو ماحول جڏهن دهشت ۽ اڻ سهپ جي اثر ۾ آيل آهي، تڏهن سنڌ جي سهپ ڀري سماج ۾ اهڙيون مهانُ شخصيتون موجود رهيون آهن، جن جي دنيا کي ڏاڍي گھڻي گھرج آهي.
- 5.0/5.0
- 4095
- 970
- 3 سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام پنهنجي وجود جي پهرين ڏينهن کان جيڪي ڪوششون شروع ڪيون هيون انهن جو مقصد ڪمپيوٽر ۽ خاص ڪري انٽرنيٽ تي سنڌي ٻوليء جي واڌاري ۽ ترقيء جو هيو. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو سسلو شروع ڪيو آهي ۽ ان سلسلي جو هي پهريون ڪتاب محترم رضوان گل جو “ساهت ڏيهه جا سرجڻهار” پيش آهي. اسين ٿورائتا آهيون پياري دوست محترم رضوان گل جا، جنهن سنڌ جي ڏات ڌڻين جي سوانحي خاڪن ۽ مضمونن جو هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي. هي ڪتاب ڏاهپ پبليڪيشن، لاڙڪاڻو پاران ڇپايو ويو آهي.اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاه وندن جي قيمتي مشورن، راين ، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
salamatsindh@gmail.com
www.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
5.0
(ڪُل 0 رائين آڌار)
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- ليکڪ رضوان گل
- ڇپيو ويو 2012
- ڇپائيندڙ ڏاهپ پبليـڪيـشن
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 01/Jun/2016
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 970 ڀيرا